نشي بازيءَ جا ڪلور
نشو انسان کي ماڻهپي مان ڪڍيو ڇڏي، گهرن جي بربادي، اولاد جي گمراهي، طلاق ۽ فساد وغيره سڀ نشي جا تحفا آهن. دين اسلام ۾ انهيءِ ڪارڻ هر قسم جي نشي کي حرام قرار ڏنو ويو، شراب لاءِ تہ نبي ڪريم صه فرمايو تہ شراب امُ الخباثت آهي!.
اصل ۾ نشو انساني جسم ۾ اهڙيون ڪيميائي تبديليون ٿو آڻي، جنهن سان انسان جي سڄي ڪيمسٽري تبديل ٿيو وڃي ۽ هو هرگز بہ نارمل نٿو رهي. تنهن کان سواءِ ڪيتريون ئي جسماني ۽ ذهني بيماريون بہ پيدا ٿيو پون. مون مشاهدو ڪيو تہ نشو ۽ سيڪس سڳا ڀاءَ ڀيڻ آهن. اهڙي شهادت نشي جا عادي ڏين ٿا ۽ مڃن ٿا تہ شروع شروع ۾ لذت ۽ مزو ڪجهه سرس ملي ٿو پر آهستي آهستي مزو يا لذت تہ وڃيو ترُ وٺي ماڳهين اچيو سر سان لڳي! جسماني ۽ ذهني نظام درهم برهم ٿيو وڃي ۽ بعد ۾ همراهه رڳو جياپي لاءِ پريشان هوندا آهن. خاص ڪري شراب ۽ هيروئن جا هيراڪ.... انهيءِ ٻاڙ يا هَير پويان همراهه دنيا ۾ زندگي جو نيچ ۾ نيچ ڪم ڪرڻ لاءِ آماده ٿيو پون. چوري چڪاري ۽ اوڌر وٺي واپس نہ ڪرڻ تہ ڪا ڳالهه ئي ڪونهي، پر بي غيرتي جا ۽ ظولمي ڪم بہ ڪيو وجهن، رڳو پئسه کپن پوءِ چاهي انهيءِ لاءِ ڪجهه بہ ڪرڻو پوي.
مغربي دنيا جنهن ۾ آمريڪا، آسٽريليا، ڪيناڊا ۽ مغربي يورپ يعني انگلينڊ، فرانس، جرمني، هالينڊ وغيره ۽ مشرقي يورپ يعني هنگري، رومانيه، پولينڊ، يوگوسلاويه، روس وغيره اچي وڃن ٿا، اتي فيملي لائيف تقريبن ختم آهي، انهيءِ جو اهم سبب پڻ اهو نشو آهي، رهندو سون تي سهاڳو تہ اتي سوئر جو گوشت بہ عام واپرايو ٿو وڃي، جيڪو هر عام خاص واپرائي ٿو. نشو ۽ اهو گوشت گڏجي ماڻهو جي بدني ڪيمسٽري تمام خطرناڪ حد تائين زهريلي ڪريو ڇڏي ۽ ذهني توازن بہ برقرار نہ ٿو رهي، انساني رويا حيواني ٿيو پون ۽ سڄي زندگي ڊاوان ڊول ٿيو وڃي، شادي کان اڳ ئي جسني تعلقات رکڻ ۽ ٻار ڄڻڻ انهن ملڪن ۾ عام ڳالهه آهي ۽ شادي کان پوءِ بہ ناجائز تعلقات جاري رهن ٿا، اهڙي صورتحال ۾ فيملي لائيف تباهه نہ ٿيندي تہ ٻيو ڇا ٿيندو؟ اها وبا هاڻي پکڙجي سڄي دنيا ۾ ڦهلجي وئي آهي، پر اوهان نوٽ ڪريو تہ انهيءِ ماحول جُڙڻ ۾ نشي جو واهپو بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو.
پر تصوير جو هڪڙو رُخ ٻيو بہ آهي آمريڪا جهڙي امير ۽ ايڊوانس ملڪ جي ڪجهه رياستن ۾ هڪ اهڙي بہ ڪميونٽي رهي ٿي، جيڪا سخت مذهبي يعني ڪٽر عيسائي آهي، نشو پتو يا ٻيون معاشرتي خرابيون تہ پري جي ڳالهه آهي، پر هو جديد دنيا جي هر هڪ ايجاد ۽ آسائش کان پري آهن، ايتري قدر جو سندن گهرن ۾ بجلي بہ ڪونهي، موبائل، ٽيليفون، ڪمپيوٽر، ريڊيو، ٽي وي بہ هو ڪونه رکن موٽر ڪار بہ ڪونه وٺن يا واپرائين، سواري لاءِ گهوڙا يا گهوڙي گاڏي استعمال ڪن ٿا، زالين مڙسين اهڙو لباس استعمال ڪن ٿا جنهن سان سڄو جسم ڍڪيل هوندو آهي. هي ماڻهو ڪاشتڪاري ڪندا آهن ۽ قديم ترين زندگي پيا گذارين! هنن ۾ ڪابه اخلاقي خرابي نالي لاءِ ڪونهي، (نوٽ : نيشنل جاگرافڪ چيئنل هڪ دفعي هڪ ڪميونٽي جي فلم ڏيکاري هئي) هنن ماڻهن ۾ امن ئي امن آهي، محبت ئي محبت آهي، ڪو ڦڏو فساد ڪونهي، ڪو اختلاف ٿي تہ هنن جا وڏا مشاورت سان اهو اختلاف ختم ٿا ڪن، آئون سوچان ٿو تہ جيڪڏهن بدبخت ضياءالحق هنن جو ملڪي صدر ٿي ها تہ يقينن هن امن پرور ڪميونٽي جو بہ ٻيڙو ٻوڙي ڇڏي ها!
مٿي ذڪر ڪيل نشن کان سواءِ هن دُنيا ۾ ڪجهه ٻيا بہ نشا آهن، مثال طور اقتدار جو نشو، دولت جو نشو (هنن ٻنهي نشن ۾ زرداري ۽ نواز شريف ۽ سندن ٽولا بُڇڙي نموني مبتلا آهن) تنهن کان سواءِ حُسن ۽ عشق جو بہ هڪ نشو آهي. هڪ پراڻو گيت ياد آيم.
يي ڪيسي خوشي هي يي ڪيسا نشا هي
مجهي ڪيا هوا هي، مجهي ڪيا هوا هي.
انهن نشن بہ ڪيئن گهر اجاڙي ناس ڪيا آهن.
ڪيا ڪيا نہ لوگ چل بسَي شوقِ جمال يار مين
هم پي هزارون مِٽ گئي حالتِ انتظار مين
اقتدار ۽ دولت جي نشن کي آئون ڊراپ ٿو ڪريان، پر حُسن و عشق جو نشو ڪجهه عجيب آهي، مون کي پڪ ناهي تہ شاهه لطيف واقعي هي شعر فرمايو يا نہ پر شاهه سائين سان منسوب آهي، چوي ٿو.
منڌ پيئندي مون، ساجن صحيح سڃاتو
وري اڳتي فرمائي ٿو
جڏهن ٻڌوسين تہ ٿو بخشي بدڪارن کي
تڏهن اُٿي مون، ورتو گس گناهه جو
سائين سالڪن ۽ الله وارن سان ڪنهن جي همت آهي جو ساڻن مهاڏو اٽڪائي؟ پر مٿين شعرن جي لفظي ۽ ظاهري معنيٰ کان سواءِ ٻي بہ ڪا لِڪل يا باطني معنيٰ ٿي سگهي ٿي. آئون وڌيڪ تہ نہ ٿو ڄاڻان پر زندگي ۾ ڪجهه اهڙا بہ لمحا آيا جن مون کي بيخود ڪيو ۽ زندگي سان گڏوگڏ هن ڪائنات جي معنيٰ انهيءِ کان مختلف هئي، جيڪا ان کان اڳ هئي، هي زندگي ۽ هي ڪائنات هڪ طلسمِ هوشربا محسوس ٿي! ڄڻ ڪو جادو، ڪو سحر هجي! پر هن ڪيفيت کي ڪو نشو بہ چئي سگهو ٿا...! پاڻ ڄمڻ کان اڳي ڇا هئاسين ۽ ڪٿي هئاسين ۽ مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ هي جنت دوزخ، جزا ۽ سزا ڇا ۽ ڇو آهن؟ شاهه صاحب جا بہ عجيب رنگ آهن، فرمايائون.
پاڻهي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب
پاڻهي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو
اهي رمزون سمجهڻ وارو سمجهن، پنهنجو تہ هي حال آهي تہ
ماءَ ! منهنجو جندڙو کنيو خيالن
ڪوڙن ڪذابن، ڏاگهن ڏڌي آهيان
(شاهه)
اهڙا نشا يا ڪيفيتون نصيب وارن کي ئي نصيب ٿين ٿيون، حُسن و عشق جا ڪجهه جلوه اسان بہ اکين ڏٺا، مڌوبالا جا دليپ سميت لکين عاشق هئا، پر هن حُسن لاثاني کي عشق راس ڪونه آيو ۽ هو ستن عشقن کان پوءِ ناڪام ۽ نامراد رڳو 36 سالن جي ننڍي عمر ۾ دل جي خرابي جي ڪري گذاري وئي. ٻي اهڙي ئي اپسرا هئي ثُريا جمال، انهيءِ جا بہ لکين ديوانا هئا، لاهور جو هڪڙو ديوانو تہ ڄڃ سڌو بمبئي سندس در تي پهچي ويو ۽ ثريا کي پوليس گهرائي جان ڇڏائڻي پئي، پر سانگهڙ ۾ بہ ثريا جو هڪڙو ديوانو هيو، ثريا جي جيڪا بہ فلم سينيما تي لڳندي هئي، همراهه ٽئي شو لاڳيتو ڏسندو هيو، سينيما مالڪن کي سندس عشق جي خبر هئي، تنهن ڪري هڪ ئي ٽڪيٽ ۾ ٽنهي شوئن جي هن کي موڪل مليل هئي، پوءِ جيترا ڏينهن بہ ثريا جي فلم سينيما تي هوندي هئي، عاشق حاضر هوندو هو، اهو عشق ۽ اهو حُسن اڄڪلهه اڻلڀ آهي، کڻي چئجي تہ اهڙا نشا هاڻي دنيا ۾ ناهن رهيا، هاءَ اهي عجيب نشا..! اهڙن ليليٰ مجنون ديوانن کي هي دنيا ڇڏي صديون ٿي ويون.
نشي بازي جو مٿيون باب منهنجي آتم ڪٿا جو ئي حصو آهي، ڇو تہ پنهنجي هڪ ويجهي عزيز کي هيروئن ۾ ڦاٿل ڏسي چيم تہ هي بہ هڪ مشڪل مرحلو آهي، مون ۽ ٻين عزيزن پنهنجي هن هيروني عزيز جي هيروئن ڇڏائڻ لاءِ ڪي وس ڪري ڇڏيا پر شڪست نصيب ٿي.
نه ڪوئي تدبير ڪام آئي.
هو هڪ چست، چالاڪ ۽ بالا سرڪاري آفيسر هيو، پر بڇڙي صحبت ۽ سيڪس جي چڪر ۾ اهڙو ڦاٿو جو سب ڪجهه مليا ميٽ ٿي ويو، نوڪري، شان مان ۽ چست چالاڪي سڀ ختم ٿيا ۽ انجام ڪار شهر جو بدنام انسان بڻيو ۽ سندس موت بہ دردناڪ هيو پر مرڻ کان پوءِ جيڪو سڪون ۽ اطمنان مون هن جي منهن تي ڏٺو تہ آئون حيران ٿيس، ڄڻ هو ڪنهن وڏي ويڌن ۽ تڪليف مان نڪتو هجي! اطمنان ۽ معصوميت سندس چهري مان بکي پي.
بنا خرچ ٽوٽڪا
آئون گذريل 50 سالن کان يوگا ڪندو آهيان، يوگي، جيڪي اڪثر هندو آهن چون ٿا تہ مسلمانن جو رهبر ۽ نبي صه پڻ يوگي هيو جنهن غاز حِرا ۾ ڪو وقت يوگ ۾ گذاريو، هو چون ٿا تہ اوهان جو وضو ڪرڻ، کاڌي کان پوءِ آنڱريون چٽڻ يا چُوپڻ ۽ خود نماز بہ يوگ علم جا ڪجهه چونڊ آسڻ آهن؟. هندورشي دعويٰ دار آهن تہ پٿر پوڄڻ لاءِ اوهان مسلمان اسان هندن کي غلط ٿا سمجهو پر اوهان خود مسلمان پوءِ حجر اسود کي ڇو ٿا چُمو؟ ۽ پٿر جي ٺهيل خدا جي گهر (ڪعبته الله شريف) آڏو سجدا ڇو ٿا ڪريو! حج جون ڪيتريون ئي رسمون بہ هندو مذهب سان ملن ٿيون، (يعني طواف، رمي، مٿو ڪوڙائڻ، احرام پائڻ، قرباني، شيطان کي پٿريون هڻڻ وغيره) بهرحال انهيءَ گفتگو کي اتي ڇڏيندي آئون يوگا ۽ ڪجهه گهريلو ٽوٽڪن جو ذڪر ڪندس. ڇاڪاڻ تہ اهي صحت متعلق آهن ۽ اڄڪلهه صحت کي قائم رکڻ هڪ ”مشڪل مرحلو“ آهي، قديم ڪتابن ۾ بعضي اهڙيون عجيب و غريب ڳالهيون لکيل آهن، جن کي پڙهي حيرت تہ ٿئي ٿي پر انهن تي عمل ڪري حيرت انگيز نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. جن جي تصديق جديد سائنسي تحقيق ڪري ٿي. مثال طور زندگي ۾ تمام ضروري گهربل شين ۾ ”آڪسيجن“ سڀ کان ضروري ۽ اهم آهي، عام حالت ۾ پنهنجو بدني نظام 24 ڪلاڪن ۾ آڪسيجن ٻن کان اڍائي ڪلو حاصل ڪري ٿو، جنهن سان رت صاف بہ ٿئي ٿو ۽ جسم ۾ گردش ۾ رهي ٿو. پر نيرانو صبوح جو يوگ جو هڪ آسان ۾ آسان آسڻ (عمل) ڪجي تہ جسم اٺن کان ڏهه ڪلو آڪسيجن حاصل ڪندو، جنهن سان مهيني ٻن ۾ حيرت انگيز تبديلي ايندي. اهو عمل نول بنول ۽ بسريڪا آسڻ چوائي ٿو. اول سڌو بيهي يا ويهي نڪ جي هڪ ناس مان زور سان ساهه کڻو ۽ ٻي ناس مان ڇڏيو، وري انهيءَ ساهه ڇڏيل ناس مان زور سان ساهه کڻو ۽ پهرين مان زور سان ڇڏيو. اهو عمل 20، 30 يا 40 دفعا ڪري بعد ۾ کليل فضا ۾ 60 دفعا نڪ مان اُڀا ساهه کڻو ۽ ڇڏيو، نول بنول بسريڪا آسڻ يوگا جو آسان ۾ آسان ۽ مفيد ترين آسڻ آهي.
صحت جا ماهر ۽ ڊاڪٽر چون ٿا تہ هر انسان کي قدرت 2 عدد ڊاڪٽر ڏنا آهن، اهي آهن اسان جون ٽنگون، چون ٿا تہ پيدل هلڻ سان انيڪ بيمارين ۽ ڪمزورين جا دروازا بند ٿيو وڃن ۽ اسان جي اندروني مشينري ۽ سندس پرزا دل، دماغ، جگر، ڦڦڙ ۽ گردا زبردست فعال ٿي ڪم ڪن ٿا ۽ بدن جا زهريلا مادا خارج ڪن ٿا، پيدل جيترو بہ گهڻو ٿي تہ هلجي، پر گهٽ ۾ گهٽ اڌ، منو يا ڪلاڪ تہ پيدل هلجي، انهيءِ کان اُتم ٻي ڪابه ورزش ڪونهي. منهنجو نانو نالي سوائي ڪڏهن بہ ڪنهن سواري ۾ سوار نہ ٿيو. سدائين پنڌ ڪندو هيو، ايتري قدر جو ڳوٺ کان سانگهڙ 7 ميل بہ هميشه پنڌ ايندو ويندو هو، ناني سوائي کي مون ڪڏهن بيمار ڪونه ڏٺو، ڀلن نسلي ڪتن ۽ ڪاموري ٻڪرين جو شوقين هوندو هيو، سو پيدل هلڻ، يڪو يا قسطن ۾ پر صحت لاءِ امرت آهي. يوگا جا سوين آسڻ آهن جيڪي مختلف روڳن لاءِ علاج يا تدارڪ لاءِ استعمال ڪيا ٿا وڃن. هن آتم ڪٿا ۾ انهن سڀ جو ذڪر مقصود ڪونهي، ٻڌائڻو فقط هي هيو تہ آئون يوگي آهيان ۽ الحمدالله وڏي عمر جي باوجود ماشاءَالله صحتمند آهيان، تنهن ڪري هم وطن ساٿين کي صلاح ڏيندس تہ هو بہ يوگا مان فائدو وٺن. واقعتن يوگ ڪرڻ ۽ پابندي سان ڪرڻ هڪ ڏکيو عمل آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ بسريڪا تہ سڀ ڪو ڪري سگهي ٿو. سو مون طريقو لکي ڇڏيو آهي. يوگا سان گڏوگڏ ”پريشر ٿرافي“ بہ ڪئي وڃي تہ سون تي سهاڳو آهي. اهو بہ هڪ وسيع موضوع ۽ علم آهي، پر بسريڪا وانگر هڪڙي آسان مشق لکان ٿو جيڪا سڀ ڪو آساني سان ڪري سگهي ٿو. ڪوبه تيل (خاص زيتون جو نہ تہ ڪوبه) ان سان دُن ۽ دُن جي سيڌ سان پٺيءَ ۾ ريڙهه هڏي تي هلڪي مالش ڪجي. ساڳيو عمل پيرن جي آنڱوٺي جي ننهن تي ۽ پيرن جي ترن تي ڪجي، صبوح شام ڪجي، انهيءِ عمل سان جسم ۾ بيپناهه تبديلي ايندي ننڊ بہ سٺي ايندي.
اهي ٽوٽڪا تہ يوگا ۽ پريشرٿرافي مان هئا، جيڪي سولي ۾ سولا هئا، پر هنن پراسرار علم جا ڄاڻو چون ٿا تہ ٽن شين جو روزانو سلاد طور استعمال صحت کي قائم رکڻ لاءِ بيحد مفيد آهن، ٿوم جون ٻه يا ٽي ڳڙيون، ادرڪ جو هڪ ننڍو ٽڪرو ۽ بصر (خاص ڪري اڇو بصر) ڇٽانگ کن روز ٻه دفعا ماني ۽ ناشتي سان گڏ پيٽ ۾ داخل ڪجن تہ گهڻن روڳن کان بچي سگهجي ٿو. هڪ چپٽي ڪلونجي بہ واپرائجي تہ سون تي سهاڳو.
بهرحال زندگي جي مشڪل مرحلن ۾ هڪڙو مرحلو صحت مند رهڻ بہ آهي، صحت ناهي تہ ڪجهه بہ ناهي، دولت، گاڏيون ۽ محل ماڙيون سڀ بيڪار آهن. انسان صحت مند آهي تہ زندگي جون ننڍيون ننڍيون شيون وڏيون وڏيون خوشيون ڏين ٿيون. گلن جي سرهاڻ، پکين جون چهڪاريون، ڪو سريلو گيت، معصوم ٻارن سان رانديون ۽ چل ولايون____ اهي ۽ ٻيون اهڙيون ئي شيون ۽ نظارا معنيٰ خيز ٿيو پون ۽ خوشي ڏين ٿا. صحت خراب آهي تہ سڀ ڪجهه خراب آهي.
تازو انڪشاف ٿيو تہ ڪڻڪ ۾ گلوٽن نالي جُز جي ڪري صحت ڏاڍي متاثر ٿئي ٿي، پر هي انهن کي نقصان ڏي ٿي جيڪي گلوٽن هضم نٿا ڪري سگهن، تنهن جي مقابل مڪائي وڌيڪ مفيد آهي، ايتري قدر جو شوگر وارا ڪڻڪ جي ماني ڇڏي مڪائي جي ماني واپرائين تہ بنا دوا هو ڪي قدر پنهنجي شوگر ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا.
ورهين جي جاکوڙي تحقيق کان پوءِ ۽ تجربي کان پوءِ هاڻي اهو تسليم ڪيو ويو آهي تہ اڇي کنڊ سِلوپائزن Slow Poison آهي، اڇي کنڊ ۾ ڪيترائي ڪيميڪل مليل هوندا آهن جيڪي جسماني مشينري کي آهستي آهستي ختم ٿا ڪن ۽ ماڻهو جي قوت مدافعت ڪمزور ٿي ٿئي، البت ديسي کنڊ بنا ڪيميڪل ڳڙ بي ضرر آهن، جنهن وٽ پيسو آهي تہ انهن جي جاءِ تي ماکي استعمال ڪن، چانهه، ڪافي ۽ پيپسي، شراب ۽ ٻين پاڻيٺ جي جاءِ تي گرين ٽي واپرائجي جيڪا صحت لاءِ بيحد مفيد آهي، ڪونه ڪو موسمي فروٽ، ڀاڄيون داليون (سڀ کلن سوڌيون) خوب واپرائجن، سُڪو فروٽ بيحد مفيد آهي، خاص ڪري هڪ يا ٻه عدد اخروٽ ۽ ٻه چار بادام، ڪڏهن ڪڏهن مڇي، ديسي بيضا ۽ گوشت بہ وٺجي.
صحت جي هڪ پراڻي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ماڻهو ڪيئن ٿو ختم ٿي، يعني ڪهڙي ڳالهه يا مسئلو ڪهڙي عضوي کي ڳاري ختم ٿو ڪري.
1. ڏک ۽ غم ڦڦڙن کي ڳاري ٿو.
2. افسوس ۽ پڇتاءَ معدي کي خراب ٿو ڪري
3. اسٽريس ۽ ڊپريشن دل ۽ دماغ کي ڪمزور ٿا ڪن
4. خوف ۽ گهٻراهٽ گُردا ختم ڪن ٿا
5. غصو ۽ حسد فالج جو سبب ٿئي ٿو ۽ جگر متاثر ٿئي ٿو.
6. فڪر ۽ پريشاني تِلي کي ڳاري ٿو.
نوٽ : مٿي جيڪي سبب ٻڌايا ويا آهن، اهي هڪ ٻئي تي بہ اثرانداز ٿي سگهن ٿا. مثال طور ڏک ۽ غم مان اسٽريس ۽ ڊپريشن بہ گڏوگڏ پيدا ٿي سگهي ٿي.
بهرحال ڪابه ”خوشي“ دل لاءِ امرت آهي، ان سان ٻيا روڳ بہ گهٽجن ٿا ۽ خوشي ”صبر ۽ شڪر“ ۾ آهي. زندگي جو اصل مقصد بہ خوشي حاصل ڪرڻ آهي.
آخر ۾ کير متعلق لکان جيڪو غذا جو هڪ اهم حصو آهي، سڀئي کير سڻڀ ۽ هڪ جُز ”ليڪٽو“ سان ڀرپور آهي، سواءِ ٻڪري ۽ ڏاچيءَ جي کير جي. مينهن يا ڍڳي جو کير ۽ سندس جز ”ليڪٽو“ جيڪڏهن ڪو هضم ڪري ٿو وڃي تہ اهڙو کير يا ڌونئرو هو واپرائين (ڌونئرو وڌيڪ مفيد آهي) جن دوستن کي ليڪٽو هضم نٿو ٿي تہ اهي ٻڪري يا ڏاچي جو کير واپرائين (انهن آخري کيرن جي حاصلا ڪجهه ڏکي آهي. زرداري پاڻ اصل جت آهي تنهنڪري هو اڄ بہ ڏاچي جو کير استعمال ڪندو آهي ۽ ڏاچي جي کير جو حصول هن لاءِ ڪجهه مشڪل ڪونهي.
پر ماڻهو پُڄي نہ ٿو سگهي تہ ڪتل جا ٻه ٽي داڻا کائي تہ نيوٽريشن (کاڌ پيت) جا کوڙ سارا وٽامن ۽ منرل جسماني مشينري کي ملي ويندا.
کاڌي پيتي جي هن لسٽ ۾ گهڻيون شيون مهانگيون آهن، پر ضروري ناهي تہ مهانگيون شيون واپرايو، موسمي فروٽ ۾ زيتون، ٻير، انب، گدرا، هنداڻا سستا آهن، کير يا ڌونئرو 20 روپيه پاءُ ملي وڃي ٿو، ٽماٽر ڪڏهن مهانگو پر گهڻو ڪري سستو، زبرست مفيد آهي.
مڇي وري بہ گوشت کان سستي ۽ گوشت کان وڌيڪ بهتر آهي، باقي گوشت جي جاءِ تي داليون بهرحال سستيون ۽ وڌيڪ بهتر آهن ۽ گوشت جو نعم البدل فارمي ڪڪڙ تہ زهر جو ڀنڊار آهي، پيزا، ميڪڊول ۽ ڪي ايف سي (جنڪ فوڊ) وانگر ___ البت ٿوم، بصر ۽ ادرڪ کي ڪڏهن بہ نظرانداز نہ ڪجي، اهي ٽئي شيون درحقيقت حفظِ ماتقدم طور هڪ طرح جون دوائون آهن، جيڪي جسم جي مشينري کي قوت ڏين ٿيون.
پڙهندڙ ضروري سوچيندا تہ هي ڪهڙي آتم ڪٿا يا جڳ ڪٿا آهي، جنهن ۾ ٽماٽرن جو ذڪر ۽ يوگا متعلق مشهوري آهي؟ اصل ۾ آئون هڪ مشاهداتي ماڻهو آهيان، مون تي ٽماٽر يا ادرڪ يا يوگا جيڪو اثر ڪيو ۽ ڄاتم تہ ڪجهه کاڌ پيت ۽ نشو صحت لاءِ هاڃيڪار آهن پر يوگا ۽ بظاهر هي عام ۽ معمولي شيون مفيد آهن تہ انهيءِ حقيقت جو بہ هم وطن ماڻهن سان اظهار ڪري ڇڏيان. آتم ڪٿا يا جڳ ڪٿا لکڻي آهي تہ پوءِ سڀ ڪجهه ۽ سچ سچ لکڻو آهي، جيڪو اوهان جي تجربي ۽ مُشاهدي ۾ اچي ٿو.