ماڻهو مڻيادار
بهرحال آتم ڪٿا جي هن حصي ۾ آئون پنهنجن پراون جي تعلقات جو ذڪر ڪندُس، هڪڙا اُهي جن زندگي زهر ڪئي جن جي اڪثريت ”پنهنجن“ جي آهي ۽ ٻيا اُهي جن زندگي ۾ عجيب بهار آندي ۽ سي اڪثر “غير” آهن. آئون اڃان سال جو مس هُيس تہ بابا گهر جي جاءِ ۽ پلاٽ منهنجي نالي ڪيو يعني سرڪاري طرح رجسٽري وغيره فقط منهنجي نالي هُئي ۽ آهي. بعد ۾ بابا ٻيون جايون بہ ٺهرايون جيڪي سندس ئي نالي تي رجسٽرڊ هيون. بابا جي وفات کان پوءِ گڏيل حصي (جيڪي بابا جي نالي هيون) ۾ تہ سڀني ڀينر ڀائرن کي حصي آهر حصو مليو پر سڀني کي ساڙ ۽ حسد اِهو ٿيو تہ پهرين جاءِ صرف حسن جي نالي يا رجسٽرڊ ڇو آهي؟ بس! انهيءِ ساڙ ۽ حسد دشمني پيدا ڪئي، جيڪا اڄ تائين قائم ۽ جاري آهي، آئون مخالفن کي چوندو آهيان تہ انهيءِ ۾ منهنجي اربا خطا ڪهڙي آهي آئون تہ سال جو مس هيس جڏهن بابا اِها جاءِ منهنجي نالي ڪئي، شريعت ۽ قانون بہ منهنجي حق ۾ آهي تہ اوهان کي ڇو اعتراض آهي؟ پر اڳلا ”مين نہ مانون“ واري ڪيفيت برقرار رکندا اچن. ڀلا ٻيو ڪُجهه نہ تہ اندر جي باهه ڪڍڻ لاءِ عجيب و غريب لقب القاب نوازيندا رهيا، مثال طور ”اِهو حسن! اِهو ڪريڪ آهي، ڪميونسٽ ڪامريڊ آهي، بدافعالو آهي، شوقين ۽ بُڇڙو آهي“ وغيره آئون پنهنجي آزادي خيالي جي ٻلهه تي وري انهن لقبن القابن کي لفٽ ڪونه ڪرايان جنهن تان ويتر ساڙ ٿين. انهيءِ ساڙ ۽ حسد ۽ دُشمني جي ڪري ڪي واقعا ڏاڍا ڏُکائتا بہ ٿيا. خاص ڪري سنڱن جي نبيري يا طلاقن جي صورت ۾. انهيءِ سان نياڻين ۽ سندن اولاد تي ڏاڍا اُگرا اثر پيا، هن داستان کي آئون اتي روڪيان ٿو. امام غزالي جي هن فتويٰ جو حوالو ڏيندي تہ ماڻهو ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهه ڪُن جذبو يا نفسياتي لاڙو حسد آهي.
دُشمني غيرن سان ٺهي ٿي ۽ اُتي سونهين بہ ٿي، ڪيترا ئي اهڙا غير ماڻهو هُئا، جن سان مُختلف ڳالهين تي جهيڙا بہ ٿيا، دلبري يعني حسينائن جي مسئلن تي ڏاڍا مقابلا ٿيا. نتيجي ۾ خوامخواهه ذليل ۽ خوار ٿياسين. اِهي رنون تہ ساڳيون موجن ۾ آهن، يعني ٻه پارٽيون وڙهيون ذليل خوار ٿيون، هُل هنگامو ٿيو، ڪُجهه عرصي کان پوءِ خبر پئي تہ جنهن لاءِ هيڏي جنگ جوٽي سين سا نہ منهنجي نہ منهنجي مخالف يا دُشمن جي ٿي رهندو وچ ۾ ڪو ٽيون ڀائي (عاشق) هيو وڃي اُنهيءَ جي هنج ۾ ويٺي. هاڻي وري هن نئين عاشق سان ڪير مهاڏو اٽڪائي_______؟ نيٺ پچر ڇڏي سين. اصل ۾ گهر ڊاهڻ. ڦٽائڻ ۽ دل ٽوڙڻ ۾ عورت ذات فطري طرح انتها ماهر آهي، هُو ڦڏي فساد کان ڀڄندي آهي ۽ پاڻ ٻين کي برباد ڪري صاف بچي ويندي آهي، هونئن بہ عورت ذات کي فقط ٻه شيون کپن، هڪ الف اَنُ، ٻي لام لڪڻ _________. هُو ٻي ڪنهن ڳالهه سان ٻڌل ڪونهي، هي وفا، محبت، عشق وشق سڀ قصا ڪهاڻيون آهن، ڪتابن ۾ لکيل ليليٰ مجنون جا داستان رقم ٿيل آهن، ڪُجهه امير ماڻهن ۽ بادشاهن جا محبت ڀريا داستان ٻُڌا اٿئون، جيئن مير علي نواز خيرپور واري ۽ بالي جو عشق، مير باگي (ٽنڊو باگو) جو عشق يا ڪُجهه اميرن ۽ بادشاهن جا عشقيا داستان______. پر اوهان نوٽ ڪريو تہ انهن سڀني عاشقن وٽ دولت (انُ) هئي، لحاظه اتي عورت وفا جي پُتلي بڻجي وئي، ڪنهن غريب غُربي جي عشق جي ڪا ڪهاڻي اوهان ٻُڌي؟ نہ نه، غريب سِڪيو سِڪيو آخر وڃيو موت سان ملي، پر امير ۽ سياستدان اڄ بہ ايان علي جهڙي آفت معشوقه ڪڇ ۾ کنيو گهُمن.
ڪي جوڙا وري نظرياتي طرح هم خيال هُجڻ جي ڪري هڪ ٻي سان اٽيج هوندا آهن، هُو پوءِ جواني ديواني کان وٺي جُهور پوڙها ٿيڻ تائين نڀائيندا آهن، جيئن قاضي امداد ۽ ايلسا قاضي، امداد حسيني ۽ سحر امداد، اشفاق احمد ۽ حاجره جو جوڙو وغيره پر اِهي ڪي هزار جوڙن مان ڪو هڪ هوندو آهي.
انهن الاهي تلخ تجربن کان پوءِ انهيءِ نتيجي تي پهتس تہ ”انگلش دوستي“ رکجي، يعني دوستي پر آزاد دوستي، جڏهن بہ ملبو تہ ڏاڍي کِل خوشي ۽ جُدا ٿيڻ کان پوءِ سڀ ڪو پنهنجي گهر خوش، هي وفا ۽ عشق وشق سڀ ممڪن ئي ڪونه آهن. مناڊي جو ڳايل گيت ياد آيم.
قسمين واعدي پيار وفا، باتين هين باتون ڪا ڪيا
ڪوئي ڪسي کان نهين جهان مين، ناطي هين ناطون ڪا ڪيا
درحقيقت ڪنهن سان ڪو واسطو رکي اسان ڪو هُن کي خريد ڪونه ڪري وٺندا آهيون، تنهن ڪري تعلقات ۾ لچڪ ۽ آزادي رکجي تہ پائيداري خودبخود پيدا ٿي ويندي، جنهن کي ”عشق“ چوندا آهن، سو سچ پچ دماغ جو خلل هوندو آهي، مثال طور آئون عظيم ايڪٽريس سميتا پاٽيل تي بُڇڙي طرح عاشق ٿي پيس، ڪي ورهيه سندس عشق ۾ مبتلا رهيس، نيٺ هن جي شادي راج ببر سان ٿي، تڏهن بہ عشق جند ئي نہ ڇڏي، آخر ويم ۾ مري بہ وئي پر عشق اڃان تائين قائم دائم آهي، اِهو دماغ جو خلل نہ آهي تہ ٻيو ڇاهي؟ تعلقات يا واسطه اُهي جيڪي خوشي ڏين نہ ڪه غم، ڏک ۽ ڏولاوا_____!!.
اِهي خوشي ڏيندڙ ناطه ۽ واسطا دلبر دوستن سان قائم ٿيندا آهن، ننڍي هوندي جو دوست سوم لال عجيب دلبر دوست هيو، ڪنهن سبب هو سانگهڙ مان لڏي ويا ۽ پوءِ ڪي سال گذري ويا، هڪ ڏينهن سوم لال سانگهڙ اچي لٿو، پر عاليشان پتلون ۽ بُشرٽ ۾، آئون هن کي ڏسي حيران ٿيس، ڀاڪر پائي ملياسين، تڏهن هن اکين ۾ آب آڻيندي چيو ”ڏسُ! آئون بہ هاڻي تو جهڙا ڪپڙا پائيندو آهيان“ آئون هن جي اهڙي اظهار تي ڏاڍو خوش ٿيس پر منهنجي اکين ۾ بہ پاڻي اچي ويو، پوءِ هو ڪي ڏينهن سانگهڙ رهيو پر آخر ويو هليو ۽ وري نہ مليو، هن ويچاري کي ڪا جگر جي بيماري هئي، جنهن ۾ هو نوخيزي واري عمر ۾ گذاري ويو، سوم لال ۽ مِس ملڪ (ڪراچي بورڊ واري جنهن جو ذڪر آئون پوئين صفحن ۾ ڪري آيو آهيان) انهن جي خلوص ۽ عجيب وابستگي سدائين قائم رهندي.
___________________________________________________
هڪ ٻيو دلبر دوست اٿم محمد عارف، عجيب الله لوڪ بندو آهي، عارف ڪسٽم ۾ پري وينٽو آفيسر هيو ۽ اِها وڏي نوڪري هن هڪ ننڍي نوڪري مان ترقي ڪري حاصل ڪئي هئي، هي هڪ غريب خاندان سان تعلق رکندڙ هيو ۽ هن جو والد هڪ مزدور ماڻهو هيو، پر ڀاڳ ڀلارا ٿيس، نيڪ نيت ماءِ پيءَ جو نيڪ نيت اولاد وڏي اوج تي پُهتو پر نهٺائي ۽ نِوَڙت جيڪا ٻاروتڻ ۾ هُيس سا اڄ ڏينهن تائين اٿس، هن وقت هُو ريٽائرڊ ٿي ويو آهي ۽ سندس وني جي توسط سان آمريڪن سٽيزن بہ آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا (جتي سندس فيملي هيوسٽن ۾ سيٽ آهي) ايندو ويندو آهي، هُو چوي ٿو تہ وطن جي ڇِڪ ڇڏيم ڪونه ٿي، يارن جو يار، صاف دل جگري دوست، آڌي رات وڃي در کڙڪايوس ۽ ڪيڏانهن هلڻ لاءِ چئوس، هڪدم تيار ٿي ويندو، مدد امدا ۾ بہ سڀني کان اڳڀرو هوندو آهي، جڏهن بہ ٻاهران ايندو، دوستن لاءِ تحفه تحائف وٺي ايندو. هونئن بہ سوکڙي ڏيڻ سان محبت وڌندي آهي (اِها هڪ حديث بہ آهي) کيس مون وانگر مطالعي جو بہ ڏاڍو شوق آهي، ڪيترائي قيمتي ڪتاب هُن مون کي بہ ڏنا جن مان مون گهڻو لاڀ پرايو. سندس علم ۽ معلومات حيرت انگيز آهي، ايم ڪيو ايم جي رهزن ۽ خونخوار ليڊرن جون اندريون اسٽوريون ۽ الائي ڪٿان ڪٿان جون حقيقتون الائي ڪيئن ڳولي لهندو آهي، عارف جي هڪ ٻي خاص خصوصيت هي بہ آهي تہ جهڙو سندس نالو آهي اهڙو ئي هن ٿي ڏيکاريو يعني عارف ۽ انتها شريف انسان، سندس خلوص، سچائي ۽ دريا دلي ڏسي آئون دل ۾ حسرت رکان ٿو تہ بدلي ۾ آئون بہ سندس ڪا خدمت ڪري سگهان جنهن جو موقعو اڃان تائين مون کي نہ مليو آهي، ماڻهو مڻيادار گهڻا هوندا هن جهان ۾ پر عارف جهڙو سچو ۽ مڻيادار ماڻهو ڪو ورلي ملندو، جنهن جي سنگت کي آئون زندگي جي حاصلات ۾ تمام قيمتي ٿو سمجهان ۽ فخر بہ اٿم تہ اهڙا دلنواز دوست بہ آئون رکان ٿو.
___________________________________________________
سانگهڙ لڳ مشهور ۽ عظيم مکي ٻيلو حُر آزادي تحريڪ جو مرڪز هُئي، انگريز حڪمرانن انهيءِ تحريڪ کي ڪُچلڻ لاءِ حُرن سان ويڌن ڪري ڇڏيا، گڏوگڏ حُرن جا انقلابي مرڪز ۽ پناهه گاهون بہ برباد ڪيون جنهن مان هڪ عظيم مکي ٻيلو بہ هيو جتي ڇاپه مار حُر گوريلا ڇاپه مار ڪاروائين کان پوءِ وڃي لڪندا هُئا، اُتي بہ ڪيترائي معرڪه انگريز فوجن ۽ حُرن وچ ٿيا، فوج ۾ ڪمانڊر تہ انگريز آفيسر هوندا هُئا پر ويڙهه ڪندڙ سڀ جا سڀ سپاهي يا فوجي غير سنڌي يعني گورکا، پٺاڻ، سک ۽ پنجابي مسلمان هوندا هئا، انگريز فوج ۾ انهن غير سنڌين کي ئي ڀرتي ڪندا هُئا، ڇاڪاڻ تہ انگريز حڪمرانن کي هدايت هُئي تہ انهيءِ قوم جي ماڻهن کي ڀرتي ڪريو جيڪي حڪم مڃين ۽ انگريزن موجب سنڌي ماڻهو حڪم نٿا مڃن يعني فوج جو جيڪو بنيادي متو ۽ گهُرج آهي سو ”حڪم مڃڻ“ آهي، تنهن ڪري هُو مٿين قومن کي تہ ڀرتي ڪندا هئا، پر سنڌي کي نه___. انهن قومن ۾ بدتميز سپاهي پڻ هُئا، جيڪي حُرن يا عام خلق کي، غليط گاريون ڏئي مُخاطب ٿيندا هئا، (ڏسو ڪتاب “حُر گوريلا تحريڪ ۽ ڪرنل وصال محمد ۽ ولي داد ولي جا مضمون”) انگريزن مکي ٻيلو وڍائي ڇڏيو ۽ اُتي زمينون تيار ڪيائون جيڪي بعد ۾ پنهنجي وفادار فوجين ۾ ونڊي ڇڏيون، (هنن جي گهران ٿي ويو ڇا؟) جڏهن انڊيا جي تقسيم ٿي ٿي تڏهن وزيراعظم برطانيه چرچل چيو تہ هڪڙو ٽُڪرو اسان جي وفادار پنجابي قوم کي ڏيو هنن اسان لاءِ ڏاڍيون وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ پنجابين کي پاڪستان ٺهي مليو، (حوالي لاءِ ڏسو فلم مائونٽ بيٽن) سو انگريزن جي گهران تہ ڪُجهه بہ ڪونه ٿي ويو. اِهو ائين آهي تہ يهودين، انگريزن ۽ آمريڪن کي ايٽم بم جو فارمولو ڏنو ۽ موٽ ۾ انعام طور هنن کي اسرائيل مُلڪ مليو. بهرحال پاڻ اصل ڳالهه تي اچون تہ مکي جون زمينون سابقه وفادار فوجين ۾ ونڊيون ويون، جنهن مان بلاڪ هڪ سابق فوجي نالي محمد حنيف کي بہ الاٽ ٿي مليو، (جيڪو منهنجي محسن دوست طارق جو والد آهي)، اِهو چڪ نمبر 10 جو علائقو آهي، انهيءِ چڪ ۾ ئي اسان جو هي دلبر دوست نالي محمد طارق حنيف ڄائو ۽ ڇوڪراڻي عمر تائين اتي ئي رهيو ۽ سانگهڙ ۾ پڙهيو، سندس مامون انگلينڊ نڪري ويو هو، تنهن پُٺيان طارق حنيف جو وڏو ڀاءَ ويو ۽ اُنهيءَ پٺيان طارق حنيف بہ انگليڊ ويو ۽ اُتي ئي سيٽ ٿي ويو، طارق حنيف تمام حساس ۽ کرو ماڻهو آهي، سندس ڪچهري عالمانه ۽ فروٽ فُل هوندي آهي، انگلينڊ ۾ سندس سٺو ڪاروبار آهي، تنهن ڪري سُکيو ستابو آهي ۽ دوستن جو دوست پر مدد امداد ۾ بہ تمام سخي آهي، هُن حاجت مندن کي لکين روپيه امدادن يا مدد ۾ ڏئي ڇڏيا ۽ ورائي ڪڏهن واپس ڪونه گهُرائين، هُن پنجابي زبان ۾ شاعري ڪئي ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ڪلام کي پنجابي زبان ۾ ترجمو ڪيو ۽ خوب ڪيو، سندس اِهو ڪم اڃان جاري آهي ۽ اُميد ٿي ڪجي تہ سال ٻن ۾ شاهه صاحب جو برک ڪلام پنجابي ۾ آڻي ڇپائيندو. في الوقت سندس هڪ جليل القدر ڪتاب نالي “مين ني يه جانا” ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ طارق حنيف پنهنجي زندگي جو نچوڙ پيش ڪيو آهي ۽ ايڏي تہ مهارت ۽ سچائي سان پيش ڪيو آهي جو کيس جس ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي، زندگي جو شايد ئي ڪو اهڙو پهلو هجي جيڪو فاضل مصنف زيرِ بحث نہ آندو هجي ۽ هر صفحو بلڪ هر پيراگراف سوچ سمجهه جي دعوت ٿو ڏي ۽ زندگي جي هن ڀُول ڀُلين ۾ رهنمائي ٿو ڪري، طارق حنيف انهيءِ ڪتاب جي مهورت لنڊن ۾ ڪئي ۽ مون کي بہ انهيءِ موقع لاءِ دعوت ڏنائين پر آئون ڪُجهه گهريلو مسئلن جي ڪري شرڪت ڪري نہ سگهيس، جنهن جو ارمان مون کي سڄي عمر رهندو. آئون جڏهن بہ انگلينڊ ويندو آهيان يا هُو هتي ايندو آهي تہ ملاقاتون ٿينديون آهن ۽ سندس عالمانه گفتگو مان ڏاڍو مستفيض ٿيندو آهيان، شاهه لطيف سندس پسنديده شاعر آهي، جنهن لاءِ طارق سنڌي زبان چڱي طرح سکي جيئن هُو شاهه جو ڪلام چڱي طرح سمجهي سگهي. طارق جو اِهو پورهيو انمول آهي ۽ صدين تائين ياد رهندو، خود سنڌي ۽ پنجابي زبان تي بہ سندس عظيم احسان رهيو، بهرحال اُهي مڻيادار ماڻهو ۽ وفادار دوست جن تي ماڻهو کي فخر هوندو آهي تن مان هڪ طارق حنيف بہ اٿم.
___________________________________________________
انهن ئي مڻيادار ماڻهن ۽ وفادار دوستن مان هڪ ٻيو دوست ڊاڪٽر نذير احمد چارڻ هوميو ڊاڪٽر بہ اٿم. اسان جي سنگت کي ٻن ڏهاڪن کان مٿي عرصو ٿيو، اسان جي سنگت مرحوم فقير محمد لاشاري ۽ ”جاڳو“ اخبار جي وسيلي ٿي. ڊاڪٽر صاحب انهيءِ زماني ۾ ڪراچي ۾ سرڪاري نوڪري بہ ڪندو هيو ۽ شام جو شانتي نگر ۾ ڪلينڪ بہ هلائيندو هيو، نيٺ ڪجهه سالن کان پوءِ ريٽائرڊ ٿيو ۽ بعد ۾ پنهنجي ڳوٺ دادُو سيٽ ٿي ويو ۽ اڃان اُتي ئي آهي، ڊاڪٽڙ نذير چارڻ هوميو پيٿي جو هڪ بهترين ۽ برک ڊاڪٽر آهي ۽ بيمارين ۽ بيمارين جي متعلق کوجنائي ڊاڪٽر آهي، جنهن هوميوپيٿي جي اعليٰ ڊگري جرمني مان حاصل ڪئي، سندس معلوماتي طبي مضمون “جاڳو” ۽ ٻين اخبارن ۾ مسلسل ڇپندا رهن ٿا جن مان هزارين ماڻهن لاڀ پرايو، پر ڊاڪٽر صاحب هڪ ناياب ڪتاب، جيڪو ٻارن جي بيمارين لاءِ علاج متعلق ٻن جلدن ۾ آهي، لينگوئيج اٿارٽي پاران پڌرو ٿي چُڪو آهي ۽ سندس کوجنائي تحقيق جاري آهي، جيڪا “ميڊيڪل ڊڪشنري” جي نالي ۾ جلد ئي ڇپجي پڌري ٿيندي.
معاشري ۾ تمام گهٽ ڳڻپ جيترا ماڻهو هوندا آهن جيڪي بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي پنهنجي وطن، وطن جي ماڻهن بلڪ انسان ذات لاءِ تحقيق ۽ ڀلائي جو ڪم ڪندا رهندا آهن، ڊاڪٽر نذير احمد چارڻ انهن ئي امُلهه ماڻهن مان هڪ آهي، منهنجي دِلي سنگت ۾ اهڙا ئي مڻيادار ماڻهو آهن جيڪي بيان پيو ڪريان. شاهه صاحب فرمايو،
”دلبر! هن دُنيا ۾ وڃي رهندو واس“
هي دُنيا دورنگي فاني آهي ۽ سڀ ڪو آخر هن مسافرخاني مان هليو ويندو. پر اُها خوشبو، اُها جنتي سُرهاڻ، اُهو حُسن، اُهو نيڪين جو واس باقي وڃي رهندو. اُهي ماڻهو جيڪي ٻين لاءِ بي لوث ڪم يا خدمت ڪن ٿا. انهن جو نالو ۽ سُرهي ياد رهجي وڃن ٿا ۽ لوڪ هُنن کي ياد رکندو آهي، ڪِن موقعن تي روئندو بہ آهي، ڊاڪٽر اهڙن ئي بي لوث ماڻهن مان هڪ آهي.
___________________________________________________
اهڙو ئي هڪ ٻيو مڻيادار دوست اٿم، نالو اٿس نياز عباسي، سال ٿيا بٺوري لڳ دڙي جو هي رهواسي هڪ ڏينهن سانگهڙ اچي در کڙڪايو، مليومانس، چيائين سائين اسان حسن وساڻ سان ملڻ آيا آهيون، جيڪو اخبار “جاڳو” ۾ ڪالم لکندو آهي، مون چيومانس، ادا حسن وساڻ اوهان آڏو حاضر آهي، اهڙي طرح اسان جي پريت جي ڏور جُڙي، جيڪا الحمدالله ورهين کان اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ۽ انهيءِ جو واحد سبب اسان جي هڪ ٻي سان وفا ۽ خلوص آهي، زندگي جا ڏُک سُک هڪ ٻي سان ونڊيندا آهيون، تقريبن هم خيال هُجڻ ڪري ڪتابن ۽ فلمن جي ڏي وٺ ڪندا آهيون، شادي مُرادي يا مرتئي تي هڪ ٻي ڏي اچڻ وڃڻ، صلاح صُلح وغيره جا سلسله هلندا رهن ٿا. نياز ايڏو تہ سادو ۽ سچو مڻيادار ماڻهو آهي، جو مون اڄ تائين ڪنهن ڳالهه ۾ ڪوڙ يا فساد ڪونه ڏٺومانس، ايتري قدر جو هن پنهنجي اباڻي جائداد جي ونڊ ورڇ ۾ ڪس کائي بہ پنهنجي سڳن کي مُطمعين ڪيو، هُو جڏهن بہ مليو تہ خوشي حاصل ٿي ۽ اِها ئي وڏي ڳالهه آهي تہ ڪنهن دوست سان ملي ڪري خوشي حاصل ٿئي.
اڄ فرسٽريشن جو دور آهي، هر ماڻهو پريشان آهي، اِها فرسٽريشن يقينن اسان جي حڪمرانن جي پيدا ڪيل آهي، جن جو بنيادي مقصد ۽ متو رڳو لُٽ مار، پنهنجا خزانا ڀرڻ ۽ اُن لاءِ عوام سان ڪوڙا وعده ۽ ٺلها نعرا، ڊراما ۽ رُڳا کيل تماشا ڪرڻ آهي، نتيجي ۾ بُک، بيماري، بيروزگاري، دهشتگردي، لوڊشيڊنگ، بدامني، ٻولي جو مسئلو، پاڻي جو مسئلو، ايم ڪيو ايم جو مسئلو، آدم شماري جو مسئلو، غرض رُڳو مسئله ئي مسئله آهن. ڪو ٻُڌائي تہ پيپلز پارٽي جو ٽي چار ڏهاڪا پراڻو نعرو “روٽي، ڪپڙا اور مڪان” اڄ تائين پورو ٿيو؟ ڪونه ٿيو، اِهو سوشل ازم جو نعرو هيو، ڀلا سوشل ازم يا ڪميونزم ڪڏهن سرمائي دارن ۽ جاگيردان بہ آندو؟ (سڄي پ پ انهن سان ڀري پئي آهي)، اهو غيرفطري آهي، شايد نياز عباسي اِهو لطيفو ٻڌايو تہ کدڙي کي ڪنهن مبارڪ ڏني، کدڙي پڇيو، ”ڇا جي مبارڪ؟“ همراهه چيس، ”مبارڪ اٿئي پُٽ ڄائو اٿئي“ کدڙي وراڻي ڏني ”ادا دل سان ئي ڳالهه نٿي لڳي!!“ سو نياز چيو تہ هي حڪمران ۽ سوڪالڊ سياست دان ناٽڪي آهن ويٺا ناٽڪ ڪن ۽ ويچاري عوام کي ڍيٻڪون وڄائي، خواب ۽ سبز باغ ڏيکاري ويٺا نچائين ۽ پنهنجيون ٽجوڙيون ڀرين. هنن مان ورندو ڪجهه بہ ڪونه_____. نياز سان ڪچهري ڪندي ڳالهه کُلي جڏهن شيخ اياز مزاحمتي شاعري شروع ڪئي تہ ڀُٽي صاحب کيس سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر مقرر ڪري ڇڏيو ۽ مزاحمتي شاعري، جيڪا لکين شيخ اياز جا شيدائي پڙهندا هئا، سا اوچتي بند ٿي وئي! بهرحال هن ڏکوئيندڙ حالتن مان ٻاهر نڪرندي چوان تہ ههڙن ڳنڀير حالات هوندي بہ ڪنهن سان ملي “خوشي” حاصل ٿئي تہ وڏي غنيمت آهي ۽ نياز خوشي ڏيندڙ دوست آهي.
___________________________________________________
سانگهڙ ۾ هڪڙو ڊاڪٽر نالو هيس، فضل الرحمان، هُو هڪ اقليتي ڪميونٽي قادياني سان تعلق رکندڙ هيو، پر هن جهڙا شريف ماڻهو ڪي ورلي لڀندا. پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ ۽ ڏينهن رات بيمارن جي خدمت ۽ علاج ڪرڻ سندس زندگي جو معمول هيو، هن رات ڏينهن سخت محنت ڪري اسپتال ٺهرائي ۽ ٻن پُٽن کي MBBS ڪرائي، هُو ايترو تہ سڌو ۽ سادو ماڻهو هيو جو سال ٿيا تہ سندس ستن سالن جو پُٽ هڪ بس هيٺيان اچي مري ويو. سڄي شهر کي افسوس ٿيو ۽ ڊرائيور گرفتار بہ ٿيو، پر ڊاڪٽر صاحب کيس معاف ڪري ڇڏيو، ائين ڪي ڏهاڪا گُذري ويا، مُلڪ ۾ قاديانين جي خلاف مهم هلي، انهيءِ لپيٽ ۾ اچي انتهاپسندن سندس MBBS ڊاڪٽر پُٽ نالي پاشا جو خون ڪري ڇڏيو، اسين سندس زمين ۽ باغ تي وٽس تعزيت لاءِ وياسين، ڊاڪٽر غم ۾ غلطان هيو، پر هُن ڪا FIR ڪونه ڪٽرائي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ آمريڪا ۾ مقيم سندس وڏو پُٽ هتي آيو انهيءِ کي بہ ظالمن ڏينهن ڏٺي جو وچ بازار ۾ قتل ڪري ڇڏيو. انهيءَ قيامت خيز واقعي کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جي چيلهه ڀڄي پئي ۽ ٿوري ئي عرصي کان پوءِ پاڻ غمن ۽ صدمن جا پهاڙ کڻي دُنيا کان ئي رُسي ويو________ الله اڪبر!.
ڊاڪٽر صاحب جي وفات کان پوءِ سندس ٻيو MBBS ڊاڪٽر (ڊاڪٽر جالب) پنهنجو سڀ ڪجهه مقامي جاگيردارن کي وڪڻي ڪينڊا وڃي دم پٽيو. ڊاڪٽر فضل الرحمان جي قائم ٿيل سلطنت جيڪا هن سٺ يا ستر سالن ۾ ٺاهي هُئي، ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي وئي، ڪيترا نہ بيدرد ۽ بي رحم آهن اِهي ماڻهو جيڪي مذهبي جُنون ۾ مبتلا آهن. علم نفسيات جا ڄاڻو ۽ ماهر ان دعويٰ يا راءِ جا آهن تہ ماڻهن جي اڪثريت هرگز بہ نارمل ناهي، ظلم ۽ زيادتي، ڦُرمار ۽ خونريزي ماڻهن جو ڄڻ مشغلو ٿي پيو آهي ۽ انهيءِ شغل جو نشانو صرف ۽ صرف معصوم شريف بيگناهه ماڻهو بڻجن ٿا. اهڙا ظلم ۽ ڪِيس ڪندڙ درندن کي نہ ڪو درد آهي نہ رحم ۽ نہ ئي احساس!. ڊاڪٽر فضل الرحمان مرحوم جو سانگهڙ جي پُراڻن شريف ۽ سادن ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هيو، هو هڪ عظيم انسان، غريبن جو همدرد ۽ مڻيادار انسان هيو، قاديانيت تہ هن کي ورثي ۾ مليل هُئي، انهيءِ ۾ هُن جو ڪهڙو ڏوهه؟ ڀلا جي هو قادياني هو بہ تہ ڇا ٿيو، هُو هڪ بهترين ۽ باڪردار انسان هيو، مذهب کي ماڻهن ظلم ڪرڻ جو ذريعو ٺاهي ڇڏيو آهي، مذهب جي اڙ وٺي خونريزيون ڪري رڳو پيسو هٿ ڪن ٿا ملڪيتون ٺاهين ٿا، ڊاڪٽر فضل الرحمان جهڙي خدا ترس ۽ انسانن سان پيار ڪندڙ ماڻهو جو سڄو سارو گهراڻو ڪُهي برباد ڪري مذهبي جنُونين ۽ اهڙن ئي ٻين انتهاپسند دهشتگردن کي ڇا ٿو ملي؟ پڇاڙي مظلومن ۽ ستايلن جون بددعائون ئي کين ملن ٿيون.
___________________________________________________
بينظير شهيد جي ڳوٺ رتوديري جو رهواسي محترم عبدالرشيد ڪٽپر سن 2016ع کان اڳ مون لاءِ اجبني هيو، پر سائين ڪٽپر منهنجي آتم ڪٿا ڀاڱو پهريون خريد ڪري پڙهيو ۽ سانگهڙ اچي مون کي ڳولي لڌائين. حال احوال ٿيا چيائين تہ مون آتم ڪٿا ۾ سُٺو لکيو آهي ۽ پڙهڻ کان پوءِ مون سان ملاقات جو اشتياق جاڳيس، سائين اُستاد بخاري جو ويجهو ساٿي ۽ دوست رهيو آهي ۽ چيائين تہ مرحوم جيڪڏهن زنده هُجي ٿا تہ مون سان ملي ڏاڍو خوش ٿي ها. اِها حسرت منهنجي بہ هُئي تہ اُستاد بخاري سان ملاقات ٿئي پر نہ ٿي سگهي ۽ اُها حسرت ارمان بڻجي وئي. ڪٽپر صاحب جيڪا ڪم جي ڳالهه ڪئي تہ اُستاد بخاري چواڻي سنڌي قوم بي حس بڻجي وئي آهي، حساس ۽ جاکوڙي ماڻهو هن قوم کي جاڳائڻ جا جتن ڪن ٿا پر اڃا اُها ٿُوم نظر نٿي اچي، تنهن هوندي بہ پاڻ کي اِهي جتن جاري رکڻ کپن ڪوته ڏينهن ايندو جو اسين سنڌي جاڳي پنهنجي وطن جي مالڪي ڪنداسين ۽ هنن ٺڳن مان جان ڇڏائينداسين، سنڌي پرنٽ ميڊيا توڻي اليڪٽرڪ ميڊيا انهيءَ ڏِس ۾ گهڻو پاڻ پتوڙيو آهي ۽ عام ماڻهن ڪافي قربانيون بہ ڏنيون آهن ۽ هاڻي اِها اُميد پيدا ٿي آهي تہ اُهو روشن ڏينهن ويجهڙ ۾ ئي اُڀرندو ۽ هي ڪُوڙا قمام تمام ٿيندا. مُلڪ سنڌ جي سٻاجهي سرزمين تابتاڪ روشن ضميري سان چلڪندي چمڪندي.
محترم ڪٽپر صاحب سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، سائين منهنجي ڏاڍي همت افزائي ڪئي ۽ مدد جي آڇ ڪئي جنهن لاءِ آئون سندن ٿورائتو آهيان، پر مون کي وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي آهي تہ منهنجي دوستن ۾ هڪ وفادار ماڻهو جو اضافو ٿيو، ڪٽپر صاحب سُٺي سرڪاري نوڪري ۾ آهي پر هلندڙ انڌي ڪرپشن کان پاسي تي آهي، سندس آس پاس ماڻهو کيس اجايا سجايا ڪمن ڪرڻ لاءِ چوندا آهن ۽ سائين جي انڪار تي سندن ڪاوڙ جو شڪار ٿيندا رهن ٿا. نتيجي ۾ روائتي حربو يعني بدلي تہ سندن قسمت جو حصو ٿي وئي آهي. محبِ وطن ڪامورن سان ائين ئي ٿيندو آهي.
___________________________________________________
هڪ ٻيو اعليٰ آفيسر انهيءِ لسٽ ۾ شامل آهي جنهن جو نالو آهي محترم عمر فاروق بُلو ڊپٽي ڪمشنر، بُلي صاحب ڪرپشن ۽ بدعنواني ضمن سانگهڙ ضلع جي ٻيلن جي ناجائز ڦٻائيل زمين مقامي زور آور وڏيرن کان آزاد ڪرائي اربن جي ماليت جي زمين واپس ڪرائي، چار هزار ايڪڙ تي نوان ٻيلا پوکايا، شهري ۽ ٻهراڙي جي انفراسٽيڪچر يعني روڊ رستا ٺهرايا، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ نمايان ترقي ڏيکاري آهي ۽ شهر جو اُجڙيل راڻي باغ پڻ ٺهرائي رهيو آهي، آئون ڪيترائي دفعا بُلي صاحب جي آفيس ڪم سان ويو آهيان، آفيس سدائين خلق سان ڀريل رهندي آهي، سندس دفتر ۾ پاڻ هر هڪ جي ڳالهه نهايت اطمنان سان ٻُڌي شڪايت يا گهُرج جي تدارڪ ڪرڻ جي ڪندو آهي.
هن معاملي ۾ مون نوٽ ڪيو تہ جيڪي آفيسر علم ادب، فن ۽ ميوزڪ سان چاهه رکن ٿا، اُهي ئي حساس، محبِ وطن ۽ عوام جا هڏڏوکي هوندا آهن، محترم عمر فاروق بُلو ۾ مون مٿيون لڳاءُ ڏٺو، مون کي خود بہ انهن شين ۾ چاهه آهي، تنهنڪري انهن سان نيهَن جو ناتو جُڙيو نہ تہ آفيسرن کان گهڻو لهرائيندو آهيان، پر جيڪڏهن عمر فاروق ۽ رشيد ڪٽپر جهڙا امُلهه مڻيادار ماڻهو زندگي ۾ شامل ٿين تہ لک بسم الله.
محترم بُلي صاحب جو سانگهڙ ۾ رهندي ۽ هتي ڊي سي جي پوسٽ تي هوندي جيڪو سڀ کان وڏو ۽ سٺو ڪم ڪيو سو هيءَ تہ سانگهڙ جيڪا گذريل 70 سالن کان نظرانداز ٿيل ۽ ترقياتي نقطءَ نظر سان تباهه و برباد بلڪ کنڊر ٿيل شهر کي جنگي بنيادن تي سنواريو ۽ سڌاريو آهي. عاليشان ۽ مضبوط روڊ، رستا، پيئڻ جي پاڻي، تعليم ۽ اسپتالن ۾ جديد سهولتون مهيا ڪرڻ سندن نمايان ڪم آهي. راڻي باغ بہ زير تعمير آهي، عوامي لائبريري ۽ ٽائون هال لاءِ بہ ڪوششون جاري آهن. هاڻي شهر سنوَت ۾ آيو آهي ۽ دل کي وڻي بہ ٿو. سانگهڙ جو عوام محترم عمر فاروق بُلي کي ڪڏهن بہ نہ وساري سگهندو. سانگهڙ کي ٻين شهرن سان ملائيندڙ مڙني شهرن نوابشاهه، ميرپورخاص، شهدادپور، حيدرآباد ۽ کپرو جا روڊ بہ ڌڙا ڌڙ ٺهن پيا، جن لاءِ سانگهڙ جو عوام سندن تههِ دل سان ٿورائتو آهي.
___________________________________________________
هر حساس ماڻهو وڏيرن ۽ خاص ڪري جاگيردارن کان الرجڪ هوندو آهي، انهيءِ صف ۾ آئون بہ شامل آهيان، انگريزن جا نوازيل هي جاگيردار درحقيقت انسان ذات جا ويري آهن، جيڪي سوين هزارين ايڪڙ زمينون قبضو ڪري ٻين حقدار جو حق ماريو ويٺا آهن بهرحال اِها الڳ ڪهاڻي آهي بلڪه الف ليلوي ڊگهو داستان آهي، جنهن تي گهڻو ڪجهه لکيو ۽ چيو ويو آهي ۽ جنهن جو توڙ ڪنهن بہ مُستحڪم ۽ زبردست پيڙاهتي نظرئي ۽ نظام ۾ موجود آهي، سوکڻي ڪميونزم هُجي، سچو جمهوريت جو نظام هجي يا خود اسلامي معيشت جو نظام هجي ۽ گهڻن مُلڪن ۾ پنهنجي حالتن سارُو اهي نظام نافذ ڪيا ويا. رُوس، چين، اتر ويتنام، وينزويلا ۽ ڪيوبا ۾ ڪميونزم، هندوستان ۾ جمهوريت ۽ ايران ۾ اسلامي نظام اپنائي جاگيرداري جو غير فطري نظام ختم ڪيو ويو. هتي يعني پاڪستان ۾ اڃا اهڙي ڪنهن آثار يا اهڄاڻ جي بُو باس بہ ڪونهي.
ساڳيو سج سرَن ۾ ساڳيون ڪهاڻيون.
بهرحال اصل ڳالهه ڪريون تہ انهن جاگيردارن ۾ هڪ اهڙو بہ جاگيردار ٿي گذريو آهي، جيڪو مڻيادار ماڻهن ۾ شمار ٿي سگهي ٿو، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص وچ ڪنڊياري جو غلام محمد وساڻ اهڙو ئي مڻيادار ماڻهو هيو، هُو وڏي ڏيا ۽ پُهچ وارو ماڻهو هيو ۽ سندس زندگي غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن لاءِ وقف هُئي، هُن جو دروازو هر بي پهچ غريب لاءِ سدائين کُليل هوندو هيو ۽ سندس مدد لاءِ هر وقت تيار رهندو هيو. صدقو، زڪوات، خير خيرات سندس اوطاق تي جاري رهندو هيو. ڀيل ڀنگي بہ وٽس ويندو هو تہ مرحوم اُٿي کيس هٿ ڏيندو هيو ۽ حال احوال وٺندو هو. هڪ دفعي منهنجي وڏي چاچي مرحوم کي چيو تہ ڀيلن ڀنگين کي بہ اوهان اُٿي هٿ ٿا ڏيو اِهو مناسب نہ آهي، اوهان پنهنجي حيثيت کي ڏسو__ پاڻ چيائون تہ بابا! هي بہ خدا جي مخلوق آهي ۽ انسان آهن، انسان کي انسان سمجهو، انسان سڀ برابر آهن ۽ هي ڀيل ڀنگي تہ سڀني کان وڌيڪ ڏُکيا ۽ مظلوم آهن، هنن ۾ اوهان جو بہ ڪم پئجي سگهي ٿو، غلام محمد وساڻ اهڙو ئي مڻيادار ماڻهو هيو، مرحوم سياست ۾ اچي سدائين سُٺي پوزيشن ۾ اليڪشن کٽيندا هُئا ۽ ايم پي اي ٿي علائقي ۾ ايمانداري سان ڪم ڪندا هُئا، آخري ڏينهن ۾ پ پ جي مقابلي ۾ زبردست ڌانڌلي جي ڪري اليڪشن ۾ هارائي ويا. جنهن تان سندس دل ٽُٽي پئي ۽ سگهو ئي وڃي مالڪ سان مليا. سانگهڙ جي حوالي سان مون ڪُجهه مڻيادار ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ هر هڪ ماڻهو جو هڪ جُدا ۽ سٺو مقام آهي، پر مرحوم غلام محمد وساڻ جو مقام ان ڪري مُنفرد آهي تہ هُو هڪ وڏو زميندار يا جاگيردار ماڻهو هيو ۽ هن وٽ ڪنهن بہ شيءَ جي ڪمي ڪونه هُئي تنهن هوندي بہ هُو غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن جو هڏڏوکي ۽ ساٿي هيو، هونئن تہ سڄي سنڌ مڻيادار ماڻهن سان ڀري پئي آهي، پر مون فقط انهن ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي جن کي مون ڏٺو ۽ پرکيو يا جن سان آئون لاڳاپيل رهيس، اُڄ هُو دُنيا ۾ نہ بہ آهن پر سندن ڪردار ۽ نيڪين ۽ ڀلائين جي سُڳند تازي آهي.
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءَ بهار جي
شريف النفس مرحوم غلام محمد وساڻ جي زندگي (سوانح حيات) تي هڪ پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو، مون سندس تعارف تمام مختصر بيان ڪيو آهي، غريبن جو هي ساٿي زندگي ۾ تہ عوام جي دلين ۾ عزت ۽ آبرو ڀريو رهيو پر سندس موت کان پوءِ بہ هو علائقي جي ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي ۽ هڪ ڊگهي عرصي تائين زنده رهندو.
___________________________________________________
آئون زندگيءِ ۾ جن مڻيادار ماڻهن کان متاثر ٿيس انهن ۾ رُوپينا رستم مودي بہ آهي جيڪا ڪراچي يونيورسٽي ۾ مون سان گڏ پڙهندي هُئي، رُوپينا پارسي ڪميونٽي سان تعلق رکندي هئي ۽ جنهن جهڙي مُهذب ۽ اشراف عورت مون گهٽ ڏٺي. روپينا کي ياد ڪري مون کي شاهه صاحب جو هي بيت بي اختيار دل ٿي چڙهي ايندو آهي.
مون سي ڏٺا ماءُ! جن ڏٺو پرين کي!
سڄي يونيورسٽي ۾ برک سُهڻي ڇوڪرين مان هڪ هئي، سدائين انگلش اڇو اسڪرٽ پائي ايندي هُئي ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکندي هُئي، اڙدو گهٽ پر انگريزي گهڻو ڳالهائيندي هُئي، عجيب دلرُبا مسڪراهٽ سندس چهري جي سُونهن هوندي هُئي، هُوءَ رُلڻي ملڻي گهٽ هُئي، فقط پنهنجي ڪلاس ميٽس سان تعلق ۾ رهندي هئي، مون سان بہ هُن جي دوستي يا تعلق ۾ هڪڙو فاصلو هوندو هيو. جنهن جو ٿورو احوال هن آتم ڪٿا جي پهرين حصي ۾ آئون ڏئي آيو آهيان، روپينا جي ذاتي زندگي جي مون کي بہ گهٽ معلومات آهي، بس ايتري خبر اٿم تہ جڏهن مُلڪي حالات خراب ٿيڻ لڳا (1970) تہ سندس فيملي مُلڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هُو سڀ ڪينيڊا شفت ٿي ويا. هن جي وڃڻ کان پوءِ ساڻس ڪو تعلق نہ رهيو ۽ هاڻي ڳچ عرصو گذرڻ کان پوءِ اِها بہ خبر ڪونهي تہ حيات بہ آهي يا نه_______! هن موقعي تي ماسٽر چندر جو ڳايل گيت ياد آيم،
رُٺائي رهن شل هجين حياتي!
رُوپينا جو ذڪر مون هن باب ۾ سندس اخلاق ۽ اعليٰ ڪردار جي ڪري ڪيو آهي، جنهن سان ملي ڪري هڪ خاص قسم جي خوشي ٿيندي هُئي، اڄ هيترا سال گذرڻ جي باوجود جڏهن بہ هُو خيالن ۾ اچي بسيرو ڪندي آهي تہ هڪ ٻي پر انوکي دُنيا ۾ پهچي ويندو آهيان، مون سان هُن جي ذهني وابستگي چڱي اونهي ٿي، سو هڪ دفعي مون سندس آٽو گراف گهُريو جنهن جي عنوان ۾ مون لکيو هو
Rupina Rustam Modi, who’s inner and outer beauty I shall never forget.
روپينا اُنهي جي جواب ۾ آٽو گراف تہ ڏنو پر گڏوگڏ عمر خيام جو شعر لکيائين جنهن جو مطلب هيو تہ ”سڀ ڪجهه قسمت جو لکيو آهي“.
انسان جي زندگيءَ ۾ الائي ڪهڙا لمحا ۽ ڪهڙا ڪهڙا عجيب ماڻهو ڪُجهه وقت لاءِ ايندا آهن، جن جي سڀاوءَ، اخلاق ۽ ڪردار جا اثر سڄي حياتي قائم رهندا آهن ۽ ماڻهو ڪوشش ڪري سندن تقليد ڪندو آهي، روپينا جون ڪيتريون ڳالهيون مون پنهنجي گهر ۾ رائج ڪيون جن مان ڪجهه ٿيون ۽ ڪُجهه نہ بہ ٿيون. مثال طور سندس ادب آداب، لباس ۽ هلڪا ڦلڪا زيور، پڙهائي تي زور ۽ فرض شناسي وغيره، ماڻهو مڻيادار گهڻا پر رُوپينا بہ هڪ هُئي!.
___________________________________________________
مڻيادار ماڻهو اُهي هوندا آهن جن مان ڪو فيض حاصل ٿي يا گهٽ ۾ گهٽ جن جي ملڻ سان خوشي حاصل ٿي، سيوهڻ شريف جو ديوان موهن لال جو بہ انهن ۾ ڳاڻيٽو ٿئي ٿو. ديوان موهن لال قلندر لال شهباز جو مهندي بردار هيو ۽ پاڻ سُکيو ستابو زميندار ماڻهو هيو. سندس سٻاجهڙي ڌيءَ نالي آشا منهنجي ونيءَ جي دوست ٿي ۽ انهيءِ توسط سان سندس فيملي سان تعلق ٿيو، ديوان موهن لال جو ڪوئيٽا ۾ بنگلو هيو، جتي هو گرمين جا ڏينهن وڃي رهندا هُئا، سياري اچڻ تي موٽي سيوهڻ ايندا هئا ۽ بنگلي جي چاٻي پٺاڻ چوڪيدار کي ڏئي ايندا هئا، اِهو سلسلو هلندو رهيو ۽ هڪ اونهاري هي جڏهن ڪوئيٽا پهتا تہ بنگلي تي هڪ پٺاڻ فيملي سودو قابض هيو. پُڇا تي خبر پئي تہ سندس چوڪيدار ڀڳڙن مٺ تي سادي ڪاغذ تي سو بنگلو وڪڻي رمندو رهيو، ديوان موهن لال ڪي سال انهيءِ ناجائز قبضي خلاف ڪيس وڙهندو رهيو، جڏهن قبضاگير پٺاڻ ڏٺو تہ ڪيس هارائي رهيو آهي تہ ڌمڪين ۽ جهيڙي تي لهي آهي ۽ هي شريف ماڻهو انصاف جي آس دل تان مٽائي واپس سيوهڻ موٽي آيو ۽ بنگلي تان هٿ کنيائين، پاڪستان ۾ انصاف ائين ئي ۽ اهڙو ئي ٿيندو آهي، جيڪو سسٽم اڃان تائين جاري آهي، انهيءِ حادثي کان پوءِ ديوان موهن لال ۽ سندس فيملي هندوستان هليا ويا.
ديوان موهن لال هڪ سچو محبوب ماڻهو هيو، هڪ دفعي مون کانئُس پڇيو تہ سيوهڻ شريف ايترو گرم ڇو آهي؟ پاڻ هڪ فارسي شعر ٻُڌايائين، جنهن جو مطلب هيو تہ خدا سيوهڻ کي گرم ٺاهي دوزخ جي تصوير ڪشي ڪئي آهي جيئن ماڻهن کي خبر پوي تہ دوزخ ڇا هي؟! بهرحال سندس ڪچهري لاڀ ڀري ۽ فيض ڏيندڙ هوندي هُئي ۽ سندس حُسن سُلوڪ خوشي ڏيندڙ هيو، خبر ناهي تہ هُو ۽ سندس فيملي ڪهڙي حال ۾ ۽ ڪٿي آهي پر سندس ياد اچڻ ئي سندس ۽ سندس فيملي لاءِ دُعا ئي دل مان نڪري ٿي تہ جتي بہ هجن شل خوش هجن.
___________________________________________________
هڪڙو مڻيادار ماڻهو اسان جي ڪٽنب ۾ بہ گذريو آهي، اُهو ماڻهو هيو منهنجي خوش دامن صاحبه يعني منهنجي سس، سندس نالو لال ٻائي هيو ۽ سندس نالي وانگر هوءَ سڀ ڄمار ”لال“ ئي رهي. لال پُراڻي سنڌيءَ ۾ هيري جواهر جي هڪ قسم کي چئبو آهي، واقعي بہ هُوءَ هڪ امُلهه هيرو هئي، صبر ۽ شُڪر جو پلئوَ هن سڄي ڄمار ڪڏهن بہ نہ ڇڏيو، سندس حياتي ڏکن سورن ۾ بہ گذري تہ ڪي ڏهاڪا بادشاهيءَ ۾ بہ گذاريائين، پر صبر ۽ شڪر جو دامن ڪڏهن نہ ڇڏيائين، اهڙا ڏَيا وارا ماڻهو دُنيا ۾ گهٽ ئي پيدا ٿيندا آهن، پر انهيءِ قسم جي اعليٰ انسانن سان بدنيت ۽ بدنفس ماڻهو، جيڪي پنهنجا ئي هوندا آهن، وڌ ۾ وڌ اهنج ۽ ڏهنج ڏيندا آهن، سو هن انسان سان بہ ٿيو جن جو تفصيل آئون نٿو ڏئي سگهان پر سلام اٿس سندس صبر ۽ رواداري کي جو دُشمن کي بہ جواب ۾ ڪڏهن وار ڪونه ڪيائين، سدائين بُرائي جي بدلي ڀلائي ڪيائين، هُوءَ خُدا کان ڊُڄندي هئي ۽ سڀ توڪل خدا تي رکندي هُئي، شاهه ڀٽائي کي ڏاڍو مڃيندي هئي ۽ اڪثر ڪري موقع مهل سان سندس شعر جهونگاريندي هئي.
مڙئي مدايون مون ڏي، هوتن ڏي هڪ بہ نه!
يا
عدل آئون نہ ڇٽان، شل ڦيرو ڪج فضل جو!
حُر تحريڪ ۽ انگريزن واري مارشل لا وارو زمانو سڄي ڪٽنب لاءِ قيامت کان گهٽ ڪونه هيو، پر هي تمام ڊگهو قيامت خيز عرصو هُن وڏي صبر ۽ برداشت سان گذاريو، صبر جي اِها لِڇ شايد انهيءِ ڏکي دور جي دَين هُيس جيڪو آخر دم تائين ساڻس رهيو، جڏهن ٺاپر ٿي ۽ ملڪ ۾ امن موٽي آيو تہ سندس شادي ٿي ۽ سُک جا زمانا بہ موٽي آيا. کيس اولاد ۾ هڪ ڌيءَ (امام زادي، منهنجي وني) ۽ گهڻو پوءِ هڪ پٽ شاهه زمان ٿيو جن جي پرورش هُن نهايت خبرداري سان ڪئي. اولاد کي عقل ۽ سمجهه جي تلقين ڪندي شاهه صاحب جو شعر جهونگاريندي هئي.
عقل ري عذاب گهڻا سهنديءَ جندڙي
منهنجي خوش دامن صاحبه جيڪي سنڌي طعام پچائيندي هُئي، تن جو ذائقو ۽ سُرهاڻ جنهن بہ واپرائيو، ڪڏهن ڪونه وساري سگهيو، اِهو گُڻ منهنجي وني کي ورثي ۾ مليو جنهن لاءِ آئون خدا جو شڪر ادا ڪندو آهيان.
سندس جيون ساٿي خان محمد وساڻ پنهنجي وقت جو نالي وارو پوليس آفيسر رهيو آهي، نوابشاهه، جُهڏو، ڇاڇرو، حيدرآباد، جوهي، محبت ٿرڙي، ٽنڊو الهيار ۽ چمبڙ ۾ ايس ايڇ او ٿي رهيو، چمبڙ ۾ الله بخش مگسي سان عڪسجي پيو جنهن کيس وڏو نقصان ۽ صدمو پهچايو، انهيءِ بحران کان پوءِ هُو نوڪري جي پچر ڇڏي سانگهڙ ۾ ئي رهيو ۽ زمينداري ۽ واپار ڪرڻ لڳو. نفع نقصان کڻي آخر دل جي مرض وِگهي گذاري ويو. منهنجي خوش دامن صاحبه جيئن تہ صبر ۽ شُڪر جو پيڪر هُئي، آخر اُها بہ انهيءِ صدمي ۾ جُهري پئي ۽ بيمار رهڻ لڳي. هُو نماز جي پابند پڪي مومن بندي هئي، هڪ اسر مهل نماز لاءِ اُٿي پر وچڙي ڪري پئي جنهن سان سندس دُڏ جو گولو ڀڄي پيو، حيدرآباد جي هڪ ٺڳ آرٿوپيٿڪ ڊاڪٽر نالي رئيس سندس غلط آپريشن ڪيو، جنهن سان هُو معذور ٿي ۽ آخري 14 سال کٽ تي ئي گذاريائين. انهيءِ حالت ۽ ڪيفيت ۾ بہ پنج وقت نماز پڙهندي هئي. انجام ڪار ٿورو عرصو اڳ وڃي خدا سان ملي، انا الله وانا اليهه راجعون.
سندس ڪردار، حُسنِ سلوڪ ۽ صبر شُڪر جو طريقو ڪڏهن بہ ڪنهن کان ڪونه وسرندو. جيڪڏهن اهڙا مڻيادار ماڻهو بہ وسري ويا تہ پوءِ زندگي زندگي نہ پر غضب ٿي ويندي. آخري ڳالهه تہ مون ڪڏهن بہ هن کي بدشد ڳالهائيندي ڪونه ڏٺو ۽ نہ ئي ڪڏهن مٿي اگهاڙي ڏٺومانس. سدائين مٿي تي پوتي رکندي هُئي، هوءَ حيادار انسان هُئي.
___________________________________________________
منهنجا دِلي دوست يا معاشري جا مڻيادار ماڻهو جيڪي کڻي منهنجي دوستي يا سنگت ۾ نہ بہ آيا پر انهن جي خبر اٿم ۽ اِها بہ ڄاڻ اٿم تہ اُهي سڀئي غريب گهراڻن مان آيل آهن، نذير احمد سومرو، محمد اسلم ميمڻ، محمد موسيٰ عرف داني ۽ محمد تقي کوکر بہ اهڙا ئي دوست آهن، هي اُهي مڻيادار ماڻهو آهن جن محنت ۽ مسلسل محنت کي پنهنجي زندگي جو مقصد ٺاهيو ۽ زندگي جي هڪ قدر Value ”وفا“ کي سيني سان لاتو. چاچو ولي محمد لانڊر (جنهن انگريزن جي مارشلا ۾ اسان کي خيرپور ناٿن شاهه ۾ سام ڏني)، جامع مسجد سانگهڙ جو امام مولوي محمد علي، اهي سڀ ماڻهو مڻيادار، باوفا ۽ شريف انسان هُئا جن جون يادگيريون هميشه تازيون رهنديون، اُنهن جي برعڪس اهڙا بہ ماڻهو هُئا ۽ آهن جن ماڻهن جون زندگيون عذاب ڪيون ۽ معاشري ۾ ڏڦيڙ برپا ڪيا. اهڙا رهزن ماڻهو درحقيقت بدي ۽ شر جي قوتن جا نمائندا هوندا آهن، جيڪي زندگي جي معمولي مفادن لاءِ زندگيون زهر ڪريو ڇڏين. انهن بيرحم ۽ ظالمن قهر جا ڪوٽ چاڙهي ڇڏيا ۽ مزي جي ڳالهه تہ انجام ڪار خود ذليل ۽ خوار ٿيا. پر مُڙن ڪونه ٿا ۽ نہ ڪو مُڙندا. اصل ۾ اِهو ڪاروان ائين ئي هلندو رهندو، دُنيا ۾ خاص ڪري يورپ ۽ اولهه جي مُلڪن ۾ انساني حق بهرحال هڪ ڊگهي جدوجهد کان پوءِ بحال ٿيا، ٻارن، عورتن، مزدورن، زرعي هارين ۽ صنعتي (ڪارخانن، کاڻين وغيره ۾ ڪم ڪندڙ) پورهيتن جا حقوق وڏي حد تائين بحال ٿيا آهن، پر اُتي بہ جرم ۽ سزا جي ويڙهه اڄ بہ جاري آهي، هتي اسان وٽ تہ ڪاري قيام لڳي پئي آهي ۽ عام ماڻهو مُلڪ، وطن ۽ انساني حقن Human Rights کان بيخبر آهي.
هڪ ماڻهو اليڪشن باري همراهه کان پُڇيو ”ووٽ ڪنهن کي ڏيندا؟“ همراهه جواب ڏنو ”پ پ يعني زرداري کي“ وري کيس ٻُڌايو ويو تہ بابا توکي خبر ناهي، پ پ وارا تہ مُلڪ کائي دُڦ ڪري ويا خاص ڪري سنڌ ۾ تہ ڀينگ ڪري ڇڏيائون! مهانگائي، بيروزگاري، نہ گيس نہ بجلي ۽ نہ وري پاڻي آهي نہ امن آهي!!. همراهه چيو “بابا اسين ڪنهن ڳالهه سان ٻڌل ناهيون، اسان کي هر مهيني بينظير سپورٽ پروگرام وسيلي چار هزار روپيه امداد جا ملن ٿا، اسين تہ زرداري کي ئي ووٽ ڏينداسين، هينئر تہ هُن واعدو ڪيو آهي تہ ايندڙ اليڪشن کٽي اسان اِها امداد ٻيڻي ڪري ڇڏينداسين، نہ بابا نه، اسين تہ زرداري کي ووٽ ڏينداسين، جيئي ڀٽو!!. سو ڏيو مُنهن____. حڪمرانن جيئن مرڪز ۾ آدم شماري جا انگ اکر غلط سلط ٺاهي هڪ ٽڪسال جوڙيو آهي تہ پنجاب جي آبادي بقايا ٽنهي صوبن جي گڏيل آبادي کان بہ وڌيڪ ٿيو پوي لحاظه پنجاب جون قومي اسيمبلي ۾ سيٽون بہ وڌيڪ ٿيو پون پوءِ جيڪو وڻين تيئن ڪن!. بلڪل اهڙو ئي ٽڪسال سنڌ صوبي ۾ پ پ وارن ٺاهيو آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ لکين اٻوجهه ۽ ضرورتمند عورتن کي مدد ڏئي ڪروڙين روپيه ونڊين ٿا، جيڪي سرڪاري خزاني مان ادا ڪيا ٿا وڃن، (جيئن شهباز شريف پنجاب ۾ لکين ليپ ٽاپ ونڊي پيو)، ظاهر آهي ڪُت خلق مُلڪ ۽ قوم سان ٻڌل ئي ڪونهي، هُو هر مهيني جي امداد سان ٻڌل آهي، يعني حڪمرانن جي ٽڪسال سان، سو سائين اهي آهن خبرون، هتي مڻيادار ماڻهو کپن جيڪي ملڪ، وطن ۽ ٻين جو درد دل ۾ رکن.
آخر ۾ آئون سنڌ وطن جي انهن عظيم ماڻهن جو ذڪر ڪندس جن زندگيءَ تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ جن کي ڏسندي ئي رُوح کي راحت ٿي ملي، محترم فقير محمد لاشاري، سائين محمد ابراهيم جويو، جامي چانڊيو، رسول بخش پليجو، سراج، فهميده حسين، راجا سائين پير صاحب پاڳارو، ڄام ساقي، بشير قريشي، جلال شاهه، مسڪين جهان خان کوسو، محترمه بينظير ڀٽو، شاهه عنايت شهيد، شاهه لطيف سرڪار، سچل سرمست، نسيم کرل. امر جليل، ادل سومرو، علي بابا، زرينه بلوچ، استاد بخاري، شيخ اياز، عبدالستار ايڌي، موهن ڀڳت، علڻ فقير، ڍول فقير، جي ايم سيد، استاد محمد ابراهيم، روپينا رستم مودي، (ڪراچي يونيورسٽي ۾ منهنجي ڪلاس ميٽ جيڪا هينئر ڪينڊا ۾ مقيم آهي) هي اُهي مڻيادار ماڻهو هُئا ۽ آهن جن زندگي بدلائي ڇڏي، ڪُجهه پرده نشين بہ آهن پر انهن جو کليو ذڪر مناسب نہ ٿو سمجهان، سواءِ پنهنجي خوش دامن صاحبه جي جيڪا صبر ۽ برداشت جو هماليه جبل هُئي، هن جي زندگي ۽ ڪردار تي الڳ ڪتاب تحرير ڪري سگهجي ٿو.