تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڏُونگر نيٺ ڏَرن

هن ڪتابچي ۾ حقي ڪري ته ايڪتا، ڀائپيءَ، رواداري، سهپ ۽ انسان ذات جي خوشحاليءَ لاءِ پاڻ ارپي ڇڏڻ جا املھ مثال موجود آهن، جيڪي اڄ جي هن دور ۾ هوريان هوريان ڄڻ ته اڻلڀ ٿيندا پيا وڃن، ۽ ان جي جاءِ تي انقلاب جي نالي وٺ وٺان، سس پس ۽ ڇڙواڳيءَ، اسان وٽ اچي واسو ڪيو آهي- ان لاءِ چڱو ائين ٿيندو ته اسين هن ڌرتيءَ جا رهواسي، ان لاءِ ڪروڌ، شخصي چڱ مڙسائپ ۽ بهتان بازيءَ جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسڻ کان پاڻ کي بچايون- ۽ هڪ ٻئي لاءِ سهپ ۽ رواداريءَ کي سونهون بڻائي، سنڌ ۽ سڄي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيون
Title Cover of book ڏُونگر نيٺ ڏَرن

وطن ڏانهن ورڻ

غدر پارٽي هندوستانين کي ڏيساور ۾ اڃان چڱي ريت منظم ڪونه ڪيو هيو پر تڏهن به وس آهر گھڻو ڪم ڪيو هيو. تمام ٿوري عرصي ۾ آزاديءَ جي ڇڪ انهن ڏيھه کان ڏور ماڻهن ۾ وڏي جاڳرتا آڻي ڇڏي جو ساڙ، ڪينو، ڪروڌ ۽ هڪ ٻئي تي چڙهت جي عمل جي ابتڙ منجھن ايڪتا جو احساس پيدا ٿيو ۽ پاڻ کي هڪ برادريءَ جو سمجھي هڪ سوچ لاءِ وکون وڌائڻ لڳا. هڪ ٻئي جي گلا غيبت ڪرڻ ۽ هڙتالون ناڪام ڪرائڻ جي برعڪس مزدور سڀائون ٺاهڻ لڳا. جيڪي هندوستاني لوڪ اڳ ۾ نشو واپرائي وحشي ۽ اڙٻنگ ڍڳن ڍورن وانگر وڙهندا هئا، سي انهن براين کان پاسو ڪرڻ لڳا، ۽ اهڙن بيهودگي جي ڪم ڪارين کي هاڻي قومي بي عزتي سمجھڻ لڳا. هاڻي هو چند ڊالرن ڪمائڻ جي پويان ڪونه هئا پر پنهنجي وطن لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ لاءِ آتا هئا، جنهن ڪري آمريڪي به کين عزت ۽ مانَ ڀرين نظرن سان ڏسندا هئا. ٽي آمريڪي جن ۾ هڪ عورت به هئي هندوستان ۾ آزاديءَ جي ويڙھه ۾ ساڻن ٻانهن ٻيلي ٿيڻ به آيا هئا، پر برطانيه سرڪار کين ڪنهن هيلي بهاني سان گرفتار ڪري موٽائي موڪليو. آمريڪي سرمايه دار جيڪي هندوستاني لوڪن کي رڍن ۽ ٻڪرين کان وڌيڪ اهميت ڪونه ڏيندا هئا، سي به کين هاڻي اچرج ڀرين نظرن سان ڏسندا هئا.
هونئن به 1913ع جي اڳياڙي ۽ غدر پارٽي جو ٽه رڪني جٿو هندوستان ۾ برطانوي سامراج خلاف پرچار ڪرڻ لاءِ پهچي چڪا هئا. غدر پارٽيءَ کي اها چڱي ريت ڄاڻ هئي ته برطانيه خلاف سندن تيارين کي آمريڪا کان ئي پيڇو ڪيو پيو ويو. پر هن ڪوما گاٽا واري حادثي ته مورڳو ئي باھه تي گاسليٽ جو ڪم ڪيو ۽ هندوستاني لوڪن جي دلين ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا ڀڀڙ ڀڙڪڻ لڳا. ان کان پوءِ ته لڙائيءَ جي سانباهي کي وڌيڪ تکو ڪيو ويو ۽ آمريڪا ۾ ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ڪيون ويون جنهن ۾ هزارين ماڻهن رضاڪارانه طور سڄي ذميواري ۾ هٿ ونڊائڻ جي آڇ ڪئي.
بابا سوهن سنگھ بکنا ته ڪوما گاٽامارو جي مسافرن سان رلجي پوئتي موٽيو. ٻيو جٿو جنهن ۾ مکيه شخص ڪرتار سنگھ سرڀا، پرٿوي سنگھ، ڪرمسنگھ چيما، جوالا سنگھ، اوڙ سنگھ ۽ ٻيا هئا، سي پهرين مهاڀاري لڙائي ڇڙڻ کان پوءِ هڪدم وطن پهتا. پارٽي وارن جي ويچار موجب ته هاڻي اهو سمو اچي ويجھو پهتو آهي جنهن لاءِ هي سڄي نسبت ڪئي وئي هئي ۽ ان ڪري سڀني ساٿين کي حڪم مليو ته هڪدم وطن ڏانهن موٽي اچن.
پنهنجن گھرن ڏانهن لڏ پلاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. هزارين همراھه پنهنجيون ڪمائتون نوڪريون، ڌنڌا ڌاڙي ۽ لکين ڊالرن جون ملڪيتون جيڪي هنن ورهين جي محنت ۽ مشقت کان پوءِ ٺاهيون هيون انهن تان هٿ کڻي ورتو. جيڪڏهن ڪجھ سامان ساڻ کنيائون ته اهي رڳو هٿيار هئا جيڪي سندن قيمتي سرمايو هئا.
موٽندڙن کي هندوستاني صورحال جي پوري ڄاڻ ڪونه هئي، پر سندن ذهن ۾ هڪ خيال ويٺل هيو ته هي قيمتي وقت پنهنجي مقصد ماڻڻ لاءِ وري ڪونه ايندو. اسان کي مرڻو ته ضرور آهي پر مرڻ کان اڳ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو وڏو ڌماڪو ڪرڻ ضروري آهي.
جپان ۾ مولوي برڪت الله، شانگھائيءَ ۾ مٿرا سنگھ ۽ هانگ ڪانگ ۾ ڀڳوان سنگھ هئا، جن غدر پارٽيءَ جو آفيسون کوليون هيون پر هاڻي سڀ ڪو ڏيساور ۾ رهندڙ هندوستاني، وطن ڏانهن واپس ورڻ لڳو ۽ رستي ۾ هرهڪ هندوستاني ديس واسين کي پوئتي موٽڻ لاءِ چئي رهيو هيو ۽ کين خوشخبري ٻڌائي پئي ته ستت ئي هٿياربند جدوجهد وسيلي اسين پنهنجو مول مقصد ماڻڻ وارا آهيون. انهي پرچار ڪرڻ ۾ وڏو هٿ گوجر سنگھ ۽ سچا سنگھ جو هيو.
واپس موٽندي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل انڊيمان ٻيٽن وٽان لنگھندي برطانوي سامراج جي دهشت گردي جي يادگار کي به ڏسندا پئي ويا. اتان لنگھندي خيالن ۾ ڏسڻ لڳا ته انهن قبر جهڙي ٻاٽ اونداهين ۾ وطن جا جوڌا ٻيڙيون ۽ هٿ ڪڙيون پايو ويٺا آهن. اهو ويچار ڪندي سندن اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون ۽ پوءِ به سندن اندر جي آس هئي ته اي غلام وطن جا رهواسيو اسين اچي ويا آهيون ۽ ڄاڻ اهي غلامي جا زنجير ٽٽي پوندا:
اَڄ ڄاڻ ٽٽي زنجير پيا، پوءِ زندان جو ڇا ٿيندو؟
جن مظلومن تي وار ڪيا، تن شيطانن جو ڇا ٿيندو؟
”دوست“
انهن سڀني منجھان ڪن ٿورن همراهن کي ذهن ۾ چٽي ريت ويٺل هيو ته جيڪڏهن پنهنجي جدوجهد ۾ ماڳ ماڻي نه سگھياسون ته شايد اسين به انهن دهشت ۽ ڏهڪاءَ وارن بُهرن (Cells) ۾ موٽي اچون.