هر شخص ڪهاڻي آ
ڪجهه ڏينهن اڳ محبوب وساڻ (حسن وساڻ جو وڏو پٽ) جنهن جو نالو حسن جي هڪ پسنديده فلم مدر انڊيا جي هدايتڪار جي نالي جي نسبت سان رکيل آهي. هتي اها ڳالهه بہ واضع ڪرڻ گهران ٿو تہ حسن جو فلمن سان ايترو روح جو رشتو هو جو هن پنهنجي سموري اولاد جا نالا فلمي دنيا جي نسبت سان رکيا. نوشاد جنهن لاءِ هو سدائين لکندو هو ”موسيقار اعظم نوشاد“ اهو بہ محبوب وساڻ جو ڇٺي جو نالو هو جيڪو پهريان نوشاد ۽ پوءِ محبوب رکيائين.. مون کي ٻڌايو هئائين تہ مون وصيت ڪئي آهي تہ جڏهن مري وڃان تہ مڙه جي ڀرسان لتا جا هي هي گانا هلائجو مان زنده ٿي پوندس. محبوب وساڻ واٽس ايپ تي ميسيج ڪيو ۽ خيال ڏيکاريائين تہ حسن وساڻ جي لکيل سندس آپ بيتيءَ جو ٻيو حصو منظر تي اچڻ گهرجي، مان اوهان ڏانهن ڪتاب واٽس ايپ ڪريان ٿو، اهو پڙهو ۽ ٻه اکر لکو تہ ڪم کي اڳتي وڌايون. هڪدم مون کي حسن جا اهي لفظ ياد آيا تہ ڪتاب موڪليانءِ ٿو پڙهي پروف بہ ٺيڪ ڪر ۽ ٻه اکر بہ لک. هونئن بہ اولاد ابي امان جو تسلسل هوندي آهي ان ڪري مون اهو حڪم حسن جي حڪم وانگر سمجهو.
دنيا جو هر انسان نرالو هجڻ پسند ڪندو آهي. اها ڳالهه دنيا جي هر انسان ۾ فطري آهي (ڪمپيوٽر جي ٻوليءَ ۾ باءِ ڊيفالٽ آهي) پوءِ هو ان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿو اها هڪ الڳ ڳالهه آهي. حسن بہ نرالو ٿيڻ پسند ڪندو هو جنهن ۾ هو ڪامياب بہ هو. خاص طور تي هن جي سڃاڻ فلمي دنيا سان لاڳاپيل سڀني شعبن سان هئي. مثال هو موسيقيءَ جي سٺي ڄاڻ رکندي ڪنهن فلم يا ڪنهن گاني ۾ ڏنل موسيقيءَ جو سٺي ريت تجزيو ڪري سگهندڙ هو. انگريزي ميوزڪ سندس ساه ۾ پيهي ويل هئي. هن جي ترتيب مطابق جرمن ڄائو بيٿوون پهريون، موزارٽ ٻيو ۽ روسي موسيقار چائوڪوفسڪي ٽيون نمبر دنيا جا وڏا موسيقار هئا. اسان کي بہ ٿوري گهڻي ڄاڻ حسن جي معرفت ملي. هڪ قصو جيڪو مون اڪثر شيئر پئي ڪيو آهي تہ سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ ڪيتريون عورتون دنيا جي ڪيترن ملڪن سميت پاڪستان بہ آيون هيون. بئنڪ جي سيمينار ۾ شرڪت لاء ڪراچيءَ ۾ هڪ هوٽل ۾ مان رهيل هوس. ڪائونٽر تي مون هڪ رشين اڌڙوٽ عمر (40_45) واري ڏٺي. منهنجي هٿ ۾ ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ ڪتاب هو جنهن جي پوئين پيج تي دستووفسڪيءَ جي تصوير هئي. مون ٿوري گهڻي هيلو هاءِ ڪرڻ کان پوءِ کيس اها تصوير ڏيکاريندي پڇيو تہ هن کي سڃاڻين. چيائين ها! هي دستووفسڪي آهي ۽ مون جڏهن کائنس پڇيو تہ چائڪوفسڪيء کي سڃاڻين تہ ٿوري ڊانس ڪري ڏيکاريندي پڇيائين ”هي چائڪووسڪي“ مون چيو هائو.
چوڻ جو مطلب تہ مان ڏاڍو متاثر ٿيس. مون سوچيو هتي جيڪڏهن مان ڪنهن عام عورت کي امر جليل، نسيم کرل، شيخ اياز جي تصوير ڏيکاريان تہ ڇا هو بہ سڃاڻي وينديون! پڪ آهي تہ نہ. تہ پوء اهڙيون قومون ڇوڪونه جيئن جن جي عام عورت پنهنجي هيروز کي ياد رکي ٿي.
سانگهڙ جي ڀرسان هڪ شهر شاه پور چاڪر آهي جتي هر سال هڪ پروگرام ايس ايل بي سي (ريڊيو سيلون) جي ياد ۾ ٿيندو آهي. نوجوانن کي شايد خبر نہ هجي جڏهن ٽي وي، نيٽ، ڪمپيوٽر وغيره نہ هئا تہ ريڊيو ئي اڪيلي انٽرٽينمينٽ هئي تڏهن گهر ۾ ريڊيو وڏ ماڻهپ جي نشانيء طور سڃاتو ويندو هو. ان دور ۾ اٽڪل هر گهر ۾ صبح جو ريڊيو سيلون جي اسٽيشن لڳل هوندي هئي. اسان جي گهر بہ چاچي کي ريڊيو هوندو هو جنهن ۾ ريڊيو سيلون هلندو هو. سمورو گهر پنهنجي ڪم تي وڃڻ جي تياريء دوران اهو پيو ٻڌندو هو. سو شاهپور چاڪر جو هڪ چريو/سر ڦريو جوان غلام نبي جهلڻ هر سال اتي پروگرام ڪرائيندو آهي جتي سموري ملڪ جا موسيقي خاص طور تي پراڻن گانن/غزلن جا عاشق پنهنجا پنهنجا پسند جا ريڪارڊ کڻي اچي شريڪ ٿيندا آهن. اتي ٽيپ رڪارڊر، پراڻو فونوگرام، ڪمپيوٽر وغير سڀ موجود هوندا آهن ۽ واري واري سان انهن کي سڏ ٿيندو آهي. مون کي بہ ان پروگرام جو سڏ حسن معرفت مليو. مان سانگهڙ پهتس تہ حسن چيو تون هٿين خالي ڪيئن هلندين هي رڪارڊ کڻواوهان پنهنجي نالي سان اتي وڄرائجو. اسان اتي پهتاسين. ماحول تمام وڻندڙ هو. هڪ وڏي هال پنڌرنهن ويهه فوٽ ويڪرو ۽ چاليهه پنجاه فوٽ ڊگهو هال هو جنهن جي پاسن سان طول وهاڻا پيل هئا هر ماڻهو ٽيڪ ڏيو ويٺو هو. اسان بہ پنهنجي واري جو انتظار ڪيو. سڏ ٿيو مون اهي ٽي رڪارڊ اتي پيش ڪيا اتفاق جي ڳالهه اها جو اهي منهنجا ٽي رڪارڊ تمام گهڻا پسند ڪيا ويا. اتي اي آر واء جي هڪ نمائندي انٽرويو جي شروعات مون کان ڪئي جنهن ۾ هن چيو تہ اوهان جي ڪليڪشن تمام زبردست هئي........ اسان موٽ تي ان ڳالهه تي ڏاڍا کلياسين. حسن چيو يار ڀلو ٿيو تون هٿين خالي نہ هئين، مون چيو مون اوڌر تي (اردو جي هڪ چوڻي موجب) محفل لوٽ لي.
حسن سان ملجي ۽ فلمن جو ذڪر نہ نڪري اهو ممڪن ڪونه هو. جڏهن ملون تڏهن مان ان کي ٻڌايان تہ مون هي هي فلمون ڏٺيون (جن ۾ ڪجهه حسن جون تجويز ڪيل هيون ڪجهه منهنجون پنهنجون) پوء ان تي تبصرو ڪندو اهڙيء ريت ڄڻ ان بہ اهي فلمون موسين گڏ ڏٺيون هجن.
پوئين ڪتاب يعني آتم ڪٿا جي ڀاڱي پهرئين ۾ مون کيس اها تجويز ڏني هئي تہ هو دنيا جي بهترين فلمن تي تفصيل سان لکي، جنهن جو نالو رکنداسين ”دنيا جون سو بهترين فلمون“. وڌيڪ چيومانس تہ تون نوانوي تي لک، هڪ فلم مينا ڪماريءَ وارو پاڪيزه، ان تي مان لکندس. تجويز ڏاڍي پسند آيس. حيدرآباد ۾ ملاقات ڪئيسين. هن مون کي ٻٽيهه فلمن تي لکيل مواد ڏيکاريو. ڀلي ڪچهري ٿي. چيائين باقي بہ لکي وٺندس ۽ ڪتاب ڇپرائينداسين. مون چيو سرورق تي مڌوبالا جو فوٽو لڳڻ گهرجي. اها سونهن راڻي، سونهن جو سمونڊ ان جي بہ پسنديده اداڪارا (حسن جي لحاظ کان) هئي ۽ منهنجي به. باقي فن جي لحاظ کان هو سميتا پاٽيل کان گهڻو متاثر هو.
حسن سان ملاقات ٿئي ۽ ايناڪرنينا جو ذڪر نہ نڪري اهو بہ ممڪن ڪونه هو. هڪ دفعي فون ڪيائين ”مان لنڊن مان ايناڪرنينا جي ڊي وي ڊي وٺي آيو آهيان اچ تہ گڏجي ڏسون. مٿان اها بہ شڪايت ڪيائين تہ پنهنجي ملاقات دير سان ٿئي ٿي. مون وراڻيومانس تہ بئنڪر سان دوستي رکڻ جي سزا آهي توکي. مان تہ توکي ڪونه چيو هو تہ بئنڪر سان دوستي رک. بئنڪر ويچارا نہ زنده نہ مئل رڳو ساه کڻندا آهن. ان ڳالهه تي ڏاڍو کليو ۽ سدائين ٿڌو ساه ڀري پيو چوندو هو، ”ها ادا بئنڪر سان دوستي جي سزا ويٺا ڪاٽيون“ پوء هن مهربان مون ڏانهن اها ايناڪرنينا جي ڊي وي ڊي اٺ سيڊيز ۾ ٺهرائي موڪلي. ٽوٽل فلم ٻارنهن ڪلاڪن جو آهي.
ايناڪرنينا تي اٽڪل هر ڏهن سالن کان پوءِ فلم ٺهندو پيو اچي هاليووڊ ۾. هڪ فلم اوڻيويهه سو پنجٽيهن ۾ ٺهيو هو جنهن ۾ گريٽاگاربو اينا ٿي هئي ان کان پوء چنچل حسينه ويونلي بہ اينا ٿي هئي. حسن کي اهو فلم يعني ٻارنهن ڪلاڪن وارو وڌيڪ پسند هو.
حسن دنيا جي سڀني ماڻهن (تمام گهڻن، اٽڪل سڀني) وانگر عقيدي جي حساب ۾ چوواٽي تي بيٺل هو. انسان جڏهن ڄمي ٿو تہ ان کي پهريان جملا جيڪي ٻڌڻ لاء ملن ٿا انهن جو آخري نتيجو اهو نڪري ٿو جو ان ۾ خوف اوتجي اچي ٿو. جتي خوف ايندو آهي اتان سڀ حوصلا لڏي ويندا آهن. خوف جو ٻيو پاسو يعني جيڪو خوف کي اچي توازن ۾ رکندو آهي اها آهي لالچ. (جيڪو پڻ انساني ذهن جي پيداوار هوندو آهي ۽ ٻاهران بہ مواد حاصل ڪندو آهي يعني ٻڌ سُڌ)اهي ٻيئي سموري زندگيء جي عمارت اڏين ٿا انهن ٻنهي منجهان جان آجي ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي. انسان ان مان جان ڇڏائڻ چاهيندو بہ آهي تہ انهن سان چنبڙي پيل پڻ هوندو آهي.
گهڻا انسان تہ ائين ئي هن دنيا منجهان موڪلائي ويندا آهن ڪجهه وري علم پڙهي اچي چوواٽي تي بيهندا آهن. هڪ پاسي علم انهن کي سمجهائيندو آهي تہ خوف ۽ لالچ ئي اوهان کي هن پراسرار دنيا ۾ رکيو اچن ٿا تنهنڪري منهنجي ڳالهه (علم جي ڳالهه) مڃو تہ اوهان انهن کان جان آجي ڪريو پر گهربل علم کان گهٽ علم انهن جي ذهنن ۾ چنبا کوڙي ويٺل عقيدن کي ٻاهر ڪڍي ڪين سگهندا آهن.
رڳو ڪجهه، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي (جيڪي گهربل علم پڙهندا آهن) انهن جي اندر علم پهچي انهن منجهان انهن عقيدن کي تڙي ڪڍندو آهي ۽ اهي هڪ فيصلو ڪرڻ وارا بڻجي پوندا آهن پر اهي تعداد ۾ تمام ٿورا هوندا آهن.
حسن سان ان تي تمام گهڻا بحث ٿيندا هئا جن جي آڌار تي مون اها راء قائم ڪئي آهي ۽ حسن سان رشتي جي تقاضا موجب هتي ذڪر ڪيو اٿم.
حسن سٺو بابا هو جو ان جي اولاد پنهنجي پيء جون سڀ خوبيون رکندڙ آهي. محبوب وساڻ وٽ بہ فنون لطيفه جو شوق سمونڊ وانگر لهرون ويٺو ڏي.
حسن وساڻ، حُسن پرست انسان هو. هو ان جو ذڪر گهڻو ڪري ڪندو هو ۽ پنهنجي آپ بيتيء ۾ اهڙا ڪيترا ذڪر ڪيا اٿائين. هن ڪتاب جي ڀاڱي پهرئين ۾ لکيو هئائين تہ هڪ شاعر جڏهن سيهوڻ آيو ۽ اتي جي گرمي ڏٺائين تہ خدا کي فرياد ڪندي هڪ شعر چيائين تہ اي خدا جيڪڏهن سيهوڻ هو تہ دوزخ ڇو ٺاهيوءِ. مان (حَسن) جڏهن جرمنيء جي شهر اولمپيا ويس تہ اتي الله کي فرياد ڪيم تہ جيڪڏهن اولمپيا هو تہ پوءِ بهشت ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت. حسن جي حُسن پرستيء کي ڏسي مون کي پڪ آهي تہ خدا تعالى سندس ذوق جو خيال رکندي کيس حورون عطا ڪندو پر منهنجي خيال موجب هو حافظ جو هي شعر ضرور ياد ڪندو ته، ”بده ساقي مئه باقي، ڪه در جنت نہ خواهي يافت، ڪنارِ آب رڪناباد و گلگشت مصلى را“ اي ساقي! باقي بچيل شراب مون کي ڏي، ڇو تہ بهشت ۾ ڪناره رڪناباد ۽ مصلي جو سير نصيب نہ ٿيندو. (حافظ شيراز جو هو، شيراز ايران جي ڏکڻ ۾ واقع شهر جبلن جي وچ ۾ آهي جبل تي چڙهي شيراز جو نظارو ڪبو تہ باغ ۽ واه نظر ايندا. اهي واه انهن جبلن جي آبشارن منجهان نڪرندا آهن ۽ اهڙو نظارو ڏيندڙ هوندا آهن جنهن سبب انسان جي واتان ازخود ”الله اڪبر“ نڪري ويندو آهي اهو ئي سبب آهي جو ان آبشار جو نالو الله اڪبر رکيل آهي. حسن بہ ياد ڪندو تہ بهشت جون حورون بہ قبول پر مون کي ٻيهر دنيا ۾ موڪل تہ سانگهڙ وڃي اتان جون پريون ڏسان. فلم جي پردي تي مڌوبالا ڏسان. انڊيا جي آرٽ فلمن جي سدا چمڪندڙ اداڪارا سميتا پاٽيل جي منهن تي اهي امپريشن ڏسان جيڪي هن فلمن جي دردن واري سين ۾ پنهنجي منهن تي ڏنيون.
نذير سومرو
چڪ ضلعو شڪارپور
2 آڪٽوبر 2022