2
لوئيءَ کي پڇا جي ڪمري ۾ لٺين سان ماريو ويو ھو. مان لوئيءَ جي ان عذاب تي رُنيس پئي. مون کي خبر ھئي ته تُروئيءَ تي اُن کان به وڌيڪ ظلم ٿيا ھوندا. ھنن لوئيءَ کي بيحد سنگدليءَ سان ماريو، پر ھن زبان مان ھڪڙو به اکر نه ڪڍيو. جڏھن ھو مار کائي کائي بيھوش ٿي ويو، ته ھن کي ھڪ ڪُنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيائون. پوءِ، جڏھن اسان کي پنھنجي ماني وٺي اچڻ لاءِ ٻاھر ڪڍيائون، ته ٿوريءَ دير لاءِ لوئيءَ سان ڳالھائڻ جو وجھ ملي ويو. ھن مون کي تڪڙ ۾ ٻُڌايو ته ”تُروئيءَ بيان ۾ چيو آھي ته ھن سڄو ڪم پنھنجي مرضيءَ سان ڪيو آھي ۽ اُن ڳالھ ۾ ڪنھن سان به ھن جو واسطو نه آھي. ھو مار کائڻ جي باوجود اُھوئي جواب ڏيندو رھيو. ھو وڏو بھادر آھي. جڏھن ھن دريءَ مان ٽپو ڏنو، ته مان به اُتي ھوس. پھرين ھن پوليس وارن ڏانھن ۽ پوءِ دريءَ ڏانھن ڏٺو. ان کان پوءِ اوچتو ھن ھٿڪڙين جي باوجود دريءَ مان ٻاھر بازار ۾ ٽَپو ڏنو. جي ھو بازار مان لنگھندڙ موٽر مٿان نه ڪري ھا، ته پڪ ئي پڪ ڀڄي وڃي ھا.“
ھنن جي ظلم جو ٻيو شڪار تُروئيءَ جو ڀاڻيجو ٿيو. ’ھوئا‘ جي عمر رڳو سترھن سال ھئي. ھو به تُروئيءَ سان گڏ فاٽ ڊيم گھٽيءَ ۾ لگوٽ اَنٿ ڪمپنيءَ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو ھو. ھيءَ ڪمپني بجليءَ جي موٽرن ۽ بجليءَ تي ھلندڙ گھرو استعمال جي شين جي مرمت ڪرڻ ۾ خاص طرح ماھر ھئي. پوليس اھو دليل گھڙيو ته جيئن ته مامو ڀاڻيجو ٻيئي گڏ ڪم ٿا ڪن، ان ڪري ڀاڻيجي ضرور مامي جي مدد ڪئي ھوندي يا کيس تُروئيءَ جي ڪمن جي ضرور ڪانه ڪا ڄاڻ ھوندي. خبر ناھي ھُوئا کي ڪيترا ڀيرا ماريو ھئائون، پر ھن ھر ڀيري اِھائي ڳالھ پئي چئي ته ”مون کي اھائي خبر آھي ته مامو رڳو اُھو ڪم ڪندو آھي، جيڪو کيس مالڪ ڏيندو آھي. ان کان وڌيڪ مان ڪجھ به نه ڄاڻان-“
ٽن ڏينھن کان پوءِ پوليس سپريڊنٽ مون کي تُروئيءَ سان ملائڻ وٺي ويو. جڏھن ڪار بازارن مان لنگھي رھي ھئي ته ھو ٻاھر اشارو ڪري چوڻ لڳو-
”ڏِس ته سھي، تُنھنجو تُروئي ڪھڙو نه بيوقوف آھي. ماڻھو ڪيئن نه سک سانت سان پنھنجا ڪم پيا ڪن ۽ مزا پيا ماڻين، ۽ ھو آھي، جو ويٽ ڪانگ جي ڳالھين ۾ اچي ويو آھي! ۽ ھاڻي توھان زال مڙس ھڪ ٻئي کان ڌار قيد ۾ پيا آھيو.“
ھو ٻيون به ڳالھيون ڪندو رھيو. پر ھن جا لفظ موٽر جي انجڻ جي شور ۾ دٻجي پئي ويا ۽ مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ لفظ ئي ٻڌي ٿي سگھيس. ”چورن اسپتال“ جي در تي پھچي، مون پنھنجي مڙس لاءِ ڪجھ ميوو ورتو.
تُروئي ٻين ڇھن ماڻھن سان گڏ ھڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ھو. ڪوٺيءَ کي ڇت تائين لوھه جو مضبوط جھنگلو لڳل ھو. درين کي شيخون لڳل ھيون ۽ شيخن کان ٻاھر درين جي تاڪن کي به ڪارو رنگ ڏنو ويو ھو. ڀر واريءَ ڪوٺيءَ ۾ پوليس گارڊ جو پھرو ھو. تُروئيءَ جڏھن مون کي اندر گھڙندي ڏٺو، ته اُٿي ويھڻ جي ڪوشش ڪيائين. ھو ڏاڍو نٻل ٿي ويو ھو. ان ڪري وري ھنڌ تي ليٽي پيو. ھن مون کي ڏسندي ئي پھريون سوال ڪيو.
”جن کي گرفتار ڪيو ھئائون- ڇا سڀني کي ڇڏي ڏنائون! جلدي ٻڌاءِ، ڇا سڀني کي ڇڏي ڏنائون؟“
مان ھن جي ڀرسان ھنڌ تي ويھي رھيس. اُھي ماڻھو جن سان ھن جو ايڏو قرب ھو، انھن تي اڃا عذاب ٿي رھيا ھئا. ”ھا- سڀني کي ڇڏي ڏنو اٿن. تون فڪر نه ڪر. رڳي مان ئي باقي رھجي ويئي آھيان.“ ھن کي فقط گنجي ۽ چڍي پاتل ھئي. ھن جي سيني تي ٺؤنشن ۽ لٺين جي ڌڪن جا نِير ھئا. ھن جي ساڄي ٽَنگ ڌُڏ کان گوڏي تائين پلستر ۾ جڪڙيل ھئي. ھن جو بُت روڙجي ڪاٺيون ٿي ويو ھو. اکيون ڏرا ڏيئي ويون ھيس، ۽ کاڏي لڙڪي پيئي ھيس. ھن جو سڄو مُنھن، خاص ڪري نرڙ، زخمن سان ڀريو پيو ھو. اھا حالت ڏسي، مان لُڙڪ روڪي نه سگھيس.
”ڇا توکي ڏاڍي تڪليف آھي؟“
”نه، گھڻي ناھي- ننڊ اچي وڃي ٿي- ڇا ھنن توکي به ماريو آھي؟“
”نه-“
”سچ ٿي چوين؟“
”تون پاڻ ڏس- ھا- ھنن مون کان الاھي سوال پڇيا آھن-“ ھن منھنجا ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ ورتا ۽ مون کي پيار ۽ ٻاجھ جي نظرن سان ڏسندو رھيو. مون چچريل آواز ۾ چيو-
”مون کي معاف ڪر- ان ڏينھن شام جو جڏھن تون ٻاھر پئي وئين ته مون توسان بد تميزي ڪئي ھئي. ۽ توسان ڪاوڙجي وئي ھيس. ھاڻي مون کي معاف ڪر ۽ منھنجو ڏوھه وساري ڇڏ.“
ھن مُرڪيو، ۽ سندس منُھن تي ڏک جون ريکائون اُڀري آيون.
”نه، ان وقت ڏوھه منھنجو ھو، مان ئي قصوروار ھوس. مان توسان ڪڏھن به ڪاوڙجي نه سگھندس. مون کي توسان اجھاڳ محبت آھي، اجھاڳ محبت.“
اُن وقت پوليس سپريڊنٽ وچ ۾ ٽَپ ڏيئي چيو،
”ھاڻي اِن قسم جون ڳالھيون گھر وڃي ڪجو. مان توھان ٻنھي کي وري ملائڻ آيو آھيان.“ پوءِ تُروئيءَ کي چوڻ لڳو.
”چريا، تو دريءَ مان ٽپو ڇو ڏنو! مان ته رڳو توکي سرڪار جي پاليسي پئي سمجھائي. جيئن ئي تون حڪومت جي پاليسيءَ کي سمجھي ويندين ۽ ويٽ ڪانگ سان ناتا ڇنندين، توکي گھر وڃڻ جي موڪل ملي ويندي. توکي ان ڳالھ جي خوشي ته نه ٿي، پر مون ته اڃا ڳالھ به شروع نه ڪئي ھئي، ته تون.“
تُروئيءَ سندس ڳالھ ڪٽي ڇڏي.
”مون کي سرڪار جي پاليسي سمجھائڻ ۾ پنھنجو وقت نه وڃاءَ.“
پوليس سپريڊنٽ ڪاوڙ پِي، ڏاڍي مِٺي لھجي ۾ چيو،
”مون کي خبر آھي ته اصلي ڏوھاري تون نه، ڪو ٻيو آھي.“
تُروئيءَ انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي چيو، ”قصوروار ٻيو ڪوبه ڪونھي. آمريڪي حملي آورن کي مارڻ ڪو ڏوھه ڪونھي، پر مُلڪ جي خدمت آھي. مئڪنمارا کي ختم ڪرڻ جو منصوبو، مون اڪيلي ئي ٺاھيو ھو. ان ۾ ڪوبه شخص شامل ناھي.“
پر پوليس سپريڊنٽ ڏاڍي ڌيرج سان کيس مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو.
”ان معاملي تي چڱيءَ طرح سوچ. ڇا توکي احساس ناھي ته تو وڏو سنگين جرم ڪيو آھي. تو ھڪڙي اعليٰ ترين مُدبَر جي جان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.“
”مون کي خبر آھي ته ھو آمريڪي سامراجين جو مُک آھي. ان ڪري ئي مون کيس ختم ڪرڻ ٿي چاھيو.“
سندس چؤڦير بيٺل سپاھين جون غضبناڪ نگاھون ھڪٻئي سان مليون.ھو تُروئيءَ کي ٺونشن ھڻڻ لاءِ آتا ھئا. ھو پنھنجن ھٿن کي مھٽڻ لڳا. پر سپريڊنٽ جو آواز ساڳيو ئي سانتيڪو ھو.“
”ڪجھ پنھنجيءَ سھڻيءَ جوان زال جو خيال ڪر. ان تي رحم ڪر. ان جي شاديءَ کي اڃا ڪجھ ڏينھن ٿيا آھن. ھِن جي زندگي تباھه نه ڪر.“
”جڏھن کان مان گرفتار ٿيو آھيان، تون اِھوئي راڳ آلاپيندو ٿو رھين، ۽ ھر ھر منھنجي شاديءَ جي ڳالھ ٿو ڪرين. ڄڻ پنھنجي زال جو خيال منھنجي وطن جي خيال تي ڇانئجي ويندو. تو اسان جي شاديءَ جي تصوير منھنجي آڏو رکي، محبت ۽ خوشيءَ جي فلسفي تي وڏيون تقريرون ڪيون آھن. مان توکي صاف صاف ٿو ٻڌايان ته تون اجايو وقت ٿو وڃائين. جيستائين اسان جي ڌرتيءَ تي يانڪي موجود آھن، ڪنھن به شخص کي خوشي ملي نه سگھندي.“
تُروئيءَ جھڙي سختيءَ سان پوليس سپريڊنٽ کي سِڌيون ٻڌايون، اھڙي ئي ٿڌائيءَ سان لاٽاريندي، ھن چيو،
”تنھنجي وقت ڪَٽڻ لاءِ ڪالھ مون اُتر جي ھڪ شاگرد جي بيان ڪيل ڪھاڻيءَ جو ٽيپ رڪارڊ آندو. ھن ڏکڻ ڏي ڀڄي اچڻ جي خيال کان سترھين ويڪرائي ڦاڪ پار ڪئي.ڪميونسٽ لوھي پردي منجھان ڀڄي ايندڙ شخص کي ڏسڻ يا ان جي تجربن کي ٻڌڻ جو موقعو مشڪل سان ملندو آھي. پر تو سرڪار جي نرميءَ ۽ فراخ دليءَ کي سمجھڻ کان انڪار ڪيو، ۽ رڪارڊ کي ڀڄڻ جي جراَت پڻ ڪئي. تون سڀني حدن کان اُڪر ي ويو آھين. توسان انساني رواداريءَ جي ڪابه پاليسي اختيار ڪري نه ٿي سگھجي.“
”جيڪڏھن اھو بدمعاش منھنجي آڏو ھجي ھا، ته مان رڪارڊ نه پر سندس کوپري به ڀڃي ڇڏيان ھا. ھن نه رڳو اُتر جي خلاف ڪوڙا الزام ھنيا، پر صدر ھوچي مِن جي بي عزتي ڪرڻ جي جراَت پڻ ڪيائين. بي غيرت ڪٿان جو.“
ھو ھڪ ھڪ لفظ تي زور ڏيئي، وڏي آواز ۾ ڳالھائي رھيو ھو، ۽ بستري تي سھڪي رھيو ھو. ائين پئي لڳو ته ھو اڃا گھڻو ڪجھ چوڻ ٿو چاھي. پوليس سپريڊنٽ جو مزاج ٿڌو ئي رھيو.
”مان وري ڪنھن مھل ايندس.“ ۽ مون کي چيائين، ”توکي به ھلڻو پوندو. وقت ختم ٿي ويو آھي.“
مون جھٽ جھٽ ڪري ھڪڙو سنگترو ڇليو، ۽ ڪجھ ڦارون تُروئيءَ جي وات ۾ وجھي، باقي سندس ھٿ ۾ ڏنيون، ۽ ھن تي جھُڪي آھستي سندس ڪَن ۾ چيم،
”تون جتي به ويندين، مان تنھنجي پٺيان اينديس. جي ھي توکي ڪيڏانھن ٻئي ھنڌ وٺي وڃن، ته ڪنھن نه ڪنھن طرح گھر وارن کي خبر ڪجانءِ.“