ساميه واد ڏانهن
انقلابي هونئن ته گھڻي ڀاڱي سماج واد (سوشلزم) جا حامي هئا. ان هوندي به هي پهريون ڀيرو هئو جو سڀ روشن خيال ۽ ترقي پسند قيدي هڪ جاءِ گڏ ٿيا هئا. ان ڪري سڀئي همراھه سڄي سنسار ۾ ايندڙ لاهن چاڙهن کان واقف ٿيڻ ۽ عقلي ۽ منطقي بنيادن تي پنهنجي ناڪاميءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ويٺا. جڏهن کين سڄي مونجھاري جي چڱيءَ ريت خبر پئي ته هڙيئي همراھه اڳي کان اڳرا پئي لڳا، ۽ سڄي حالتن جي ڇيد ڪندي انهيءَ نتيجي تي پهتا ته انقلابين جا ذهني طور سجاڳ ۽ سچيت جٿا جڏهن تيار ٿيندا ته اهي پاڻ هڪ انقلابي لشڪر جي شڪل اختيار ڪندا.
غلاميءَ جهڙي شرمناڪ طوق منجھان جان ڇڏائڻ لاءِ سڀني انقلابين منجھ اڳ کان به وڌيڪ اڪير ۽ اتساھه نسري پيو هيو. اهڙي ريت سويت يونين منجھان پڙهي آيل نوجوانن جي مدد سان هاري هلچل کي 1930 ڌاري پنجاب ۾ مضبوط ڪرڻ ۾ وڏي هٿي ملي هئي. جڏهن انقلابين محسوس ڪيو ته هُو پنهنجي سڄي ڄمار انقلاب لاءِ ارپي ويٺا آهن ته هنن ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ اچڻ جي نيند کي هڪدم قبول ڪيو. ڇو ته اها اڪيلي پارٽي هئي جيڪا سڀني انقلابين لاءِ، ڀائيچاريءَ جو اتم ۽ اعليٰ سنيهو هئي. انهيءَ پارٽيءَ جو مکيه پيغام هيو ته ”اچو ته گڏجي آزاديءَ ۽ ڏتڙيل انسان ذات لاءِ ڪم ڪيون.“ ”اهو هونئن به اسان جو مکيه مول ۽ مقصد آهي“ بابا سوھن پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندي چيو.
نيٺ ديوليءَ جي ڪئمپ ۾ مرڻ گھڙيءَ تائين بک هڙتال شروع ڪئي وئي پر انقلابين کي ٻين ساٿين ايڏي جوکائتي قدم کڻڻ کان روڪيو. پوءِ به سڀني ساٿين پاڻي وٺڻ کان انڪار ڪيو. انهن انقلابين جي گھر هئي ته انهيءَ خوني ڪئمپ کي هڪدم بند ڪيو وڃي آخرڪار اها بدنام ڪئي وئي پر بد نيت ڪامورا شاهيءَ کين ڇڏڻ کان نابري واري ويٺي. نيٺ هوريان هوريان انقلابين کي آزاد ڪيو ويو. اروڙ سنگھ ته آڪٽوبر 1945ع ۾ رها ڪيو ويو.
پرٿوي سنگھ به ڪيترا ورهيه زير زمين تحريڪن ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ 1939ع ۾ مهاتما گانڌيءَ جي چوڻ تي پيش پيو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڪيترا مهينا مهاتما گانڌيءَ وٽ آشرم ۾ رهيو ۽ وري کيس 1942ع ۾ سوگھو ڪيو ويو. آخرڪار 1943ع ۾ ٻاهر نڪتو ۽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو.
اڄ به ساٿين ۾ جيڪو انقلابي سڀني کان ٻه قدم اڳڀرو آهي سو بابا گرمگ سنگھ آهي. پاڻ روس ۾ مارڪسواد جي چڱي خاصي ڄاڻ حاصل ڪئي اَٿائين ۽ آمريڪا ۾ نئين سر غدر پارٽي ٺاهيائين. هندوستان ۾ موٽي اچڻ کان پوءِ به ڳجھي نموني انقلابي دونهين کي دکائيندو رهيو جيستائين 1936ع ۾ گرفتار نه ٿيو. هن همراھه کي لاهور قلعي جهڙي دشت نگر ۾ سخت ايذاءَ عذاب ڏنا ويا پر سندس حوصلا اڄ به هماليه کان وڌيڪ مٿاهان آهن. بابا گرمگ سنگھ کي سورن ۽ سختين ايڏو ارڏو ۽ اڙٻنگ بنائي ڇڏيو آهي جو هاڻي کائنس آڏي پڇا نه ڪئي ويندي آهي.
پر پوءِ به هٺيلي سرڪار پنهنجي خيال موجب گرمگ سنگھ جي من مستي مارڻ لاءِ کيس انڊيمان موڪلڻ جو پڪو پھه ڪيو. ڇا ڪاڻ ته سرڪار مٿس کليل عدالت ۾ ڪاروائي هلائڻ کان پاسو پئي ڪيو، ان لاءِ جو هڪ ته سرڪار خلاف ماڻهن ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وڌي وڻ ٿي پوي ها ۽ ٻيو ته برطانيه سرڪار جي به سڄي دنيا ۾ انهيءَ ڏاڍائي ڪارڻ مٽي پليت ٿئي ها.
انڊيمان ۾ پهچڻ شرط گرمگ سنگھ مرڻ ورت رکيو جنهن ڪري کيس هڪدم موٽايو ويو. ان کان پوءِ پنجاب جي ڌار ڌار جيلن ۾ گرمگ سنگھ کي رلايو پئي ويو.جيل جي اختياريءَ وارن هيل تائين ساڻس عقوبتون ۽ تشدد ڪرڻ ۾ وسان ڪونه گھٽايو آهي. هن مهل تائين هي همراھه 17 ورهيه جيل ۾ رهي چڪو پر يونينسٽ سرڪار ۾ ايتري جرئت ڪانهي جو سندس بند خُلاصا ڪن. گرمگ سنگھ جو ٻيو ساٿي سچا سنگھ هزاري باغ ۾ 19 ورهيه قيد ڀوڳي چڪو آهي.
هي اسان جي غدر پارٽي جي سورمن جي جدوجهد جو سونهري باب آهي، جيڪي شهيد ڪرتار سنگھ سرڀا جا ساٿي آهن ۽ جن هاري هلچل ۾ وڏو ساھه ڦوڪيو آهي، اسان جي حڪمرانن جيڪي ڪارا ڪوٽ ٺاهيا آهن تنهن ۾ هنن سورمن 20 کان 33 ورهيه جيل ياترا ڪئي آهي. اهي جوڌا اسان جي ديس واسين لاءِ آزاديءَ جي ڦٽندڙ باک جو سنيهو آهن. هي اهي گھوٽ اڻ موٽ آهن جن تي هر ديس واسي ڳاٽ اوچو ڪري آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري پيو.