هٿياربند انقلاب لاءِ سانباهو
انقلابين جي ذهن ۾ هڪ ويچار گھر ڪري ويو ته برطانوي راڄ جو انت آڻڻو آهي ته فوج ۾ انقلاب لاءِ راءِ هموار ڪرڻ گھرجي ۽ فوج کي محاذ آرائي لاءِ تيار ڪجي. انهي طريقي آزمائڻ جو وڏو ڪارڻ هيو ته فوج ۾ به هارين، نارين ۽ ڪڙمين ڪاسبين جو اولاد گھڻي ڀاڱي ڀرتي ٿيل هيو، جن مان ڳچ جيترا ته سندن ويجھا مائٽ هئا. انهيءَ کان سواءِ فوج ۾ اندروني طور سرڪار لاءِ سخت حقارت ۽ ڦوٽ هئي. جو ڪيترن ڏيهي سپاهين کي ملڪ کان ٻاهر عراق، فرانس ۽ ڏيساور ۾ برطانوي سرڪار جي بچاءَ لاءِ مقابلي لاءِ موڪليو پئي ويو، جنهن ڪري جڏهن ڪي انقلابي فوج وارن جي ويجھو آيا ته کين وڏو سهڪار مليو.
پراڻن انقلابين سان به غدر پارٽي وارن ڏيٺ ويٺ وڌائي، ۽ اهي سندن مشهور اڳواڻ سچيندرناٿ سنيال، وي جي پنگلي ۽ راش بهاري بوس هئا. انهن گروهن کي سازش وسيلي ڪم ڪرڻ جو چڱو خاصو تجربو هيو ۽ يا ته تعليمي ادارن ۽ وچولي درجي جي نوجوانن ۾ ڪم ڪرڻ جو ڍنگ هيو. انهيءَ لحاظ کان ڏٺو وڃي ته غدر پارٽي ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ پهريان جدوجهد ڪندڙ سورهيه سرواڻ آهن، جيڪي پنهنجي ڏانءَ ۽ ڏات لاءِ ڪم جو مدار ڪڙمي ڪاسبي ۽ فوج کي سمجھڻ لڳا.
غدر انقلابي ستت ئي پنهنجا پير پختا ڪري ويا ۽ 4- 5 جا گوريلن جا گروھه ٺاهيائون. سندن لکڻيون ۽ ننڍا ڪتابڙا ماڻهو ڏاڍي چاھه سان پڙهڻ لڳا. ننڍا گردوارا، انقلابين جي پناھه ۽ مکيه چرپر جو ڪم ڏيڻ لڳا. ڪيترن ڳوٺن ۾ هاري پوليس سان منهن اٽڪائڻ لڳا ۽ انقلابين کي پناھه ڏيڻ لڳا.
فوج ۾ جنهن نوجوان سڀ کان وڌيڪ جاکوڙ ڪئي، سو 19 ورهين جو ڪرتارسنگھ سرڀا هيو جنهن پنهنجي منزل ۽ ماڳ ماڻڻ لاءِ پاڻ کي ڏينهن رات انقلابي ڪارج لاءِ ارپي ڇڏيو هيو. هي نوجوان روِن شا ڪاليج اوڙيسا ۾ پڙهي چڪو هيو. هن همراھه سوين ميل سفر سائيڪل تي ڪيو ۽ انقلاب جي دونهين دکائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. بنون کان بنارس تائين ڪابه اهڙي فوجي ڇانوڻي ڪونه رهيل هئي جنهن ۾ هن نوجوان انقلابين جا مرڪز نه ٺاهيا هئا. ڪرتارسنگھ حد درجي جو ذهين، دليري ۽ ساڃھ سان وقتائتو قدم کڻندو هيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته فوجي آفيسرن جي وردي پائي وڃي ماتحتن جي مٿان بيهندو هيو. ان کان پوءِ ساڻن ڳالهائيندي مطلب جي ڳالھه تي اچي کين چوندو هيو، ”اوهين جيڪڏهن مُٺِ رپين جي لاءِ ظالمن جي جھنڊي جو بچاءُ ڪري، مظلومن جو ناحق رت ٿا وهايو ته پنهنجي ديس جي بچاءَ لاءِ ڇو نه ٿا وڙهو؟“ ڪڏهن ته ڪچهريءَ ۾ ائين به چوندو هيو، ”پرڏيھ ۾ وڃي اتان جي ماڻهن جو قتل عام ڪرڻ ۾ اسان جي عزت ۽ نالي ۾ ڪهڙو واڏارو آڻي ٿو؟“ آخر انهن فتنن ۽ مامرن هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ پارٽي وارن کي فيروزپور، راولپنڊي ۽ لاهور جي ڇانوڻين منجھان مڪمل پٺڀرائي ڪرڻ جو وعدو ڪيو ويو. اها انقلاب، ميرٺ، ڪانپور، لکنو، فيض آباد، الھ آباد، جبلپور ۽ ڊاڪا جي ڇانوڻين ۾ به وڃي رسي. ان کان سواءِ ملڪ کان ٻاهر ملايا ۽ برما ۾ غدر پارٽيءَ وارن انقلاب لاءِ مڪمل سانباهو ڪري ڇڏيو هيو ۽ مکيه آفيس رنگون جي 16 ڊفرن گھٽي ۾ قائم ڪئي وئي.
انهي ويل سڄو وايو منڊل ظاهري طرح انقلابين جي فائدي ۾ پئي نظر آيو. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي فوج ۾ سخت ناراضپو ۽ تاءُ هيو، ٻئي پاسي ڏکڻ اولھه پنجاب جي مسلمان هارين منجھ به سرڪار جي ٻه اکيائي واري ورتاءَ جي ڪري سخت ڪاوڙ ۽ ڪروڌ هيو.
آخرڪار توري تڪي، سوچي سمجھي 21 فيبروري تي سڌي قدم جو فيصلو ڪيو ويو. هونئن ته ڊسمبر جي اوائل ۾ ئي انقلابين جي جٿن فوج ۽ پوليس جي چوڪين تي حملا شروع ڪري ڏٺا. ان کان سواءِ خزاني، مال گاڏين ۽ ريلوي اسٽيشنن جي ڦر عام جام ٿي وئي هئي ته جيئن فيبروري واري انقلاب لاءِ ڏوڪڙ ۽ هٿيار گڏ ڪري سگھجن. عام ماڻهن کي گرفتار ڪيو پئي ويو، پر سرڪار حالتن کي ضابطي ڪرڻ ۾ ناڪام وئي ۽ انهن ناڪامين سرڪار کي ماڳهين ڇتو ڪري وڏو. ان ڪري پنجاب سرڪار، مرڪزي سرڪار کي 9 ڊسمبر تي درخواست ڪئي ته کين خاص اختيارات ڏنا وڃن جنهن تحت ھهڙي ڳنڀير ۽ خوفتائتي صورتحال کي منهن ڏئي سگھجي، ۽ هن ويل ڪنهن به قيدي (انقلابي) تي هلدڙ ڪاروائي کي غير ضروري اينگھائڻ يا کين اپيل ٽپيل جا موقعا فراهم ڪرڻ سرڪار لاءِ سخت هاڃيڪار ٿيندو، ڇا ڪاڻ ته ٿي سگھي ٿو ته قيدي، وڪيل يا پنهنجي چالاڪيءَ سان ڪورٽن منجھان جان بچائي آزاد ٿي وڃن.
انقلابين رٿيل سٽاءَ کي چڱي ريت جانچيو ۽ جڏهن کين پڪ ٿي وئي ته سندن تياري ۾ هاڻي ڪابه ڪسر نه رهي آهي ته آخري وار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هونئن سندن رٿا ۾ هيو ته رات جي ٻاٽ اونڌاهين ۾ سڀني فوجي ڇاوڻين ۽ شهرن ۾ حملو ڪري بارودخانن ۽ هٿيارن جي گودامن تي قبضو ڪيو ويندو. انهي ڪارج ۾ کين ڇاوڻين جي حمائتي فوج به هٿ ونڊائيندي. ان کان پوءِ قيدين کي آزاد ڪرائي، خزاني ۽ بينڪن کي خالي ڪري سڀئي انقلابي اچي پنجاب ۾ گڏ ٿيندا. ايستائين انقلابين جي قوت ايڏي ته مضبوط ٿي ويندي جو دشمن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ وٽن پئسو ۽ هٿيار جام هوندا، ۽ اهڙي ريت سڄو سال به ويڙهاند ڪري سگھبي. انقلابين جو خيال هيو ته جيڪڏهن سندن پير هڪ پرڳڻي ۾ پختا ٿي ويندا ته سڄي ملڪ ۾ آزادي جي جھنڊي جھولائڻ ۾ ويرم ڪانه لڳندي.
سٽاءَ موجب لاهور کي سڄي چر پر جو مرڪز بڻايو ويو ۽ سڄي منصوبي جو ڄار ملڪ جي ڏورانهن حصن ۾ به پکيڙيو ويو هو. امرتسر ۾ ڇاپخانو اڳ ۾ ئي قائم ڪيو ويو هيو. بمن جون فيڪٽريون ۽ هٿيارن جا ذخيرا لوهاٽي آباد ۽ جيڀوال ۾ رکيا ويا. جڳت رام کي ڪابل ۽ پرمانند کي بنگال اماڻيو ويو ته اتي رهندڙ انقلابين سان لھ وچڙ ۾ اچن. انقلابين لاءِ هڪ چار رنگو جھنڊو ۽ وردي به مقرر ڪئي وئي. هن مهل تائين صورتحال انقلابين جي فائدي ۾ پئي وئي ڇو ته سرڪاري فوج جو ڳچ حصو ملڪ کان ٻاهر لڙائيءَ ۾ رڌل هيو ۽ باقي حصو به سرڪاري نيتيءَ کان ناراض هو. ملڪ ۾ مهاڀاري لڙائي جا اثر به ظاهر ٿيڻ لڳا هئا جو مهانگائي ۽ ڏُڪر نگھوسار ڪري وڌو هو جنهن ڪري عام ماڻهو به سرڪار کان بيزار هو. سڄي ديس ۾ افواهن ۽ سس پس جي بازار به گرم هئي. ۽ اهو به مشهور ٿي ويو هو ته هماليه جبل تي هڪ يوگي شري مهاپرڀو جڳ بنڌو رهي ٿو. انهي يوگي 13 ورهيه هڪ غار ۾ ويهي چلا ڪڍيا آهن ۽ اڳڪٿي ڪئي آهي ته 13 ورهيه پوري ٿيڻ سان هندوستان سُوتنترتار آزادي ماڻيندو. پنجاب جي بگڙجندڙ حالتن کي ڏسي هر ڪوئي ائين سمجھي رهيو هيو ته ڪو ممڻ مچڻ وارو آهي.
اهڙي ريت 21- فيبروري تي اوچتو پنجاب جي شهرن ۽ فوجي ڇاوڻين ۾ چو طرف ڪا اجھل اٿل اچڻ واري هئي. ۽ ائين پئي وسهڻ ۾ آيو ته 1857ع جي جنگ آزادي واري ويڙھه کان هيءَ وڌيڪ ڪارائتي ۽ اثرائتي ويڙهاند ٿيڻ واري هئي.