مهاڳ
اسين پهريون ڀيرو انهيءَ تاريخي باب کي هڪ ننڍي ڪتابچي جي صورت ۾، غدر پارٽي جي پيڙھ - پٿر وجھندڙ بابا سونهن سنگھ جي ٻڌايل واقعن جي بنياد تي سنواري پيش ڪري رهيا آهيون- هي انهن سادن سودن اٻوجھ هارين ۽ پورهيتن جي جدوجهد جي ڪهاڻي آهي، جيڪي ايتري قدر انقلاب جي لهر ۾ اڳتي وهي ويا، جو اهڙي سمي ۾ هٿياربند انقلاب لاءِ ڪم ڪيائون، جڏهن ته اسان جا ٻيا قومي اڳواڻ ”هوم رول“ کان اڳتي سوچ ويچار ڪري نه پئي سگھيا. اسان کي هن جاکوڙ پڙهندي سڌ پوندي ته اهي ڪير هئا جن زباني لٻاڙ تي زور رکيو ۽ اهي مانجھي مڙس مٿير ڪير هئا جن پنهنجي آدرش خاطر ڪات هيٺان اچڻ قبول ڪيو:
ڪٽاري ۽ ڪات، من مرادون پنيون
رت ڀريا وات، مانجھين هڏ مڇائيا.
( خليفو نبي بخش)
اسان کي هن ڪتابڙي پڙهڻ منجھان ڄاڻ ملندي ته اهي ڪهڙا سورهيه سوڍا هئا جن پنهنجي ڄمار جو وڏو حصو انڊيمان جي ٻيٽ ۾ گذاريو؟ ۽ اتي رهي پنهنجي حقن لاءِ ڪيئن وڙهيا ۽ اڄ ڇا ڪري رهيا آهن؟
غدر هلچل هڪ ٻاراڻي ٺڪا ٺوڪيءَ واري راند ڪونه هئي. انهيءَ هلچل جو بنياد هندوستان ۾ نه پر آمريڪا ۾ رکيو ويو هو. انهيءَ تحريڪ جو پيڙھ - پٿر رکندڙ وچولي درجي جا نوجوان نه، پر اهي هاري ناري ۽ پورهيت هئا، جن پرڏيهن ۾ وڃي پنهنجي رت ۽ ست جي ولوڙ منجھان پئسو ڪمايو، انهن پورهيتن ۾ وڏو حصو پنجابي سکن جو هيو. جڏهن انهن پورهيتن کي پرڏيھ وڃي سُک، آزادي ۽ شانتي واري ماحول ۾ پنهنجي غلام هئڻ جو احساس شدت سان دل ۾ کٽڪڻ لڳو ته انهي شعور ۽ احساس هيٺ غدر پارٽي جنم ورتو. انقلابين جي هن پارٽيءَ جا ڪارڪن ۽ همدرد پارٽي ٺهڻ سان پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويا ته جيئن هڪ ڏينهن هٿيارن سان ليس ٿي پنهنجي وطن ڏانهن واپس ورن ۽ هٿياربند جدوجهد سان برطانوي سامراج جي ڳٽ منجھان پاڻ ڇڏائين. انهيءَ عظيم ڪارج کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ڏوڪڙ گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ ڪيترن ته پنهنجو الهو تلهو ويڙهي تحريڪ جي حوالي ڪيو. انهن پئسن مان هٿيار پنهوار خريد ڪيا ويا ۽ ساٿين جي سِکيا جو جوڳو بندوبست ڪيو ويو ۽ هيل تائين ڪارڪنن جو انگ پڻ ٻارنهن هزار تائين وڃي پهتو هيو.
پهرين مهاڀاري لڙائيءَ لڳڻ کان پوءِ پارٽي جي هاءِ ڪمانڊ پنهنجي ڪم کي عملي شڪل وٺرائڻ لاءِ صورتحال کي سازگار ڏٺو. اهڙيءَ ريت سٽاءَ مطابق پارٽيءَ جي هاءِ ڪمانڊ جي حڪم تي ننڍن ننڍن جٿن جي صورت ۾ ماڻهن هندوستان موٽڻ شروع ڪيو. اٺن هزارن جي لڳ ڀڳ ماڻهو پهچي چڪا هئا ۽ انهيءَ پهچ ۾ کين به ورهيه کن لڳي ويا. اٻوجھ ۽ سادا پورهيت پهچڻ وقت ٿورو ٿڪو سرڪاري خابرن جو خيال ڪندا هئا، پر ٿوري ساهي پٽڻ کان پوءِ ڪم کي لڳي ويندا هئا. پر کين اها خبر ڪانه هئي ته سرڪار کي به سندن تياريءَ جي ٿوري گھڻي کڙڪ پئجي وئي هئي. جنهن ڪري هاڻي ته ڪيترن همراهن کي بندرگاھه تي پير رکندي سوگھو ڪيو پئي ويو. ان هوندي به پورهيتن جو چڱو چوکو انگ پوليس ۽ سرڪار کي اکين ۾ سرمو پائي نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان کان پوءِ مڙيئي پورهيت زير زمين (Under Ground) وڃي سونپيل ڪم کي وڃي لڳا.
انهن ڏينهن ۾ هندوستاني سياست رڳو انگريز سرڪار کي عريضون موڪلڻ تائين محدود هئي ۽ ڪانگريس به انهيءَ زماني ۾ گڏجاڻيون ڪري ٺهراءُ بحال ڪرڻ واري چرپر تائين هئي. جيتوڻيڪ ڪانگريس ۾ ڪيترا محب وطن ماڻهو هئا پر انهن ڪڏهن پنهنجي خواب ۽ خيال ۾ به انگريز سرڪار خلاف هٿياربند هلچل ته ڇڏيو پر ڪنهن به سڌي قدم کڻڻ لاءِ ويچار به ڪونه ڪيو هيو. عام راءَ انهيءَ ويل تائين سياسي ميدان ۾ ڪونه آئي هئي. جنهن قومي جاڳرتا لاءِ سندن ورتاءُ ٿڌو ۽ ٿڪائيندڙ هيو.
جڏهن پارٽيءَ جا مکيه اڳواڻ هندوستان پهتا ته چوطرف حالتون ڏسي ان راءِ تي پهتا ته ڏيهي ماڻهو جيڪي فوج ۾ ڀرتي ٿيل آهن انهن جي مدد سان، انگريز سرڪار کي هتان تڙي سگھجي ٿو. پارٽيءَ جي ميمبرن جو وڏو انگ پورهيتن جو هيو ۽ فوج ۾ به- جھجھو انگ سندن ڀائرن، مٽن مائٽن جو هيو. ٻئي پاسي وري هندوستاني فوجين کي گھڻو تڻو ملڪ کان ٻاهر اماڻيو پئي ويو، جنهن ڪري منجھن ناراضگي ۽ چڙ پيدا ٿي پئي هئي. ڏيهي فوجي، انگريز عملدارن جي حڪم تي سر وڃائڻ جي سخت خلاف هئا ڇو ته بالا آفيسرن جو ساڻن سلوڪ به نفرت ۽ ڌڪار ڀريل هيو. جڏهن غدر پارٽيءَ جا ڪارڪن ڏيهي فوجين سان لھه وچڙ ۾ آيا ته هو سندن ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
پر اهو سڄو سٽاءُ ڪجھ ماڻهن جي ڀاڙيائپ ۽ غداريءَ جي سبب ناڪام ٿيو ۽ انهيءَ سٽاءَ جي ناڪام ٿيڻ جو اصلي سبب ٻيو هيو: ته ان سڄي تياريءَ کي عام راءِ جي مڪمل پٺڀرائي ڪونه هئي. پر فوجين جي وسيلي انقلاب آڻڻ جو سانباهو هيو. انقلاب جي ناڪام ٿيڻ جي ڪري سوين سوريءَ سينگار ٿيا، ڪيترا جيل جي اونداهين ۾ واڙيا ۽ هزارن کي ملڪ کان ٻاهر گرفتار ڪيو ويو.
جيترن به انقلابين کي ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڏني وئي انهن ۾ سٺ ورهين جي پوڙهن ۽ مڇن جي ريھه ڦٽندڙ ڳڀرن کي به انگريز سرڪار نه بخشيو. هندوستان جي جيل ۽ انڊيمان جي ٻيٽ تي، انهن جوڌن جوانن سان ڏاڍ ۽ جبر جي انتها ڪئي وئي. ان کان سواءِ ڪيترا لوڀ لالچون ۽ انعام اڪرام سندن مضبوط عزم کي لوڏي نه سگھيا، پر پنهنجي حقن جي جدوجهد لاءِ اٺن ڄڻن انڊيمان ۾ پنهنجا پساھه پورا ڪيا.
اهي سورهيه سرواڻ ويهن ورهين جي وڏي سزا ڪاٽڻ کان پوءءِ آزاد ٿيا ۽ هو جسماني طرح ته ڏٻرا ۽ ضعيف ٿي ويا هئا پر سندن حوصلا هماليه جي ڪيلاش پربت وانگر اٽل هئا- ايڏي عذاب ۽ پيڙا کان پوءِ به وري فيصلو ٿيو ته هٿياربند جدوجهد لاءِ وري ٻيهر تياري ڪجي.
انهي تياريءَ ۾ پنهنجن ساٿين جي ڊگھي تجربي ۽ قرباني منجھن نئين سوڄ ۽ نئون لاڙو آندو هيو. آخر ڏيهي ۽ پرڏيهي حالتن ۽ سياسي اٿل پٿل کي پرکڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو وي ته پراڻا طور طريقا فرسوده ۽ بيڪار ٿي چڪا آهن ۽ جيستائين سڄي ملڪ جا رهواسي سجاڳ نه ٿيندا اوستائين ڪنهن به تحريڪ جو ڪامياب ٿيڻ ناممڪن آهي. انڪري اسان جي اصل فوج هاري، ناري ۽ پورهيت آهن جن جي حمايت ۽ پٺڀرائي سان پنهنجي مقصد کي ماڻي سگھجي ٿو.
عام راءِ کي پنهجي پاسي موڙڻ ۾ نه رڳو انهن ماڻهن جو تجربو ۽ 1915- 1914ع وارا اصول شامل هئا پر سندن جوش جذبو، چاھه ۽ پاڻ ارپڻ به شامل هيو. انهن انقلابين جي قرباني جي ڪري ڪانگريس به ڪجھ نه ڪجھ خيالي پورالي دنيا منجھان نڪري حقيقتن کي سمجھڻ لڳي. هنن انقلابين نه رڳو پنجاب ۾ ساميواد تحريڪ(ڪميونسٽ تحريڪ) کي مظبوط ڪيو، پر هاري هلچل کي طاقتور بنائڻ ۾ وڏي هٿي ڏني.
اهي آزاديءَ ڪوڏيا عمر جي لحاظ کان وڏا هئا. پر اتساھه ۽ ارپنا ساڳئي 1914ع واري آهي جنهن ۾ هر ڪو آزاديءَ جي محاذ تي وڙهڻ ۾ اڳڀرو هيو ۽ هينئر به ساڳئي ثابت قدمي سان ساٿ ڌڻي آهن. پر نون تجربن ۽ آدرشن پرائڻ ۾ به پوئڀرو ڪونه آهن. ۽ هاڻي آزادي جي ويڙھه ۾ هو سڀئي ساميواد جھنڊي هيٺان گڏ آهن.
غدر پارٽيءَ جا مڙيئي سرواڻ جيڪي اڄ ساميواد پارٽي ۾ آهن سي گھڻو تڻو شهيد ڪرتار سنگھ جا ساٿي آهن، جنهن سوريءَ تي مرڪي ساھه ڏنو پر رحم جي اپيل ڪرڻ کان نابري واري ويٺو.
سوري چڙهڻ سيج پسڻ، ايءُ ڪم عاشقن
پاهون ڪين پسن، سائو هلن سامهون.
(لطيف)
انهن ساٿين جا نالا آهن سوهن سنگھ بکنا، بابا ڪيسر سنگھ، بابا اروڙ سنگھ، گرمگ سنگھ، پرٿوي سنگھ ۽ ٻيا. هر هڪ ساٿي پنهنجي جاءِ تي تاريخ جو هڪ مڪمل ورق آهي ۽ انهن سڀني ساٿين لاءِ پنجاب جي ٻهراڙين ۾ حد درجي جي عزت ۽ پيار آهي.
1914ع ۾ جيڪي وهيو واپريو سو انهن ماڻهن جو ديس ڏانهن واپس ورڻ کان پوءِ ٿيو. انهن انقلابين جي قرباني سان ننڍي کنڊ جي جنتا ۾ سياسي جاڳرتا آئي، جنهن زورائتي هلچل جي صورت اختيار ڪئي. آزاديءَ جي لاٽ جيڪا هنن مانجھين ٻاري انجي روشنائي، اڄ سڄي ننڍي کنڊ ۾ چوڏس چوڌاري پکڙيل آهي- ۽ اڄ آزاديءَ جي ڏاڪي تي پهچڻ ۾ ويرم ڪانه لڳندي.
اڄ تاريخ جي هن نازڪ وراڪي تي هنن سورهين جي سورهيائپ جو احوال ديس واسين لاءِ هڪ نئين دڳ جي سڃاڻپ ڏئي ٿو. هي اهي آزاديءَ جا متوالا آهن جن پنهنجو سڀ ڪجھ آزاديءَ جي ديويءَ جي قدمن ۾ نڇاور ڪيو ۽ پاڻ مٿان مصيبتون ۽ مامرا مرڪي سٺا.
” اجي ڪمار گھوش“
ڊسمبر 1945ع