گولين سان آڌرڀاءُ
ڪوما گاٽامارو 27 سيپٽمبر تي هگلي ندي ۾ پهتو ۽ 29 سيٽمبر تي صبح جو يارهين وڳي بَج بَج جي بندرگاھه تي لنگر لاٿو. انهي جهاز جي مسافرن کي سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ به لهڻ نه ڏنو ويو. بهرحال جڏهن مسافرن کي جهاز منجھان لهي ريل گاڏين ۾ سوار ٿيڻ لاءِ چيو ته هو پِڙُ ڪڍي بيهي رهيا. جنهن ڪري اتي ئي پوليس ۽ مسافرن جي وچ ۾ جھڙپ ٿي ۽ ارڙنهن ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، 31 ڄڻن کي ريل گاڏي ۾ سٿيو ويو ۽ ٽيهارو کن گرودت سنگھ جي اڳواڻي هيٺ گھيرو ڀڃي نڪري ويا.
بَج بَج جي بندرگاه تي ريٽي رت جو ٻليدان ڏيڻ وارن شهيدن جي مَانَ ۾ قومي گيت ٺهي سڄي هندوستان ۾ پکڙجي ويا.
ٻيا هندوستاني جيڪي اڃان تائين پوئتي شنگھائي، هانگ ڪانگ، بينڪاڪ ۽ رنگون ۾ ترسيل هئا تن کي جڏهن اهڙي وحشيائپ ۽ ڏاڍ جي خبر پئي ته ماڳهين هو آپي کان ٻاهر نڪري ويا ۽ سندن دلين ۾ به پلاند وٺڻ جي آنڌ مانڌ اڳ کان به وڌيڪ ڀڙڪا ڏيڻ لڳي. پر ساڳئي وقت احتياط سان ڪم ڪرڻ لاءِ سوچ ۽ ويچار به ڪيو ويو. چين جي انقلابين سان به پارٽيءَ وارن جا ناتا هئا انهن به کين اٻهرائپ ۾ ڪنهن به قدم کڻڻ کان منع ڪئي، تنهن ڪري هندوستانين وٽ جيڪي به هٿيار هئا، سي مصلحت خاطر چين جي انقلابين کي ڏئي ڇڏيائون. آخرڪار فيصلو ٿيو ته برما کان ننڍن جٿن جي صورت ۾ هو هندوستان ۾ داخل ٿين ۽ پوءِ سرڪاري ڪارندن کي گوهيون ڏئي نڪري وڃي پنهنجي ڪم ڪار سان لڳن.
پر ان احتياط ڪرڻ ۾ به کين چرڪُو (دير) ٿي وئي هئي ڇاڪاڻ ته سوهن سنگھ بکنا جي پڪڙجڻ کان پوءِ ته سرڪار سڀني رستن ۽ چوواٽن تي چوڪسي مضبوط ڪري ڇڏي. انهي کان سواءِ ٽوسامارو(Tosa Maro) نالي هڪ ٻئي جهاز ۾ سوار ٿيل 173 مسافرن کي زمين تي پير لڳڻ کان اڳ ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو.
انهي پوئين کيپ ۾ گھڻو ڪري پارٽي جا مکيه ڪارڪن هئا جنهن ڪري 73 ڄڻن کي اٻوجھ ۽ اياڻو سمجھي ڇڏيو، باقي ٻين کي منٽگمري (موجوده ساهيوال) ۽ ملتان جي مکيه جيلن ڏانهن اماڻيو ويو.*
وطن واپس ورندڙن منجھان 3125 ڄڻن کي پوليس جي پڇا ڳاڇا مان لنگھڻو پيو، جن مان هڪ هزار ڄڻا يا ته جلاوطن ڪيا ويا يا جيلن ۾ موڪليا ويا. ٻن ورهين جي مدي ۾ اٽڪل اٺ هزار انقلابي هندوستان موٽي آيا ۽ پارٽي جي ميمبرن جو انگ يارنهن هزارن تائين وڃي رسيو هيو. انهن منجھان به 400 ڄڻن کي جيل ياترا لاءِ موڪليو ويو ۽ 2500 ڄڻن کي جلاوطن ڪيو ويو.
--------------------------------------------------------------------------------------------------
*هڪڙي ڀيري ملتان جي جيل ۾، جليانه والا باغ ۾ هندوستان وارن جو قهري ڪوس ڪرائيندڙ پنجاب جو گورنر مائيڪل ڊائر آيو، جڏهن جنرل ڊائر قيد ۾ پيل انقلابين جي آڏو آيو ته هٺ ۽ وڏائي سان ڪنڌ تاڻي چوڻ لڳو، ”توهان پنجاب کي آزاد ڪرائڻ گھرو ٿا ۽ سمجھو ٿا ته پنجاب اوهان جو آهي.“ تنهن تي هڪ انقلابي وراڻيس ته ”نه رڳو پنجاب پر سڄو هندوستان آزاد ڪرائينداسون ۽ عوامي راڄ قائم ڪنداسون. پنهنجي ڪتاب ”هندوستان کي جيئن مان ڄاڻان“ ۾ جنرل ڊائر لکي ٿو ته اهڙي سوچ ويچار جيڪڏهن وڏي پئماني تي پکڙجي وئي ته پوءِ اسان جو اقتدار به گھڻو وقت جالي نه سگھندو.
انهن سڀني مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هندوستاني سرڪار پاڻ کي خاص اختيارن سان هٿياربند ڪيو هيو ۽ انهن اختيارن کي تمام بي رحمي ۽ ڪٺورتا سان انقلابين کي چيڀاٽڻ لاءِ ڪتب آندو ويو. انهي ڏاڍ ۽ جبر واري ورتاءَ کان پوءِ سرڪار کي سورنهن آنا خاطري ٿي وئي ته وري ڪابه اهڙي اُٿَــلَ ڪَرُ کڻي نه سگھندي.