بادشاھه سلامت خلاف جنگ
27 مارچ 1915ع تي پهريون ” لاهور سازش ڪيس“ خاص ٽربيونل لاهور ۾ هلايو. سينٽرل جيل جي بيرڪ نمبر 16 ۾ ڪاروائي هلائڻ جو بندوبست ڪيو ويو. سامراجي ذهنيت جي ڏيک لاءِ پليٽ فارم عام رواجي فرش کان مٿي ٺاهيو ويو، جيئن صاحب لوڪن جي وڏ ماڻهپي ۽ معتبريءَ ۾ گھٽتائي نه اچي. عدالت جي ساڄي پاسي سرڪاري وڪيل پِٽِ مين (Pit Man) پنهنجي ساٿين ۽ سي- آءِ - جي وڏي اٽالي سميت اچي ويٺو ته کاٻي پاسي هٿ ڪڙيون پاتل 65 ڄڻن کي حاضر ڪيو ويو. مٿن تهمت مڙهي وئي ته جوابدارن هڪ خطرناڪ سازش وسيلي بادشاھه سلامت خلاف جنگ جوٽڻ جو سٽاءُ ڪيو ھو.
انهن جوابدارن ۾ ڪجھ اهڙا به هئا جن هندوستان جي ڌرتيءَ تي جيئن ئي پير ڌريو هيو تيئن کين گرفتار ڪيو ويو هيو. سوهن سنگھ بکنا به انهن منجھان هڪ هيو جنهن کي ڪلڪتي ۾ لهندي شرط سوگھو ڪيو ويو هو. انهن باندين کي وڏا لوڀ ۽ لالچون ڏئي پنهنجن ٻين ساٿين مٿي سرڪاري شاهد ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي پر سڀني انهي آڇ کي سختيءَ سان ٿڏي ڇڏيو. ڪيترن همراهن کي هلچل هلندي گرفتار ڪيو ويو هو پر ڪي ته اهڙا به هئا جيڪي ڏيساور منجھان موٽيا ئي ڪونه ھئا ته به سندن گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا. اهڙي نراسائي جھڙين حالتن کي ڏسندي به ڪيترائي ڀان سنگھ، ناٿن سنگھ ۽ ڪيهر سنگھ جهڙا پوڙها ۽ پرٿوي سنگھ ۽ گرمگ سنگھ جهڙا ڇوڪراٽ به ٻيهر وري وڃي وطن جي آزادي لاءِ جدوجهد ۾ لڳا.
هوڏانهن جوابدارن کي منڍ کان وٺي ويساھه هيو ته ڪاروائي صرف هڪ قسم جو نماءُ هيو جنهن ڪري پنهنجي بچاءَ ڪرڻ جو خاص اُلڪو نه پئي ڪيائون. جوابدار ان راءِ جا هئا ته جنهن سرڪار جو پڻ بنياد ئي انياءَ تي رکيل هجي ته پوءِ انهي منجھان نياءَ جي ڪهڙي آس رکي سگھبي؟
هونئن، سرڪار ٻاهرين طرح پنهنجي ڪارپت رکڻ لاءِ جوابدارن کي نوَ وڪيل مهيا ڪري ڏنا. پر قيدين لاءِ وڪيلن ۽ سرڪاري شاهدن جي وچ ۾ ڪو خاص تفاوت ڪونه هيو. جوابدارن منجھان گھڻن کي ته انگريزيءَ ۾ هلندڙ ڪاروائي سمجھ ۾ ئي ڪونه پئي آئي، باقي جن کي ٿوري تڪي سمجھ ۾ پئي آئي ته انهن کي به هن ناٽڪ سان ڪوبه اُنس ۽ لڳاءُ ڪونه هو.
ڪيس جي ڪاروائي ۾ سرڪاري ڌُر حاوي رهندي پئي آئي. هٿرادو شاهد جوابدارن مٿان بيان ڏيندا پئي ويا، جنهن تي جوالا سنگھ انهي ڪوڙي رچيل سانگ کي ختم ڪرڻ لاءِ عدالت کي زور ڀريو ۽ موٽ ۾ جيل سپرنڊنٽ کيس سرڪاري ڪاروائيءَ ۾ مداخلت ڪرڻ تي ٽيھه ڦٽڪا هڻايا. ان هوندي هڪ سرڪاري شاهد آڏي پڇا ۾ منجھي پيو ۽ ٻوڙ هاري ويٺو ته اسان کي ته جيئن صوبيدار آلاسنگھ سيکاري پيو سو پيا هتي ڳالهايون باقي ٻي ته اسان کي سڌ سماءُ ڪونهي. عدالت ۾ سڄو رينگٽ سرڪار جي مرضي ۽ منشا مطابق هلي رهيو هيو. هڪ بچاءَ جي وڪيل رگھوناٿ جڏهن پنهنجي هلائي رهيو هيو ته ڪيسرسنگھ وچ ۾ چيو ته مون تي ڪابه تھمت مڙھي نه ٿي سگھجي جو مون کي جهاز تان گرفتار ڪيو ويو هو. انهيءَ تي بچاءَ جي وڪيل چيس ته ”تون ڪهڙن خوابن جي ڪاڪ محل ۾ رهين ٿو؟“ ۽ اڃا به بچاءَ جي وڪيل ڪيسرسنگھ کي سنئون سڌو چيو ته ”تون گھڻ ڳالهائو ۽ واتوڙو آهين تنهن ڪري تون ڦاهيءَ لاءِ تيار ٿي وڃ.“
ڳچ مهينا انهيءَ ڪاروائيءَ کي گذري ويا ۽ جوابدار شنواين تي رڳو چرچا ۽ کل ڀوڳ ڪري هليا ويندا هئا. هيل تائين سرڪاري شاهدن جو انگ 44 کان مٿي چڙهي ويو هيو ۽ ٽربيونل جا ميمبر رڳو گھنٽي وڄائي مقدمي کي ڏٻو سٻو پيا گھل گھلان ڪندا رهيا.
ڪيس جي ڪاروائي اچي پڄاڻيءَ تي پهتي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ست ڄڻا مکيه جوابدار آهن ۽ سندن بيانن منجھان پڌرو آهي، انهن کي سزا ڏيڻ گھرجي. پر سرڪار کي شڪ هيو ته ٿي سگھي ٿو ته اهي ست ڄڻا پنهنجن ٻين ساٿين کي بچائڻ لاءِ سڄي ذميواري پنهنجي مٿان کڻندا هجن. ان ڪري سرڪار حرفت ۽ مڪاري سان هر هڪ جوابدار کان انفرادي طور برطانيا سرڪار لاءِ سنئون سڌو پڇا ڳاڇا شروع ڪئي.
نوجوان ڪرتارسنگھ پرپا ٺھ پھ جواب ڏنو: ”اسان تي جيڪا به تهمت مڙهي وئي آهي سا غلط آهي.“ انهي وراڻي تي سرڪاري ڌر جا ڪن کڙا ٿي ويا.ڪرتار اڳتي چيو، ”اسانجي جدوجهد ڪابه ڳجھي سازش ڪونهي، اها کُلم کلا جدوجهد آ انهن شڪتين خلاف جيڪي اسان جي ڌرتيءَ تي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ وسيلي قابض آهن ۽ اسان جي ديس کي وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي ويون آهن.“ هن صاف صاف لفظن ۾ ٻڌايو ته بک، بيروزگاري ۽ غلاميءَ جي ڪري هندوستاني عوام ۾ اڻ کٽ بربادي ۽ تباهي حالي ٿي آهي، ۽ اڃان به هِنََ سورهيه پنهنجي تقرير کي اڳتي وڌائيندي ڪوما گاٽامارو واري قهري واقعي، غدر پارٽيءَ جي بنياد ۽ انقلابي هلچل جي ڄم ۽ اوسر بابت تمام اثرائتي ۽ پيرائتي نموني ڳالهايو. ان کان پوءِ به ڪرتار بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ ۽ رک جي سرڪار کي تنبيھ ڪندي چيو، ”اوهين ڇا به ڪيو پر آزادي جي مشعال کي اوهين اُجھائي نه سگھندؤ.“
ڪرتار ۽ سندس ساٿي ڪورٽ ۾ وڏي واڪي ان لاءِ ڳالهائيندا هئا ته نه رڳو مٿي نياءَ جي ڪرسين تي ٿاڦيل همراھه ٻڌن پر سندن ٻين ساٿين جي هيئنڙن کي به ڏڍ ملي. انهي سڄي ڪاروائي کي سرڪار مخفي رکڻ لاءِ وسان ڪونه گھٽايو. اوستائين جو ڪورٽ ۾ ڪنهن به اوپري آدمي کي ته ڇڏيو پر مِٽن مائٽن کي به ملڻ جي اجازت ڪونه هئي، جيڪڏهن ڪابه خبر اخبار ۾ ڇپبي هئي ته سرڪاري چڪاس منجھان گھڙجي نڪرندي هئي. پر ان هوندي به انقلابين کي پڪو ويساھه هيو ته ڪوڙ ۽ ڪپت جي هن رچايل سانگ جي ديس جي واسين کي نيٺ ته سڌ پوندي پوءِ اسين جيئرا هجون يا نه!
نوجوان سرڀا جي من موهيندڙ تقرير کي نياءَ دان بت بڻيا ڏاڍي غور سان سڻندا رهيا پر جڏهن ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿيا ته پڇيائون ”تون پنهنجي اِنَ ڇوڪراڻي تقرير جو نتيجو سمجھين ٿو ته ڇا ٿيندو؟“ ڪرتار تمام گنڀيرتا سان وراڻيو، ”هائو موت ۽ رڳو موت!“ ججن سمجھيو ته جوش ۽ جذبي جي وهڪري ۾ لڙهندي هي نوجوان الائي ڇا جو ڇا چئي وڃي پار پيو آهي. تنهنڪري کيس سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي، ان سبب سندس بيان سڀاڻي قلمبند ٿيندو. سڀاڻي تي به ڪرتار جو ساڳيو بيان ۽ وَرَ وَرَ ڪري چوڻ لڳو ته ” مون ڪوبه پاپ نه ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن غلام جو موروثي حق آهي ته مٿس ٿيندڙ ڏاڍ ڏهڪاءُ، دهشت گردي ۽ پرماريت خلاف سينو تاڻي جدوجهد ڪري جيستائين آزاديءَ جو ماڳ نه ماڻي.“ آخرڪار هُن جو بيان قلمبند ڪيو ويو ۽ سندس ساٿين به صحيح ڪئي.
نياءَ دانن، آخري فتويٰ ڏيڻ لاءِ ڪورٽ جي شنوائي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. هينئر انقلابين کي بنديخاني ۾ آرهڙ جي تتل ڏينهن ۾ هٿڪڙيون ۽ ڏنڍا ٻيڙي هڻي بند ڪيو ويندو هيو. اها ويڌن لڳاتار ٻه مهينا هلندي رهي.
نيٺ 13 سيپٽمبر تي مڙني کي آخري ڀيرو بيرڪ 16- ۾ آندو ويو ۽ خاص ٽربيونل اتي پنهنجي فتويٰ ٻڌائي: 24 ڄڻن کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني وئي ۽ سندن ملڪيت ضبط ڪرڻ جو پڻ حڪم جاري ڪيو ويو. ڦاسي پائيندڙن ۾ هئا: ڪرتار سنگھ سرڀا (لڌيانه)، جڳت سنگھ (لاهور)، هرنام سنگھ (سيالڪوٽ)، پنگلي (مهارشٽر)، بخشيش سنگھ (امرتسر)، سورن سنگھ (امرتسر)، ۽ ٻيوبه هڪ سوررن سنگھ هيو. ان کان سواءِ سورن سنگھ بکنا (امرتسر)، ڪيسر سنگھ (امرتسر)، ناٿن سنگھ فيروزپور)، پرمانند (جھانسي)، جڳت رام (هوشيار پور)، هرنام سنگھ (هوشيار پور)، پرٿوي سنگھ (انبالا)، نند سنگھ (لڌيانه)، شير سنگھ (لڌيانه) ۽ ٻيا ساڳئي سزا ۾ شامل هئا.
26- ڄڻن کي عمر قيد جي سزا ۽ سندن مال ملڪيت جي ضبطي ڪئي، سي هئا: جوالا سنگھ (امرتسر)، واسکه سنگھ (امرتسر)، اوڙسنگھ (فيروز پور)، اڌام سنگھ (امرتسر)، ۽ ان کان سواءِ هيٺين همراهن کي ڪابل ۾ ماريو ويو: گرمگ سنگھ (لڌيانه)، شير سنگھ (امرتسر) ۽ مدن سنگھ گاگا (لاهور).
ڇهن ڄڻن کي مختلف سزائون ڏنيون ويون ۽ باقي جيڪي آزاد ٿيا تن کي ٿڏي تي ئي گرفتار ڪيو ويو. ٻيھر گرفتار ٿيلن کي وري سزائون ڏنيون ويون پر بابا گوجر سنگھ کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي.
پندرھن اھڙن نردوشن (بي گناھن) کي سُوليءَ لٽڪايو ويو جن کي وطن جي ڌرتيءَ تي پير رکندي پڪڙيو ويو ھيو. انھن منجھان ٽن ڄڻن کي ھڪ سپاھيءَ جي قتل ۾ جوابدار بڻايو ويو ھو.
انھيءَ فيصلي خلاف ڪنھن به عدالت ۾ اپيل ڪرڻ جو حق ڪونه ھيو ۽ رڳو رحم جي عرضداشت ڪرڻ جي اجازت ھئي جيڪا ٽن ڄڻن ڪئي.
جنھن ڏينھن انقلابين کي سوريءَ سينگار ڪرڻ جو ڏھاڙو مقرر ٿيو ته سندن کولين ( (Cells آڏو پاڻي ڀريل بالٽيون رکيون ويون. انقلابي وھنجي سھنجي، اڇا اجرا ڪپڙا پھري ڌڻيءَ در دعاگو ٿيا ۽ ھر ھڪ جي مرضي ھئي ته کين اڳ ۾ ڦاھي لٽڪايو وڃي. ھن مھل تائين جيڪي به مِٽ مائٽ ۽ دوست ساڻن آخري ملاقات لاءِ آيا ھئا تن کي چوندا رھيا، ”اھو آدمي ڪيڏو نه اُتم ۽ اعليٰ آھي جيڪو ديس مٿان پاڻ کي گھور ڪري ٿو.“ اھي سورما، اڄ انھي ٻليدان ڏيڻ لاءِ ٺھي ٺڪي آيا ھئا.
پر سندن سھڻ سنبرڻ اَڌورو رھجي ويو ڇالاءِ ته ڀنڀرڪي ڌاري جيل سپرنٽينڊنٽ اچي ٻڌايو ته ھينئر کين سوريءَ تي چاڙھڻ جو عمل ملتوي ڪيو ويو آھي.
ھونئن به انھن ڏھاڙن ۾ پنجاب جو ڪرتا ڌرتا جنرل ڊائر جھڙو پاپي ۽ بي رحم انسان ھيو ته، ٻئي پاسي پڇ لٽڪائو به پنھنجي ديس واسين خلاف ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ ۾ سرڪار سان ڀاڱي ڀائيوار ھئا. انھن ديس دروھين ۾ سر سندر سنگھ، سردار بھادر گجن سنگھ جھڙن ھمراھن ته سرڪار جي خوشامد ۾ انقلابين لاءِ ائين چوڻ کان به ڪين ڪيٻايو ته ”ھنن باغين ته سِک برادريءَ جي سرڪار نامدار سان شڪ شبھي کان به مٿڀري وفاداري کي ھاڃيڪار ڇيھو رسايو آھي ۽ ان لاءِ چڱو ائين ٿيندو ته اھڙن آدمين کي ڀائپيءَ منجھان ئي نيڪالي ڏيڻ گھرجي، ڇو ته اھڙن باغين کي سِک سڏيندي اسان کي شرم لڳي ٿو.“ پر ديس جي عام رھواسيءَ انھيءَ ظلم ۽ ڏاڍائيءَ واري ھلت کي نه رڳو سختيءَ سان ننديو پر طلب ڪئي ته سڀني قيدين تي پڌري عدالتن ۾ ڪاروائي ھلائي وڃي جيئن ھر ھڪ شھري آزاديءَ سان ڏسي ۽ سُڻي سگھي. سرڪار انھيءَ گھُر کان سخت ھراسجي پئي ۽ تڙ تڪڙ ۾ 17- ڄڻن جي ڦاسيءَ جي سزا گھٽائي جنم ٽيپ بحال ڪئي.
ان ھوندي به سينٽرل جيل لاھور مٿان ڏُک ۽ غم جي ڇانيل گھٽنا ۾ گھٽتائي ڪانه آئي، ڇو ته جنھن ڏينھن ڪرتار سنگھ سرڀا کي سوليءَ سينگار بڻايو ويو، اھو ڏھاڙو جيل جي عام قيديءَ به ڳوڙھا ڳاڙيندي گذاريو.
19- نومبر 1915ع تي ساجھر سويل، ڪرتار سنگھ ۽ سندس ساٿين کي آخري ماڳ تي رسائڻ لاءِ آندو پئي ويو ته سڀني جي مھانڊن تي ھڪ ڄاتل سڃاتل مرڪ ھئي جنھن مان چٽو پئي لڳو ته سچو ڪرانتـڪاري (انقلابي) ڪھڙي به اوکي ويل تي ڪيئن نه ھيڄ سان اُڪري پار پوي ٿو.
انهي گھڙي به سرڪاري ٽوڊين ڪرتار کي اچي پاسو ڏنو ۽ چيو ته ڇو ٿو تون پاڻ سان گڏ ٻين جا سِر به وڃائين؟ جيڪڏهن تون رحم جي درخواست لکندين ته ٻيا به بچي ويندا.“ ان سمي ڪرتار وراڻيس”ائين ته مون کي جيئڻ لاءِ هيءَ حياتي هڪ ڀيرو ملي، پر جيڪڏهن مان کي ڪيترا به جيئدان مليا ته به پنهنجو پاڻ هن ديس مٿان ٻلهار ڪندس.“
پنڊت رام پوءِ سدائين پيو جھونگاريندو ھيو: ”غدر پارٽيءَ جي سورمن کي ڦاھيون ۽ ڦندا پنھنجي اٽل ارادن کان روڪي نه سگھندا. سوين سلام آھن توتي اي شھيد ڪرتار، جڏھن به ھتان جا انقلابي ويڙھه ڪندا ته تنھنجي سورھيائپ کي سدائين ياد ڪندا.“
انقلابين جي مٿان نَو مقدما خاص ٽريبونل ۾ ”ھندوستان جي بچاءَ واري قانون“ هيٺ هلايا ويا، پنجاب، يو- پي، بنگال ۽ برما ۾ 28 انقلابين کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو ۽ ڳچ همراهن کي جنم ٽيپ جي سزا ڏني وئي. ڊاڪٽر هرنام سنگھ ۽ سوهن لال پاٺڪ کي ٻين چئن ساٿين سان گڏ مانڊلي سازش(Mondaly Conspiracy Case) ۾ سوليءَ سينگار ڪيو ويو. ان کانسواءِ هردت سنگھ، ڪپور سنگھ ۽ کوڙ جيترن همراهن کي عمر قيد ڪاٽڻ جو فيصلو سڻايو ويو. سوهن لال کي ڳچيءَ ۾ رسو وجھندي به چيو ويو ته هو رحم جي اپيل ڪري ته وراڻيائين”ظلم، ڏاڍ، انياءُ ۽ انڌير سڀئي اوهان جا پڳ مٽ يار آهن، ان لاءِ چڱو ائين ٿيندو ته توهان جهڙا پاپي اسان جي اڳيان سيس نِمائين.“
فوجي ۽ غير فوجي عدالتن منجھ ڏيکاءَ واسطي تڙ تڪڙ ۾ ڪاروايون اُڪلائي انقلابي گوريلن کي ڦاهين جي ڌم لڳائي وئي. اهڙي ريت سينٽرل جيل لاهور ۾ ٽيهارو ڄڻن کي هڪ ٻئي پٺيان ستت ئي ڦاهيون ڏنيون ويون ۽ سندن لاش به وارثن جي حوالي ڪونه ڪيا ويا. انهن ڦاهي چڙهندڙن ۾ ڪانشي رام به هڪ هئو.
غدر پارٽي ڪئناڊا جي اڳواڻ بلونت سنگھ گرنٿيءَ کي سينگاپور ۾ ڦاهي ڏني وئي ۽ ڊاڪٽر مٿرا سنگھ کي مشهد (ايران) جي برطانوي سفارتخاني ۾ ڦاهيءَ چاڙهيو ويو.
سرمائيڪل اوڊائر پنهنجي ڪتاب ”هندوستان جيئن مون ڏٺو آھه“ ۾ لکي ٿو: ”175 جوابدارن کي خاص ٽربيونل ۾ سازش ڪرڻ جي تهمت هڻي آندو ويو ۽ پوءِ به مٿن ڪيترائي ڏوھه مڙهيا ويا. 38 ڄڻن کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني وئي. (پوءِ 18 ڄڻن جي سزا جنم ٽيپ ۾ ڦيرائي وئي)، 58 ڄڻن کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي ۽ ٻين 58 همراهن کي ننڍيون سزائون يا جلاوطن ڪيو ويو.“
130- بلوچ رجمنٽ جنوريءَ جي پوياڙيءَ ۾ بغاوت ڪئي پر سرڪار کي اڳ ۾ ئي کڙڪ پئجي وئي جنهن ڪري حرفت سان قبضو ڪري وئي. وري فيبروري 1915ع ۾ جيئن اٿل جو اعلان ٿيو ته 5- انفنٽري وارن سينگاپور جي قلعي تي قبضو کڻي ڪيو جنهن کي انگريزن جپانين ۽ روسين جي مدد سان مس مس وڃي خالي ڪرايو. انهيءَ ويڙهاند ۾ سوين ماڻهو گولين جو کاڄ ٿيا.
سرڪار پنهنجي ڀرم ۽ شرم جي لڪائڻ واسطي مڙيئي عدالتي ڪارواين ۽ ڪورٽ مارشل وسيلي، ڪيترن کي سپاهين ميرٺ ۾ گوليون هڻي مارايو ۽ 7 راجپوت رجمينٽ جي ڪيترن نوجوانن کي دهليءَ ۾ ڦاسي ڏني وئي. ان کانسواءِ 23 رسالي جا ٻارنهن سپاهي حولدار لڇمڻ سنگھ سان گڏ امبالا ۾ ڦاسي چاڙهيا ويا. ساڳئي رسالي جي نوجوانن ۾ هڪ مسلمان سپاهي عبدالله به هو. سرڪاري ڇاڙتن کيس پاسيرو ڪري چيو ته تون پنهنجن ڪافر ساٿين تي سلطاني گواھه ٿي ته تنهنجي جند ازاد ٿيندي، پر هن عظيم محب وطن وراڻيو: آءٌ اهڙي ڪڌي ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيور ٿيڻ کان مرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندس، ۽ پنهنجن ساٿين ڏي اشارو ڪري چيائين ته، هي انمول انسان آهن جن سان گڏجي موت جي چاڙهي پار پوڻ کان پوءِ مون لاءِ بهشت جا دروازا کلي پوندا.“*
------------------------------------------------------------------------------------------
* 1916ع ۾ ٻيا ھمراھه به ڦاسيءَ تي چاڙھيا وياھئا: نرجڻ سنگھ، پهلارام ۽ پال سنگھ.
ٻارنهن ڄڻا 23 رسالي جا امبالا جيل ۾ ڦاسيءَ چاڙهيا ويا: (1)عبدالله (2) لڇمڻ سنگھ (3) ٻوٽا سنگھ (4) اندر سنگھ (5) ٻڍا سنگھ (6) اندر سنگھ بيوبه (7) موتيا سنگھ (8) ڀڳت سنگھ (9) گوجر سنگھ ( 10) ڄيٺا سنگھ (11) تارا سنگھ (12 )واڌوا سنگھ. اهي هڙيئي همراھه گھڻو تڻو لاهور ۽ امرتسر جا رهواسي هئا.
28 ڄڻن جو هيٺيون جٿو لاهور ۾ ڦاهيءَ چاڙهيو ويو: (1) بلونت سنگھ (2) ويرم سنگھ (3) ارجن سنگھ (4) آتم سنگھ (5) ايسر سنگھ (6) رانگا سنگھ (7) اروڙ سنگھ (8) ڌيان سنگھ (9) چندا سنگھ(10) جوان سنگھ (11) ڌيان سنگھ (12) جڳت سنگھ (13) جوان سنگھ (14) راڙ سنگھ (15) آتما سنگھ (16) بنتا سنگھ (17) هرنام سنگھ (18)ڪالا سنگھ (19) چندن سنگھ (20) پريم سنگھ (21) مولوي عبدالله (22) سيد رحمت علي (23) گانڌا سنگھ (24) اندر سنگھ (25) ٻوٽا سنگھ (26) جيوڻ سنگھ (27) رام راکا (28) ٻوٽا سنگھ.
ھيٺين انقلابين کي پھرئين ڦاسيءَ جي سزا ڏئي پوءِ جنم ٽيپ بحال ڪئي وئي: (1) هردي سنگھ (2) رام سرن (ڪپورٿله) (3) آليا سنگھ (لڌيانه) (4) خوشحال سنگھ (5) واسوا سنگھ (6) ڪالا سنگھ (هڙيئي امرتسر جا رهواسي هئا) ۽ (7) ساوڻ سنگھ (8) بلونت سنگھ (9)ڀائي پرمانند.
ان کان سواءِ هيٺين کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي: (1) اندر سنگھ (2) ڀيشڻ سنگھ (3) هزارا سنگھ (4) منگل سنگھ (5) ڀيشڻ سنگھ (6) چوهڙ سنگھ (7) ڀان سنگھ (8) روڙا سنگھ (9) اندر سنگھ (10) ڪالا سنگھ (11) گردت سنگھ (12) پيارا سنگھ (13) ديوان سنگھ (14) ڪرپال سنگھ (15) کڙڪ سنگھ (16) اندر سنگھ (17) لال سنگھ (18) ڪيهر سنگھ (19) جوان سنگھ.
اھو انقلاب عارضي طور ماڳ ماڻي نه سگھيو جنھن جي نتيجي ۾ پنجاب جو وڏو حصو رت جي درياھه ۾ وھنتو پئي. ڳاڻاٽي کان مٿي ماڻھو ڦاسيءَ چاڙھيا ويا ۽ گولين جو بکُ بڻايا ويا. انھن گھوٽن اڻ موٽن سورھيه سورمن وانگر سر ٻليدان ڪيا پر انھن کي ياد ڪرڻ وارا نالي ماتر ملندا. جڏھن ته ھندوستان جا قومي اڳواڻ ”انگريز جي پاڇي ھيٺ ھٿ وسيڪي سرڪار“ جي گھُر ڪري رھيا ھئا ته اُن سمي اھي غدر پارٽيءَ جا سُورما ھئا جن مڪمل سوراج (آزادي) جو نعرو ھنيو ھو.
جيتوڻيڪ اها هلچل رت جي درياھه ۾ ٻڏي وئي پر انقلابين جي دکايل دونهين اڃان دکي پئي ۽ ائين پيو وسهڻ ۾ اچي اڄ به اسان جا اهي سورما ڦاسي گھاٽن جي چوڌاري طواف پيا ڪن ۽ انگريزي شاعر بائرن جي لفظن ۾ ڄڻ جھونگارين پيا:
”آزاديءَ جو جھنڊو ڦاٽڻ کان پوءِ به ڦڙڪي پيو، درياءَ جي موج مستي ماڳهين هوا جي رنڊڪ سان وڌندي آ.“