غدر پارٽي
غدر پارٽيءَ جي بنياد رکڻ ۾ هيٺين ساٿين جا نالا ذڪر لائق آهن.
(1) سوهن سنگھ بکنا (2) جوالا سنگھ (3) واسکا سنگھ (4) سنتوش سنگھ (5) ڪرتار سنگھ (6) ڪيسر سنگھ (7) پرٿوي سنگھ (8) اروڙ سنگھ (9) ناٿن سنگھ مهيسري (10) ڪانشي رام (11) ناٿن سنگھ ڇُڳا (12) جڳترام (13) ڪرم سنگھ (14) ڀاڳ سنگھ ڪئناڊا (15) شير سنگھ (16) لال سنگھ (17) اُڌام سنگھ (18) سنتا سنگھ (19) هرنام سنگھ. هي اسان جي تاريخ جا اهي جوڌا جوان آهن، جن پنهنجي حياتيءَ جو رَتُ ۽ سَتُ آزاديءَ جي ديويءَ جي قدمن ۾ قربان ڪيو.
غدر پارٽيءَ جي مکيه گڏجاڻيءَ ۾ ٺهراءُ بحال ڪيو ويو ته، اسان جو مول ۽ متو آهي ته برطانوي سامراج جو انت آڻي انهيءَ جي جاءِ تي عوامي راڄ قائم ڪجي، جنهن ۾ هڪ جهڙائي ۽ آزادي هجي. پارٽيءَ جي هر ڪنهن ڪارڪن لاءِ لازم آهي ته دنيا جي جنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندو هجي اتي غلاميءَ جي خلاف جدوجهد ڪندو رهي ۽ اهو مقصد رڳو قومي سطح تي هٿياربند جدوجهد سان ماڻي سگھجي ٿو.
ساڳئي گڏجاڻيءَ ۾ سوهن سنگھ بکنا کي صدر ۽ هرديال سنگھ کي جنرل سيڪريٽري ترتيب وار چونڊيو ويو. جڏهن ته جوالا سنگھ ۽ ڪيسر سنگھ کي نائب صدر جي عهدن لاءِ چونڊيو ويو. ساڳئي ريت ڪانشي رام خزانچي ۽ منشي رام کي آرگنائيزنگ سيڪريٽري چونڊيو ويو. هڪ جوڙجڪ ڪميٽي به ٺاهي وئي ۽ هڪ ٽه رڪني ڪميٽي مخفي ڪمن هلائڻ لاءِ به جوڙي وئي. هرديال سنگھ کي اخبار ۾ مدد طور ڪرتار سنگھ سرڀا، هرنام سنگھ ۽ جڳت رام ڏنا ويا.
غدر پاٽيءَ جي مرڪزي آفيس سان فرانسسڪو جي 436 - جابلو گھٽي (Hill street) ۾ جوگينتر آشرم نالي سان کولي وئي. پوءِ 1918ع ۾ 5 - ڪاٺ گھٽي (Wood street) ۾ پنھنجي آفيس ٺھي راس ٿي ته مرڪزي آفيس اوڏانهن منتقل ڪئي وئي.
نومبر جي آخر ۾ ”غدر“ اخبار جي پهرين ڪاپي بزار ۾ آندي وئي، جنهن ۾ برطانوي سامراج جي خلاف سخت کان سخت ورتاءُ اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي هئي. جيڪي به هن مهل تائين ڏاڍ، جبر ۽ ظلم هندوستانين مٿان ٿيا هئا انهن جي وچور پيرائتي نموني ڏني وئي هئي. ٿوري وقت ۾ پارٽي ميمبرن جو انگ پنجن هزارن کان به مٿي ٽپي ويو هيو. پارٽي جي ڪارڪنن ڦڙي ڦڙي تلاءُ ڪرڻ واري پهاڪي تي عمل ڪندي چڱو خاصو پئسو گڏ ڪيو. پارٽي جي اڳواڻن کي چڱي ريت احساس هيو ته اهو پئسو ڪيڏي نه جاکوڙ سان غريبن جي پورهئي ۽ پگھر مان ڪٺو ڪيل آهي. انهن اڳواڻن جي وري ايمانداري ۽ سادگيءَ جي اها حالت هئي جو ٿوري اجوري تي پنهنجو ڏينهن رات پارٽيءَ لاءِ ارپي ڇڏيو هيو.
غدر پارٽي ۽ سندس اخبار مهينن ۾ ڪئناڊا، ملايا، جپان، چين، فجي ۽ ارجنٽائين ۾ وڃي پهتي، ۽ هندوستان ۾ به پارٽي پنهنجا پير ڄمائڻ لڳي. ٿوري عرصي ۾ پارٽي جون آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ 72 برانچون کلي ويون. پارٽي ٻين ملڪن جهڙوڪ: روس، چين ۽ آئرلينڊ ۾ آزادي لاءِ وڙهندڙ سورمن سان لاڳاپا وڌايا ۽ سندن حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
انقلابي جدوجهد لاءِ ڪارڪنن پنهنجون گھرجون گھٽتائي ڇڏيون جو ”جو گينتر آشرم“ ۾ 25 ڄڻن جو جٿو روزانو ٻه ڊالر خرچ ڪندو هيو ۽ ٻي سڀ آمدني پارٽي لاءِ وقف هوندي هئي. ائين پئي سمجھ ۾ آيو ته انهي نموني جي رهڻي ڪهڻي ۽ رات ڏينهن جدوجهد ڪرڻ سان اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن آزادي جو سج پنهنجي ڦوھه سان اُڀرندو.
ان هوندي به وڏي خامي جيڪا پارٽي ۾ هئي ته هڪ عوامي تحريڪ هلائڻ جي ابتڙ پارٽي سازش ۽ اندروني ڀڃ ڊاھه پئدا ڪري پنهنجو مطلب حاصل ڪرڻ پئي گھريو. انهي طرح جي ڀڃ ڊاھه واري سٽاءَ جي برطانيا سرڪار کي اڳ ۾ ئي کڙڪ پئجي وئي هئي، ۽ سرڪار ان سڄي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ئي هٿيار پنهوار تکا ڪيو تيار ويٺي هئي. سرڪار پئسي جي زور تي لوڀي پنڊتن کي گردوارن ۾ خريد ڪيو. پوءِ ته اهي مذهبي مهندار آشرمن ۽ گردوارن ۾ رهواسين جي ڪنن ۾ انقلابين خلاف زهر اوتڻ لڳا. انهن مذهبي مهندارن پنهنجي واهياتپڻ جي اها حد ڪئي جو هندوستانين جي هر چڱي ڪم جي مخالفت ڪرڻ لڳا.
مارچ 1914ع ۾ هرديال کي سرڪار ”اڻ وڻندڙ شخصيت“ قرار ڏنو. پر پارٽي وارن ڪوشش ڪري سندس ضمانت کڻائي ۽ کين سوئزرليند ڀڄائي ڇڏيو.
هرديال انهي کانپوءِ پارٽيءَ سان پنهنجا ناتا رکي نه سگھيو. پر آزادي جو ستل طوفان آمريڪا ۾ هوريان ڏاڍيان سانباهو ڪرڻ لڳو ۽ پارٽي ڏينهون ڏينهن ٻلواڻ ٿيندي وئي. انهي سمي ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي جا ڪارا ڪڪر سڄي يورپ ۾ ڪَرُ کڻڻ لڳا هئا.