اهڙو ڏينهن به ايندو : سنڌيڪار پاران
مان ته ڪيترا ڏهاڙا مونجھ، نراسائي ۽ اٻاڻڪائيءَ جي گھيرن ۾ هئس- ۽ پوءِ جڏهن هوريان هوريان سڌير ٿيس ته سمجھ ۾ آيم ته فطرت سڀني انسانن کي هڪجھڙي مان ۽ مرتبي سان پيدا ڪيو آهي. پر جنهن سمي انساني معاشري ۾ ”مان“ ۽ ”تون“ جو ويڇو پيدا ٿيو ته انسانن جي هڪڙي گروھه جي اندر ۾ حِرصَ ۽ ھَوسَ جا ڀڀڙ ڀڙڪي اٿيا. تن جي من ۾ ٻين آدمين مٿان راڄ ڪرڻ جو سوداءُ اچي سمايو، سو انهن ويهي ويچار ڪيو ته هي جو انسانن پاڻ کان وڌيڪ هيبتناڪ ۽ طاقتور جانورن کي فرمانبردار بڻايو آهي ته ان جو مکيه ڪارڻ جانورن ۾ سوچ ۽ سمجھ جي گھٽتائي آهي. انهيءَ ڪري انسانن جي گھڻائيءَ کي زيردست بنائڻ جو سنئون سنواٽو طريقو هڪ ئي آهي ته سندن سوچ ۽ سمجھ جي صلاحتين کي چيٿاڙي ڦٽو ڪجي ۽ ظاهر آ ته انساني سوچ ۽ سمجھ جو قتلام تمام خبرداريءَ سان ڪرڻو آهي ته پوءِ سندس معاشي ۽ اقتصادي وسيلن کي يا ته نيست نابود ڪري ڇڏجي يا ته ماڳهين پنهنجي هٿ وسيڪو بڻائجي. مان هتي پنڊت جواهر لال نهروءَ جي ڪتاب “The Discovery of India” جو حوالو ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو ته جيئن اڃا به پيرائتي نموني سمجھڻ ۾ سهولت ٿيندي ته ڪيئن معاشي ۽ اقتصادي تباهيءَ جي ڪري هاڃا ٿين ٿا:
”هندستان ۾ انگريزن جي پير پائڻ سان پهريائين ته صنعتي تباهي آئي ۽ پوءِ وري زرعي تباهيءَ اچي منهن ڪڍيو- ۽ زمين تي زرعي قرضن جو بار وڌندو ويو ۽ انت ته زمين جو ڳپل حصو وياج خورن جي هٿن ۾ هليو ويو. نتيجو نڪتو ته هاري بيروزگار ٿيڻ لڳا. هندوستان، صنعتي سرمايه دار سرڪار جو ماتحت ته هيو پر سندس سماجي ۽ معاشي سرشتو سرمايه داريءَ کان اڳ جو هئو، جنهن ڪري ناڻي اپائڻ جي وسيلن ۾ گھٽتائي ايندي وئي- ۽ انت ته هندوستاني سماج ماٺ ميٺ ۾ پونجي واد (سرمايه دار) معاشري جو هٿيو بڻجي ويو. اهڙيءَ ريت سرمايه دار معاشري جي بدعتن ۽ خرابين هندوستاني معاشري ۾ اچي واسو ڪيو پر ان معاشري جي خوبين کي هندستان ماڻي نه سگھيو.“
هتي هڪ سوال اڀري ٿو ته پونجي واد معاشري جي خوبين کي هندوستان ڇونه ماڻي سگھيو؟ منهنجي راءِ ۾ ته ان سمي جو هندوستاني معاشرو هڪ ته نئين آيل سماجي سرشتي آڏو سينو ساهي نه سگھيو ۽ ٻيو ته پنهنجي تواريخي (تواريخي حيثيت منجھان مراد حاڪميت آهي) حيثيت تان به کيس هٿ کڻڻو پيو، جنهن ڪري سڄو سِٽاءُ ڊهي اچي پٽ پيو.
ڪارل مارڪس”هندوستان ۾ برطانوي راڄ“ بابت 1853ع ڌاري هڪ لکيل ليک ۾ اجھو هيئن ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو:
” گھرو لڙايون، ڪاهون، سوڀون، ڏڪار ۽ اڪيچار مسئلا ۽ مامرا جن جي ڪري هندوستان ۾ ڪيتري به تباهي آئي، اهي هندوستان جي بنياد کي لوڏي نه سگھيا- پر انگلستان، هندوستان جي معاشي بيهڪ کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس نئين سر ٺهڻ جو امڪان نظر ڪونه ٿو اچي. پنهنجي پراڻي دور جي خاتمي کان پوءِ هندوستانين لاءِ ڪابه نواڻ پيدا ٿي نه سگھي آهي- ڇو ته انگلستان جي هٿ هيٺ هندوستان پنهنجن روايتن ۽ سڄي تواريخي حيثيت کان ڇڄي ڌار ٿيو آهي.“
۽ هينئر به ننڍي کنڊ ۾ ورهاڱي کان پوءِ به صورتحال ۾ ڪو خاص سڌارو ڪونه آيو آهي. اسان جون گھڻي ڀاڱي انقلابي ڌريون هاڻي به ساڳئي پراڻي ۽ فرسوده طور طريقي کي پنهنجي سوچ ويچار ۽ انقلاب جو وسيلو بڻايو هلائين پيا- ۽ هيل تائين سندن طريقي ڪار ۾ سائنسي نقطه نگاھه کان واڌارو ڪونه آيو آهي- جھڙي ريت مذهبي گروھه يا فرقا سڄي سنسار ۾ هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ مان پالهائي ڪونه ٿين ٿا. تئين عوامي ۽ انقلابي سوچ ويچار رکندڙ گروھه به ساڳئي موذي مرض ۾ ورتا پيا آهن. انهيءَ سڄي منجھيل سٽ کي ڇڏائڻ ۽ سمجھڻ لاءِ اچو ته پنهنجي چوڌاري وايومنڊل تي نظر ڦيرائي ڏسون ته ڇا ٿو وهي واپري پيو؟
دنيا جي گولي تي سياسي ۽ معاشي، داداگيرن ۽ ڦورن کي جيئن ڦريل ۽ ستايل همراھه سوڙهو ڪندا وڃن ٿا ته ڦورو به نت نوان حيلا ۽ بهانا پنهنجي بچاءَ لاءِ ايجاد ڪندا وڃن ٿا- هونئن هن مهل تائين ڦورو طبقو ڪنهن نه ڪنهن حد تائين پنهنجي ديس سان وفادار رهندو آيو هيو پر هاڻي ته هو مورڳو ئي پنهنجي ڪوڙي ۽ هٿرادو ساک کي بچائڻ لاءِ وطن جو وڪرو ڪندي ويرم ڪونه ڪري ٿو.
حيف تنين کي هوءِ، وطن جنين وساريو
(شاھه لطيف)
تاريخ ويهين صديءَ کي جدوجهد، اٿل پٿل ۽ ڏاڍن ۽ جابرن جي پٽڪا ڊاھه جو نالو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اسان جي اڳيان ويهين صديءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو روس ۾ پورهيت انقلاب جو اچڻ آهي- هتي اهو ورجائڻ ضروري سمجھان ٿو ته انقلاب جو ڇيھه ڪاٿي ڪونه ٿيندو آهي پر هر ايندڙ انقلاب ماضيءَ جي انقلابن جون برڪتون ۽ چڱايون به پاڻ سان کنيون ايندو آهي- انڪري جيڪڏهن هتي ٿورو ڳوڙهي نموني ويچار ڪبو ته ويهين صديءَ ۾ آيل عظيم انقلاب ۾ ماضيءَ جي انقلابن جهڙوڪ: انگلستان جي صنعتي انقلاب، فرانس جي سياسي انقلاب ۽ آمريڪا جي آزادي واري انقلاب جو پرتو چٽي ريت پسجي پيو ۽ جيستائين هي سنسار قائم ۽ دائم آهي اوستائين اڳتي وڌڻ ۽ هڪ نئين انقلاب لاءِ هينئر کان راهون ۽ رند هموار ٿين پيا.
هن ڪتابچي ۾ حقي ڪري ته ايڪتا، ڀائپيءَ، رواداري، سهپ ۽ انسان ذات جي خوشحاليءَ لاءِ پاڻ ارپي ڇڏڻ جا املھ مثال موجود آهن، جيڪي اڄ جي هن دور ۾ هوريان هوريان ڄڻ ته اڻلڀ ٿيندا پيا وڃن، ۽ ان جي جاءِ تي انقلاب جي نالي وٺ وٺان، سس پس ۽ ڇڙواڳيءَ، اسان وٽ اچي واسو ڪيو آهي- ان لاءِ چڱو ائين ٿيندو ته اسين هن ڌرتيءَ جا رهواسي، ان لاءِ ڪروڌ، شخصي چڱ مڙسائپ ۽ بهتان بازيءَ جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسڻ کان پاڻ کي بچايون- ۽ هڪ ٻئي لاءِ سهپ ۽ رواداريءَ کي سونهون بڻائي، سنڌ ۽ سڄي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيون- پر جيڪڏهن اسان سڀني انهيءَ ذميواريءَ کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي ته تواريخ جو عمل اسان کي اهڙي اوڙاھه ۾ اڇلائيندو جتان پاڻ ڇڏائڻ ڪجھ ويرم لاءِ محال ٿي پوندو- هونئن ڪيترائي حيلا ۽ حجتون ڪجن پر اهو ڏينهن ساٿي اوس اچڻو آ جنهن جو اسان کي اوسيئڙو آهي:
پنهنجيءَ رت ۾ ريٽو جھنڊو اُڀ تائين جھوليندو
اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي، اهڙو ڏينهن به ايندو.
(اياز)
شيخ امان
لاڙڪاڻو سنڌ
04.03.1984 ع