احوال
مان جيئن تہ ڪو پيشه ور لکندڙ ناهيان ۽ هي تحرير آئون فقط هم وطن ماڻهن سان پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو. پهرين حصي ۾ ذاتي زندگي جو مرحله وار احوال گهٽ آهي، تنهن ڪري هِن حصي (مشڪل مرحله) ۾ ڪوشش ڪري اهو خلا پُورو ڪندس.
آئون سائين عبدالرشيد ڪٽپر صاحب جو نهايت ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي هن آتم ڪٿا جي ٻئي حصي جا پروف ۽ گرامر درست ڪيا. ڪمپيوٽر آپريٽر غلام مرتضيٰ مڱريو جو بہ ٿورائتو آهيان جنهن ڪمپوزنگ ۾ ڏاڍو سٺو ساٿ ڏنو.
منهنجو جنم ۽ اسڪولي زندگي:-
آئون 04 اپريل 1944ع تي سانگهڙ ۾ رات جي پوئين پهر ۾ ڄائس، امان جو نالو مريم ۽ بابا جو نالو بهارو خان آهي، جيڪو ماضي جي ڪنهن سنڌي جرنيل جو نالو پڻ چيو وڃي ٿو. ڪلهوڙن جي دور جو شاهه بهارو جنهن جو مقبرو لاڙڪاڻي ۾ آهي، بابا فقط چار درجا پرائمري سنڌي جا پڙهي سگهيو، جڏهن ڪه ڏاڏو جنهن جو نالو خان محمد هيو، بلڪل اڻپڙهيل ماڻهو هيو، پر سندس ذهانت تر ۾ مشهور هئي، اهو ئي سبب هيو جو ڏاڏي خان محمد پنهنجي ذهانت ۽ منصوبه بندي تحت آهستي آهستي محنت مزدوري ڪري زمين خريد ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڪُجهه ئي سالن ۾ هڪ وچولو پر سٺو زميندار بڻجي ويو ۽ منهنجي ڏاڏيءَ لک تي مٿو ڌوتو!..
منهنجي ماءَ صفا سادي الله لوڪ انسان هئي ۽ بيحد رحم دل هئي، ڪيترا دفعا مون ڏٺو تہ اسان جي گهر ۾ اهڙيون غريب ۽ فقير عورتون اينديون هيون، جن جا جسم مٽيءَ ڌوڙ سان ڀريل ۽ وارن ۾ نہ وهنجڻ ڪري وار ڳنڊڙيون ٿيل هوندا هئا. ان عورتن کي سوسَي پاڻيءَ ۽ سُرهي صابڻ سان وهنجاري سهنجاري آخر ۾ ماني کارائي ۽ ڪجهه پئسه ڏئي روانو ڪندي هئي. اڪثر ماين کي پائڻ لاءِ پُراڻا يا لٿل ڪپڙا بہ ڏيندي هئي.
بابا ڪُل ٽي شاديون ڪيون، ڦوهه جواني واري ڪنوار جگر جي بيماري جي ڪري سگهو ئي گذاري وئي، بعد ۾ امان سان پرڻيو، جنهن مان ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون ٿيون آخري ٻار کان پوءِ امان سخت بيمار ٿي پئي، انهيءِ وچ امان جي ماسات (ماسي جي ڌيءَ) بيواهه ٿي ۽ امان بابا تي زور ڀريو تہ انهيءَ بيواهه سان شادي ڪري ڇاڪاڻ تہ اسين ڀائر ڀينر ننڍا هئاسين ۽ بيماري سبب امان گهريلو ڪم ڪار کان لاچار هئي. انهيءَ آخري شادي مان ٽي پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ٿيون اهڙي طرح اسان جو ڪٽنب چڱو خاصو وڏو ٿي ويو، پر عمومي زندگي خوشحالي سان ڀرپور هئي، بابا جي حصي آهر 100 ايڪڙ زمين هئي ۽ گڏوگڏ واپار بہ ڪندو هيو ۽ شهر سانگهڙ ۾ اٽي جو وڏو ڪارخانو پڻ هنيائين، جنهن مان سُٺي آمدني ٿيندي هئي.
بابا گُهمڻو ڦِرڻو ماڻهو هيو، هندوستان جا کوڙ شهر گُهميو، انهيءِ گهمڻ ڦرڻ يعني سياحت جي ڪري بابا نسبتن ترقي پسند ۽ روشن خيال ثابت ٿيو. هن تعليم کي ترقي جي چاڙهي سمجهيو ۽ ٻارن کي اسڪول داخل ڪرايائين، پهريون بيٽري تي هلندڙ ريڊيو سانگهڙ ۾ بابا آندو ۽ گراموفون ۽ RPM 78 جا ريڪارڊ ورتائين، ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ انهيءِ زماني ۾ اهي شيون عجيب هيون يعني گراموفون ۽ ريڊيو، هي ذڪر پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جو آهي.
آئون جڏهن ڇهن ورهين جو ٿيس تہ بابا مون کي سانگهڙ جي واحد پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو، اهو 1950ع جو ذڪر آهي، اسڪول ۾ اڌو اڌ هندو ماستر هئا. هيڊ ماستر هڪ مالهي هندو هيو، (سندس نالو شايد گڻيش هيو)، جڏهن تہ هڪ ماستر ڀيل بہ هيو، مولچند نالي هڪ هندو ماستر چرس جو موالي هيو ۽ ٻارن کي ڏاڍو ماريندو هيو، مسلمان ٻارن کي گهڻو ماريندو هيو، جيڪو ٻار گسُائيندو هو تہ گهران ٽنگو ٽالي ڪري کڻائي ايندو هو، مسلمان ٻارن کي زوري جهلي سندو کانگهارو وات ۾ وجهي زوري ڳهائيندو هو، آئون اهي سڀ لقاءَ ڏسي بد دل ٿيس ۽ بابا کي چيم تہ آئون ڪونه پڙهندس ۽ ماستر مولچند جا افعال ٻُڌايامانس. بابا هيڊ ماستر سان ملي ماستر مولچند جي شڪايت ڪئي، انهيءِ شڪايت کان پوءِ ماستر مولچند ٻارن جي وات ۾ سندو ڦِڪو کانگهارو وجهڻ بند ڪيو ۽ مار بہ هلڪي ڪيائين. ٻه ٻيا مسلمان ماستر نالي ولي محمد لانڊر ۽ ڪريم ڏنو وساڻ بہ مار جا شوقين هئا ۽ رُول سان شاگردن کي تِرين تي ڌڪ هڻندا هئا. استاد ڪريم ڏنو سدائين پيو شاگردن کي نديندو هو ۽ ذري پرزي تي ٻارن کي ڀونڊا ڏيندو هو. چوندو هو پاڻ سنڌي ڪڏهن ڪونه سڌرنداسين، پوءِ هڪ لوڪ شعر پڙهندو هو.
قل هو الله گهڙيا ڪُپڙي ۾
اسين صمد پڙهياسين
نڪي ابو پڙهيو نڪو ڏاڏو پڙهيو
اسين ڪٿان اڙياسين.!!
انهن جي ديکا دوکي ڀيل ماستر کي بہ مار جو شوق ٿيو ۽ هڪ وڏي لٺ سان هڪ سيد ڇوڪري کي ڪيرائي وڌائين، سيد ڇوڪرو شڪائتي مائٽن وٽ پهتو ۽ وڃي ڳالهه ڪئي، انهن دير ڪونه ڪئي ۽ موڪل مهل ماستر کي اسڪول کان ٻاهر ڏاڍي مار ڏنائون ۽ ٽنگ بہ ڀڃي ڇڏيائونس! انهيءَ حادثي کان پوءِ مار ۾ ڪافي گهٽتائي ٿي. اهڙي طرح چئن سالن ۾ چار درجا پاس ڪري نيٺ هاءِ اسڪول پهتس.
منهنجو خيال هيو تہ هاءِ اسڪول ۾ مار موچڙو ڪونه هوندو پر اتي تہ ڪاري قيامت برپا هئي. رائت الله نالي هڪ ماستر تہ ايڏو ظلم هيو جو ڇوڪرن کي ڪٽڻ لاءِ زنگي گل جون لٺيون وڍي رات جو پاڻي ۾ پسائي رکندو هيو ۽ صبوح جو اهي لٺيون شاگردن جي جسمن تي ڀڃندو هو، مار مهل ڇوڪرن جون دانهون ڪُوڪُون اسڪول کان ٻاهر بہ ٻڌبيون هيون، روشن نالي هڪ ٻيو ماستر بہ ڏاڍو ظالم هيو، پر اهو رول سان شاگردن کي ڪُٽيندو هيو، اهو عالم ڏسي مون پڙهڻ کان بس ڪئي ۽ امان کي سڀ ڪجهه اچي ٻڌايم. امان بابا کي احوال ڏنو ۽ ٻڌايائين تہ ڇوڪرو ڪونه پڙهندو، ڇو جو اسڪول ۾ ظلم جي مارڪُٽ لڳي پئي آهي، بابا ٻي ڏينهن مون سان گڏ اسڪول هليو ۽ هيڊ ماستر سان مليو ۽ کيس ٻڌايو تہ ڇوڪرو پڙهي نہ پڙهي هن کي مار نہ ڏجو، پرتاب راءَ نالي هندو هيڊ ماستر ڪجهه هيسجي ويو، ڇو تہ بابا شهر سانگهڙ ۾ حيثيت وارو ماڻهو هيو ۽ ٻنهي ماسترن کي آفيس ۾ گهرائي تن کي تنبيهه ڪيائين تہ ڇوڪرو (يعني آئون) مار نہ سهندو، تنهنڪري اسڪول مان مار بند ڪئي وڃي ۽ ماسترن بہ ڊڄي مار بند ڪئي. آئون تہ مار کان بچي ويس پر ڪيترائي ڇوڪرا انهيءِ ظالمانه مارڪُٽ جي ڪري اسڪول ئي ڇڏي ويا. بعد ۾ مون ڏٺو تہ اهي ڇوڪرا مزدوري ۾ رُڌل هئا ۽ ڪن ڇولا پي وڪا پر وري اسڪول ڪونه آيا. هاءِ اسڪول ۾ عربي پڙهائڻ واري مولوي جنهن لاءِ چيو ويو تہ هو عبيدالله سنڌي جي سٿ ۾ شامل هيو، تمام گهڻو مارڻو هيو، ڇوڪرن جي ذري پرزي تان ڪُٽي ڪُٽي کل لاهي ڇڏيندو هو، هن ظالم ماستر جي اها روش ڏسي مون عربي ڇڏي فارسي سبجيڪٽ کنيو ۽ سندس مار کان بچي ويس، آئون هميشه ٻاراڻي ٻوجهه ۾ سوچيندو هيس تہ آخر هي ماستر ايترو ظالمانه طرح مارين ڇو ٿا؟ آخر شاگرد کي نرمي ۽ پيار سان بہ پڙهائي ۽ سيکاري سگهجي ٿو. پر منهنجي انهيءَ سوچ يا سوال جو جواب ڪنهن وٽ ڪونه هيو، الٽو اهو دليل ڏيندا هئا تہ ماستر جي مار ئي حقيقي طرح جي سکيا ۽ پڙهائي آهي، عجيب دليل هيو، پر آئون انهيءِ دليل يا منطق سان ڪڏهن بہ سهمت ڪونه ٿيس ۽ سدائين انهيءَ رَوِش کي غلط سمجهيم، ٻيو تہ ٺهيو پر ڪڏهن سينيما ڏسڻ وياسين تہ ٻي ڏينهن ڪلاس ٽيچر پُڇا ڳاڇا ۾ لڳي ويندو هو، مطلب فلم يا سينيما اهڙي بڇڙي شيءَ هئا تہ معاشري ۾ اهي رائج ڇو هئا ....؟ عجيب جاهل ۽ تنگ نظر هئا اسان جي زماني جا ماستر....!!.
اٺين ڪلاس ۾ اسڪول نئين عمارت ۾ شفٽ ٿيو ۽ اسين بہ ڪجهه قدڪاٺ ۾ وڏا ٿياسين. نئين اسڪول ۾ اسان مارڪُٽ جي خلاف هڪ محاذ جوڙي ورتو ۽ اهڙن ماسترن خلاف بغاوت ڪئي سين، جيڪا ڪامياب ٿي، روشن خيال هيڊ ماستر جناب خليل احمد اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. اسان اسڪول ۾ هڪ شاگرد تنظيم ٺاهي جنهن سنگ تقرير ۽ شعر شاعري جا مقابلا، ڪئمپ فائر، رانديون، اسڪائوٽس، ايمرجنسي ۽ مدد ڪرڻ جا ڪم، پڪنڪ، اپريل فول وغيره جهڙيون غير نصابي ايڪٽي ويٽيز شروع ڪيون سين ۽ اسڪول جو ماحول ئي بدلجي ويو. رائت الله ۽ روشن جهڙا ظالم ماستر تہ بدلي ٿي ويا هئا پر خاص ڪري رائت الله لاءِ مون عهد ڪيو تہ انهيءِ ظالم سان پلاند ڪبو، پر اها خواهش سڄي عمر پوري نہ ٿي ڇاڪاڻ تہ اهو وري ڪڏهن ڪونه گڏيو. هن شخص گهٽ ۾ گهٽ ڏهن شاگردن جون زندگيون برباد ڪري ڇڏيون. هيستائين تہ اُهو مردود مري ويو هوندو. آئون تہ خير انفرادي طرح ماسترن جي مار جي سخت خلاف هيس، پر گهڻو پوءِ خبر پئي تہ دنيا ۾ جيڪي بہ سڌريل ملڪ آهن اتي شاگردن تي تشدد يا مارڪٽ سخت منع آهي. هن وقت هتي کڻي اڳ جهڙو ماحول نہ بہ آهي تڏهن بہ ٿورو گهڻو اهڙو ڪلچر اڃان بہ موجود آهي ۽ ڪٿي ڪٿي تہ انتها تي پهتل آهي. 2016ع ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ اسڪول ۾ هڪ ماستر هڪ هونهار سنڌي شاگرد محمد احمد تي ايترو تشدد ڪيو جو هو معذور ٿي ويو. ميڊيا ۽ اخبارن انهيءَ قصي کي اچي کنيو ۽ نتيجي ۾ گورنمينٽ سنڌ ايڪشن ۾ آئي ۽ انهيءَ ڇوڪري جو علاج اڄڪلهه آمريڪا ۾ سرڪاري خرچ تي ٿي رهيو آهي، پر تنهن ظالم ماستر تي اڃان تائين ڪو قدم نہ کنيو ويو آهي نہ علاج جا پئسه ڀرايا ويا آهن، ٻڌو اٿئون تہ هو پنجابي ۽ فوج جو ڪو ماڻهو آهي..!!.
مٿي مون ڪجهه ظالم ماسترن جو ذڪر ڪيو آهي، پر گڏوگڏ ٻڌائيندو هلان تہ ڪجهه ماستر، جن کي آئون ”استاد“ چوڻ پسند ڪندس، ڏاڍا مهربان، شفيق ۽ محنت ۽ محبت سان پڙهائڻ ۽ سيکارڻ وارا هئا. سائين عبدالله هاشمي ۽ سائنس ٽيچر محمد اقبال اهڙا ئي مهربان اُستاد هئا. غلام محمد ملانا (سنڌي فلمن جي هيرو مشتاق چنگيزي جو وڏو ڀاءُ) استاد کان وڌيڪ پنهنجن شاگردن جو دوست هيو، ٽنڊي محمد خان جو رهواسي نسيم نالي استاد بہ اهڙو مهربان استاد هيو، افسوس هوءَ جواني ۾ ئي هي جهان ڇڏي ويو. هيڊ ماستر خليل احمد ۽ ڪاليج پرنسپال عبدالرشيد تہ مثالي ماڻهو هئا. سروپ چند شاد اسان جو انگلش پڙهائڻ وارو تمام هوشيار استاد هيو ۽ خرابين کان پاڪ هڪ صاف سٿرو ۽ بهترين شاعر پڻ هيو. وليم وڊزورٿ جي تعارف ۽ شاعري تي هن هڪ هفتو لڳايو جنهن سان اسان کي وليم وڊزورٿ جي عظمت جي خبر پئي. هڪ دفعي هن شيڪسپيئر جي ڊرامي ”مرچينٽ آف وينس“ کي ڪاليج اسٽيج تي پرفارم ڪيو جنهن ۾ مون کي هن ”اينٽونيو“ جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڏنو، بهرحال اهي هئا اسان جا استاد ”ڪِنا ۽ سُٺا“. دنيا دورنگي آهي هتي سٺا ۽ بُڇڙا سڀ رهن ٿا. ڪي ڪنهن جي زندگي ٺاهين ٿا ۽ ڪي کارين ٿا.
ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ آئون وڃي SM ڪاليج ڪراچي ۾ داخل ٿيس، اتي جو پرنسپال ايم ايڇ ڪوهاٽي عجيب هيبت ناڪ ماڻهو هيو، ڪاليج ۾ بہ پستول کڻي ايندو هو، ڇا جي ڪري تہ ڪاليج ۾ غنڊه گردي هوندي هئي، آئون هاسٽل جناح ڪورٽس ۾ رهندو هيس پر ڪاليج ۾ غنڊه گردي جي ماحول جي ڪري آئون اتي ايڊجسٽ نہ ڪري سگهيس ۽ هڪ طرح جي ڊپريشن ۾ مبتلا ٿي ويس پر انهيءِ جو علاج مون فلم ڏسڻ ۾ ڪڍيو ۽ ڊيلي آئون ڪنهن نہ ڪنهن سينيما ۾ وڃي وقت گذاريندو هوس. تڏهن انڊين فلمون عام هيون، آخر تقريبن ڇهن مهينن کان پوءِ آئون بيزار ٿي پيس ۽ واپس سانگهڙ موٽڻ جي ڪيم، آخر اچي سانگهڙ ڪاليج ۾ انٽر پاس ڪيم پر انهيءِ ۾ منهنجو هڪ سال ضايع ٿي ويو.
منهنجو تعليمي سال برباد نہ ٿئي ها جيڪڏهن ان وقت جو چيئرمين بورڊ حيدرآباد جيڪو هڪ سنڌي هيو، (جعفري صاحب) جيڪڏهن پنهنجي اختيارات تحت مون کي ڪراچي بورڊ مان واپسي منظور ڪري ها، سنڌي سنڌي جي مدد تمام گهٽ ڪندو آهي، سو هن سنڌي چيئرمين منهنجي مدد نہ ڪئي، چئي مائگريشن سرٽيفڪيٽ وٺي اچ. آئون واپس ڪراچي بورڊ ويس، سانڌهه هڪ هفتو حاضري ڏنم پر ڪنهن مدد ڪونه ڪئي، آخري ڏينهن تي بورڊ جي هڪ ملازمه مس ملڪ، جيڪا هڪ پنجابڻ هئي، تنهن مون کان پڇيو.
”مين آپ ڪو ايڪ هفتي سي ديکهه رهي هون، آپ روز صبح آتي هين اور شام دفتر بند هوني پر چلي جاتي هين. آپ ڪي ساتهه ڪيا مسئله هي؟“.
مون کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي ۽ چيومانس تہ مون کي مائگريشن سرٽيفڪيٽ کپي.
”بس اتني بات هي؟ دس روپي سامني کهڙڪي والي ڪو ديڪر رسيد ميري ڪمري مين لي آئو“
مون دير ئي نہ ڪئي، پيسا پياري رسيد کڻي سندس ڪمري ۾ ويس، رسيد وٺي هوءَ ٻي ڪمري ۾ وئي ۽ سگهو ئي مائگريشن سرٽيفڪيٽ کڻي آئي ۽ اچي منهنجي هٿ ۾ ڏنائين، مون سندس ٿورا مڃيا ۽ دل ۾ عهد ڪيم تہ هن سهڻي جو احسان آئون ضرور لاهيندس. پر افسوس منهنجي اها آس اڃان تائين قائم تہ آهي پر مس ملڪ الائي ڪهڙي جهان ۾ گم ٿي وئي آهي، پر سنڌي چيئرمين جعفري صاحب تڏهن بہ امتحان (فرسٽ ايئر) ۾ ويهڻ جي اجازت نہ ڏني. چئي امتحان ويجها آهن، پر مون کي فرسٽ ايئر ۾ داخلا ملي سگهي ٿي، اهڙي طرح منهنجو هڪ تعليمي سال برباد ٿي ويو. اهي اَٿو پنهنجي سنڌي آفيسرن جا حال___، جعفري صاحب دفتر ۾ بيٺو رهندو هو، ڪيترا گهمرا آئون وٽس ويس پر هو سدائين بيٺو رهندو هو. يعني ڪرسي تي ڪڏهن بہ ويٺل ڪونہ ڏٺم، مون ٻاهر پٽيوالي کان ان جو سبب پڇيو، ٻڌايائين تہ صاحٻ کي ڪا اهڙي بيماري آهي جو هو ويهي نہ ٿو سگهي. مون کي پڪ آهي تہ جعفري صاحب جو ساهه بہ ائين ئي بيٺي بيٺي نڪري ويو هوندو. قدرت هن کي سندس سڀاوءُ ۽ آفيسري هوڏ جي ڪري اِها سزا ڏني هئي تہ ويهي نہ سگهي، بس بيٺو رهي، هيسيتائين تہ جعفري صاحب مري کپي ويو هوندو بلڪ سندس هڏا بہ ڳري ويا هوندا پر يادون ۽ سلوڪ تہ باقي رهجي وڃن ٿا. جعفري صاحب ۽ مس ملڪ جو آئون موازنو ڪريان تہ مس ملڪ کي آئون سدائين خوشگوار يادن سان ياد ڪندس ۽ جعفري صاحب کي سدائين ناگوار يادن سان ياد ڪندس، جنهن خوامخواهه منهنجو هڪ تعليمي سال ضايع ڪيو. سنڌي آفيسرن جي اڪثريت اهڙي ئي آهي.
انهيءِ کان پوءِ منهنجي زندگي جو سونهري دور شروع ٿيو ۽ مون ڪراچي يونيورسٽي جي آنرز اڪنامڪس ۾ داخلا ورتي. ڪراچي يونيورسٽي جي دور متعلق آئون آتما ڪٿا جي پهرين حصي ”شڪست“ ۾ چڱو خاصو لکي آيو آهيان، بس هتي ايترو ئي لکان ٿو تہ امن، محبت ۽ عشق جا زمانا هئا، جن کي خوب انجواءِ ڪيوسين. بس هڪ خواب هو جنهن کي ياد ڪندو آهيان تہ نورجهان جو هڪ انمول گيت ياد اچي ويندو آهي.
وه خواب سهانا بيت گيا
ڪجهه عرصو اڳي جڏهن فلم مغل اعظم کي بليڪ اينڊ وائيٽ مان نيو ٽيڪنالوجي جي ذريعي رنگين ڪري پيش ڪيو ويو تہ افتتاح جي موقعي تي فلم جي هيرو دليپ ڪمار آلين اکين سان انٽرويو ڏيندي چيو.
”ڪاش! اهي زمانا وري موٽي اچن“.
ڪراچي شهر، يونيورسٽي، امن ۽ محبت جا زمانه......... هڪ سحر هيو، جادو هيو، آئون بہ چوان ٿو.
”ڪاش! اهي زمانا ۽ اهو ماحول ۽ اها ڪراچي وري موٽي ملي“.
آئون ڪجهه وقت ٿيو، پراڻيون ياديون تازيون ڪرڻ ڪراچي يونيورسٽي ويس تہ اتي جو منظر ڏسي دل ڌڪجي وئي!. رينجرز، پوليس ۽ شاگردن جا هيسيل هيسيل منهن، ڪابه رونق يا خوشي ۽ جواني جي جولاني نظر نہ آئي.
نه سي ووئڻن وڻن ۾ نہ سي ڪاتياريون
پسيو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿي
اسين شايد خوش نصيب هئاسين جن اهڙو دلربا دور يونيورسٽي ۾ گذاريو هو، بعد ۾ ستت ئي پوءِ نحوست جو اهڙو طوفان اٿيو جنهن ۾ علم، ادب، سونهن، پيار، محبت ۽ عشق فنا ٿيا ۽ هر طرف نجاست ديرو ڄمايو. هڪ عظيم الشان ماحول ۽ عظيم الشان ڪلچر جي جاءِ ”ڪوچڙا ڪلچر“ مُسلط ٿيو. انهيءِ جو پيداگير اڄ بہ لنڊن ۾ ويٺو هٿوراڙيون هڻي.!
مون وٽ فلسفو آپشنل سبجيڪٽ هيو، آنرز جي ٽئي سال مون M.A فلاسافي ۾ داخلا فارم ڀرايو پر ايم اي نہ ڪري سگهيس ۽ نہ ئي آنرز مڪمل ڪري سگهيس. ڇاڪاڻ تہ بابا اوچتو سن اسٽروڪ وگهي گذاري ويو ۽ مون تي گهر ۾ وڏي جي صورت ۾ سب جوابداريون اچي لٿيون ۽ آئون فقط بي اي پاس ڪري سگهيس، آئون سادي بي اي تہ پاس ڪري ويس ۽ گريجوئيٽ بڻجي ويس پر اها گريجوئشن مون کي ڪڏهن ڪم نہ آئي، هن ملڪ ۾ شروع کان ئي سفارش ۽ پئسو ئي سڀ ڪم ڪرائي ٿو ۽ سي ٻئي مون وٽ ڪونه هئا، تنهن ڪري فيصلو ڪيم تہ پنهنجو اباڻو ڪم ڪريان يعني زمينداري.
مون کي اهو اعزاز حاصل ٿيو تہ پنهنجي سڄي ويڙهي ۾ آئون پهريون ماڻهو هيس جنهن گريجوئشن ڪئي، منهنجو ڏاڏو اڻ پڙهيل هو، بابا فقط چار پرائمري پڙهيو، آئون گريجوئيٽ ٿيس ۽ منهنجا پنج ئي ٻار پوسٽ گريجوئيٽ ٿيا ۽ ماشاالله ننڍي پٽ آزاد علي جرمني مان ڪمپيوٽر سافٽ ويئر ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي، انهيءِ ۽ اهڙي سفر ۾ سخت محنت ۽ صبر آزما مرحله پر مشڪل مرحله آيا ۽ انهن ۾ منهنجي شريڪ حيات برابر جي گڏ هئي.
مشڪل مرحلا:-
حضرت پير سائين سيد صبغت الله شاهه راشدي (پير پاڳارو سورهيه بادشاهه) جي سربراهي ۾ حُر تحريڪ آزادي زورن تي هئي، مَکي ٻيلو ۽ سانگهڙ گڙنگ بنگلو انهيءِ تحريڪ جو مرڪز يا هيڊ ڪوارٽر هئا، گڙنگ بنگلو بمباري ڪري ناس ڪيو ويو. انگريز حڪمرانن آخر تنگ ٿي 01 جون 1942ع تي مارشلا نافذ ڪئي جنهن جو نشانو بہ ضلعو سانگهڙ بڻيو، ملڪ ٻري ويو هو، پير صاحب پاڳاري کي قيد ڪري انگريز حڪمرانن رتناگيري جيل موڪلي ڇڏيو هو، پر سندن غير حاضري جي باوجود تحريڪ آزادي جاري رهي. حُر تحريڪ جو هي ٻيو فيز هيو، جڏهن تہ هن کان اڳ 1885ع ڌاري پهريون فيز برپا ٿيو هيو جنهن جا مُک سرواڻ بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير هئا ۽ سرپرستي پير پاڳاري جي هئي، محمد بچل عرف بچو بادشاهه ذات جو خاصخيلي هيو، جڏهن تہ پير بخش عرف پيرو وزير ذات جو وساڻ هيو، بيان ڪجي تہ حُر تحرڪ آزادي جي پهرين فيز ۾ 1895ع ۾ هڪ رهزن ظالم آفيسر نالي ليوڪس انگريز سامراج حڪومت طرفان مقرر ڪيو ويو، جنهن حُرن تہ ڇا پر غير حُرن يعني عام خلق تي بہ ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا. کيت کليان ساڙي ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ برباد ڪيائين، اِها ڪهاڻي تمام ڊگهي آهي پر انجام ڪار پيرو وزير ۽ سندس ساٿين ساڻس مقابلو سانگهڙ کان اولهه طرف ٻه ميل پري جُهوڙي ڀنڀري جي زمين تي ڪيو ۽ شهادت جو جام پيتو ___ بچو بادشاهه بہ آزادي جي هن جنگ ۾ پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو.
پهريون فيز ختم ٿيو جنهن جي تاريخ ۽ روئداد ڪتابن ۾ محفوظ ٿيل آهي ۽ ٻيو فيز تقريبن اڌ صديءَ کان پوءِ شروع ٿيو ۽ ڀرپور نموني جاري رهيو. انگريز حڪمرانن حُرن سان ڪري گذاري، پير صاحب پاڳاري جي گرفتاري کان پوءِ انگريزن لئمبرڪ جي سربراهي ۾ حُرن کي قيد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ حُرن کي لوڙهن (ڪيمپس) ۾ رکندا ويا. اسان جو خاندان بہ پير صاحب پاڳاري جو مريد هيو، تنهن ڪري اسان تي بہ انگريز حڪمرانن جي نظر هئي، اسان جا ڪيترائي خاندان جا ماڻهو ٻارن ٻچن سميت جيلن ۽ لوڙهن ۾ قيد ٿيا، پر سي سڀ ڳوٺن ۾ رهندڙ هئا، اسان شهر ۾ رهندا هئاسين. تنهنڪري في الوقت جيل ۽ لوڙهن کان بچي وياسين، پر گرفتاري ۽ قيد جو خطرو تہ هيو ئي هيو، آخر خاندان جي وڏن فيصلو ڪيو تہ جيسيتائين امن ٿئي تيسيتائين هي جُوءِ ڇڏجي، سُکيا ستابا زميندار گهراڻي جا ماڻهو پنهنجون زمينون ۽ مال متاع ڇڏي ٻارين بچين اُتر سنڌ روانا ٿيا جتي نسبتن امن هيو، جيڪب آباد منزل هئي، اتي ڊاڪٽر مولچند جيڪو سانگهڙ ۾ بہ رهي ويو هو، تنهن رهائش وغيره جو بندوبست ڪري ڏنو، مرد ماڻهن ۽ جوان ڇوڪرن محنت مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي، تنهن وچ شڪي حالتن ڪري پوليس پڇا ڳاڇا ڪئي پر ڊاڪٽر مولچند جي مداخلت ۽ سفارش تي ڇڏيو ويو. پر پوليس جي پڇا ڳاڇا کان پوءِ قيد جو خوف وري ورائي ويو ۽ سڄو خاندان جيڪب آباد ڇڏي اچي خيرپور ناٿن شاهه ڀِيڙو ٿيو، اتي لانڊر ذات جي هڪ خاندان چاچي ولي محمد لانڊر سان اسان جي خاندان جي دوستي هئي ۽ انهن پناهه ڏني. اهڙي طرح ڪي ٻه سال گذري ويا، سانگهڙ مان خبرون مليون تہ اتي ڪجهه ٺاپر ٿي آهي، نيٺ سانگهڙ واپسي جا سانباهه ٿيا ۽ سيتا ريلوي اسٽيشن کان ڪوٽڙي روانگي ٿي.
1942ع، انهيءِ سال سنڌ ۽ خصوصن اُتر سنڌ ۾ ٻوڏ آيل هئي، هر طرف پاڻي پاڻي هيو، وسندي برسات ۾ ريل گاڏي رواني ٿي، پر ڪجهه ئي ميلن کان پوءِ ريل گاڏي بيهي رهي، خبر پئي تہ ٻوڏ جو هڪ وڏو وهڪرو ريل جي پٽڙي اورانگهي رهيو آهي، سڀ مسافر گاڏي مان لهي ٻوڏ جي پاڻي جو نظارو ڪرڻ لڳا. انجڻ ڊرائيور، جيڪو سنڌي هيو، انهيءَ چيو تہ اڳتي هلڻ مشڪل آهي. ڪلاڪ ٻه ترسڻ ۽ بحث مباحثن کان پوءِ ڊرائيور همت ٻڌي ۽ مسافرن کي گاڏي ۾ چڙهڻ لاءِ چيائين. ٻوڏ ۽ برسات جو پاڻي ميل کن ۾ هيو، ريل گاڏي تمام آهستي آهستي اڳتي هلي ۽ ڪڇون چال هلڻ لڳي. اهو ميل کن جو پنڌ گاڏي ڪلاڪ کن ۾ پورو ڪيو، پر آخرڪار اهو خطرناڪ ٻوڏ وارو ٽڪرو پار ڪيائين ۽ پوءِ رفتار پڪڙي اڳتي رواني ٿي. گاڏي آخرڪار ڪوٽڙي پهتي تيسيتائين رات ٿي وئي هئي، رات دير دير ڪراچي کان لاهور واري گاڏي آئي، ٽڪيٽون ورتل هيون، تقريبن آڌي رات سڀ اچي شهدادپور اسٽيشن تي لٿا. صبوح جي نماز کان پوءِ سانگهڙ ويندڙ هڪ لاري (بس) ۾ هڻي هڻي خيرن جا سڀ سانگهڙ اچي لٿا.
ڳوٺن ۾ رهندڙ اسان جي ويجهن عزيزن 12 سال جيلن ۽ لوڙهڻ ۾ گذاريا، جڏهن تہ اسان جي شهري ڪٽنب لڳ ڀڳ 2 سال اُتر سنڌ ۾ دربدر گذاريا. اهي مشڪل مرحلا تڪليفون ۽ غيرن طرفان مليل صعوبتون صرف ان لاءِ نصيب ٿيون جون اسين بہ حُر هئاسين ۽ انگريز حُرن جو جاني دشمن هيو، انهن صعوبتن جو جيڪڏهن داستان لکجي تہ ان لاءِ پورو هڪ ڪتاب تيار ٿي وڃي. پر جماعت جو هر هڪ فرد پنهنجي مرشد ۽ جماعت سان وفادار رهيو، اهو عجيب عشق هيو جنهن ۾ حُرن پنهنجي جان ۽ مال جي بي پناهه قرباني ڏني.
يه عشق نهين آسان، بس اتنا سمجهه ليجئي
اِڪ آگ ڪا دريا هي اور ڊوب ڪي جانا هي.
حر تحريڪ جاري هئي، مارشلا کي ٻه سال ٿي ويا هئا، انهيءَ وچ انگريز حڪمرانن سورهيه بادشاهه (پير صبغت الله شاهه راشدي) کي خفيه نموني ڦاسي ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو. (20 مارچ 1943ع) اتر سنڌ کان واپسي کان پوءِ 1944ع ۾ منهنجو جنم ٿيو، حُر تحريڪ جي گوريلن کي هڪ عوامي يا لوڪ خطاب بہ ڏنل هيو، اهو هيو ”ڀڳل__“ گوريلا يا ڀڳل انگريزن سان تہ مهاڏو اٽڪائيندا آيا پر ڪٿي ڪٿي ذاتي يا جماعتي دشمني ۾ خونريزي بہ ٿيندي هئي. اهڙي ئي هڪ واقعي ۾ منهنجو هڪ چاچو نالي سانوڻ بہ آويءَ ۾ اچي ڀڳلن هٿان مارجي ويو. انهيءَ واقعي کان پوءِ اسان جي خاندان يا قبيلي ۾ ڏک ۽ هراس پکڙجي ويو. بعد ۾ ايندڙ ٽي سال انهيءِ هراس ۾ گذري ويا تان جو 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان ٺهي ويو ۽ انگريز سامراج هتان ٽپڙ ٻڌا. ملڪ تہ آزاد ٿي ويو پر آزادي جي جنگ وڙهندڙ حُر 1952ع ۽ ڪي 1954ع ۾ قيد مان آزاد ٿيا.. اها حقيقت ڪيتري نہ ڏکوئيندڙ آهي سا هڪ الڳ ڪهاڻي آهي تہ ائين ڇو ٿيو؟ محقق ۽ دانشور ئي انهيءَ تي روشني وجهي سگهن ٿا تہ ملڪ آزاد ٿيڻ کان پوءِ ۽ انگريز حڪمراني ختم ٿيڻ جي باوجود حُرن کي ڪي سال ڇو قيد رکيو ويو؟. ليمبرڪ جو لکيل ڪتاب The Terrorist، ڪرنل فلپ، آفتاب نبي، ڪرنل وصال وليداد ولي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو لکيل ڪتاب ”حُر گوريلا تحريڪ“ محمد عثمان ڏيپلائي جو ناول نما ڪتاب ”سانگهڙ“، مبين وساڻ، محمد عمر چنڊ، قادر جوڻيجو، نصير اعجاز، ملهار فقير خاصخيلي جا ڪتاب انهي تحقيق ۾ وڏي هٿي ڏئي سگهن ٿا.
آئون هميشه هڪ حقيقت تي حيران ٿيندو آهيان تہ اسان جي وطن سنڌ تاريخ ۽ انقلاب جا ڪجهه اهم ترين باب شروع ڪيا، پر انهن کي پذيرائي نہ ملي سگهي، مثال طور گوريلا جنگ لاءِ ڪيوبا، وينزويلا، بلوويا، سري لنڪا تامل ناڊو، نڪسلائيٽ، ڪولمبيا وغيره جا تہ نالا ۽ بيان تہ ڏاڍي شدمد سان ورجايا ٿا وڃن پر دنيا جي پهرين آزادي لاءِ گوريلا جنگ ”حُر مومنٽ“ جو ذڪر جهڪو جهڪو ڪيو ٿو وڃي. ڪميونسٽ انقلاب لاءِ روس، چين وغيره جو ذڪر تہ وڏي تم تراق سان ڪيو ٿو وڃي پر ڪميونزم جو پهريون قدم يا انقلاب تہ سنڌ ۾ روسي انقلاب کان پندرهن ويهه ڏهاڪا اڳ شاهه عنايت شهيد جهوڪ شريف ۾ برپا ٿيو هو، انهيءِ جو ذڪر گهٽ ٿو ڪيو وڃي.
اهو سڀ اسان سنڌين جي بي حسي جو اهڃاڻ آهي، بدنصيبي جي انتها تہ ڏسو تہ موهن جو دڙي جي لِپي صدي کن گذرڻ جي باوجود اڃا نہ پڙهي وئي آهي ۽ نہ ئي دڙي جا رهيل ٻه يا ٽي تهه يا حصا کوٽيا ويا آهن ۽ نہ ئي تحقيق اڳتي وڌي سگهي آهي، يونيسڪو ۽ دنيا جا ٻيا سجاڳ اداره زبردست انٽريسٽڊ آهن ۽ ڪروڙين روپيه فنڊ ڏئي چڪا، پر سي فنڊ بدعنوان بيورو ڪريسي هٿان کاڄي پيچي ويا رهندو لڌل زيور ۽ ٻيون قيمتي شيون گم ٿي ويون، رڳو هڪ نچڻي ۽ هڪ پروهت جو مجسمو الائي ڪيئن بچي ويا. مردگي ۽ بي حسي جو عالم هيءِ آهي تہ ديوار چين کان پوءِ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو ۽ ڪوٽ رني ڪوٽ اڃا طي نہ ٿيو آهي تہ آخر هي ڪهڙي حڪمران ٺهرايا......؟ اسان گورک هل آباد تہ پري جي ڳالهه پر گورک ويندڙ رستو چڱي طرح نہ ٺهرائي سگهياسون. سب فنڊ مختلف بهانن سنگ هضم ٿيا، اسان جي سنڌي بدعنوان آفيسرن ۽ حڪمرانن هٿان........
جڏهن اهو حال آهي تہ گورک، موهن جو دڙو، آمري، رني ڪوٽ، شهيد شاهه عنايت جو انقلاب ياد ئي نہ آهن تہ حُر موومنٽ ۽ آزادي خاطر دنيا جي پهرين گوريلا جنگ ڪنهن کي ياد آهي؟ بي حسي جي انتها آهي.............