سانگھڙ ۾ ٿيل ڪُجهـه دلچسـپ، عجيـب ۽ خراب واقعا
صبوح تي چوياري وري گڏ ٿي قصا ڪهاڻيون ۽ صلاحون ٿيون، ايف آءِ آر ڪٽائي وئي، ڪنوار جي ڳولا شروع ٿي سا ڳولا اڄ ڏينهن تائين جاري آهي__________ صاحبو! ورهيه گُذري ويا پر اِهو راز حاجي امير بخش لاءِ راز ئي رهيو تہ آخر اُهي ڪير هُئا جن ماهتاب آفتاب جهڙي هُن جي جواڻ جمال زال اغوا ڪئي؟.
اهڙا پڪا ڀوڳ ڪندا هُئا اڳلڪي زماني جا دوست! (نوٽ مٿين چوياري مان هن وقت صرف حڪيم شير محمد زنده آهي).
_______________________
محمد حسين چوڌري پ پ جو ميمبر ۽ پڪو جيالو هو ۽ ڀُٽي صاحب جو تہ عاشق صادق هيو، ائين چئو تہ ذوالفقار علي ڀٽو جو فدائي عاشق هيو، ڀٽي صاحب کي رهزن اعظم ضياالحق زوري ڦاسي ڏئي هڪ امُلهه ماڻهو هن قوم ۽ مُلڪ کان جُدا ڪري ڇڏيو ۽ انهيءِ صدمي ۾ لکين ماڻهو گهائل ٿيا، انهن ۾ هڪ سانگهڙ جو محمد حسين چوڌري بہ هيو، ڦاسي کي هڪ عرصو گذري ويو، خبر پئي تہ چوڌري سخت بيمار آهي آئون پڇڻ ويوسانس، چوڌري صدمي ۽ پنهنجي بيماري ڪري سُڪي ڪنڊا ٿي ويو هيو، حال احوال ڪيوسين، مون ڏڍ ڏنومانس ۽ صحت لاءِ دُعاڳو ٿيس، چيائين ”يار حسن ! هاڻي جيئڻ جي تمنا ڪونهي، پر هن ظالم رهزن (ضياالحق) جو انجام ڏسي مران ها تہ بهتر هو“ بهرحال ڪچهري ڪري آئون موٽي آيس، ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ بدمعاش ڊڪٽيٽر ضياالحق جي جهاز جو بهاول پور ۾ خوفناڪ حادثو ٿيو جنهن ۾ هو ڦوندا ڦوندا ٿي ويو، يعني قدرت هڪ عبرتناڪ انجام تي پهچايس جو غُسل ۽ ڪفن بہ نصيب ڪونه ٿيس. اخبار ”امن“ مين سُرخي لڳائي ”جاءِ واردات سي هڊيان مل گئين“ ات خُدا دا وير__ ٻي ڏينهن خبر پئي تہ محمد حسين چوڌري گُذاري ويو! اهڙو بہ عشق! اهڙا بہ عاشق!! الله اڪبر....!!.
_________________________
سانگهڙ کان اسان جي ڳوٺ ۽ ٻنين ڏي ويندڙ رستو ڪچو هيو، سرڪار انهيءَ کي پڪو ڪرڻ شروع ڪيو، تر جي وڏيري اُن جي سخت مخالفت ڪئي، پڇيو ويو تہ ڇو ٿو مخالفت ڪرين رئيس وڏا..؟ جواب ڏنائين تہ پڪو روڊ ٺهي ويو تہ چورن جا پيرا ڪيئن کڻنداسين؟ خير روڊ تہ ٺهي ويو پر هڪ وڏيري جي ڄٽ ذهنيت مون کي هتي عيان ڪرڻي هئي تہ اسان جي سماج جا اِهي جدي پشتي وڏيرا عام عوام جي ڀلائي يا سهولت (ترقي) جي لتاڙ ڪهڙن ڪهڙن عجيب ۽ بيهوده بهانن سان ڪن ٿا. اِهو ناسور سنڌ ۾ صدين کان رائج آهي، جنهن جو بنياد حڪمرانن ۽ خاص ڪري انگريز حڪمرانن وڌو. انگريز محض پنهنجي رنگ روپ ۽ باڊي جي ڊيل ڊول يعني پرسنلٽي ۽ ڪُجهه سندي عقل ۽ ڄاڻ جي ڪري هندوستان جي ماڻهن تي حاوي هُئا ۽ انهن خاصيتن جي ڪري ملڪن جا ملڪ کائي ناس ڪري ويا ۽ هي وڏيرا، خان ۽ سردار ڪلچر بہ نشاني طور ڇڏي ويا، جن جا اثر اڄ تائين قائم دائم آهن، انگريز تہ ويا هليا پر پنهنجون ڪجهه شيون ڇڏي ويا، سندي زبان يعني انگلش زبان، آزادي کي ذري گهٽ مُني صدي ٿي وئي پر اڄ تائين ڪورٽن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ انگريزي لک پڙهه هلي ٿي، يعني مجال آهي جو پنهنجي سوڪالڊ قومي ٻولي يعني اردو جو چلن هجي يا ڪنهن مقامي ٻولي جو، يعني سنڌي، پشتو، پنجابي وغيره جو. هُو سندو لباس يعني ڪوٽ پتلون چانهه، بيئر، سگريٽ ۽ الائي ڇا ڇا يادگار ڇڏي ويا، آئون خود پتلون گهڻي استعمال ڪندو آهيان، جو پتلون ۾ ماڻهو ٿورو چست رهي ٿو ۽ کيسن جي بہ سهولت گهڻي اٿس) پر جيڪا هڪ ٻي مصيبت ڇڏي ويا آهن انهيءِ ڏاڍو ويل مچايو آهي اُها آهي ڪرڪيٽ________ انگريزن هتي هندوستان ۾ اچي گِلي ڏڪر راند ڏٺي پوءِ هنن هن راند ۾ ٿوري ردوبدل ڪري جديد گِلي ڏڪر ٺاهي ۽ نالو ڏنو ڪرڪيٽ___ ٽي وي تي رانديگر ۽ شوقينن جا واويلا رڙيون ڪُوڪُون، ڀولڙي واريون اوٽل بازيون يا بال کي سٿرن ۽ نهائي تي مهٽڻ، اسٽائلون ۽ ٽپ ڏسي آئون تہ حيران ٿيندو آهيان تہ آخر خلق واقعي ڇتي آهي جو هن بيڪار راند کي ايترو مان ٿي ڏي؟ بيڪار انهيءِ ڪري تہ ڪرڪيٽ واحد راند آهي جنهن کي اڄ تائين اولمپڪ ۾ کيڏڻ جي اجازت نہ ملي آهي. هتي لکن ڪروڙن جون شرطون ٿيون لڳن، ماڻهو بس ڪرڪيٽ لاءِ ديوانه آهن، منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي ڳالهه____ بهرحال اِهي تحفا آهن انگريزن جا ڏنل اسان واري وڏيري سميت جيڪي روڊ ٺاهڻ جي بہ خلاف آهن.
__________________
محمد خان جوڻيجو، ضيا دور ۾ پاڪستان جو وزير اعظم رهيو، هي صاحب سانگهڙ جو آهي، اسان سانگهڙائي ڏاڍا خوش ٿياسين تہ محمد خان جوڻيجو جي ڪري نظر انداز ۽ برباد ٿيل سانگهڙ هاڻي پيرس ٺهي ويندي، خير سانگهڙ پيرس تہ نہ ٺهي پر ٻڌوسون تہ جوڻيجو صاحب سانگهڙ کي ريل رستي ملائڻ ٿو چاهي ۽ اهڙو پروپوزل هن سرڪار کي ڏنو آهي، پروپوزل هيو تہ ٽنڊي آدم کان ريل رستو وڇائي سانگهڙ کي گڏي پوءِ هتان جمڙائو ۽ تجل جو علائقو ڏئي چونڊڪي کان ٿيندي خيرپور سان وڃي ملي، اهڙي طرح ٻن اڍائي ڪلاڪن جي شارٽ ڪٽ ٿي ويندي ۽ سڀني لاءِ زبردست فائدي مند ٿيندي، پر جوڻيجو صاحب هڻي هڻي بيهي رهيو، سانگهڙ ريل نہ آئي.
بهرحال اِهو اتي قصو ختم ٿيو، سانگهڙ جا ڪُجهه چوڌري پاڻي جي اڻاٺ جا شڪار هئا، هنن هڪڙو وفد ٺاهيو ۽ پنهنجي ڳوٺ جي وزيراعظم سان ملڻ ۽ مسئلو حل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد پهتا، وفد جي سربراهي ماسٽر غلام علي ۽ صوبا خان وٽ هُئي، اتي ڪنهن هوٽل ۾ وڃي رهيا، ڇهه ست ڄڻا هُئا، ٻي ڏينهن وزير اعظم آفيس پهتا، وڏي ڇڪتاڻ کان پوءِ نيٺ اندر آفيس گهڙي ويا، جوڻيجو صاحب سڀني کي سڃاڻيندو هو، ڏاڍي اُڪير ۽ ادب آداب سان مليو، چانهه پاڻي بہ ٿيو، آخر جوڻيجي صاحب پُڇيو تہ ڪيئن تڪليف ڪئيو؟ ماسٽر غلام علي سڀ ڪاغذ پٽ کڻي ويو هيو ۽ وزيراعظم کي عرض ڪيائين تہ اسان جي شاخ بند آهي، ٻنيون سُڪي ويون آهن، ايس ڊي او باهه ٻاريو ويٺو آهي ۽ ظلم ڪيو اٿس. جوڻيجي صاحب وفد کي آٿت ڏني ۽ چيائين تہ اوهان هڪ ڏينهن ڇڏي اچجو مسئلو حل ٿي ويندو، همراهه خوش خوش هوٽل موٽي آيا، ٽي ڏينهن وري آفيس پهتا، جوڻيجي صاحب چيو تہ اڃان مسئلو ڪليئر ڪونه ٿيو آهي ٻه ڏينهن رکي پوءِ اچجو__________ غرض اهڙي طرح 10 ڏينهن گذري ويا، همراهن وٽ خرچ پکو بہ کُٽي ويو، نيٺ يارهين ڏينهن وري وزير اعظم آفيس پُهتا، انهيءِ ڏينهن جوڻيجو صاحب زِرُ ٿيو ويٺو هيو، آخر چيائين، ”يار يه __________ (غليط گار ڏئي) پنجابي آفيسر مانتي نهين وهان پاني کي وارا بندي چل رهي هي مين بي بس هون!!“ چوڌرين جو وفد پنهنجو ڦلهو مُنهن کڻي واپس اچي سانگهڙ پهتا.
هو هڪ جائز مطالبو کڻي ويا هُئا ۽ اڳيان وزيراعظم پاڪستان هيو ڪو معمولي ماڻهو ڪونه هيو، پر هن ملڪ ۾ اصل حڪمراني ڪِن ٻين جي آهي، هي وزير ڪبير ۽ نام نهاد صدر وغيره تہ رُڳو ڏيکاوَ لاءِ گُڏا ٿيو ويٺا هوندا آهن، ٻيو مڙئي خير. آُهو تہ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو هُئي جيڪي هنن راڪاسن کي ڪُجهه نہ ڪجهه منهن ڏيو ويٺا هئا ۽ ڪُجهه نہ ڪجهه حڪم هلندو هيو، ويچارو جوڻيجو تہ الله جي مينهن هيو، البت زرداري جڏهن صدر ٿيو تہ پنهنجن حرفتن سان پنج سال ڪڍي ويو، باقي ڀُٽي خاندان جا سڀ مانهو هڪ هڪ ڪري دُنيا مان ئي ڪڍي ڇڏيائون.
جوڻيجو صاحب خوش قسمت هيو جو جان بخشي ٿيس پر اوجهڙي ڪيمپ ڌماڪي ۽ بربادي جي واقعي تي تحقيقات جو حڪم ڏنائين، جيڪو هُن جو حق ۽ فرض هيو تہ سگهو ئي کيس گهر اُماڻي ڇڏيائونس، جان بچي تو لاکون پائي!.
_____________________
هر زماني ۾ قتل و غارتگيري جا تہ واقعا ٿيندا ئي رهن ٿا پر سانگهڙ ۾ ڪي اهڙا دل سوز واقعا ٿيا جيڪي وساري نہ ٿا وسرن، هڪ غارتگيري جو احوال آئون باب ”ماڻهو مڻيادار“ ۾ ڊاڪٽر فضل الرحمان جي ٻن جوان پٽن جي قتل جو ڏئي چڪو آهيان ٻيو قتل تولا رام نالي هڪ هندو واپاري جو شايد 1954ع ڌاري ٿيو، ملڪ تقسيم ٿيو تہ تولا رام ٻارن ٻچن کي هندوستان مائٽن وٽ ڇڏي وري موٽي آيو جيئن ڏيتي ليتي ڪري حساب صاف ڪري پوءِ وڃي، هُو شريف ماڻهو اهو ڪم ڪري واندو ٿيو ۽ هاڻي صبوح 4 وڳي واري بس ۾ ميرپورخاص وڃڻ وارو هو جو پوءِ اتان هندوستان وڃي، عين انهيءِ رات ڪُجهه ظالم ماڻهن گهر ۾ داخل ٿي تولا رام کي ڪُهي ڇڏيو چند هزارن لاءِ_________ ٽيون واقعو سانگهڙ لڳ چاڪراڻين جي ڳوٺ ۾ ٿيو جتي پراڻي دشمني ۾ هڪ ڌر ٻي ڌر جا 9 ماڻهو هڪ جاءِ تي ماري وڌا پر مقتولن جي وڏي پوڙهي مائي جي آخر ۾ شرمناڪ بيحرمتي ڪيائون، مٿين ڪنهن بہ واقعي جا جوابدار ڪڏهن ڪونه پڪڙيا ويا. البت کوسن جي ويڙهه، جنهن ۾ الاهي ماڻهو مرڻ جوڳا ٿيا، پڇاڙي جيل بہ ويا. اهي کوسا سنڱابندي تڪرار ۾ وچ چوڪ بازار ۾ ڪهاڙين سان وڙهيا هئا ۽ ويهي ڳالهين سان نبيرو ڪونه ڪيائون بلڪه ڪهاڙين سان هڪ ٻئي سان مٿا چيري انجام کي پهتا.
_____________________
65ع جي جنگ لڳي تہ ملڪ ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو، ماڻهو تمام گهڻو جوش ۾ هئا، بليڪ آئوٽ، چوڪيداريون ۽ چغليون روز جو معمول هيون، هڪ شام شهر جي چوڪ تي وڏو ميڙاڪو ٿيو جنهن ۾ گهڻن جوشيليون تقريرون ڪيون، حامد فقير بہ جوش ۾ ريڙهي تي چڙهي بيٺو ۽ انڊيا کي برو ڀلو چوڻ لڳو، آخر تنگ ٿي گارين تي لهي آيو، چيائين ”اڙي جاڳو! کولُو اچي پيو، جي ملڪ ئي ويو هليو تہ حڪومت منهنجي ......... تي ڪندوءَ“.
_____________________
اِهو غلط بہ ٿي سگهي ٿو، پر مون کي لڳندو آهي تہ هي دُنيا ٻارن لاءِ تخليق ٿيل آهي، پکي پکڻ، جيت جڙا ۽ جانور هن دُنيا ۽ زندگيءَ ۾ آزاد ۽ هر طرح جي پابندين کان آجا آهن. ٻار بہ ائين آهن، ٻارن کي ڪنهن پابندي، جزا ۽ سزا جي ڪابه پرواهه ڪانه هوندي آهي، هُو اڪثر ڪري هر دم زندگي انجواءِ ڪرڻ جي ڌُن ۾ هوندا آهن، سواءِ ڪنهن خاص ماحول جي، مثال طور بدقسمتي سان ڪنهن ٻار جا والدين سخت گير آهن، تہ انهيءَ ٻار جي زندگي بهرحال تنگ يا ڏکي هوندي آهي، بلڪل ائين جيئن ڪو پکي يا جانور ماڻهو قيد ڪري انهن جي حياتي حرام ڪندا آهن، ٻيا يتيم ٻار بہ ڏکيا هوندا آهن، تنهن هوندي بہ ٻار اصلئون آزاد ۽ بيپرواهه هوندا آهن ۽ موقعو ملندي ئي زندگي خُوب انجواءِ ڪندا آهن، ٻار عشق ۽ محبت جي ٻنڌڻن ۾ بہ وچڙبا آهن ۽ اهڙي محبت هو سڄي ڄمار وساري نہ سگهندا آهن، پوءِ ڀلي سو هم جولي يا ساٿي اڳتي هلي هُن کي ملي يا نہ ملي، ڪوئل نالي بچپن جي هم جولي مون کي اڄ بہ ياد ايندي آهي!!.
مشهور قول آهي تہ عيد تہ ٻارن جي هوندي آهي، نوان ڪپڙا، جوتا ۽ خرچيون ٻارن کي ڏاڍي خوشي ڏينديون آهن، (عيسائن ۾ سانتا ڪروز جو تصور بہ انهيءِ سلسلي جي ڪڙي آهي) مسلمانن ۾ ٻار روزا ڏاڍي شوق سان رکندا آهن، روزا ڪڏهن سياري ۾ ۽ ڪڏهن اونهاري ۾ ايندا آهن، منهنجي ٻاروتن ۾ هڪ دفعي سخت اونهاري ۾ روزا آيا ۽ مون بہ ٻين ڀاتين سان گڏ وڏي شوق ۽ جوش خروش سان روزا رکڻ شروع ڪيا، ڇهين درجي ۾ پڙهندو هُيس ۽ مون کي ٽيون روزو هيو پر انهيءِ ڏينهن سخت گرمي هئي، آئون روزو رکي اسڪول ويس ۽ هڪ بجي موڪل ٿي ۽ آئون ڪتابن جو ٿيلهو کڻي گهر روانو ٿيس، انهيءِ ڏينهن هڪ بجي ئي اڃ جي ڏاڍي تاس لڳم، رهندو رستي ۾ ايندي وات خشڪ ٺڪر ٿي ويو، واٽ تي هڪڙو پاڻيءَ جو نلڪو هيو، مُلن جي ڳالهه ياد آيم تہ روزي ۾ وات گهڻو خشڪ ٿي تہ پاڻي جي گُرڙي ڪري سگهو ٿا يا مٿو پُسائي سگهو ٿا، مون بہ ائين ڪيو ۽ نلڪي جو نڙول وات وٽ رکي جئين نلڪو گيڙيم تہ پاڻي سڌو پيٽ ۾ هليو ويو__________ پر ڏاڍي راحت مليم ۽ سخت اڃ جي تاس بہ ختم ٿي ويم، خير مون اِهو ”راز“ ڪنهن کي ڪونه ٻُڌايو ۽ شام مغرب جي آذان تي ڪلما پڙهي ٻين ڀاتين سان گڏ مون بہ افطاري ڪئي، يعني روزو کوليم، پر ٻيهر روزو رکڻ کان توبهه ڪيم، اِهو بہ زندگي جو هڪ دلچسپ تجربو هيو.
_____________________
اولاد وڏو ٿي ويو، سڀ MSc M.A ۽ هڪڙو PHD جرمني ۾ ٿيو، شاديون مراديون بہ ٿيون ۽ ماشاالله سڀ وڃي ٿانيڪا ٿيا وڏي ڌيءَ کان سواءِ ٻيا سڀ پاڪستان ئي ڇڏي ويا، چوَن پاڪستان ۾ ذلت کان سواءِ ٻيو ڇا رکيو آهي، پاڻ سنڌين لاءِ تہ جيئري جهنم آهي، نہ ڪا نوڪري نہ ڪو روزگار، شهري سهولتون، انصاف ۽ امن بہ ڪونهي، تنهن ڪري غير مُلڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ شهري سهولتون، روزگار، انصاف ۽ امن جي معاملن ۾ تہ بي فڪر آهيون، هتي گهر ۾ اسان ٻئي زال مڙس ڪن ڪڍيو ويٺا آهيون، اهڙي صورتحال ۾ هڪ عجيب واقعو ٿيو.
اسان جو گهر سانگهڙ جي مين مارڪيٽ ۾ آهي، انهيءِ مارڪيٽ ۾ رِيلو مل نالي هڪ ڀيل جو تحفي تحائف (گفٽ سينٽر) جو دُڪان هيو، ريلو مل اسان آڏو ئي ننڍي کان وڏو ٿيو هو ۽ کيس چڱي طرح سڃاڻيندا هُئاسين، هُو بنيادي هڪ شريف انسان هيو، هڪ دفعو هُو اسان جي گهر آيو ۽ پنج لک گهريا تہ هو دُڪان ۾ لڳائي ڪاروبار وڌائڻ چاهي ٿو، جنهن مان هُو نفعو اسان کي ڏيندو اسان زال مڙس صلاح ڪري سادي اسٽامپ تي لک پڙهه ڪري هن کي پنج لک ڏنا، ڏيڍ ٻه سال گُذري ويا، ڪاروبار هلندو رهيو ۽ هر مهيني ڪڏهن گهٽ ڪڏهن وڌيڪ منافعو بہ ملندو رهيو، هڪ ڏينهن ريلو مل اسان جي گهر آيو ۽ پنج لک اچي اسان کي واپس ڪيا، اسان حيران پر پڇيوسين تہ اوچتو هي ڇا ٿيو؟ چيائين سائين مون پنهنجي گهر جي جاءِ وڪڻي ڇڏي آهي ۽ دُڪان پنهنجي شاگرد سُريش کي ڏنو اٿم ۽ اسين ٻارين ٻچي هندوستان هميشه لاءِ وڃون ٿا، سو اوهان کي پنهنجي امانت موٽائڻ آيو آهيان، اسان زال مُڙس حيران ۽ پريشان اهو سوچي تہ اسان کي تہ هن جي ارادي يا ٻي ڪنهن بہ ڳالهه جي ڪا خبر نہ هُئي، جيڪڏهن هي ماٺ ميٺ ۾ هندوستان نڪري وڃي ها تہ اسين ڇا ڪريون ها، پيسه تہ ٻُڏي وڃن ها_______ بهرحال ريلو مل هڪ شريف انسان هيو ۽ ايماندار بہ هيو، اسان کيس شاباس ڏني، هُو موڪلائي ٻي ڏينهن ٻارين ٻچي هندوستان ويو هليو، هينئر کيس وئي اٺ ڏهه سال ٿيا آهن ۽ ٻڌُو اٿئون تہ اُتي هو سيٽ ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي محنت مزدوري پيو ڪري جيئن هتي ڪندو هيو.
هاڻي ڪو ٽي سال ٿيا، ريلو جو شاگرد سُريش هڪ ڏينهن گهر آيو ۽ چيائين تہ مون کي بہ پئسه کپن، جيئن منهنجي استاد ريلو مل کي اوهان ڏنا هُئا، غريبن سان همدردي جو جذبو، ڪُجهه لالچ نفعي جي، ڪجهه حماقت جي هٿي، سريش کي اسان ڏهه لک روپيه ڏئي ڇڏيا، پر سندس گهر لکائي پنهنجي نالي ڪيم شايد شڪ ۽ دور انديشي اتي ڪم ڪري وئي، ڏيڍ سال معاملو ٺيڪ هلندو رهيو، اسان کي منافعو ملندو رهيو ۽ اسين بہ خوش _______ هڪ ڏينهن سندس هڪ مائٽ نالي هري، جيڪو منهنجو بچپن جو دوست هيو، سو ملياسين، ڪچهري ۾ مون بائي دي وي هري سان سريش سان ڀائيواري جي ڳالهه ڪئي، هري مون کان هڪدم پڇيو تہ گهڻا پيسه ڏنا اٿئي؟ مون ٻڌايومانس تہ ڏهه لک_______ هري اکيون ڦاڙي مون کي ڏسڻ لڳو ۽ چيائين ”يار! توکي خبر آهي تہ سريش بنيادي هڪ ٺڳ ماڻهو آهي ۽ پنجن پارٽين کان هو 55 لک اهو ساڳيو گهر گروي رکي وٺي چُڪو آهي، يعني هاڻي اوهان سميت ڪُل 65 لک هُو ٺڳي ڪري چڪو آهي، منهنجون تہ وايون بتال ٿي ويون، بلڪ پير نڪري ويا، جڏهن انهن ماڻهن جا نالا ۽ تفصيلات ورتم ۽ انهن سڀني کي آئون سڃاڻيندو هيس، انهن سڀني ماڻهن سان مليس، حال احوال ورتم تہ دماغ ئي چڪرائجي ويو، نيٺ آئون سريش وٽ دوڪان تي ويس ۽ معاملي جي پُڇا ڳاڇا ڪيم، همراهه چوي سائين اوهان جي امانت اوهان کي ملندي، اوهان تسلي رکيو، باقي ٻين کي اوهان ڇڏيو، اسين پاڻهي انهن کي مُنهن ڏينداسين وغيره وغيره، مون معاهدو ختم ڪرڻ لاءِ چيومانس ۽ پيسن جي واپسي لاءِ چيم، ڇو تہ خبر پئي تہ هن گهڻا پيسه جوئا ۾ هارايا يا ٻي هنڌ وياج تي هلايا ۽ پيسه ٻوڙايا. پوءِ هلي ڪشمڪش ۽ جهڳڙو جيڪو سانده 9 مهينا هليو.
هن قصي جي تفصيل لکندس تہ بوريت ٿيندي. مختصر قدرت مدد ڪئي ۽ سانگهڙ جي هڪ معزز شخص وزير خان مري ۽ غلام علي مري جي توسط سان معاملو نبريو، سريش جو گهر وڪامي ويو، پئسن جي ونڍ ورڇ ٿي مون کي 3 لک 10 هزار جو نقصان ٿيو يعني اصل رقم ڏهن لکن مان 6 لک 90 هزار مليا، سريش جا ٻار ٻچا ۽ ٻيا ساٿي اباڻو گهر ڦُرائي هاڻي ڪرائي جي جاءِ ۾ رهن ٿا پر پاڻ سريش سانگهڙ مان گم آهي، ڇاڪاڻ تہ کوڙ سارن ماڻهن جا پئسه اڃان وٽس رهن ٿا.
هن واقعي بيان ڪرڻ جو مطلب اٿم تہ دوستن ۽ خاص ڪري اولاد کي نصيحت ڪريان تہ ڀائيواري هُو ڀاءُ سان بہ نہ ڪن حضرت علي جو فرمان آهي تہ جنهن تي احسان ڪريو تہ اُن جي شر کان بچو_______ سا ڳالهه سچ ثابت ٿي، اهڙو ئي هڪ ٻيو واقعو مون سان ٿيو آهي جنهن جو تفصيل مصلحت تحت نٿو ڏئي سگهان پر هن ٻي واقعي ۾ پيسي جو ذيان تہ تمام گهڻو ٿيو، جيڪو منهنجي حيثيت کان بہ گهڻو هيو، پر سماجي لحاظ سان ناقابل تلافي بڇڙائي بہ ٿي جنهن جو تفصيل نٿو ڏئي سگهان، جو اُهو ويجهن عزيزن ڪيو، هاڻي آئون صبر ڪري ويهي رهيو آهيان ۽ سڀ ڪجهه قانون مڪافات يعني قدرت تي ڇڏيو اٿم، هوندي حياتي تہ انجام ڏسنداسين، مري وياسين تہ دُشمن ڦٻيا_______ اِهي سڀ ڌوڪا ۽ ڌڪ اسين محض انهيءِ لاءِ کائيندا آهيون جو پنهنجن پراون ۾ اسين ”غيرمعمولي توقعات“ رکندا آهيون، جيڪي يقينن غير فطري آهن.
_________________________
جيڪي سُهڻا ماڻهو پردي ۾ رهيا پيا آهن انهن کي ڇڏي جيڪي اپسرائون ڪنهن بہ سبب جي ڪري دُنيا آڏو ظاهر ٿيون انهن ۾ مڌوبالا، هيڊي لامار سانگهڙ جي ڳاڙهي شاهه جي ڏوهٽي (انهيءِ جو ذڪر آئون آتما ڪٿا جي پهرين حصي ۾ ڪري آيو آهيان) ٽنڊي آدم جي اپسرا گوري ۽ سانگهڙ جي سميتا پاٽيل جسودا، جيڪي مون فلمن يا حقيقي دنيا ۾ ڏٺيون، سچ تہ اهي واقعي جنت جون اپسرائون آهن، جسودا هڪ هندو گهراڻي جي هئي ۽ سندس گهر هڪ باغ ۾ هيو، هُن جو رنگ رُوپ، اکيون، قدبت ۽ وار وغيره بلڪل عظيم ايڪٽريس مرحوم سميتا پاٽيل سان سورنهن آنا ملندا هئا، بلڪ ائين چئو تہ ٻئي هڪ ٻي جون ڊٽو ڪاپيون هيون، جسودا تي سندس قبيلي جا ماڻهو تہ عاشق هُئا، پر شهر جي عشاقن جا انهيءِ باغ ۾ بس ميلا متل هوندا هئا ۽ جسودا بہ کين پنهنجي روپ جا جلوه ڪنهن نہ ڪنهن بهاني ڏيکاريندي هئي، پر جيئن ٿيندو آهي، يعني اڪثر ڪري حُسن وارن سان ٽريجڊي ٿيندي آهي. شاعر چيو.
اچهي صورت بهي کيا بُري چيز هي
جس ني بهي ڊالي، بُري نظر ڊالي
جسودا جيڪا سهڻي تہ هئي پر عقلمند ۽ فضيلت واري بہ هئي سا هاڻي ٽين ايج ٽپي ميچوئر دور ۾ آئي، پر تيستائين سندس رکوالا يعني ماءَ پيءِ ۽ چاچا ماما هي دُنيا ڇڏي ويا ۽ هاڻي هُو فقط پنهنجي چاچيءَ سان گڏ، ڄڻ اڪيلي رهندي هئي، ڏکن، ڏولاوَن ۾ ڪي ورهيه گذري ويا، پر سندس حُسن ۽ ڪشش برقرار رهيا، نيٺ سانگهڙ جي هڪ هندو سيٺ سان سندس سنٻڌ ٿيو ۽ خُفيه شادي بہ ٿي جنهن مان کيس پٽ ڄائو، پر هاءِ قسمت، سگهو ئي سندس سيٺ مڙس دل جي دوري ۾ گذاري ويو ۽ هي بدنصيب حسينه وري اڪيلي رهجي وئي، هن پنهنجي مڙس جي گهر وارن سان رابطو ڪيو، پر انهن هن کي پنهنجو ڪرڻ کان نابري واري. مٿان ننڍڙو پُٽ بہ گذاري ويس، اِهي صدما جسودا سهي نہ سگهي ۽ سگهوئي دُنيا ڇڏي وئي! ڪيول رام نالي سندس هڪ سچو همدرد ۽ عاشق جسودا کي آخر تائين ساٿ ڏيندو رهيو، پر صدمن ماري جسودا مطمعين نہ ٿي ۽ مري وئي، ڪيول رام تنهن کان پوءِ بيمار رهڻ لڳو ۽ نيٺ اُهو بہ گذاري ويو ________ سانگهڙ ۾ ٿيندڙ وڏن سانحن Tragedy ۾ هڪ جسودا جو انجام بہ آهي.
ڳاڙهي شاهه جي اپسرا ڏوهٽي ۽ ٽنڊي آدم جي گوري جو ذڪر آئون آتم ڪٿا جي پهرين حصي ۾ ڪري آيو آهيان، ورجاءِ اجايو آهي، پڻ منفرد اپسرائن مڌوبالا ۽ هيڊي لامار لاءِ بہ احوال ڏنو اٿم پر هيڊي لاءِ تازو هڪ عجيب احوال مليم تہ هيڊي نہ رُڳو دُنيا جي حسين ترين عورت هُئي پر هُو هڪ سائنس دان بہ هئي؟!! Hifi سسٽم ۽ ٻيون ڪجهه ايجادون هيڊي جي ڪاوش آهن، جيڪي هن وقت ٻين سان منسوب آهن، هيڊي اهڙو شڪوو بہ ڪيو تہ سندس حُسن جي واکاڻ تہ ٿي پر سندس ذهانت ۽ سائنسي ڪم کي ڪونه مڃيو ويو. سو حُسن وارا سدائين سُورن ۾.