ڌرتي ڌڪاڻا
1988ع ۾ سنڌ ۾ جڏهن MQM عروج ٿي هُئي تہ سنڌي ڪميونٽي خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ MQM اهڙي تہ دوزخي باهه ٻاري جو سوَن جي تعداد ۾ سنڌي جيڪي ڌرتي ڌڻي هُئا، سي ڌرتي ڌڪاڻا بڻجي ويا. پر آئون ڏسان پيو تہ ڌرتي ڌڪاڻن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي، هي جيڪا ڳالهه اڪثر پئي ورجائبي آهي تہ سنڌين کي آهستي آهستي ريڊ انڊين ڪيو پيو وڃي، انهيءِ ۾ سچ جو اولڙو پيو ڏسجي، يعني غير سنڌي قومن ڪو اهڙو لائه عمل جوڙي ڇڏيو آهي تہ سست ۽ بي عمل سنڌين جي هر شيءَ ولارجي پئي وڃجي ۽ خود سنڌين جا چونڊيل نمائيندا ۽ حڪمران قبضا گير عناصر جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا آهن تنهن ڪڌي ڪم جو هنن کي معاوضو يا حصو ملي ٿو. آئون اهڙن بي ضمير سياسي ماڻهن جا نالا تہ ڪونه ٿو لکان، پر سڀ ڪو هنن کان چڱي طرح واقف آهي، 1988ع واري خوني حملي ۾ جيڪي ماڻهو دربدر ٿيا هُئا، انهيءِ متعلق هڪ ڊاڪيومينٽري TV تي ڌرتي ڌڪاڻا نالي سان نشر ٿي هئي، جنهن کي ڏسي لڱ ڪانڊارجي ويا هئا، پر نتيجي ۾ ٿيو ڪجهه بہ ڪونه، سي ماڻهو اڄ ڏينهن تائين دربدر ۽ ڌرتي ڌڪاڻا آهن.
مرحوم فيض محمد شيدي ۽ سندس ساٿي خورشيد قائمخاني مٿي ڄاڻايل ذاتين يعني ڌرتي ڌڪاڻن جي وڏي سروي ڪئي ۽ کين ٿانيڪو ڪرڻ جي بہ واهر ڪئي، پر ڪي خاطر خواهه نتيجا سامهون ڪونه آيا، بهرحال اِها جدوجهد اڃان بہ ڪي سنڌ جا سڄڻ جاري رکندا اچن، ظالم زميندارن وٽ قيد هزارين قيدي آزاد بہ ٿيا آهن، محمد علي شاهه ۽ شڪيل پٽاڻ انهيءِ ضمن ۾ ڪم ڪيو، جيسيتائين ڪا مڪمل سجاڳي اچي ۽ وڏي ڪنهن انقلابي قدم سان انهيءِ مسئلي جو ڪو توڙ لڀي، تيسيتائين حساس دل ساحر جو گيت پيا ورجائيندا وه صبح ڪبهي تو آئي گي، وه صبح ڪبهي تو آئي گي!.
اُهو توڙ تہ الائي ڪڏهن اچي سا تہ خبر ناهي پر سوچڻ جي ڳالهه تہ انهن ڌتڙيل ماڻهن کان سواءِ اصل ڌرتي ڌڻين کي ڌرتي ڌڪاڻا بنائڻ وارا ڪير آهن؟ يقينن اُهي ڌاريا آهن، اُنهن ڌارين جا ڪجهه ٻانهن ٻيلي پنهنجا بہ آهن، تڏهن تہ مرحوم قومي شاعر ابراهيم رڙ ڪئي.
مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها راتوڪي هن ڌاڙي ۾
اصل ۾ اسان سنڌين کي پنهنجي روائتي مزاج ۽ عقيدن گهڻو نهوڙيو آهي، مثال طور پاڻ سنڌي صوفي ازم جا قائل امن پسند ۽ امن پرست ماڻهو آهيون، هتي رهندڙ ٻيون قومون اڪثريت ۾ اهڙيون يا ايتري قدر ڪونه آهن، پنجابي تہ نالي چڙهيل مارشل ريس آهن، پٺاڻ ۽ بلوچ بہ بندوق باز آهي، مهاجر (ايم ڪيو ايم) بہ دهشت گردي ۽ بندوق بازي جي ٻلهه تي پاڻ کي مڃايو پر سنڌي ماڻهو اهڙي ڪلچر کان پاسيرو رهيو (البت ڌاڙيل ڪلچر ضرور رهيو آهي)، منهنجو اِهو هرگز مطلب ڪونهي تہ پاڻ سنڌي بہ قاتل يا دهشت گرد ٿي وڃون، پنهنجي مخصوص مزاج جي ڪري البت مزاحمت جو عمل جاري رهندو اچي، ايم آر ڊي جي تاريخي ويڙهه البت ڪجهه مختلف هئي جنهن ۾ سوين سرويچن پنهنجا سر ڏنا نتيجي ۾ ڌارين جا بہ ڪن کڙا ٿيا تہ سنڌي ايترا بہ بُزدل نہ آهن، پنهنجي مزاحمتي جنگ ون يونٽ جو راڪاس ماريو ۽ ڪالا باغ بہ ٺهڻ نہ ڏنو. انهن لقاون ڌارين کي هوشيار ڪيو تہ سنڌي پنهنجي امن پرستي ۽ اهنسا واري پاليسي ۽ مزاج سان گڏوگڏ وڙهي بہ سگهن ٿا، نتيجي ۾ ڌارين جي اگهاڙي هٿ چراند جهڪي ٿي وئي.
سنڌ جي ڌرتي ۽ سنڌ جا ماڻهو دُنيا ۾ اعليٰ ترين مقام رکن ٿا. هتي جي سون ورني زمين، زمين ۾ دفن قيمتي ذخيرا ۽ هتي جو فڪر ۽ فلسفو لاثاني ۽ اعليٰ ترين آهي، ڪو وقت ايندو جو سنڌ دُنيا کي ليڊ ڪندي، پر ويرين جون ڪوششون پنهنجي جاءِ تي جاري آهن ۽ انهن جون اِهي ڪوششون وطن (سنڌ) جي غدارن جي مدد سان روان دوان آهن. انهن انسان دشمن غدارن جي سنڌ واسين يعني سنڌين کي خبر آهي تہ اُهي ڪير آهن پر في الوقت بيوسي جو ڳُوڙهو بادل فضا کي وڪوڙيو بيٺو آهي، انهيءِ انڌير کي بہ ڪو وڏو بين القوامي حادثو ختم ڪندو. قدرت جا اهڃاڻ اهو ئي ٻڌائين ٿا...!!. قدرت جي انهيءَ عمل لاءِ اڃان ڪجهه انتظار ڪرڻو پوندو.
پنجاب جو هڪ انسان دوست دانشور پروفيسر عزيز الدين پنهنجي هڪ فڪر انگيز تحقيقاتي ڪتاب ڪيا هم اڪٺي ره سڪتي هين؟ ۾ تقريبن جمله دستاويزي ثبوتن سان لکي ٿو تہ جيڪڏهن هي ۽ ههڙا ئي حالات رهيا يعني ظلم و ستم جو هي سلسلو جاري رهيو، ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي حقن کان بندوق ۽ ڏاڍ جي ذريعي محروم رکيو ويو تہ گڏ رهڻ ممڪن نہ رهندو، ڌرتي ڌڻي ڌرتي ڌڪاڻا بڻجي ويندا____. اهڙو نتيجو ۽ لقاءَ اسين مشرقي پاڪستان کي بنگله ديش ٺهندي يا الڳ ٿيندي ڏسي ۽ ڀوڳي چڪا آهيون. پروفيسر عزيز الدين طويل ترين تحقيق سان انهن عناصر جي نالن سان فهرست پڻ ڏني آهي تہ ڌارين ڪيئن نہ سنڌي سرائيڪي علائقن جي زمين ۽ سول سروسز تي قبضو ڪيو آهي، سنڌ جي تاريخي حيثيت ۽ جدوجهد حقوق جي ڪري سنڌ جي حيثيت صوبي جي صورت تہ موجود آهي پر پروفيسر سرائيڪي صوبي جو بہ زبردست حامي آهي، هن کان اڳ شبلي جو ڪتاب ”پاڪستان ڪي ديهه خُدا“ ڇپجي چڪو آهي جنهن ۾ پڻ ناجائز قبضاگير مافيا جو طويل ذڪر ۽ قبضاگيرن جي فهرست موجود آهي.
هن سڄي ڪهاڻي جو تت هي آهي تہ پاڪستان جون مظلوم قومون جيڪي تاريخي طور ڌرتي ڌڃاڻيون آهن، پروفيسر خصوصي طور حُرن جي زمينن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي هنن کان ڦُري ڌارين ۾ ونڊيون ويون ۽ حُر ڌرتي ڌڪاڻا ٿي ويا. جديد زبان ۾ لوڪ ريڊ انڊين وانگر ڌرتي ڌڪاڻا ٿي ويندا. منهنجي خيال ۾ هر دردمند انسان دوست ۽ وطن پرست هر ماڻهوءَ کي پروفيسر عزيز الدين جو اهي امُلهه تحقيقي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي، ٻيو نہ تہ گهٽ ۾ گهٽ ڪتاب ۾ درج حقيقي حالات، زيادتيون، ظلم ۽ ڏاڍ جا تفصيل تہ آڏو ايندا تہ ڌرتي ڌڻين کي ڌرتي ڌڪاڻا ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا نہ حربا هلايا ويا آهن ۽ ڇا ڇا نہ غصب ڪيو ويو آهي، اربين روپين جون لکين ايڪڙ زمينون، کربن جون شهري جائدادون، سول ۽ فوجي سروسز ۽ عهدا انهن ۽ انهن سان لاڳاپيل ٻين شين ۽ معاملن کي ڪيئن نہ هڙپ ڪري ڌرتي ڌڻين کي ڌرتي ڌڪاڻا ڪرڻ جا جتن ڪيا ويا آهن. (هي ڪتاب لاهور جي ڪتبهءَ فڪر و دانش علي پلازه 3، مزنگ روڊ ڇاپيو آهي).
مون شبلي جو تحقيقي ڪتاب پاڪستان ڪي ديهه خُدا جو حوالو ڏنو پر اهڙي تحقيق ٻين دانشور ليکڪن پڻ ڏني آهي، ايلائس البنا جو غضب ناڪ تحقيقي ڪتاب ”سنڌو جون سلطنتون“ (ترجمو مظفر بخاري) ۽ اهڙو ئي ٻيو زبردست تحقيقي ڪتاب ”پاڪستاني رياست جي امڪاني ڀڃ ڊاهه___ سنڌين ۽ بلوچن جو مستقبل“ ليکڪ حبيب جتوئي جا عجيب و غريب انڪشافات. پر ڪُجهه ناولن ۾ بہ اهڙو ماحول پيش ڪيو ويو آهي جيڪو تاريخي طور وقوع پذير ٿي چڪو آهي، جيئن عصمت چغتائي جو ناول ۽ فلم ”گرم هوا“ قرت العين حيدر ”گردش رنگ چمن“ ۾ اهڙا حقيقي واقعا بيان ڪيا ويا آهن جن ۾ ڌرتي ڌڻين کي ڌرتي ڌڪاڻا ڪيو ويو.
حاصل تحرير هي وڃي بيٺو تہ نہ رڳو هيٺين ذاتين وارا ڌرتي ڌڪاڻا بڻيا آهن، پر اُهي ڌرتي ڌڻي جيڪي شريف النفس ۽ امن پرست آهن، انهن جون ملڪيتون بندوق جي زور تي ڦٻائي ڌرتي ڌڪاڻن ۾ تبديل ڪرڻ جا جتن پيا ڪيا وڃن.