جدوجهد لاءِ موٽ
بابا سوهن سنگھ بکنا ته گھر ڏانهن ويندڙ رستي کي ڄڻ وساري ويٺو هيو، ڇو ته هن چڱي ريت ڄاتو پئي ته گھر ۾ ٿڌو ٿانهرو ٿي ويهڻ سان ڪجھ به هڙ حاصل نه ٿيندي پر انقلاب آڻڻ لاءِ لڳاتار جدوجهد جو نيٺ لاڀ ملندو. ان کان اڳ جو بابا سوهن سنگھ ۽ سندس ساٿي نئين سر هلچل هلائڻ جو سعيو ڪن، سڀني ويهي ڳوڙهو ويچار ڪيو ته روس ۾ پورهيت انقلاب ڪامياب ٿيو ۽ اپکنڊ ۾ هيل تائين ماڳ ماڻي نه سگھيا آهيون سو ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن. سندن ذهن ۾ اهو به چٽو هيو ته انقلابي ڪڏهن به جھور نه ٿيندو آهي ان ڪري عوامي انقلاب آڻڻ ۽ مصيبتن جي ماريلن جو ڇوٽڪارو ڳاڙهي جھنڊي هيٺ گڏ ٿي جدوجهد ڪرڻ ۾ حاصل ٿي سگھندو.
انهن سڀني انقلابين نه رڳو پنهنجن ساٿين ۾ نئين صف بندي ڪئي پر نوجوان ساٿين سان به ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳتي وڌڻ لاءِ راھه هموار ڪرڻ لڳا.
بابا سوهن سنگھ بکنا پنهنجي تڪ ۾ ڪانگريس جو بنياد رکندي ئي علاقائي ڪاميٽيءَ کي منظم ڪيو ان کان سواءِ پيرين پيادل ميلن جا ميل پنڌ جھاڳي ڪسان سڀا (هاري پارٽي) کي ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ ۽ وستيءَ ۾ نئين سر مظبوط ڪيو. انهي هلچل ۾ امرتسر جي 1938ع واري لٺبازيءَ ۾ کيس ڏاڍا ڌڪ لڳا پر پوءِ به هيءُ همراھه پنهنجي ڪارج کي ذميواريءَ سان نڀائيندو آيو. آخر اڳتي هلي سوهن سنگھ بکنا هندوستان جي ڪسان سڀا جو مُک چونڊيو ويو.
بابا جوالا سنگھ ٻئي پاسي نيل بار جهڙي پٺتي پيل علائقن ۾ هارين ۽ پورهيتن کي آزادي ۽ انقلاب جو سنيھو پهچايو، ۽ انهي جدوجهد ۾ پنهنجا پساھه پورا ڪيائين. اڄ بابا جوالا سنگھ سڄي پنجاب جي هاري هلچل ۾ وهائو تاري جي حيثيت رکي ٿو.
بابا اروڙ سنگھ به بنان ساهي کڻڻ جي پيو پنڌ ڪندو هيو، ۽ اهڙي ريت فيروزپور ۽ ڀر پاسي وارين رياستن ۾ هارين جي جوڙجڪ ۽ سندن سماجي حالتن سڌارڻ ۾ جفاڪشيءَ سان ڪم ڪيو. اڳتي هلي تعلقي موگا منجھان پنجاب اسيمبليءَ جو بنان مقابلي ميمبر چونڊجي ويو.
ساڳئي ريت بابا ڪيسر سنگھ هڪ سورهيه وانگي شير سنگھ سان گڏ شهنشاهيت خلاف، هر هڪ يُڌ (ويڙھه) ۾ سڀني کان اڳڀرو رهيو ۽ سندس ڪوشش هئي ته ”ڪِرتي“ کي پنجاب جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائجي. اڄ تائين به ٽيهارو ورهيه جيل ۾ گھارڻ کان پوءِ به ڪيسر سنگھ جوان جماڻ کان به اڳڀرو آهي.
بابا واسکا سنگھ، وري ديش ڀڳت پريوار ساهت ڪاميٽي (جيل ۾ پيل محب وطن جي ڪٽنبن جي پرگھور لاءِ ڪاميٽي) ڍاهي، ۽ انهي ڪاميٽي وسيلي 1921ع کان وٺي سياسي قيدين ۽ سندن ڪٽنبن لاءِ وڙهندو پيو اچي. ان ڪري کيس سک هارين ۾ تمام مانائتي نظر سان ڏٺو ويندو آهي.
بابا گرمگ سنگھ، ڪوما گاٽا مارو وارو سورمو ۽ انڊيمان ۾ جدوجهد ڪندڙن منجھان، آزاد ٿيڻ کان پوءِ افغانستان ۾ ڪانگريس جو مکيه اڳواڻ ٿيو. جتي کيس پرٿوي سنگھ سان گڏ سرڪاري چُرچ تي جيل اماڻيو ويو. پر ڪجھ عرصو رهڻ کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو ۽ پوءِ هي همراھه روس منجھان گھمندو ڦرندو هندوستان موٽي آيو. هينئر بابا گرمگ سنگھ هتي ملڪي سياست ۾ هاري تحريڪ ۾ وڏي اتساھه ۽ جاکوڙ سان ڪم ڪري رهيو آهي. پرٿوي سنگھ به انديمان واري هلچل کان چڱي ريت ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ هيل تائين فرضي نالن سان هاري هلچل۽ آزادي لاءِ هندوستان جي ڳپل حصي تائين ڪم ڪيو آهي.
بابا شير سنگھ، هرنام سنگھ ۽ لال سنگھ وارا جيڪي هن مهل تائين ڳاڻيٽي کان مٿي لڙاين ۾ حصو وٺي چڪا آهن. اهي اڄ به مڙسان مڙسيءَ ۽ جوان مرديءَ سان جدوجهد ۾ لڳا پيا آهن، ۽ سندن همٿ ۽ حوصلي جوانن کي به شرمائي ڇڏيو آهي.
بابا گوجر سنگھ، ڪسان سڀا جو مکيه ورڪر، بابا هرنام سنگھ ڪوما گاٽا، بابا هردت سنگھ وارا وڏي ڄمار جا هوندي به اڄ تائين آزاديءَ لاءِ هڪ عام آدميءَ وانگر وڙهي رهيا آهن ۽ پنهنجن علائقن ۾ سچار ۽ بهادر سياسي اڳواڻن جي حيثيت سان ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا.
انهن انقلابين سان هلچل ۾ ٻيا به ساٿي آهن جن کي غدر پارٽيءَ جي پيڙھه پٿر رکڻ وارن منجھ ليکي سگھجي ٿو. اهي همراھه اهڙي آپداويل به ٻاهر پنهنجن ذميوارين کي نڀائي رهيا هئا جڏهن گھڻي قدر ساٿي 14- 1915ع واري اٿل ۾ سوگھا ٿي چڪا هئا. انهن ويڙهاڪن ۾ ڪرم سنگھ به هڪ آهي جيڪو ٻي اڪالي تحريڪ (1925ع) جو هڪ سورمو آهي ۽ پهرين انقلابي اخبار ”ديش شيوڪ“ جو پايو وجھندڙ به آهي. ڪيترا ڀيرا ڪانگريس هلچل ۾ جيل ياترا به ڪئي اٿس ۽ ان کان سواءِ ”ڪرتي ڪسان هلچل“ جي ٺاهيندڙن منجھان پڻ هڪ آهي. هڪ ٻيو انقلابي ڀاڳ سنگھ جڳ مشهور اڪالي تحريڪ جو اڳواڻ جنهن 1930ع تائين دوآٻيءَ ۾ هاري هلچل کي مظبوط ڪرڻ ۾ ڪارائتي هٿي ڏني سو به وسارڻ جهڙو ڪونهي. ٻيو بابا ڀڳوان سنگھ ”شهيدن جي جٿي“ جو سورهيه جنهن 1905 ع ۾ سڄي ملڪ جو دورو ڪري هندو مسلم ايڪتا لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن انقلابي همراھه جنهن مردانگيءَ سان سوراج (آزادي) حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي ان کيس هندوستان جي وطن دوست حلقي ۾ ڏاڍي عزت ۽ مان ڏنو. ۽ مورڳو ئي پنڊت نهرو به سندس آجيان ڪرڻ ۾ وسان ڪونه گھٽايو. ٻيو ساٿي سنت سنگھ جنهن اڳتي هلي سماج واد تحريڪ لاءِ پڻ وڏو ڪم ڪيو.
اهڙي ريت سنتوش سنگھ ۽ جوالا سنگھ کان سواءِ ايسر سنگھ، ناٿن سنگھ ڇُڳا، ڪرم سنگھ دتا، مدن سنگھ گاگا، ڪپور سنگھ موهي ۽ اندر سنگھ، سريش سنگھ هڙنئي ساٿين جي صحت جيتوڻيڪ صفا جواب ڏيو بيٺي آهي پوءِ به ساٿين سان صفن ۾ بيٺا آهن. ڇاڪاڻ ته کين احساس آهي ته جنهن آزاديءَ جي جوت کي سندن ساٿين رت جو ريج ڏئي جلايو آهي ان کي وسامڻ نه گھرجي . اڄ به اهي سڀئي انقلابي اسان جي تحريڪن ۾ ديس سان پيار ۽ پاڻ بليدان ڪرڻ جي ڪارج ۾ رڌل آهن ۽ سڄي سنسار ۾ هلندڙ آزاديءَ جي هلچل ۾ انهن اڳواڻن جي آدرشن تي سچ پچ تي اسان کي فخر آهي.