آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سادگي

حسن وساڻ جي مشھوري شوبز جي دنيا خاص ڪري فلمن تي لکيل مضمونن سببب رھي. حسن وساڻ جي ھن ڪتاب ۾ سندس آتم ڪٿا، ساروڻيون، ڪچھريون ۽ حال احوال شامل آھن. حسن وساڻ ھڪ زندھ دل انسان، انسانيت سان پيار ڪندڙ ۽ ترقي پسند سوچ جو مالڪ ھيو، جنھن دنيا گهمي، موسيقي ۽ فلمن جي ناياب ڪليڪشن گڏ ڪئي ۽ أولاد کي پڙھايو. سندس ھن ڪتاب ۾ ڪيتريون دلچسپ ۽ تاريخي ڳالھيون لکيل آھن جن مان گهڻو ڪجه سِکي سگهجي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 55
  • 21
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حسن وساڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سادگي

اچي بوءِ بهار جي !!

اسان جي بابا ( حسن وساڻ ) جي آتم ڪٿا / جڳ ڪٿا جو ڀاڱو ٻيو ( سادگي ) سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪندي مونکي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. آءُ ان ضمن ۾ سائين محمد سليمان وساڻ جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جن مونکي انهي ڪم ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي ۽ ڪتاب کي پنهنجي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيو.
بابا جو پهريون ڪتاب ( شڪست ) جيڪا سندس آتم ڪٿا / جڳ ڪٿا جو پهريون حصو هو سو ڇپرائڻ کانپوءِ ڪافي مقبول ٿيو ۽ نہ صرف سنڌ پر پرڏيهه جي ڪافي سڄاڻ ماڻهن ۾ بہ پسند ڪيو ويو. پهرين ڪتاب مان ملندڙ اتساهه ڪارڻ ئي بابا ڪتاب جو هي ٻيو حصو بہ لکڻ شروع ڪيو ۽ لکي پورو ڪيائين. هي ڪتاب اڃان پروف ريڊنگ ۽ اشاعت جي مرحلي ۾ ئي هو تہ بابا جي حياتي سندس ساٿ نہ ڏنو ۽ کيس 14 نومبر 2017 تي اچانڪ برين اسٽروڪ ٿي پيو. بابا پورا 11 ڏينهن آغا خان هاسپيٽل ڪراچي ۾ آئي سي يو وارڊ ۾ داخل رهيو ۽ آخر 25 نومبر 2017 تي پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو.
بابا جي هي آتم ڪٿا جيئن جو تيئن سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيون ٿا. هن ڪتاب جو مواد بابا طرفان ئي سانگهڙ مان ٽائيپ ٿيل هو جيڪو سندس وڃڻ کانپوءِ اسان ڪتابي صورت ۾ ڇپرائڻ جو ارادو ڪيو پر پنهنجي مصروفيتن ۽ ڪجهه پرڏيهي مجبورين ڪارڻ ڇپرائي نہ سگهياسين پر بابا جي ڪافي دوستن جو مون تي هميشه کان اسرار رهيو تہ جيڪر اڃان تائين ڪتاب نہ ڇپرايو اٿئو تہ گهٽ ۾ گهٽ آن لائين ئي رکي ڇڏيو جيئن جن دوستن کي حسن صاحب جي تحريرن سان پيار آهي سي ڊائونلوڊ ڪري پڙهي سگهن. بابا جي دوستن جي اها صلاح مونکي بہ دل سان لڳي ۽ سوچيم تہ واقعي سُستي ۽ مجبورين ڪارڻ اڳئي ڪافي دير ٿي چڪي آهي ۽ هونئن بہ هاڻ ڪتابي صورت ۾ مطالعي وارا ماڻهو تمام گهٽ رهيا آهن. اڄڪلهه ڊجيٽل دور آهي ۽ ڪافي ماڻهن جي ڊجيٽل اپروچ بہ آهي. جن کي واقعي ڪجهه پڙهڻ يا ڏسڻ جو چاهه آهي سي انٽرنيٽ تان اهو مطلوبہ مواد کڻي، پڙهي يا واچ ڪري سگهن ٿا باقي ڪتاب تہ اڪثر هاڻ صرف شو ڪيسن جي زينت بڻايا وڃن ٿا. مصنف هزار ڪاپيون ڇپرائي ٿو، 800 ڪاپيون اعزازي طور دوستن ۽ نام نهاد دانشورن کي ورهائي ٿو ۽ اُهي ماڻهو اڪثر بغير مطالعي جي ڪتاب کي گهر جي ڪنهن شوڪيس ۾ سجايو ٿا ڇڏين. اڄوڪي دور ۾ گهر جي ڪجهه شوڪيسن ۾ ڪتاب سجائڻ بہ هڪ روايت بڻجي چڪي آهي جنهن سان شايد اهو ثابت ڪيو وڃي ٿو تہ آءُ ڪو وڏو علم دوست ماڻهون آهيان ۽ منهنجو وڏو مطالعو آهي پر همراهه جي روين، ڪرادر ۽ گفتگو مان خبر پوي ٿي تہ علمي ادبي قد ڪاٺي تہ پري جي ڳالهه آهي پر سائين جن کي پنهنجي فيلڊ يا پيشي متعلق بہ ڪا مستند معلومات نہ هجڻ جي برابر آهي.!!!
بابا جي شخصيت يا سندس ڪنهن تحرير بابت ڪجهه لکڻ منهنجي لاءِ تمام گهڻو اوکو ڪم آهي. مونکي بلڪل سمجهه ۾ نٿو اچي تہ ڇا لکان، ڪٿان شروع ڪيان ۽ ڇا ڇا پنهنجي بيان ۾ محفوظ ڪيان. ڇوتہ بابا پيءُ هجڻ کان علاوه بہ منهنجو بهترين دوست، تمام ڄاڻو استاد، همدرد، هم ذوق ۽ خوشين غمن جو ساٿي هو. سندس وڃڻ کانپوءِ مونکي پنهنجي ذات اڻ پوري ٿي لڳي. بابا واحد اهو انسان هو جنهن وٽ منهنجي هر سوال جو جواب هوندو هو ۽ منهنجي هر مسئلي جو حل هوندو هو. مونکي ڄڻ ڪنهن شيءِ جي ڪا پرواھ ئي نہ هئي ۽ زندگي بغير ڪنهن پريشاني يا سوال جي هلندي پئي ويئي پر بابا جي وڃڻ کانپوءِ ڄڻ اهو در ئي بند ٿي ويو ۽ اڳيان هڪ ڊگهي ديوار کڙي ٿي ويئي جيڪا نہ ويڪر ۾ کٽندي ٿي نظر اچي ۽ نہ بلندي ۾.
هر ڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ سان ڪافي محبت ڪري ٿو ۽ انهن سان سندن عجيب احساس ۽ رشتا بہ جوڙيل آهن. ماءُ پيءُ سان محبت بہ شايد هڪ فطري احساس يا جذبو آهي پر انهي جي باوجود بہ آءُ اهو چوندس تہ اسان جو بابا گهڻن ماڻهن کان ڪافي الڳ هو. سندس ظاهري ڏيک ۽ ڳالھ ٻولھ بلڪل سادي ۽ ڪجهه ڪجهه نادانين واري هئي پر جتي ڳالھ علم، عقل، ادراڪ، ادب ۽ آرٽ جي ٿي آئي اُتي بابا جو مقام گهڻن ماڻهن کان مٿاهون هو. بابا فطري طور پارکو هو. بابا وٽ ڪنهن بہ شي کي پرکڻ ۽ محسوس ڪرڻ جا الگ زاويا هئا. ڪنهن ڪتاب، واقعي، فلم، موسيقي يا پينٽنگ جا زاويا جيڪي بابا کي نظر ايندا هئا سي هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نہ هئي. اڄ کان 40 سال پهريان جڏهن سانگهڙ شهر ۾ معياري ادب يا آرٽ جي اڃان اوسر بہ نہ ٿي هئي تہ بابا جي لائبريري ۾ ناياب ڪتاب، گرامو فون رڪارڊ ۽ پينٽنگز موجود هيون جيڪي انهي زماني ۾ سانگهڙ جهڙي پوئتي پيل شهر ۾ تمام وڏي ڳالهه هئي. بابا انهي دور ۾ بہ بيٿوون، موزارٽ، چائوڪووسڪي ۽ باک جي ميوزڪ ڪمپوزيشن ٻڌندو ۽ سمجهندو هو. بابا وٽ موسيقي سمجهڻ جي فطري حس موجود هئي، نہ صرف مغربي موسيقي پر پنهنجي مشرقي موسيقي ۽ پڪا راڳ سمجهڻ ۽ انهن جون مختلف ماترائون بہ بابا کي ڀلي ڀت سمجهه ۾ اينديون هيون. بابا موسيقي جي رمزن کان چڱي طرح واقف هو ۽ گيت سنگيت ۾ بہ اتار چڙهاءُ ۽ ادائگي کي گهرائي سان سمجهڻ وارو هو. پراڻي فلمن جي گيتن ۾ استعمال ٿيل شاعري ( ليرڪس ) جا مفهوم جيڪي مون بابا واتان ٻڌا، تهڙي سمجهاڻي اڄ تائين مونکي ٻئي هنڌان ڪڏهن بہ ٻڌڻ لاءِ نہ ملي.
بابا مذهبي طور ايڏو عبادت گذار يا روزي نماز جو پابند نہ هو پر الله پاڪ تي يقين ڪامل هئس. اسلام کي هڪ سماج سڌار جو سسٽم سمجهندو هو، ايتري قدر جو سوشل ازم جي تصور کي بہ اصل ۾ اسلام سان جوڙيندو هو. چوندو هو تہ نظام سياسي هجي يا مذهبي، سڀ جا سڀ تصور انساني سماج کي حد بندين جي سکيا ڏين ٿا. انسان بنيادي طور وحشي ۽ ڇڙواڳ فطرت جو آهي، اهي مختلف نظام ئي انسان کي انسان بنائين ٿا ۽ حدبنديون مقرر ڪن ٿا ورنه انسان حيوان کان بہ وڌيڪ خطرناڪ آهي.
بابا جي عبادت ۽ الله پاڪ کي راضي ڪرڻ جا بہ پنهنجا طريقا هئا جيئن هر روز اسان جي گهر جي ڇت تي پکين کي کاڌو ۽ پاڻي ڏيڻ بابا جي فرائض ۾ شامل هو. ايتري قدر جو گهر کان جيڪر 2 يا 3 ڏينهن ٻاهر بہ ويندو هو تہ ڪنهن نہ ڪنهن گهر ڀاتي جي اها ڊيوٽي هڻي ويندو هو تہ پکين جو داڻو پاڻي بند نہ ڪجو، شايد الله پاڪ جو راضپو اسان تي انهن پکين ڪارڻ ئي هجي.......بابا پيشه ور گداگرن کي گهڻو پسند نہ ڪندو هو پر غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي بغير گهرڻ جي بہ انهن جي گهر وڃي خرچو پاڻي ڏيئي ايندو هو. بچپن ۾ مونکي اڇي ڏاڙهي سان هڪ مهاجر پوڙهو ياد ٿو اچي جيڪو سنڌي پرائمري اسڪول جي ڀرسان واري گلي ۾ اڪيلو، هڪ اڌ ڪچي اڌ پڪي گهر ۾ رهندو هو. اهو اڇي ڏاڙهي وارو پوڙهو ڪافي عمر رسيده هو ۽ سندس هٿ پير ڏڪندا رهندا هئا. اهو پوڙهو پنهنجي گهر اندر يا ليٽيو پيو هوندو هو يا دروازي ٻاهران ڪرسي رکيو ويٺو هوندو هو. بابا اڪثر در کڙڪائي انهي اڇي ڏاڙهي واري مهاجر پوڙهي کي ڪجهه نہ ڪجهه پيسا ڏيئي ڇڏيندو هو.
اسان اڪثر جڏهن پنهنجي گاڏي ۾ سانگهڙ کان حيدرآباد ويندا هئاسين تہ گاڏي هلندي هلندي ڊرائيور کي بيهڻ لاءِ چوندو هو ۽ رستي تي ويندڙ ڪنهن غريب عورت يا شخص کي بغير گهرڻ جي ڪجهه پيسا ڏيئي ڇڏيندو هو....مٽياريون پاس ڪندي جڏهن حيدرآباد ويندا هئاسين تہ اُتي هڪ پوڙهو فقير ايندڙ ويندڙ روڊن جي بلڪل وچ ۾ سارو ڏينهن بيٺو هوندو هو پر ڪنهن بہ ايندڙ ويندڙ گاڏي کي صدا نہ هڻندو هو. جيڪر ڪنهن ماڻهون جي مرضي پوندي هئي تہ ڪجهه پيسا ڏيئي ڇڏيندو هئس ورنه اهو فقير ڪنهن کان ڪجهه گهرندو نہ هو. جيئن تہ اسان جو اڪثر سانگهڙ کان حيدرآباد جو سفر ٿيندو رهندو هو تہ انهي پوڙهي فقير کي بابا اڪثر ڪجهه خرچي ڏئي ڇڏيندو هو. هڪ رات پوري علائقي ۾ برسات ٿي پر انهي رات کنوڻ ۽ گجگوڙ بہ تمام گهڻي هئي. اسان صبح جو حيدرآباد ويندي انهي فقير وٽ جڏهن رڪياسين تہ بابا ڪجهه پيسا کيسي مان ڪڍي فقير کي ڏنا ۽ پڇيائين ، ”فقير ! ڏي ڀلا خبر ملڪ جي حالات جي “.
فقير بابا ڏي مسڪرائي جواب ڏنو، ‘‘رات ٻڌئي نہ يار جا سٽڪا ۽ ڪڙڪا ؟ ‘‘ . ان جواب کانپوءِ ٻئي مسڪرائڻ لڳا ۽ اسان جي گاڏي اڳتي وڌي ويئي.
بابا کي پڙهندڙ ماڻهون شايد اهو سمجهن ٿا تہ بابا جي دلچسپي يا اسٽڊي صرف فلمن يا موسيقي تائين محدود هئي پر حقيقت اها آهي تہ بابا جو مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. ڪتابن سان ٻاروتڻ کان ايڏو تہ چاهه هئس جو آخري وقت تائين رات سمهڻ کان پهريان جيڪر ڪو ڪتاب نہ پڙهندو هو تيستائين ننڊ نہ ايندي هئس. ڪافي سبجيڪٽن تي تمام اونهي اسٽڊي هوندي هئس پر جن تي گهري اسٽڊي نہ بہ هئس تہ انهن سبجيڪٽن جي رمزن کي سمجهي ويندو هو. اهو سبجيڪٽ مذهب جو هجي يا جماليات جو، صوفي ازم هجي يا ارتقا جو. البته فلسفو ، ميٽا فزڪس، نفسيات، فلم، موسيقي ۽ مصوري بابا جا محبوب مضمون هئا. هڪ دفعي نفسيات ۾ ماڻهن جي مختلف قسمن تي ڳالهائيندي چيائين تہ يار ! ساري عمر زندگي ۽ ماڻهن کي سمجهڻ ۾ لڳايو اٿئون پر هاڻ آءُ انهي نتيجي تي پهتو آهيان دراصل ماڻهن جا صرف 2 قسم آهن، هڪ ڀلا آهن ۽ ٻيا برا آهن. بس ٻيو ڪو بہ قسم نہ آهي. ڀلا ماڻهون ڪهڙي بہ حالات ۽ بيڪ گرائونڊ سان وابستہ ڇونہ هجن پوءِ بہ ڀلائي جي ونگار وهي ويندا ۽ برا ماڻهو پنهنجي غلاظت هر جاءِ تي ضرور ڏيکاريندا پوءِ ڀلي اها جاءِ ڪهڙي بہ پوتر ڇو نہ هجي يا انهن جي سامهون رشتو ڪهڙو بہ پاڪ ڇو نہ هجي.
بابا جا زندگي کي سمجهڻ سوچڻ جا پنهنجا الگ زاويا هئا. تمام گهريون ڳالهيون سادي نموني سان ڪري ويندو هو. اڪثر هڪ ڳالهه ڪندو هو تہ ‘‘زندگي ۾ شارٽ ڪٽ نہ آهي ‘‘. اسان جي گهڻي تڻي زندگي انهي شي جي متلاشي ۽ منتظر رهي ٿي تہ بس اچانڪ ڪجهه اهڙو ٿي پوي جو منهنجو فلاڻو مسئلو حل ٿي وڃي يا سالن کان فلاڻي جيڪا خواهش يا حدف آهي سو پورو ٿي وڃي. پر ڪنهن بہ شي کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ پورو پنڌ طي ڪرڻو ٿو پوي، پنڌ بنا منزل نٿي ملي. انسان جي هر حاصلا جو هڪ چڪر ويوو آهي ۽ انسان کي هر حال ۾ اهو چڪر ويوو پورو ٿو ڪرڻو پوي.
ڪافي پراڻي ڳالهه آهي جڏهن منهنجي عمر ٻاراڻي هئي تہ هڪ ڏينهن اسان پنهنجي گاڏي ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيا هئاسين تہ نٽهڻ اُس ۽ شديد گرمي ۾ ڪجهه مزدورن روڊ تي ڪم پئي ڪيو، سندن جسم ۽ ڪپڙا پگهر سان ڀريل هئا تہ مون بابا کان سوال ڪيو تہ ‘‘ بابا ! هي مزدور غريب ڇو ٿيندا آهن؟ جڏهن تہ هي سارو ڏينهن محنت بہ ڪن ٿا ٻئي طرف امير ماڻهون ڪجهه ڪري بہ نٿو پوءِ بہ ان وٽ ايڏو پيسو ڇو آهي؟‘‘
بابا مونکي جواب ڏنو ته، ‘‘ انهي سوال تي ئي تہ اسان جي ساري زندگي جي جنگ آهي‘‘. بابا جي اها سوچ ساري زندگي رهي ۽ هميشه ناحق جي خلاف جنگ ۾ جٽيو رهيو. سياسي نظامن بابت هڪڙي اها بہ ڳالهه چوندو هو تہ سڀ سياسي نظام دراصل ڪيپيٽل ازم جي حمايت جي در تي ئي ختم ٿين ٿا، انهي ڳالهه جي اڄ تائين مونکي سمجهه ۾ نہ آئي!
بابا جون ڪي ڪي ڳالهيون اڄ تائين مونکي اڌوريون سمجهه ۾ اچن ٿيون، انهن جا مفهوم اڃان تائين سمجهي نہ سگهيو آهيان. جيئن چوندو هو ته، ‘‘اسان جي زندگي جي ساري جستجو خوشي جي تلاش ۾ رهي ٿي پر خوشي ديرپا نہ هوندي آهي، درد ديرپا هوندو آهي ۽ جيڪو سرور سُور يا درد ۾ هوندو آهي سو خوشين مان نٿو ملي سگهي. ‘‘ . بابا کان پڇيم تہ اهو وري ڪيئن؟ تہ جواب ڏنائين انسان يادن جي سهاري جيئي ٿو ۽ اسان جون اڪثر يادون دردن ڀريون هونديون آهن پر پوءِ بہ اسان تاحيات اسان انهن تلخ رشتن، ڪردارن ۽ واقعن کي سيني سان سانڍي رکندا آهيون ۽ انهن کي ياد ڪري جيئندا آهيون.
بابا جون ڪافي ڳالهيون عجيب هونديون هيون جيئن اهو بہ چوندو هو ته، ‘‘عقل ۽ بهادري تمام گهٽ گڏجي ملندو آهي. بيوقوف ماڻهون وڌيڪ فائدي ۾ رهندا آهن‘‘. اڪثر اها ڳالهه بہ چوندو هو تہ علم انسان کي بزدل بڻائي ٿو، وسوسا ، تشويش ۽ سوال پيدا ڪري ٿو جڏهن تہ بيوقوف ماڻهون انهن سڀني مسئلن کان آجو هوندو آهي.
بابا ڪيئي دفعا مون وٽ برطانيه گهمڻ آيو. هڪ دفعي سياري جي مند ۾ چڪر هنيائين تہ ملڪ ۾ ڪا ساوڪ نہ هئي، سڀ وڻ ٽڻ سُڪل ۽ گلن پنن کان خالي هئا. مون بابا کي چيو تہ هن ڀيري اهڙي موسم ۾ آيا آهيو جو توهان کي ٻاهر گهمائڻ ڦرائڻ بہ نٿو وٺي وڃي سگهان، شديد سيءُ آهي ۽ ٻاهر جا نظارا ساوڪ ۽ خوبصورتي کان خالي آهن. بابا جواب ڏنو تہ هر موسم جو پنهنجو هڪ الگ حُسن هوندو آهي، الگ خوشبو هوندي آهي ۽ الگ ڪيفيت هوندي آهي. اهي ٻاهر جون موسمون ئي اسان جي اندر جي موسم کي جنم ڏين ٿيون، ، نڪور خيال ۽ ڪيفيتون پيدا ڪن ٿيون، رهي ڳالهه نظارن جي سو صرف ساوڪ جا نظارا خوبصورت نہ هوندا آهن بلڪه انهن گلن پنن کان خالي وڻ ٽڻ جي بہ پنهنجي هڪ الگ بيهڪ ۽ حُسن آهي. انهن جي حُسن جون خبرون وڃي ڪنهن آرٽسٽ يا فوٽوگرافر کان پڇ تہ سندن ڪيمرا يا پينٽنگ ۾ اهي نظارا ساوڪ جي نظارن کان ڪيترا نہ وڌيڪ پرڪشش ۽ معني خير آهن.
جيئن شروع ۾ چيم تہ بابا جي شخصيت، مذاج، ذوق ۽ علمي ادبي مرتبي تي لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه نہ آهي. سندس ننڍيون ننڍيون ڳالهيون منهنجي لاءِ تمام اهم آهن جن ۾ نہ صرف مونکي هڪ گهرائي نظر اچي ٿي پر انيڪ زاويا بہ نڪري نروار ٿين ٿا. آءُ بابا جي تمام ويجهو رهيو آهيان سو منهنجي سامهون سندس حياتي جو هڪ وڏو حصو آشڪار ٿيئي ٿو. پر سندس وڃڻ کانپوءِ سندس قريبي دوستن جا بہ عجيب عجيب رمارڪس هئا. انهن مان 2 ڳالهيون تہ مونکي بابا جي اڪثر دوستن واتان ٻڌڻ لاءِ مليون هڪ اهو تہ ‘‘ حسن صاحب هن زماني جو ماڻهون نہ هو، حسن وساڻ هن زماني ۾ رهي ڪنهن بئي دنيا جون ڳالهيون ڪندو هو ۽ جن زمانن جون ڳالهيون ڪندو هو سي سڀ اسان جي اکين کان اوجهل آهن ‘‘
ٻئي ڳالهه جيڪا مون بابا جي دوستن واتان اڪثر ٻڌي سا اها هئي تہ ‘‘ توهان کي خبر ئي نہ آهي تہ توهان جو والد ڪيڏي وڏي شخصيت هو. حسن صاحب جيترو مونسان ويجهو هو ۽ جيڪي دل جون ڳالهيون اسان پاڻ ۾ ڪندا هئاسين سي شايد ئي ڪير ڪندو هجي ‘‘.معني بابا جو هر پنهنجي دوست سان الگ هڪ پيار ۽ ويجهائپ جو ناتو هو جيڪي کيس نہ صرف پنهنجو همراز سمجهندا هئا پر سندس نجي ڪچهرين مان بہ لطف اندوز ٿيندا هئا.
منهنجيون بابا سان گهاريل انيڪ يادون آهن، خوشگوار ۽ غمزده لمحات آهن، مختلف نظريات جا تبصرا آهن، علمي ادبي ڪچهريون آهن، عام رومزه جون گهريون ڳالهيون آهن، سندس ڪردار جا عجيب رويا آهن ۽ اُهي نسبتون آهن جيڪي صرف محسوس ڪري سگهجن ٿيون پر قلم بند نٿيون ڪري سگهجن. جيڪر صرف بابا سان گهاريل گهڙين تي لکان تہ هڪ پورو ڪتاب لکجي ويندو پر هتي اهو سڀ ڪجهه لکڻ ممڪن نہ آهي.
بابا جي آتم ڪٿا جو ٻيو حصو بہ سندس زندگي جا مشاهدا، نظريات، خيالات، يادگيريون ۽ خود سندس طبعيت کي بيان ڪري ٿو تہ اسان جو بابا ڪهڙي قسم جو ماڻهون هو، ڪيئن سوچيندو هو، ڪيئن زندگي کي سمجهندو هو ۽ هن پنهنجي علم ۽ مطالعي مان ڇا پرايو. اميد تہ بابا جو هي ڪتاب بہ ڪافي دوستن کي پسند ايندو ۽ سندس تحرير ، تجربن ۽ انداز بيان مان لطف اندوز ٿيندا.


محبوب وساڻ
برمنگهم، 10 آڪٽوبر 2022