ٽِين ايج TEEN AGE
انهيءِ کان اڳ وارو دور، يعني بچپن جو دور شهنشاهي دور هوندو آهي، ڪنهن ڳالهه يا مسئلي جي ڪا اُون ڪونه هوندي آهي، شرارت، راند رُوند، کِل مسخري، مائٽن سان اجايا ضد ۽ فرمائشون، انهيءِ دور جا تحفه هوندا آهن. ڪنهن ڳالهه جو ڪو فڪر ڪونه هوندو آهي، ڀلي دُنيا هيڏي جي هوڏي ٿي وڃي، پرواهه نہ هوندي آهي، مون کي ياد آهي تہ اسان جي انهيءَ شهنشاهي دور ۾ نهرو مري ويو. اسان ٻار چانڊوڪي راتين ۾ لڪ لڪوٽي راند ڪري جڏهن ٿڪبا هئاسين تہ گڏجي ڪورس ۾ ڳائيندا هئاسين.
واهه ڙي واهه، ڳُڙ جو پاءَ
نهرو مئو اسان جو ڇا؟
سانوڻ ۽ مينهونڳي ۾ ڪارڙو ڪنڀارڙو بہ ڪورس ۾ ڳائيندا هئاسين ۽ ڪُهر ورهائيندا هئاسين. ڪار جو سفر ۽ ڪار ۾ سيٽن تي ٽِپ ڏيڻ، باغن مان انبڙين ۽ زيتونن جي چوري، بادشاهن جو ڳالهيون پنهنجي پوڙهين ۽ پوڙهن کان ٻُڌڻ، هڪ جيڏن سان سياري ۾ مچ ڪچهريون مچائڻ، سرڪس، ٿيٽر ۽ سينيما ۾ فلم ڏسڻ محبوب مشغلا هوندا هُئا ۽ مٿين سڀني ڳالهين ۾ مزو ئي مزو هوندو هو.
چُهٽي اسير تو بدلا هوا زمانه تها
نه پُهول تهي نہ چمن تها نہ آشيانه تها
يا
هم جسي عمر سمجهي، وه اڪ پل نڪلا
انهيءِ شهنشاهي دور ۾ شل نہ ڪنهن ٻار سان ڪو الميو ٿئي، خاص ڪري جيڪڏهن ڪنهن ٻار جي ماءَ گذاري وڃي، مون کي ياد آهي تہ آئون جڏهن ڇهين ڪلاس ۾ هُيس تہ امان هڪ ڊگهي بيماري کان پوءِ آڌي رات ڌاري دم ڏنو، گهر ۾ روڄ راڙو ٿيو تہ آئون ننڊ مان جاڳيس ۽ ٻين ڀاتين سان گڏ آئون بہ اُڇگارون ڏئي روئڻ لڳس، بابا بہ رُنو پي ۽ چيائين تہ آخرين گهڙين ۾ امان هن کي (بابا کي) سڏيو ۽ بابا جو آخري ديدار ڪيائين. اسر مهل گاسليٽ جي بتيءَ تي (تڏهن سانگهڙ ۾ بجلي ڪونه هئي) روئندي روئندي اسڪول جي موڪل جي درخواست لکيم ۽ صبوح سوير پنهنجي ڪلاس فيلو نالي فرمان علي کي گهر ڏئي آيس، جيئن استاد موڪل ڪرڻ تي ناراض نہ ٿين، (ظالم ماسترن جو خوف انهيءِ المئي ۽ صدمي ۾ بہ طاري هيو) صبوح ساڻ غُسل ۽ ڪفن ٿيو ۽ امان کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. آئون سمجهان ٿو تہ دُنيا ۾ عزيز ۾ عزيز ۽ پياري هستي ماءُ آهي، اصل ۾ اسين هُن جي جسم يا وجود جو ئي حصو هوندا آهيون، انهيءَ ڪري هُو بہ اسان جي مالڪي ڪري وڌ کان وڌ ڀائيندي آهي ۽ هر قرباني ڏيندي آهي ۽ تڪليفون کڻندي آهي ۽ هر خطا معاف ڪندي آهي. سور سهي ڄڻڻ ۽ نپائڻ، ڪوسي ٿڌي جو خيال رکڻ، ڪنهن خطري يا بيماري ۾ راتين جا اوجاڳا، گونهه مُٽ کڻڻ، ڪپڙي لٽي، ماني ٽڪي جو بندوبست، ايتري قدر جو پاڻ بُکي رهندي پر اولاد کي سندو حصو بہ کارائيندي پنهنجي ٻچن جي هر خوشي ۽ هر غم ۽ تڪليف ۾ ماءَ ئي حصيدار رهندي آهي، ٻيا سڀ رشتا ماءَ جي خُلوص آڏو هِيچ آهن. امان جي وڇوڙي کان پوءِ گهر ڄڻ ويران ٿي ويو. سندس موت کان پوءِ هڪ ڊگهو عرصو اسان سڀ ڀائر ڀينر ڏُک ۽ ڏُهاڳ جي هڪ عجيب جهان ۾ رهياسين. آئون پنهنجي ننڍي ڀيڻ سان گڏ هڪ ئي کٽ تي سمهندو هُيس. روز رات جو تارن ڀري آسمان هيٺ سمهڻ محل آئون ۽ ننڍي ڀيڻ امان جون ڳالهيون ورجائيندي روئندا هئاسين. آخر ۾ اڪثر هڪ لوڪ گيت ڌيمي آواز ۾ ڳائيندي ڳائيندي سمهي رهندا هئاسين.
عُمر ادا اباڻن کان ڪانه خبر ڪنهن آندي آ
دل ماندي آ مارن لاءِ دل ماندي آ
امان جون ڳالهيون ياد ڪري آئون اڄ بہ روئندو آهيان، اصل ۾ منهنجي ماءَ تمام سادي ۽ عجيب ڀَوري بندي هُئي، اوهان هن کي الله لوڪ چئي سگهو ٿا.
اونهاري جي راتين ۾ ڪروڙين تارا ڏسي بستري تي سمهندي امان کان پڇيم “امان! هي تارا ڪيڏا وڏا هوندا؟”. امان سوچ ۾ پئجي وئي، سوچي چيائين “ابا! اِهي رِڍ جيڏا آهن”. اوهان امان جي سادگي جو انهيءِ جواب مان اندازو لڳائي سگهو ٿا.
ننڍي هوندي سانگهڙ جي پُراڻي ڌرم شالا سينيما ۾ دليپ ۽ نرگس جي ڏُک درد سان ڀريل فلم “ميلا” لڳي. فلم تمام مشهور هُئي، بابا کي فرمائش ڪيائين تہ فلم ”ميلا“ ڏسڻي آهي، اسان سڀ فلم ڏسڻ وياسين، فلم ۾ رُڳو ڏک ئي ڏک هيو، ڏٺم تہ امان فلم ڏسندي روئي رهي آهي، مون بہ روئي روئي ڪِنَ ڪري ڇڏيا.
ملوڪان نالي هڪڙي پاڙي جي ڇوڪري فلمن لاءِ ديواني هوندي هُئي، ڪا مشهور فلم لڳندي هئي تہ ڊوڙي امان وٽ ايندي هئي ۽ منٿون ڪندي هُيس تہ ”ماسي ماسي فلم ڏيکار______!“ سندس منٿ ميڙ تي امان اڪثر مڃي ويندي هئي ۽ بابا کي چئي ڌرم شالا سينيما فلم ڏسڻ ويندي هُئي، فلم قسمت، بابل ۽ برسات مون کي بہ ياد آهن، جيڪي ملوڪان جي فرمائش تي ڏٺيون سين. فلم برسات ڏسڻ لاءِ منهنجي چاچي نالي رُچڻ ۽ سندس پٽ نالي گاجن بہ هُئا. جنهن مهل فلم ۾ نرگس کي درياهه ۾ لوڙهيو ويو تہ گاجن وٺي رڙيون ڪيون “گهوڙا! مائي ٻُڏي وئي!!” ۽ زور زور سان روئڻ لڳو. چاچي رُچڻ مس مس ماٺ ڪرائيس.
مراد فقير نالي هڪ الله لوڪ درويش اسان جي گهر دُعا لاءِ ايندو هيو، امان کانئس پنهنجي بيماري (هڏن جي ٽي بي) جي شفا لاءِ دُعا لاءِ چوندي هئي، مراد فقير دُعا تہ ڪندو هو پر دُعا ڪانه اگهائي ۽ انهيءَ مرض وِگهي ئي مري وئي. پر امان مراد فقير کي هميشه نوازيندي هُئي، بُلڪل ڌُتڙيل ۽ بيواهه عورتن وانگر جيڪي وٽس اينديون هُيون. سو سندس ڪومل ڪومل يادون هميشه ور ور ڏئي ياد اينديون هيون ۽ اڃان به، جڏهن ڪه هينئر عمر جي آخري فيز ۾ آهيون ياد اينديون آهن ۽ اڄ تائين جڏهن دل گهڻو دُکي ٿيندي آهي تہ سندس قبر تي وڃي حاضري ڀريندو آهيان ۽ نائين محرم تي ضرور وڃان ۽ قبر جي سار سنڀال لهان. مون کي ياد آهي تہ جڏهن اسان سندس جنازو کڻي قبرستان پهتا هُئاسين تہ منهنجي ماسي نالي مِٺڻ ۽ ڳوٺ جي ٻين عزيزن ۽ پڻ ٻين ڳوٺاڻن آهه و زاري ڪندي سٿرون ۽ منهن مٿو پٽيندي باقاعدي ماتم ڪيو هيو. امان مريم جي وڇوڙي جو ڏُک راڄن ۾ ڪيو ويو هو.
معصوميت ۽ شهنشاهت جو دور ختم ٿيو ۽ “ٽين ايج” شروع ٿيو، جنهن ۾ رُڳو گند هيو. جوش جلال خُودنمائي ۽ عشق بازيون انهيءِ دور جا خاصا هئا، جن جو ڪافي تفصيل آئون هن آتم ڪٿا جي پهرين ڀاڱي ”شڪست“ ۾ ڏئي آيو آهيان، بهرحال هن دور جي خاص ڳالهين مان هڪ هيءِ هئي تہ مذهب ڏي رُجوع ٿيس، پنج وقت نماز، 30 روزا جاري ٿيا ۽ وڏن وڏن مولوين ۽ عالمن سان ملاقاتون ۽ بحث مُباحثا شغل ٿي پيا. اِهو سلسلو ڪي سال رهيو پر آئون بددل ٿيس، جڏهن ڏٺم تہ منهنجي ڪا هڪ بہ دُعا ڪڏهن قبول نہ ٿي، سمجهي ورتم تہ دُعا سان ڪُجهه ڪونه ٿو ٿئي، اهڙو تجربو اڳئي درويش مراد فقير جي دُعائن ۾ بي اثري ڏسي چُڪو هُيس، مطلب تہ اُها هستي جيڪا هي جهان هلائي پئي مرضي جي مالڪ آهي تہ ڪنهن جي ٻُڌي يا نہ ٻُڌي، ٻُڌي ٿي تہ وتائي فقير جي ڳالهه وانگر کنگهڻو بہ پئي ٿو، يعني عمل ئي دُعا اگهائين ٿا.
مذهب کان بددلي جو ٻيو سبب ٽُڙڪو مُلن جو رويو ۽ بدڪاري هُئي، قران پڙهائيندي مُلن کي ڪڌا ڪرتوت ڪندي اکين مدرسن ۾ ڏٺم. اهڙن ٽن چئن واقعن کان پوءِ مدرسي قران پڙهڻ کان بس ڪيم ۽ سوچيم تہ نيڪ راه ڏيکاريندڙ مولوي ۽ ملان پاڻ اهڙا وحشي آهن تہ پوءِ مذهب جو ڪارج ڇا هي؟ رهندو جڏهن شاهه صاحب جو شعر پڙهيم،
“اُهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي”
تہ ويتر دل اُٿي ويم، هاڻي اهو يا اهڙو فهم ڪٿان آڻيون؟ بعد ۾ مذهبي بددلي وڌي وڻ ٿي، جڏهن طالبان ۽ داعش جو ظهور ٿيو، جڏهن مذهب جي انهن دعويٰ دارن وٽ امن جو وکر ئي ڪونهي تہ پوءِ مذهب جو ڪارج ڇا هي.
ٽين ايج ۾ مون تي ٽن شين وڌ ۾ وڌ اثر ڇڏيا. هڪ ڪتاب ٻيو ريڊيو ٽيون فلم. انهيءِ دور ۾ رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ جو جُنون هيم، ابتدا تہ قصن ڪهاڻين سان ٿي. جان عالم ۽ انجمن آرا، چار درويش، گُل بڪاولي، طوطا مينا، طلسمِ هوشرُبا، قصو رستم سهراب، داستان امير حمزه ۽ يوسف زليخا، الف ليليٰ، وتايو فقير ۽ ٻيا کوڙ سارا قصا ڪهاڻيون بعد ۾ جاسوسي ۽ تاريخي ناول نسيم حجازي جا تاريخي ناول ”اور تلوار ٽوٽ گئي“ وغيره پڙهيم، پر روماني ناول وڌيڪ وڻندا هئا، قيسي رام پوري جو ناول ”پٿر ڪي صنم“ ۽ دت ڀارتي جو ناول ”چوٽ“ ڏاڍو اثر ڇڏيو. اڳتي هلي غير مُلڪي ناول پڙهيم، جن ۾ ٽالسٽاءَ جي ناول ”اينا ڪرنينا“ مغز خراب ڪري ڇڏيو، پوءِ تہ هڪ سلسلو هيو، جيڪو هلي پيو، خليل جبران ، قرت العين، حيدر، وڪٽر هيوگو، ايملي برونتي، وڊزورٿ ۽ الائي ڪير ڪير ۽ ڪيترا ليکڪ نظر مان گُذريا. شاعرن ۾ شاهه صاحب، اياز، استاد بخاري، منشي ابراهيم، مير تقي مير، فيض احمد فيض، مومن، ٽيگور پسنديده شاعر بڻيا. ان وچ ڪوڪ شاستر جهڙا واهيات ڪتاب بہ پڙهيم جن ذهن ڏاڍو خراب ڪيو، ڪُجهه مذهبي ڪتاب جيئن ترجمو قران شريف، انجيل، توريت، زبور، گيتا ۽ ڪُجهه ويدن جا ڪتاب ۽ ٻڌ ڌرم جا ڪتاب، غرض مون پنهنجي کارڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي! رهندو مودودي غلام جيلاني برق ۽ غلام محمد جا اختلافي مذهبي ڪتاب پڙهيم تہ دماغ ويتر وڌيڪ خراب ٿيو، مذهبي اسڪالرن، خاص ڪري شاهه ولي الله، ابوالڪلام آزاد ۽ غزالي پڙهيم. سچ ۽ ڪوڙ جي خبر ئي نہ پئي پوي تہ ڪير ڪوڙو ۽ ڪير سچو..... نيٺ پچر ڇڏيم. پر نظرياتي ڪتابن جي ڇاپ دماغ تي چنبڙي پئي، روسو، والٽيئر، ڊارون، ڪارل مارڪس، لينن، ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، ايلائيس البينيا، جامي چانڊيو، سراج، فهميده حسين، سبط حسن ۽ اهڙن ٻين دانشورن جون لکڻيون دماغ ۾ چنبڙي پيون.
مطالعي جي اِها عادت اڃان تائين جاري آهي، پر ڏٺم تہ انهيءِ سان مُلڪ يا معاشري ۾ ڪا خاص تبديلي يا بهتري ڪانه ٿي اچي. اصل ۾ اقتدار ڌڻين اهڙو پنجوڙ جوڙي ڇڏيو آهي جو لوڪ ڪيڏانهن چُري بہ نہ ٿو سگهي. بيروزگاري، مهانگائي لوڪ کي روزي روٽي ۽ لوڊ شيڊنگ جي گهاڻي ۾ پيڙي ڇڏيو اٿن. هن موضوع کي اِتي روڪيندي آخر ۾ ايترو چوندس تہ قانون مڪافاتِ عمل وانگر ارتقا جي فطري عمل تحت بهرحال ڏاڍ جا هي ڪوٽ اچي پٽ پوندا ۽ دُنيا بدلجي ويندي، پر تيسيتائين پاڻ ڪونه هونداسين. فيض شايد انهيءِ ڪيفيت ۾ چيو هو.
بلا سي هم ني نہ ديکها تو اور ديکهين گي
فروغ گلشن و صوت هزار ڪا موسم
بهرحال اِهو سفر جاري آهي ۽ جاري رهندو، پر ڏک تہ رهجي ويو نہ ____ وري بہ فيض جو ئي شعر ياد آيو،
“هم جو تاريڪ راهون مين ماري گئي”.
ڪتاب کان پوءِ ريڊئي جو ذڪر، جيئن عرض ڪيم تہ بابا سانگهڙ ۾ پهريون ECKO ڪمپني جو انگلينڊ ۾ ٺهيل ريڊيو آندو، جيڪو بيٽري تي هلندو هو (بعد ۾ بجلي اچڻ تي تنهن ريڊيو کي بجلي تي ڪرايوسين)، “ٽِين ايج” ۾ ريڊئي سان گهڻي سنگت رهي، موسيقي سان بيحد گهڻو لڳاوءَ پيدا ٿيو، هونئن تہ بابا گرامون فون ۽ ريڪارڊ RPM78 آندا هُئا، پر ريڊيو تي خاص ڪري ريڊيو سيلون ۽ حيدرآباد عجيب گيتن سان متعارف ڪرايو، لتا، آشا، شمشاد، گيتا دت، ثريا، رفيع، مڪيش، هيمنت ڪمار، مناڊي، طلعت محمود، زهره بائي، سهگل، سي ايڇ آتما، امير ٻائي، سلوچنا قدم، ضيا، ساوتري گدواڻي، موهن ڀڳت، ڍول فقير، جيوڻي، ڀڳت ڪنوررام، ماسٽر چندر، سُڌا ملهوترا، اقبال بانو، ڪوثر پروين، علڻ فقير، مهدي حسن، مبارڪ بيگم ۽ الاهي ٻيا ڪيترا گائڪ ۽ موسيقار ريڊئي جي توسط سان ئي من مندر ۾ سمايا، هزارين گيت ۽ موسيقي جون ڌُنون دماغ ۾ ريڪارڊ ٿي ويون. اڄ بہ موقعي محل سان سي دماغ ۾ وڄڻ لڳندا آهن، ايڪو ريڊيو جو سائونڊ ايڏو تہ پُرسوز اثرائتو ۽ دلپذير هيو جو انهيءِ کي آئون اکرن ۾ بيان نہ ٿو ڪري سگهان. اصل ۾ هي ريڊيو والن وارو هيو ۽ والن جو آواز ٽرانزسسٽر نٿا ڪڍي سگهن. تازو U.K ۾ ڏٺم تہ وال سسٽم وري رائج ٿي رهيو آهي، بعد ۾ دُنيا جي وڏي ڪمپني Sony (جپان) جو سيٽ ورتم پر جيڪو سوز والن ۾ هيو سو هن ۾ ناهي، زندگي رهي تہ والن جو نئون متعارف ٿيل سيٽ وٺندس.
مون چيو تہ موقعي مھل سان گيت ياد ايندا آهن، مٿي مون استحصالي اقتدار ڌڻين ۽ بي وس عام لوڪن جو ذڪر ڪيو، روز روز اِهي حالتون ۽ اهل اقتدار جا پرڪار ڏسي اڪثر لتا جو فلم ”پريچي“ ۾ ڳايل گيت ياد ايندو اٿم.
جل ڪي دل خاڪ هوا، آنکهه سي رويا نہ گيا
زخم يه ايسي جلي، پُهولون پي سويانه گيا
مطلب ريڊئي وسيلي هڪ نئي ۽ انوکي دُنيا سان متعارف ٿياسين ۽ ذهن ٻين لفظن ۾ ”موسيقي زده“ ٿي پيو، موقعي محل تي گيت ۽ موسيقي ذهن ۾ گونجڻ لڳندا آهن. بابا جڏهن وفات ڪئي تہ قبرستان ۾ دفن ڪرڻ کان پوءِ مون کي اُتي اڪيلو ڇڏيو ويو ۽ رسم موجب آخري آذان لاءِ چيو ويو (جيئن تازي ڄاول ٻار کي ڪن ۾ پهرين آذان پڻ ڏني ويندي آهي)، مون قبر جي پيراندي کان بيهي قُل پڙهيا ۽ آخر ۾ آذان ڏنم. بابا کي ياد ڪري روئڻ لڳس، انهيءِ سمي مُڪيش جو فلم تحفه ۾ ڳايل درد ڀريو گيت ذهن ۾ گونجڻ لڳو.
زمانه بڙي شوق سي سُن رها تها
همين سوگئي داستان ڪهتي ڪهتي
پوءِ وڌيڪ روئڻ لڳس ۽ ڌيري ڌيري گهر ڏي روانو ٿيس، اهڙي طرح ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهندي جڏهن هڪ برک حسينه سان اک لڙي تہ لڳم تہ ساڻس ميلاپ ممڪن ڪونهي، پر ”مشڪل هي بهت مشڪل چاهت ڪا بهُلا دينا“ لتا جو فلم محل ۾ سدا بهار گيت ڪو عرصو جهونگاريندو رهيس. سو اهو قصو ڊگهو آهي، اتي ڇڏيونس ٿا.
هي زندگي ۽ هن دُنيا جُون رنگينيون، حُسن و جمال جا تجلا ۽ جلوه، جوشيلا ميلا ملاکڙا ۽ مقابلا، گيت سنگيت، ناچ ۽ جُهمريون، عشق و محبت ۽ قربانيون، جذبا ۽ وَلوَلا ۽ ڪششيون، خوشي، کِل مسخري ۽ لطيفا غرض زندگي جون جُملي حُسناڪيون انهيءِ ”ٽِين ايج“ جي دم سان ئي آهن، جنهن کي انگريزي ۾ Youth يا سنڌيءَ ۾ ”جواني ديواني“ بہ چئبو آهي، علم فلسفي ۾ ڪيترا ئي نظريا نظر مان گذرندا آهن، جنهن مان هڪڙو نظريه لذت “Hydanism” بہ آهي، انهيءِ جي دعويٰ دارن جو چوڻ آهي تہ انسان جي هر محنت، مُشقت، جدوجهد ۽ ڪوشش “لذت” حاصل ڪرڻ لاءِ هوندا آهن. اِها ڪوشش ۽ جدوجهد هونئن تہ قبر تائين جاري رهندي آهي پر ”ٽِين ايج“ يا ”يُٿ Youth“ ۾ اها عروج تي هوندي آهي، انسان خود جڏهن پڪي عُمر جو ٿي ويندو آهي تہ هُو اُهي خوشيون پنهنجي اولاد ۾ ڳوليندو آهي، جيڪو يقينن جواني، يُٿ يا ٽِين ايج جي دور ۾ هوندو آهي، اولاد جي خوشي هُن کي بہ خوش ڪري ٿي.
اِهو وڌيڪ سوَلو ۽ بهتر آهي تہ اولاد سان دوستي رکجي، ائين ڪرڻ سان “ٽِين ايج” جا جيڪي مُضر پاسا آهن، انهن کان ڪي قدر بچي سگهجي ٿو. مون اِهو ئي ڪيو، يعني پنهنجي اولاد سان دوستي رکيم ۽ انهيءَ جا نتيجا بهتر حاصل ڪيم، توڙي جو اولاد ۾ هر هڪ فرد جي طبيعت بلڪل الڳ الڳ آهي، پر مجموعي طرح تعلقات بهتر ۽ فروٽ فُل رهيا. کڻي ڪُجهه اختلاف بہ رهيا، مثال طور منهنجي وني ۽ منهنجا حُسن پرستي ۽ دلبري متعلق اختلاف، هن يا ڪنهن بہ عورت جي اِها بنيادي خواهش هوندي آهي تہ گهر ۽ ماحول تي “ٽوٽل ڪنٽرول” رهي، هر عورت پنهنجي مڙس کي پنهنجي “ذاتي ملڪيت” سمجهندي آهي، پر انهيءِ کان بہ اڳتي مڙس جي هر ملڪيت ۽ ڪاروبار ۽ ٻين وهنوارن کي پڻ هُو پنهنجي ذاتي ملڪيت ئي سمجهندي آهي. هُو ڪيڏي بہ عقلمند ۽ شائسته هجي پر ٻي ڪنهن جي بہ دخل اندازي (خاص ڪري ڪنهن ٻي عورت جي) ڪڏهن برداشت نہ ڪندي آهي ۽ عقل ۽ شائستگي کي وساري خونخوار انسان ٿي پوندي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هُو هر حربو ۽ جتن ڪندي آهي، اولاد کي بغاوت تي آماده ڪرڻ ۽ مقابلو ڪرڻ هُن جو نمايان هٿيار هوندو آهي. هُو اِهو ڪڏهن سوچڻ لاءِ تيار نہ هوندي آهي تہ منهنجي مڙس ۾ ڪا دماغي خرابي بہ آهي جنهن جو ڪو مناسب تدارڪ ڪجي. نتيجي ۾ ڏاڍا اُگرا حالات پيدا ٿي پوندا آهن. جن کي سنڀالڻ ناممڪن نہ پر مُشڪل ضرور آهي.
خير مٿيون بحث يا بيان تمام ڳُوڙهو پيچيده ۽ ڊگهو آهي، سڀ ڪو پنهنجي موقف تي اٽل هوندو آهي تنهن ڪري حل مُشڪل آهي، پاڻ آتم ڪٿا جي هن سلسلي ۾ ڪتاب ۽ ريڊئي جي اثرن کان پوءِ ٽئي جُز يعني فلم جو ذڪر ڪريون.
ڪتاب، ريڊيو ۽ فلم ميڊيا جا اهم ترين حصه آهن پر فلم کي آئون ترجيح انهيءِ لاءِ ٿو ڏيان تہ فلم ميڊيا جو اهڙو ذريعو آهي، جيڪو انساني حواسن تي غالب ٿي ٿو وڃي. يعني اکين ذريعي ديد ۽ ديد ۾ منظرن ۽ پرفارمنس جا اثر، گڏوگڏ صوتي اثرات، جنهن ۾ ڊاءَ لاگز جي ادائگي ۽ تاثرات، مٿان ميوزڪ جي زبردست ٽيڪ ۽ تنهن جا اثر انسان جي وجود کي وڪوڙي ٿا وجهن! آئون سمجهان ٿو تہ فلم ڪتاب ۽ ريڊئي کان وڌيڪ اثرائتي ميڊيا آهي. ٽي وي تي بہ جيڪو ڪجهه نشر يا ٽيلي ڪاسٽ ڪيو ٿو وڃي اُها بہ تہ فلم ئي آهي، پوءِ کڻي سو ڪو ڊرامون، گيت سنگيت، معلوماتي ۽ سائنسي پروگرام يا ٽاڪ شو ڇو نہ هجن.
مون کي تہ بچپن کان ئي فلم جو جنون رهيو آهي، اڳلڪي ۽ هن زماني جي فلمن ۾ وڏو فرق آهي، اڳي فلمون ٺاهيندڙ معاشري ۾ “تفريح ۽ تبديلي” جي مقصد کي آڏو رکي فلمون ٺاهيندا هُئا ۽ نتيجي ۾ معاشري ۽ خاص ڪري اقتدار جي ايوانن ۾ ٻڙڌڪ مچي ويندو هيو. برصغير اهڙا انقلابي فلم پروڊيوسر پيدا ڪيا جن وڏيون ۽ انقلابي فلمون ٺاهي سماج ۽ معاشري ۾ وڏيون تبديليون آنديون، انهن ۾ نمايان نالا هي آهي. محبوب، وي شانتا رام، بمل راءِ، ضيا سرحدي، گلزار، ستئه جيت راءِ، اپارن سين، مظفر، سهراب، مودي، گُرودت، گووند نهلاڻي، ايس يو سني، يس چوپڙا ۽ شيام بينيگال، منهنجي نظر ۾ شيام بينيگال سڀني کان وڌيڪ انقلابي آهي.
مون جيئن عرض ڪيو تہ اڳلي زماني ۾ هن زماني جي فلم ۾ وڏو فرق آهي، ماضي ۾ ميوزيڪل انقلابي يا روماني فلمون تہ ٺهيون پر جادوئي فلمون بہ دلچسپ هونديون هيون ۽ لوڪ انهن فلمن کي خوب انجواءَ ڪندو هيو، اله دين جادوئي چراغ، آبِ حيات، بهت دِن هوئي، الف ليليٰ، جيڪ دي جائٽ ڪِلر، سندباد دي سيلر، سمسن ڊلائيلا، بغداد ڪا چور، جنگل بُڪ وغيره ڏاڍيون دلچسپ ۽ تفريحي فلمون هونديون هيون. اڄڪلهه انهن جي جاءِ تي ٽرمي نيٽر، هيري پوٽر، اوتار ۽ تنهان پوءِ بُڇڙن ڪارٽونن واريون فلمون رليز ٿيون جن کي ماڻهو ڳاهٽ ٿي ڏسن ٿا ۽ انجواءِ ڪن ٿا. هاڻوڪي فلمن ۾ گيت سنگيت تہ تقريبن ختم ٿي ويو آهي، پر رومان بہ نقلي نقلي لڳي ٿو. درحقيقت ماڻهن جو بہ مزاج ۽ ذوق بدلجي ويو آهي، سنجيدگي تہ موڪلائي وئي آهي، سيريئس ڪهاڻي يا فلم جي بدران هو گينگيسٽرن ۽ دهشتگردن تي ٺهيل فلمون يا تشدد سان ڀرپور فلمون پسند ٿا ڪن. آرٽ فلمون انقلابي فلمن ۾ سڀني کان مٿانهيون هيون پر سميتا پاٽيل جي موت کان پوءِ آرٽ فلمون بہ تقريبن ٺهڻ بند ٿي ويون آهن.
اسان ديوانا تہ اُن دور جا ڌڪيل آهيون، جڏهن فلمن جو شان مان ئي نرالو هيو، اهڙيون اهڙيون سنجيده، انقلابي، روماني، تفريحي، تاريخي ۽ ميوزيڪل فلمون ڏٺيون سين جو هڪ هڪ فلم لاءِ جُدا جُدا آرٽيڪل گهربل آهي، (اڄڪلهه سنڌيا ميگزين ۾ منهنجا اهڙا آرٽيڪل ڇپجن پيا ۽ ”دُنيا جون 100 وڏيون فلمون“ نالي بہ ڪتاب زير تصنيف آهي) بهرحال انهن هزارين فلمن مان جن زندگي تي وڌ ۾ وڌ اثر ڇڏيو تن مان ڪجهه هي هيون، فلم بندني، پياسا، نوبهار، دِب شِشو، ڀوميڪا، گِدهه، آڪروش، مرزا غالب، ارڌ ستيه، منٿن، مرچ مصاله، هيومرڪ، نيڪڊ ماجا، گان وٿ دي ونڊ، سمر 42، عمر مختيار، ٽين ڪمانڊمنٽس، سيمسن ڊلائيلا، ديوداس، بابل، ميله، محل، ترانه، بيحو باورا، شڪست آن، مدرانڊيا، درد، جال، جنون ۽ اهڙيون ڪجهه ٻيون فلمون جن زندگي بدلائي ڇڏي.