پُراسرار دُنيا جون ڀُول ڀُليون
جي ڄاڻين تہ بہ نہ ڄاڻ، هي در اٻوجهن جو
هن قسم جو بحث آئون هن آتم ڪٿا جي پهرين ڀاڱي (شڪست) ۾ ڪري چڪو آهيان تنهن ڪري اُهو آئون هتي ورجائڻ نٿو چاهيان، اِن لاءِ خدا جي وجود جي هي ڳالهه اتي ڇڏي پاڻ اڳتي وڌون ٿا.
ڀلا جِن ڀُوت غيبات، شيطان يا بدي جي قوتن جو بہ ڪو وجود آهي يا اهو سڀ ڪُجهه وهم آهي؟ هڪ دفعي ٽاڪ منجهند جو آئون موٽرسائيڪل تي شارٽ ڪٽ ڏسي هڪ پراڻي قبرستان مان پي لنگهيس تہ اوچتو ڪنهن منهنجو ڪنڌ کڻي جهليو ۽ زور سان دٻائڻ لڳو! آئون گهٻرائجي ويس پر هڪدم قراني آيتون زور زور سان پڙهڻ لڳس، انهيءِ سان ڪنڌ آجو ٿيو ۽ اهو ٻه دفعا ٿيو، تيتر آئون قبرستان اُڪري ويس. اِهو ڇا هيو؟ آئون اڄ تائين سمجهي نہ سگهيس.
ڳالهه هلي تہ منهنجي ساهراڻي گهر ۾ جن يا غيبات اچي بسيرو ڪيو آهي، گهر جو دروازو کڙڪڻ لڳو، وڃون تہ در تي ڪير ڪونهي، وري گهر مان شيون بہ گم ٿيڻ لڳيون، خاص ڪري ماکي، آزمائڻ لاءِ ماکي جو ٻيو شيشو وٺي انهيءِ کي پيتي ۾ رکيو ويو ۽ تالو هنيو ويو، ٻي ڏينهن پيتي کولي وئي تہ ماکي جو شيشو غائب هو! منهنجي خوش دامن صاحبه (سس) ڏاڍو ڊُڄي وئي ۽ مدرسي جا ڇوڪرا گهرائي قران خواني ڪرائي وئي، ايتر مغرب نماز جو وقت ٿي ويو ۽ سڀئي ڇوڪرا اڱڻ ۾ نماز باجماعت پڙهڻ لڳا. خير مدرسي جا ڇوڪرا تہ ماني کائي هليا ويا پر نوڪرياڻي دانهون ڪندي آئي تہ هلي ڏسو ڇا هي؟ اڱڻ لڳ ڪمري ۾ ڏٺوسين تہ فرش تي چادرون ۽ فراسيون قبله رُو وڇائيون پيون هيون، مطلب اهو ڪڍيوسين تہ جنن هنن ڇوڪرن سان گڏ باجماعت مغرب جي نماز پڙهي هُئي؟!! ______ انهيءِ واقعي کان پوءِ گهر ۾ ڪا حرڪت ڪونه ٿي، اهڙي طرح بچپن ۾ جنن يا غيبات سان ٻه دفعا واسطو پيو، پر سراغ نہ مليو تہ ڇا هيو، هڪ دفعي باغ ۾ انبڙيون چورائيندي وڻن مان ڪچن ڀترن جو مينهن وسڻ لڳو، وٺي ڀڳاسين، مون کي تہ ڪو پٿر ڪونه لڳو پر منهنجي هڪ ساٿي عبدالحميد کي هڪڙو زنبوٽو اچي لڳو ۽ گهر پهچي هُو سخت بُخار ۾ مبتلا ٿيو ۽ ٽي ڏينهن وڃي بُخار لٿس، ٻي دفعي ٻپهرن جو سخت ڪاڙهي ۾ اسين ڪمري ۾ ويٺا هُئاسين تہ ٻاهران ننڍڙي ڀيڻ جي رڙين ۽ روئڻ جو آواز آيو، سڀني سمجهي ورتو تہ سخت اُس ۽ فرش تي پير سڙيا اٿس، ڊوڙي وياسين تہ ڀيڻ ڇانوري ۾ چپ چاپ بيٺي هُئي! اُتي ڪنهن آندي يا ڪيئن پهتي، اڄ تائين سمجهه ۾ نہ آيو، ننڍڙي ڀيڻ تيستائين ڳالهائي نہ سگهندي هئي تنهن ڪري ٻڌائي نہ سگهي.
ڀلا جادُو ۽ ڊوهه يا نظر لڳڻ جو بہ ڪو وجود آهي؟ منهنجي نظر ۾ آهي ڇاڪاڻ تہ نبي ڪريم ﷺ کي بہ هڪ ڪافر عورت ڪا جادو پڙهيل شيءَ کارائي هئي ۽ کائڻ شرط پاڻ ڪريمن رڙ ڪئي تہ اي عورت تو منهنجو سينو شق ڪيو! انهيءِ واقعي کان پوءِ پاڻ سڳورا ﷺ بيمار رهڻ لڳا ۽ نيٺ دُنيا کان پردو ڪيائون. پاڻ سڳورا ﷺ جادو ۽ ٽوڻن ڊوهن جا قائل هُئا، جنهن جي توڙ لاءِ آيتون بہ لٿيون، نظر لڳڻ تہ اکين ڏٺي جي شاهدي آهي، اهڙا ”ناظرو“ ماڻهو ڏٺاسين جيڪي ٻولائي نظر هڻندا هئا. جديد دور ۾ ان کي مسمريزم چون ٿا، جن وٽ اهڙي قوت آهي سي نظر سان شيشي جو گلاس ڀڃيو ڇڏين. پر جادو جون ٽِرڪون کوڙ ڏٺيون سين، هونئن تہ گهڻيون ڏٺيون سين پر تازو ٽي وي جي هسٽري چينل تہ هڪ جادوگر يا ٽِرڪ باز مجمي مان هڪ ماڻهو کان موبائل وٺي هڪ عام سفيد شيشي ۾ (جنهن جو مُنهن تمام سوڙهو هيو) جهٽڪي سان موبائل فون شيشي ۾ داخل ڪري ڏيکاريو، جيڪو بظاهر هڪ ناممڪن ڪم هيو، شايد نظربندي هئي؟ نظر بندي تہ پُراسرار وکرن مان هڪ وکر آهي، تازو ڊسڪوري چينل تان ڏيکاريائون تہ ملڪ ڀوٽان ۾ هڪ ٻوڌي يوگي زمين تي ويٺل ڪجهه دير لاءِ پاڻ کي زمين کان مٿي ڏيڍ فٽ هوا ۾ پنهنجو پاڻ کڻي ڏيکاريو اهو حِيرت انگريز منظر هيو، اصلي جادوگر هاڻي دُنيا ۾ نہ رهيا آهن، انهن جي جاءِ ڪوڙن عالمن ۽ پيرن ورتي آهي، جيڪي رات ڏينهن اٻوجهه ماڻهن کي (خاص ڪري عورتن کي) ڦُري لُٽي رهيا آهن.
باقي حُسن ۽ عشق جي جادُو لاءِ تہ آئون “نشي” واري احوال ۾ لکي آيو آهيان، اِهو جادو سڀني کان وڌيڪ سگهارو ۽ خطرناڪ آهي، انهيءِ جادو ۾ جيڪو ڦاٿو اُنهيءَ تي قُل پڙهي ڇڏيو، انهيءِ يعني حُسن و عشق جي جادو جو جادو هي آهي تہ عاشقن (يا عاشق معشوق) جو عقل موڪلايو وڃي ۽ انهيءِ کان پوءِ هُو ٻئي خطرناڪ قدم کڻڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن. جيئن گهران ڀڄي وڃڻ، آپگهات يا خونريزي ڪرڻ وغيره. جادو جي معنيٰ ئي اِها آهي تہ اُها شيءَ يا اثر جيڪو سمجهه ۾ نہ اچي، پوءِ کڻي اُهو اصلي جادو هجي يا حُسن و عشق جو جادو.
هن ”پُراسرار حقيقتن“ جي ذڪر ۾ هاڻي وارو آهي پاميسٽري، سيارن ستارن ۽ بُرجن جي اثرن ۽ نمبر لاجي يعني علم العداد جو. اِهي ٽئي شيون ”قسمت“ سان لاڳو آهن، قسمت يا تقدير جي بُڻ بنياد لڀڻ لاءِ لکين خان کُٽي ويا، پر ڪنهن کي بہ هن جي اسرار جي خبر ڪانه پئي تنهن هوندي بہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مٿين ٽن علمن جو ڄاڻو يا ماهر آهي، (مثال طور مشهور ماهر ڪيئرو) تہ هُو قسمت لاءِ گهڻو ڪجهه سمجهي ويندو ۽ سُٺي صلاح بہ ڏيندو جنهن سان حالات ۽ معاملات ڪنهن حد تائين قابو ۾ اچي سگهن ٿا. علم العداد ۾ مون کي دلچسپي آهي ۽ تمام ٿوري ڄاڻ بہ آهي، هن علم جي ماهرن ٻُڌايو تہ سوَن سالن جي تجربن کان پوءِ علم العداد ذريعي معلوم ڪري سگهجي ٿو تہ فلاڻو ماڻهو ڪهڙي طبيعت يا مزاج جو آهي، ڪيئرو ٻڌايو تہ نمبروار هي ماڻهو هن قسم جا هوندا آهن، اِها جِدول هيٺ ڏجي ٿي، ماڻهو نمبر هڪ کان نمبر نو (09) جي دائري کان ٻاهر نہ ٿو نڪري سگهي، نمبر تاريخ پيدائش مان معلوم ڪبو آهي، اول ترتيب ۽ جِدول ڏسو.
ماهر علم نجوم ۽ علم العداد ڪيئرو ۽ ٻين انهن علمن جي برک ماهرن نمبرن کي جيڪي ٽائيٽل ڏنا آهن سي هيٺين ريت آهن.
تخليقي ذهن وارو Creative نمبر 01
شريف ماڻهو Gentle نمبر 02
اعلي حوصلي ۽ همت وارو Ambitious نمبر 03
حساس Sensitive نمبر 04
کوجنائي Expulsive نمبر 05
عاقل / حسياتي Sensual نمبر 06
آزاد، آزادي پسند Independence نمبر 07
جنهن کي سمجهي نہ سگهجي Misunderstood نمبر 08
صاحب فيصله Determination نمبر 09
نمبر 01 کان نمبر 09 تہ پڌرا پيا آهن پر ٻيا نمبر يا تاريخ پيدائش ڪيئن ڪڍجي؟ مثال طور جيڪڏهن ڪو 27 تاريخ پيدا ٿيو تہ اُن جو نمبر 09 ٿيندو، يعني 7 + 2 = 9 ____ اهڙي طرح ڪو 16 تاريخ پيدا ٿيو تہ انهيءِ جو نمبر 7 ٿيو، يعني 6 + 1 = 7 ، پر زيرو وارين تاريخن ۾ زيرو ڪونه ڳڻبو يعني 10 نمبر 1 ٿيو، 20 نمبر 2 ۽ 30 نمبر 3 ٿيو، ڄم جي تاريخ رات 12 بجي کان ٻي رات 12 بجي تائين ڪنسيڊر ڪجي. مثال طور ڪو ماڻهو يا ٻار رات 11 لڳي 59 منٽ تي پيدا ٿيو ۽ اُها تاريخ فرض ڪيو 21 آهي تہ اُهو ماڻهو 21 يعني 3 ۾ شمار ڪبو. پر جيڪڏهن رات 12 لڳي 4 منٽ تي پيدا ٿيو تہ اُهو ماڻهو 22 يعني 4 نمبر ۾ شمار ٿيندو. اِهو گهن چڪر يا ڀول ڀوليون اٿو. هن پُراسرار دُنيا جون جيڪي سج جي گردش تي مبني آهن.
نالي جي بہ ابجد ڪڍبي آهي جنهن جا پڻ شخصيت تي اثر (سائيڊ افيڪٽ) پوندا آهن. اُها ابجد هيٺ ڏجي ٿي.
ا ب ج د هه و ز ح ط ي ڪ ل م ن س ع ف ص
1 2 3 4 5 6 7 8 9 1 2 3 4 5 6 7 8 9
ق ر ش ت ت غ ذ ض ظ خ
1 2 3 4 5 6 7 8 9 1
هي ابجد عربي الف بي جي آهي، هاڻي جيڪڏهن ڪنهن جو نالو خليل احمد آهي تہ اُن جو ابجد ههڙي طريقي ٺهندو.
خليل خ ل ي ل احمد ا ح م د
1+3+1+3 + 1+8+4+4 = 25
هاڻي هنن جو جوڙ ڪريو، سو ٿيو 25 يعني 5 + 2 = 7 تہ خليل احمد جو ابجد نمبر 7 ٿيو يعني آزادي پسند، نالي جو اثر سائيڊ افيڪٽ آهي، اصل تاريخ پيدائش آهي جنهن جو اثر سڄي زندگي تي حاوي يا محيط آهي.
عربي زبان ۾ سنڌي الف بي جا ڪجهه اکر ڪونه آهن، اُنهن جو نعم البدل هيٺ ڏجي ٿو.
سنڌي اکر عربي نعم البدل
پ = ب
ٽ = ت
چ = ج
ڻ = د
ڙ = ر
گ = ڪ
ڌ = د
ٺ = ت
هاڻي ڪنهن جو نالو ”پٺاڻي“ آهي تہ هن نالي ۾ پ ٺ ۽ ڻ عربي ابجد ۾ ڪونه آهن، تنهنڪري پ جي جاءِ تي ب ۽ ٺ جي جاءِ تي ت ۽ ڻ جي جاءِ تي د سان ابجد نڪرندو، يعني ب ت ا د ي – ب جا 2 + ت جا 4+ الف جو 1+ د جا 4+ ي جو 1+ جو ڪُل ٽوٽل ٿيا 12 يعني 2+1 = 12 تہ پٺاڻي جو ابجد 3 نڪتو. 3 نمبر همت ۽ حوصلي وارو انسان جو آهي.
پاڻ مٿي ڪٿي خدا جي وجود يا بُڻ بڻياد جي ڳالهه ڪئي ۽ نتيجي تي پُهتاسين تہ اهو بحث فضول يا بيڪار آهي، انهيءِ لاءِ تہ پنهنجو دماغ انهيءَ قابل ئي ناهي جو اهڙي ڪا سائنسي يا مادي کوجنا ڪري سگهي، ڀلا ضرورت ئي ڪهڙي آهي، البت اهو تہ طي آهي تہ خدا آهي، ڪيئن آهي؟ ڪهڙو آهي؟ سو پاڻ ڄاڻي، پر هڪ سراغ مليو سو بيان ٿو ڪريان. هڪڙو همراهه آهي جنهن جو نالو حسن وساڻ آهي، جيئرو جاڳندو، کلندو روئندو، هلندو چلندو، ڳالهائيندو، ڳائيندو، لکندو پڙهندو ڏٺوسين، الائي ڇا ٿيو، مري پيو، هاڻي سندس لاش اکين آڏو پيو آهي همراهه جو بي جان جسم آڏو پيو آهي، پر سڀ ڪو چوي پيو “حسن ويچارو گُذاري ويو” يعني “حسن” ڪو ٻيو هيو جيڪو هن دُنيا مان هليو ويو، حسن جيڪو هن جسم ۾ رهندو هيو سو موڪلائي ويو. اِهو جيڪو موڪلائي ويو، اُهو رُوح هيو، يعني حسن روح هيو جيڪو پنهنجو وقت پورو ڪري هي جهان ڇڏي ويو، باقي جيڪو هي جسم پيو آهي، اِهو حسن وساڻ ڪونهي، خدا وانگر رُوح بہ انهيءِ پُراسرار ڀُول ڀُلين ۾ ڪٿي گم ٿي ويو آهي.
چيو وڃي ٿو تہ مصيبت، تڪليف يا آفت ۾ صدقو يا خيرات تِن کي ٽارين ٿا ۽ ڪٿي پڙهيو هيم تہ خدا تعاليٰ کي سڀ کان وڌيڪ پسنديده شيءِ يا ڳالهه هي آهي تہ اوهان ڪنهن بُکئي کي ماني کارايو. شايد ڪا آيت آهي يا حديث تہ ”حاجت مند جي حاجت پُوري ڪريو ۽ مون تي (الله تي) احسان ڪريو“ هن جهڙي عجيب ڳالهه مون نہ ٻُڌي نہ پڙهي، جيڪو هن ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ آهي، سو پيو چوي تہ ڪنهن جي حاجت پُوري ڪري هُن تي (الله تي) احسان ڪريو، (شايد ان لاءِ تہ الله هر ڪنهن جي شهه رڳ کان بہ ويجهو آهي) هن بکاري جي شهه رڳ ۾ بہ خود خدا آهي، مون کي خبر ناهي تہ احسان جي هتي اصل معنيٰ ڇا ٿيندي پر اِها آزمائيل ڳالهه آهي تہ صدقو بهرحال مصيبتون ۽ تڪليفون ٽاري ٿو. قرباني ڪرڻ بہ انهيءَ زمري ۾ اچي ٿي.
ڪاري ٻلي جو رستو ڪٽڻ، ڪانوَ جو گهر يا گهر جي ڀت تي ٻولڻ، چٻري جو گهر اچڻ ۽ ٻولڻ، ڪپڙن سڪائڻ جي ڏور ڇڄڻ ۽ اهڙا ٻيا اشاره انهيءِ پُراسرار دُنيا سان تعلق رکن ٿا. ڪانوَ صبوح سوير ٻوليو ۽ منجهند ڌاري محبوب اچي لٿا، شام منهنجو مڱڻو ٿيو_، منهنجو سهرو سخت بيمار هيو، رات جو هڪڙو چٻرو گهر جي ڀت تي اچي ويٺو ۽ گُهون گُهون ڪري ٻولڻ لڳو صبوح منهنجو سهرو گُذاري ويو، اِهي عملي تجربا ٿيا آهن، ڪامريد چون ٿا تہ اهي سڀ “اتفاق يا وهم” آهن آئون انهن کي اتفاق نٿو مڃان بلڪ قدرت طرفان اهڙا اشارا ۽ اطلاع سمجهان ٿو.
درحقيقت هي دُنيا ۽ زندگي اڌ ڪوڙ ۽ اڌ سچ تي ٻڌل آهي، ٻين لفظن ۾ ڪوڙ ۽ سچ گڏ گڏ پيا هلندا آهن. يعني “قطعي سچ” جنهن کي انگريزي ۾ Absolute Truth چئبو آهي، انهيءِ جو وجود آهي ئي ڪونه، بس ائين ئي پئي زندگي هلندي آهي تان جو جسماني مشينري هڪ ڏينهن بيهي ويندي آهي ۽ ماڻهو مري ويندو آهي، پر اڳتي بہ خبر ناهي ڇا آهي؟ “قطعي سچ” جي ڪا خبر ناهي. بس اُميد ۽ نااميدي جي ڀنور ۾ پئي زندگي گذرندي آهي، ڪو ڏينهن سعد هوندو آهي تہ ڪو ڏينهن منحوس. انهيءِ اسرار جي بہ خبر نٿي پوي. علم ۽ عقل کان ڪم وٺي زندگي جو اونداهون پهلو (پيسي ازم) نظرانداز ڪجي ۽ اُجرو پاسو (آپٽيئزم) اپنائجي تہ حياتي ڪجهه آسان ٿي پوندي.
بهرحال پُراسرار دُنيا جو ذڪر اتي ختم ٿا ڪريون، پر آخر ۾ اِهو چوان تہ هن پُراسرار دُنيا جو بس سرسري جائزو وٺجي هن دُنيا ۾ گهڻو انوالوَ Involve نہ ٿجي. هي درحقيقت ڳُجهه جون ڳالهيون آهن ۽ جيڪو ڳُجهه ۾ هٿ وجهندو سو مرندو يا ذليل ۽ خوار ٿيندو ۽ هٿ بہ ڪُجهه ڪونه ايندس.