رٿا جو پٽ پوڻ
18فيبروري جو رات جي پيٽ ۾ گورن ۽ ديسي سپاهين جا ڪٽڪ اچي شهرن ۾ لٿا. اوچتو ئي شهر جي مکيه مرڪزن تي پهرو سخت ٿي ويو ۽ گھٽين ۽ شاهراهن تي گشت شروع ٿي ويا. اڻ ڄاڻ لوڪ ته سخت هراسجي پيا ته پنجاب ۾ ڪهڙي آپدا اچي لٿي آهي جو جنگ وجدل جهڙيون حالتون پيدا ٿي پيون آهن.
19فيبروريءَ جو ڀنڀرڪي ڌاري ڪرتارسنگھ سرپا، فيروزپور ۾ پنجاھه ساٿين سان پهتو ته اتان جي صورتحال ڏسي وائسي سندس پيرن هيٺان زمين ڇڏائجي وئي. جنهن ڪري نراسائي ۽ نااميدي جي ڪري في الحال ته هن جي سوچ ويچار جي شڪتي موڪلائي وئي ڇو ته ڇانوڻيءَ ۾ چوڌاري گورا سپاهي گشت ڪري رهيا هئا ۽ ديسي سپاهي زاروقطار روئي رهيا هئا. ڪرتارسنگھ کي پنهنجا هڙئي سٽاءَ واريءَ جا ڪوٽ نظر پئي آيا ۽ ورهين جا ڪشالا ۽ ڪشٽ خاڪ ۾ ملندي لڳا. ائين ئي سندن اکين منجهان ڳوڙهن جي ٻنڌ ڀڄي پيئي ۽ اهڙي آدمي جون اکيون وهي پيون، جنهن ڪڏهن هارڻ جو نالو به ڪونه ٻڌو هيو.
هاڻي پنجاب جي ڌرتي سندس رهواسين لاءِ جيئن پوءِ تيئن سوڙهي ٿيندي پئي وئي ۽ ڏٺو وائٺو اٻوجھ انسانن جو شڪار ڪيو پئي ويو. گھڻو ڪري سڀ همراھه سوگھا ٿي ويا جن ۾ ٻه سو کن ته مُک ۽ ڪارائتا قابو ٿي پيا ۽ ڪي ڳاڻيٽي جيترا جان بچائي فرار ٿي ويا. ڪرتار کي ڪجھ ساٿين صلاح ڏني ته تون کسڪي وڃ ته سختيءَ سان وراڻيائين” منهنجا مڙئي ساٿي جيل جي اونداهن بُهرن ۾ وڃي بند ٿيا آهن ۽ مان پُڇُ پائي ڀڄي وڃان، ائين ڪونه ٿيندو.“ نيٺ، وزير آاباد ۾ ديسي سپاھين سان گڏ گرفتار ٿيو.
ٻئي پاسي پنگلي، 12- ڪيولري جي سپاهين سان ميرٺ ۾ هٿيڪو ٿيو ۽ جنرل ڊائر جي چوڻ مطابق ته وٽائنس، بارود جو ايترو ته ذخيرو هٿ آيو هيو جو جنهن سان سڄي هڪ رجيمينٽ کي فنا ڪري سگھجي ٿو.
جڳت رام کي پشاور ۾ گرفتار ڪيو ويو.
هن سڄي منصوبي جي ناڪام ٿيڻ جو وڏو ڪارڻ هيو ته ڪرپال سنگھ نالي هڪ جاسوس سرڪار کي سڄي سٽاءَ کان واقف ڪيو. جڏهن سرڪار کي اهڙي اٿل جي ڄاڻ پئي ته سندس طاق ئي لڳي ويا. هوڏانهن انقلابين وس آهر ڪوشش ڪئي ته سندن رٿا وقت کان اڳ ظاھر نه ٿئي پر سرڪار کي سيگھ ۾ ئي سڻس پئجي وئي.
سرڪار جٿي ڪٿي پنهنجا پير ڄمائي وئي هئي پر پوءِ به هلڪيون سلڪيون جهڙپون سيپٽمبر 1915 جي پوياڙيءَ تائين هلنديون آيون.