لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ناول جي مختصرتاريخ

ھن ڪتاب ۾ مختيار ملاح ناول جي جدا جدا جزن، ناول جي اوسر، سنڌي ناول جي تاريخ، ناول جي رجحانن، ورھاڱي کان اڳ ۽ ورھاڱي کانپوءِ سنڌ ۽ ھند ۾ لکيل ناولن جو سرسري جائزو ڏنو آھي. 

Title Cover of book سنڌي ناول جي مختصرتاريخ

مھاڳ

ادب جي ھر صنف وانگر ناول به زندگي جي تفسير ۽ تشريح آھي، چيو وڃي ٿو ته ناول اطالوي لفظ (Novelle) مان نڪتو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ڳالھه يا ڪا خبر. يعني شروع ۾ ڪا به ڳالھه ناول ھئي پر پوءِ آھستي آھستي ناول پنھنجي جدا نسبت ۽ حيثيت اختيار ڪئي ۽ اڄ ناول ادب ۾ زندگي جي اظھار جو ھڪ نھايت طاقتور ۽ مؤثر وسيلو آھي. ناول جي شروعات ڪڏھن کان ٿي ان لاءِ ادب جا عالم ماٺ آھن. ڪن عالمن جي خيال ۾ مصر ۾ ٻارھين صدي قبل مسيح جون اھڙيون تصنيفون مليون آھن، جيڪي ناول جون سڀ لوازمات پوريون ٿيون ڪن ۽ ناول جي ٽيڪنيڪ تي پوريون ٿيون لھن ۽ انھن کي ناول چئي سگھجي ٿو. پر ناول جي صحيح معنيٰ ۾ ابتدا نائين عيسوي صدي ۾ مڃي وڃي ٿي. جپان ۾ نائين عيسوي صدي ۾ اھڙيون تصنيفون سامھون آيون جن کي ٽيڪنيڪي لحاظ کان جديد دور جا ناول مڃيو وڃي ٿو. ناول جي تاريخ جي باري ۾ لکيل ڪتابن ۾ ھڪ جپاني ناول Genji جو ذڪر ملي ٿو جيڪو عيسوي سن ١٠٠٠ ۾ لکيو ويو ھو. ھي ناول ھڪ عورت پنھنجو اصلي نالو لڪائي قلمي نالي Muresaki Shikibu سان لکيو ھو. ھن ناول جو ھيرو بادشاھي درٻار ۾ عورتن جو شڪاري آھي. ھن ناول کي ناول جي تاريخ ۾ نھايت اھم مقام آھي جو شايد ته ھي پھريون ناول آھي جنھن ۾ ڪردار جو مطالعو ۽ محبت جي حوالي سان سندس نفسياتي تجزيو پيش ڪيو ويو ھو. ان حوالي سان ھن ناول جي جديد ناول جي تاريخ ۾ سنگ ميل واري حيثيت آھي.
ناول جي ٽيڪنيڪ ۽ سنڌي ناول جي تاريخ جي باري ۾ گھڻائي ڪتاب لکيا ويا آھن، جن ۾ مختيار ملاح صاحب جو ھي ڪتاب به ھڪ تمام سٺو واڌارو آھي. ھن ڪتاب ۾ مختيار صاحب ناول جي جدا جدا جزن، سنڌي ناول جي تاريخ، ورھاڱي کان اڳ ۽ ورھاڱي کانپوءِ سنڌ ۽ ھند ۾ لکيل ناولن جو سرسري جائزو به ڏنو آھي. پر ان جائزي ۾ ھن ناولن جون اوڻايون ۽ چڱايون ٻڌائي پڙھندڙن ۾ انھن جي باري ۾ پھريان ئي رايو قائم ڪرڻ جي بدران ناولن جي باري ۾ پڙھندڙ کي پوري انفارميشن ڏني آھي. انھن جي سٺي يا خراب ھجڻ جو فيصلو پڙھندڙن مٿان ڇڏيو آھي. مان وري به پنھنجي اھا راءِ ورجايان ٿو ته مختيار ملاح جو ھي ڪتاب ”سنڌي ناول جي مختصر تاريخ“ سنڌي ادب ۾ ھڪ تمام سٺو واڌارو آھي.

آغا سليم
ڪراچي
2012ع