لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ناول جي مختصرتاريخ

ھن ڪتاب ۾ مختيار ملاح ناول جي جدا جدا جزن، ناول جي اوسر، سنڌي ناول جي تاريخ، ناول جي رجحانن، ورھاڱي کان اڳ ۽ ورھاڱي کانپوءِ سنڌ ۽ ھند ۾ لکيل ناولن جو سرسري جائزو ڏنو آھي. 

Title Cover of book سنڌي ناول جي مختصرتاريخ

آزاديءَ کان پوءِ ٻاراڻو ناول

سڀني ادبي صنفن ۾ وڏن توڙن ٻارن ۾ ناول انتهائي مقبول ترين صنف آهي، ڇو جو ناول سماج سان وڌيڪ سلهاڙيل هوندو آهي. انگريزي توڙي ٻين يورپي ٻولين ۾ اڄ به بهترين ٻاراڻا ناول شايع ٿي رهيا آهن. ”گليورز ٽريلوز“ اڄ به مشهور ۽ آهي. ناولن ۾ هيري پوٽر جي سيريز وڏي شوق سان پڙهي وڃي ٿي. ٻاراڻي ناول ۾ ٻن مکيه شين جي اهميت آهي، هڪ ان جو موضوع ۽ ٻيو ڪردارنگاري آهي. ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي لکي ٿو ته ”موضوع ٻارن جي دنيا سان واسطو رکندڙ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن اهو ٻارن جي آس پاس جي دنيا جو نه هجي ته گهٽ ۾گهٽ اهڙو ضرور هجي جو ٻار کي سمجهڻ ۾ يا ان جي ڪلپنا ڪرڻ ۾ دقت نه ٿئي. پريم، راڄنيتي ۽ فلاسافي وغيره جهڙن موضوعن کي ٻار ناول ۾ ڪا جڳهه نه ملڻ گهرجي. ٻارن کي اهڙا ناول وڌيڪ وڻندا آهن، جن ۾ جڳياسا ۽ رومانس هجي. اڀياس ڏيکاريو آهي ته ٻارن کي اتهاسڪ گهٽائن تي آڌار رکندڙ ، جيون جي مسئلن سان جڙيل ، کل ۽ مزاق سان ڀريل ، شڪار ۽ سير ۽ سفر جي ڳالهين سان وسطو رکندڙ ناول وڌيڪ وڻندا آهن. ٻار ناول جي ڪردارنگاري به صحيح ڍنگ سان ٿيڻ گهرجي. ان ۾ مختلف ڪردار هجن، پر اهي سڀاويڪ لڳڻ کپن. هنن جو اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ سڀاويڪ هجي. گهٽنائون ۽ ڪردار هڪ ٻئي سان اهڙي نموني ٺهڪيل هجن ، جيئن ٻار جو انهن ۾ آخر تائين رس قائم هجي“.(1)
سنڌي ادب ۾ ناول نگاري انگريزن جي دور ۾ شروع ٿي ۽ ٻارن لاءِ دراصل ڪي ٿورا ناوليٽ لکيا ويا يا ترجمو ڪيا ويا. آزاديءَ کانپوءِ، هند ۽ سنڌ ۾ ٻاراڻا ناوليٽ شايع ضرور ٿيا آهن، پر انهن جو تعداد ڪو گهڻو نه آهي ۽ انهن ۾ ڪي اهڙا شايد هجن، جيڪي ٻارن ۾ مقبول ٿيا هجن. ان جو هڪ سبب اهو آهي ته اهي ٻارن جا لکيل نه آهن، يا ٻارن جي مزاج تي اچي نه سگهيا آهن. اسان جا پبلشر ناولن کي اسڪول توڙي ڪاليج جي ٻارن تائين پهچائڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن. اهو به چئي نه ٿو سگهجي ته انهن ۾ ناوليٽن ۾ ڪهڙا لاڙا رجحان رهيا آهن، البته ٻارن ناولن ۾ تعليم جي اهميت، زندگيءَ ۾ محنت ڪرڻ جي ترغيب جهڙا موضوع ڏنل آهن. ڪجهه ناول مختلف ٻولين مان ترجمو به ٿيا آهن، جن ۾ اهم موضوع آهن. بهرحال ڪنهن حد تائين ڪوششون ٿيون آهن. قابل ذڪر ڳالهه اها ته موجوده دور ۾ ناوليٽ لکڻ ۾ تيزي آئي آهي، جنهن سان نيون اميدون جڙي پيون آهن.
آزاديءَ کان ٻارن لاءِ سڀ کان وڌيڪ ٻارن لاءِ ناوليٽ محمد بخش جوهر لکيا آهن، جن ۾ ”اڏام کٽولو“، ”اڏامندڙ ٿالهيون“ ۽ ”ماڪوڙن جي فوج“، ”مريخ جي مخلوق“ قابل ذڪر آهن. سندس ناول ”اڏامندڙ ٿالهيون“ 1955ع ۾ شايع ٿيو.
محمد بخش جوهر جو سائنسي ناول ”اڏامندڙ ٿالهيون“ سندس ئي اداري باغبان پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 1956ع ۾ شايع ٿيو. هي ناوليٽ، محمد بخش جوهر جو اصلوڪو آهي، ۽ سندس سائنسي سوچ جو عڪاس آهي. هن ناول ۾ ٻارن توڙي وڏن لاءِ هڪ نئين دنيا جو سير ڪرائي ٿو. محمد بخش جوهر بنيادي طور صحافي هو، هن دنيا ۾ بدلجندڙ لاڙا ۽ رجحان ڏسي ۽ پڙهي ورتا هئا. ان ڪري هن ٻارن لاءِ ناني ۽ بزرگن جي قصن جي جاءِ تي سائنسي ادب کي ترجيح ڏني. هي جاسوسي ۽ سائنسي ناول آهي، جنهن ۾ خلائي سيٽلائيٽ جيڪي طاقتور ملڪن طرفان مختلف ملڪن جي جاسوسي لاءِ استعمال ٿين ٿا، ان کي موضوع بڻايو ويو آهي. هن ناول ۾ اسلم ۽ سندس جاسوس دوست بهادر خان جي ڪهاڻي آهي. اسلم رستي ويندي خلائي مخلوق ڏسي ٿو ۽ پنهنجي دوست بهادر خان کي آگاهه ڪري ٿو. هو خلائي مخلوق جون ميٽنگون ڏسن ٿا، پر بيضي جهڙن انسانن کان خوفزده رهن ٿا. هو سموري وارتا پوليس کي ٻڌائين ٿا، پر پوليس وارا اعتبار نه ٿا ڪن. محمد بخش جوهر، 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ئي سيٽلائيٽن جي اهميت کي سمجهي ورتو هو. هو لکي ٿو ته ”دنيا جي هر هڪ ملڪ ۾ ماڻهن آسمان جي بلنديءَ تي اڏامندڙ ڏٺيون آهن. اڏامندڙ ٿالهيون اسان جي زماني جي ڪنهن ملڪ جي حڪومت جو خفيه هٿيار آهي يا هي عجيب هوائي جهاز آسمان جي ڪنهن ويجهي زمين (گرهه) مان اچن ٿا تنهن بابت مختلف رايا آهن. ڪن جو خيال آهي ته اهي اڏامندڙ ٿالهيون مريخ مان اچن ٿيون. هي ناول انهيءَ سلسلي جو آهي. ٿالهيون مريخ مان اچن ٿيون يا چنڊ مان . ليڪن هي واقعو اسان لاءِ حيرت ناڪ آهي ۽ جڏهن انهيءَ بيضي جهڙا انسان ويٺل هجن تڏهن حيرانيءَ ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي“.(2) عمر الدين بيدار، پڻ ٻاراڻي ادب ۾ جاسوسي ۽ سائنسي ناوليٽ لکيا. جن ۾ ”هاسٽل تي واگهه جو حملو“ (1980ع)، ”آسمان ٿو ڪري“ (ليڊي برڊ سيريز جي ”دي اسڪاءِ از فالنگ“ جو ترجمو) مشهور آهن.
نامياري ٻاراڻي اديب پروانو سيوهاڻي جو ناول ۾ ”هل ته هلون چنڊ تي“ 1992ع ۾ شايع ٿيو. هيءُ ناول سائنس فڪشن جي موضوع تي آهي. 1993ع ۾ نظير قاسميءَ جو جاسوسي ناوليٽ ”ٽلوءَ جو خطرناڪ سفر“، ٻارن جي ماهوار رسالي ۾ گل ڦل ۾ قسطوار شايع ٿيو، جيڪو ٻارن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو. ساڳي سال ۾ ۽ ساڳي رسالي ۾ م .ص.عليءَ جو جاسوسي ٻالڪ ناول ”ويران حويلي“ قسطوار شايع ٿيو، جيڪو هڪ اصلوڪو ۽ سنڌ جي ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسي ڪندڙ هو، جنهن ۾ خوف، خطرو ۽ خاموشيءَ جهڙا ڍيڃاريندڙ عنصر شامل هئا. هن ناول جو نمونو ڏجي ٿو:
”گڙگاٽ ٿيڻ سان جميل، بدحواسيءَ وچان، ٽپ ڏئي اٿي بيٺو ۽ انو به ڇرڪ ڀري ان پاسي نهارڻ لڳو. ڀت جي جاءِ تي خلا ڏسي انوءِ حيران ٿيندي پڇيو.“ هه.... هيءَ ڀت ڪيڏانهن وئي!؟“
”ڇي هُو اُهوا ڏانهن.“ جميل پنهنجي، بدحواسيءَ تي ڪنٽرول ڪندي چيو ”گهٽ ۾ گهٽ طلسمي چڪر ۾ ته ائين ئي ٿيندو آهي.“
”هون.“ انوءِ سوچ ۽ ٻڏل اکين سان هوڏانهن ڏسندي چيو، ”ضرور ڪا ميڪنيزم حرڪت ۾ آئي هوندي.“
”الائجي،“ جميل مُرڪي، کيس چيو، ”باقي ڀانيان ٿو ته سڄي شرارت هن رسيءَ جي ٽڪر ۾ آهي“.(3)
آزاديءَ کان پوءِ ٻارن لاءِ ڪيترائي قصصي ناوليٽ لکيا ويا، جن ۾ بادشاهن، شهزادن ۽ ديون جا قصا هوندا هئا. ان ڏس ۾ نذير حسين ڀٽي، محمد بخش جوهر، عبدالستار “خيال” ڀٽيءَ ۽ ڪن ٻين اهڙا ناوليٽ لکيا. ان سلسلي ۾ خيال” ڀٽيءَ جو “احسان مند لومڙي” 1958ع)، “سوا لک جو هيرو” (1958ع)، “پراسرار شهزادي”، وليداد وليءَ جو ”چيني بلبل“ (1958ع)، فدا سرهيو جو ”غيبي خزانو“ (1961ع)، محمد حسن هاليپوٽي جو ”دلپسند شهزادو“ (1971ع) ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.
محمد عثمان ڏيپلائيءَ اسلامي تاريخ جي پسمنظر ۾ ناوليٽ لکيا، جن مان ڪي ٻارن جي حوالي سان به هئا. ان سلسلي ۾ سندس ”شير شاهه ۽ همايون“ اهم آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، سنڌي ٻوليءَ جو نالي وارو محقق ۽ نقاد هو، پر افسانوي ادب ۾ سندس خدمتون ساراه جوڳيون آهن. ٻارن جي ناولن جي سلسلي ۾ سندس ”لاکو ڦلاڻي“ ڪتابي دنيا، حيدرآباد طرفان 1982ع ۾ شايع ٿيو. هي ناول سنڌ جي هڪ بهادر جوڌي جوان ۽ سورهيه سورمي جي حب الوطني ۽ هيڻن سان همدرديءَ جي ڪارنامن ۽ واقعن جو مجموعو آهي. لاکو ڦلاڻي، ننڍپڻ ۾ پنهنجي وڏن کان بهادريءَ جا جيڪا قصا ٻڌا هئا، انهن کي هن هميشهه ياد رکيو. هن ناول ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي بهادريءَ سان گڏو گڏ سونل سان محبت جو داستان به ڏنل آهي. لاکو نه صرف سونل جي سونهن ۽ سوڀيا تي موهت ٿئي ٿو پر سندس پورهئي ۽ محنت جو قدر ڪري کيس شاديءَ جو پيغام ڏيئي ٿو، ان جو مثال هن ريت آهي:
”نه ..... نه توهان ۾ ڌرتيءَ جو سڳنڌ آهي. ساري سنڌ جي مٽي اوهان جي پيرن جي پڻي آهي.ٿورو رڪجي لاکو وري چوڻ لڳو ته ”سونل تون مون سان شادي ڪندين؟“.(4)
علي بابا جو ناول”سنڌ باد جو سفر“ پهريون دفعو ١٩٩٣ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول ٻارن لاءِ لکيو ويو آھي. ھن ناول ۾ سند باد کي سنڌي ڏيکاريو ويو آھي ۽ ٻيا سڀ ڪردار اصلوڪا سنڌي آھن. مثال طور ھوٿل پري، گوڪل ديو، پاراشررشي وغيره. سڄي ناول ۾ دلچسپ قصو بيان ڪيو ويو آھي. پيئڻ بلا کي باز جي ھٿان مارايو ويو آھي. ”موھن جو دڙو“ ناول وانگر ھي به دراصل تهذيبي ۽ تاريخي ناول آھي. جنهن ۾ قديم سنڌ جو پسمنظر اچي وڃي ٿو. ناول جي شروعات ئي اھڙي نموني ڪئي ويئي جو سنڌ جي تهذيب سامھون اچي وڃي ٿي. مثال طور:
”ھڪڙو ھوندو ھو مھاراجا سويھ سنڌ ملڪ جو مھاراجا ڏاھن ۾ ڏاھو وڏو وير، ڳالهين جو ڪويسر ۽ وڏو طاقتور راجا. اھڙو جو ڪنهن ڀرپاسي واري راجا کي زور وٺڻ ئي ڪين ڏيندو ھو. پري پري ولائتن ۾ سنڌ جو جهڙوڪر ڏونڪو پيو وڄندو ھو. ڀلا سنڌ ھڪ سڪاريو ملڪ، پوري وچ مان سون تي سھاڳي جيان سنڌو درياهه پيو وھيس. پھاڙن تان جتان نهار، ماٿريون ئي ماٿريون. سنڌ سڳوريءَ جا ماڻھو به وڏا محنتي، زالين مڙسين سھڻا، پڙھيا ڳڙھيا، ناد، نگد ۽ ٻيا ويد پراڻ ۽ منتر واريو پيا پڙھن. پوکون پيا پوکين. سرون پيا ٺاھين. نار پيا ھلائين. ڍڳي گاڏين جا رينگٽ، گهر گهر ڏس ته چرخو پيو ھلي. چريو به ڏس ته کانڀاڻي کنيو جهار پيو ھڪلي وھيو وھيو پيو ڪري. جي جنگ ڪن ته به دشمن جي لشڪر مٿان کانڀاڻين ۾ شيھي جا گولا ڀريو پيا سٽڪا ڪرائين. امن توڙي جنگ ۾ سنڌ ڏس ته نغارن سان پئي گڙي“.(5)
اڪبر جسڪاڻيءَ جو مشهور ناوليٽ ”بتين واري ناني“سڀ کان پهرين آگم پبلڪيشن ايجنسي، حيدرآباد پاران 1980ع ۾ شايع ڪيو ويو. “بتين واري ناني” لاءِ پاڻ لکي ٿو ته اها سندس زندگيءَ جي ڪهاڻي آهي”. ان ڪهاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته سندس ناني ڪيڏين تڪليفن سان هن کي نپايو. سڄي ناول ۾ ڏک ئي ڏک آهن.اڪبر جسڪاڻي، هن ڪهاڻيءَ کي نهايت فنڪارانه نموني ۾ لکندي، منجهس دلچسپي برقرار رکي آهي. ان ڪري ڪهاڻي هڪ ئي دفعي ۾ پوري پڙهڻ کان رهي نه سگهبو. لُڙڪ- مرڪ گاڏڙ هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪن همدرد انسانن جي چڱاين جو ذڪر آهي ته پنهنجن جي مڪارين ۽ دوستن جي دل آزاريندڙ ڳالهين جو بيان آهي. خاص طور تي جڏهن اڪبر واسطي، ناني گهر ۾ رکيل ٽامي جا ٿانوَ، وڪڻي ٿي ڇڏي. اڪبر جو هڪ سٺو دوست، انهيءَ ڳالهه تي اڪبر سان همدردي ڪرڻ بجاءِ، کيس مهڻو ڏئي چوي ٿو ته: ”يار ڪمال آهي، ٿانوَ ٻين کي وڪڻي ڇڏيو، اسان کي ڏيو ها ته ڇا ٿيئوَ ها، اسان به اوهان کي اوترا ئي پئسا ڏيون ها“.(6)
ان مان اڄڪلهه جي ٺڙڪائو دوستن جي ذهنيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هيءَ ڪهاڻي معاشري جي اهڙن فردن کي وائکو ڪري ٿي، جيڪي فقط دولت کي دين ايمان سمجهن ٿا ۽ وقت تي ڪنهن جي حق ڦٻائڻ لاءِ قرآن شريف کڻڻ ۾ به دير ڪونه ٿا ڪن.
1981ع ۾ نامياري ليکڪ سيد زوار نقويءَ جو ”رات رني ڪوٽ“ ۾ شايع ٿيو، جيڪو ٻاراڻي ڪردارن تي آڌاريل هو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ ٻاراڻو ناوليٽ ”نئون ڇٽيهه لکڻو“ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران 1993ع ۾ شايع ٿيو. هن ناوليٽ جو مرڪزي ڪردار سدورو ، جنهن کي ليکڪ ”ڇٽيهه لکڻو“ سڏيو آهي، اهو 18 سالن جو هڪ ٻار آهي. هو انتهائي غريب، سادو ۽ بي وسليلو ڇوڪر آهي. عقل پر اڙاٻنگ ضروري آهي، ان ڪري هر آزمائش ۾ بنان سوچ سمجهه جي ٽپي پوي ٿو. سندس قسمت جو زور آهي يا اٽل ارادو جيڪو هن جي ڪاميابيءَ جو سبب بڻجي ٿو.
1993ع ۾ ليکڪ ذوالفقار ڀٽي جو ناول ”خوفناڪ سازش“ شايع ٿيو، هي ناول معاشرتي ۽ جاسوسي موضوع تي آڌاريل آهي.مشهور ليکڪ طارق قريشيءَ جو ناول ”ٻالڪ فورس ۽ ڀوت بنگلو“سچائي اشاعت گهر، دڙي،ضلعي ٺٽي پاران 1993ع شايع ٿيو. هي ناول ٻارن پاران ڪيل جاسوسي ۽ خوف واري ماحول تي مبني آهي. هن ناول ۾ ڀائر، ڀيڻ راجا، جاني، واصف ۽ مينا مڪلي ۽ ٺٽو گهمندي ڪوٽڙي جو سفت ڪندي شڪارپور پهچن ٿا، جتي ميزبان گهر جا ٻار اياز ۽ زويا به ساڻن گڏجن ٿا، ائين هڪ ٻالڪ فورس تيار ٿي وڃي ٿو. کين هڪ بنگلي ۾ وڃڻ کان روڪيو وڃي ٿو، ڇو ته اتي ڀوت رهندا آهن. پر هو تجسس ۽ جاسوسيءَ خاطر ان بنگلي ۾ وڃن ٿا، جتي کين خبر پوي ٿي ته اتي جن نه پر ڏوهاري رهندڙ آهن، جن خوف ڦهلايو ته اتي جن رهندا آهن. ٻارن وٽ واڪي ٽاڪي به آهي، جنهن وسيلي هو هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهن ٿا. آخر ۾ انڪل ايس پي جي مدد سان هو ڏوهارين کي گرفتار ڪرائين ٿا ۽ انعام حاصل ڪن ٿا.
نوشاد جو ناوليٽ ”رولو“ 2002ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناوليٽ آتم ڪٿائي آھي، جنهن جو ھيرو پنهنجي ڪٿا ستن سالن جي ٻاراڻي عمر کان شروع ڪري ٿو. ھڪ طرح سان ھي ناوليٽ ٻاراڻي نفسيات (Child Psychology) جي نمائندگي ڪري ٿو. سڄو ناول بياني ٽيڪنڪ ۾ لکيو ويو آھي. ناوليٽ جي ڪھاڻي ليکڪ جي والد جي حادثاتي موت کانپوءِ ھن جي ذھني ڪيفيت کي ظاھر ڪر ي ٿي ۽ ھن ناوليٽ ۾ اھو به ٻڌايو ويو آھي ته ٻار رولو ڪيئن ٿئي ٿو، اھي ڪھڙا احساس آھن، جن ڪري ھو اڪيلائي ۽ احساس ڪمتري واري زندگي گذاري ٿو. ناوليٽ جي ٻولي ڳوٺاڻي۽ شاندار پھاڪن سان ڀريل آھي. مثال طور:
”اسڪول ۾ داخلا کانپوءِ اسڪول سان اھڙو ته ذھني ناتو جوڙيم، جهڙو ميھار مينهن سان جوڙيو ھو“.
گسائڻ ائين عيب سمجهندو ھوس، جيئن ٻھراڙيءَ جي رن زال ٻيو مڙس ڪرڻ، عيب سمجهندي آھي“.(7)
نوشاد جو ٻيو ناول ” وارڊ نمبر 13“ سنڌ رائيٽر پبليڪيشن، باڊهه طرفان 2003ع ۾ شايع ٿيو. نوشاد جو ھي ناول به ٻالڪپڻ کان يادگيرين ۽ ڊائري جي ورقن تي مبني آھي. ھي ناول به آٽو بايوگرافيڪل آھي. ھي ناول ليکڪ جي اھا زندگي چٽي ٿو، جڏھن ھو سلهه جي مرض ۾ مبتلا ٿي جناح اسپتال جي وارڊ نمبر تيرنهن ۾ داخل ٿئي ٿو. پوري ناول ۾ مختلف مريضن جي نفسيات، مسئلا، اذيتون، ڊاڪٽر ۽ نرسن جا ڪم ناول جو موضوع آھن.
مشهور ڪهاڻيڪار اختر جانوريءَ جو ”پنهنجي ڌرتي پنهنجا ساھھ“ (2004ع) پڻ اھم ناول آھي. مشهور ڪهاڻيڪار ، ناول نگار ۽ صحافي ممتاز بخاريءَ جو ناول ”جڏهن روپ گم ٿي وئي“ روزانه ڪاوش جي ٻارن جي رسالي ”ٻارن جي دنيا ۾ 2005ع ۾ قسطوار شايع ٿيو. هيءُ هڪ معياري ناول هو، جيڪو سماجڪ موضوع تي آڌاريل هو. خالد آزاد نوجوان شاعر ۽ محقق آهي، خالد آزاد جو ناول ”سج اڀرڻ کان پوءِ“ سال 2007ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيو ويو. هي ناول، ملڪ جي مختلف حصن مان ٻارن کي اغوا ڪري، ملڪ جي قبائلي علائقن جي خرڪار ڪئمپن ۾ قيد ۽ جبري پورهئي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. يوسف سنڌيءَ جو ناوليٽ ”مريخ جا مسافر“، سندس ڪتاب ”مريخ جا مسافر ۽ ٻيون ڪهاڻيون“ ۾ 2013ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيو. هن ناوليٽ ۾ مريخ جي زمين تي آيل مخلوق جي حملي جي ڪهاڻي بيان ٿيل آهي. حملي جو ذڪر هن ريت ٿيل آهي:
سائو ستابو ٻيلو زندگيءَ سان ڀرپور هو. پکي چهڪي ۽ وڻ جي هڪ شاخ کان ٻي شاخ تائين ٿيندا، لاتيون لنوي رهيا هئا. زمين جون هڙئي خوبصورتيون ۽ رنگينيون هن ئي خطي ۾ مڙي آيون هيون. دنيا جي اڪيلي آبادي ”نوئيلاٽس“ هتان کان فقط ڏيڍ ميل پرڀرو، هڪ سر سبز ۽ شاداب ميدان ۾ هئي. باقي سڄي ڌرتي يا ته ٻيلن سان ڀريل هئي، يا وري ويران ۽ رڻ پٽ جو ڏيک ڏيئي رهي هئي. هڪ هزار سال اڳ ڪارن ۽ ڳورن ۾ هڪ زبردست لڙائي لڳي هئي، جنهن ۾ سڄي ڌرتيءَ جون وسنديون ويرانيءَ ۾ بدلجي ويون ۽ ڪيترائي انسان مارجي ويا ۽ هزارين سالن جي انساني تهذيب ۽ سائنسي ترقي ڌوڙ ۾ ملي ويئي. وڏا وڏا ملڪ ڌرتيءَ جي گولي تان ايئن گم ٿي ويا، ڄڻ سندن وجود ئي نه هو. جبلن جي چُرن ۽ زير زمين خندقن ۾ بچي ويندڙ ڪجهه ڳورن انسانن وري زندگي شروع ڪئي ۽ ”نوئيلاٽس“ شهر جو بنياد رکيو. هاڻي زمين جي سڄي آبادي انهن بچي ويل ڳورن ماڻهن جي نسل تي ٻڌل ۽ رڳو هن ئي شهر تائين محدود هئي. تنهن کان سواءِ ڪجهه ڪارا سائنسدان به اهڙي نموني بچي نڪتا، هو انسانيت جي مڪمل تباهيءَ کان اڳ راڪيٽ ۾ چڙهي مريخ طرف اُڏري ويا، جتي هنن هڪ نئين تهذيب جو بنياد وڌو. پر زمين ۽ مريخ جي رهاڪن کي هڪٻئي بابت ڪابه خبر نه هئي“.(8)
2016ع ۾ عبدالغفار سومرو جو ناول ”جاڳو جاڳو“ سٺو اضافو هو. نامياري ليکڪ ۽ صحافي انور ابڙي جا ٻارن لاءِ لکيل ٻه ناوليٽ شايع ٿي چڪا آهن. جن ۾ پهريون ”ڀڳل رانديڪو“ 2008ع ۾ ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي پاران شايع ٿيو. هي ناوليٽ 96 صفحن تي مبني آهي ۽ آٽوبايوگرافيڪل ناوليٽ آهي. هن ناوليٽ لاءِ ممتاز بخاري لکي ٿو ته ”ملهار جي روپ ۾ ”ڀڳل رانديڪو“ وارو ڪردار اصل ۾ انور ابڙو آهي. هي به جهڙوڪر ”بتين واري ناني“ وانگر بايوگرافيڪل ناول آهي. سندس ضلعي لاڙڪاڻي جو سمورو ماحول پر ويل ابتدائي زندگيءَ جو احوال لڳن ٿا“.(9)
انور ابڙي جو ٻيو ناول ”ننڍڙو چنڊ“،ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2018ع شايع ٿيو. ”هن ناول ۾ هڪ پيءُ سرمد پنهنجي پٽ عتيق جي ڄمڻ خوشيون ڪري ٿو ۽ شروع ڏينهن کان ان جي تربيت ڪري ٿو ۽ پنهنجو وقت ان کي ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ سرمد کي ڪراچي شهر ۾ رهندي ٽيهه سال ٿيا آهن، پر سندس ٻالپڻ ۽ ننڍپڻ جو سڄو پس منظر عتيق کان مختلف آهي، جيڪو شهر ۾ ڄائو آهي ۽ اتان جي ماحول ۾ ئي وڏو ٿي رهيو آهي. سرمد ان کي پنهنجو ڳوٺ ۽ سڄي سنڌ گھمائي ٿو ته جيئن منجھس اهي جزا به شامل ٿين جيڪي منجھس آهن ۽ هو رڳو هڪ شهري بابو بڻجي پنهنجي ڳوٺ، ماڻهن ۽ ڪلچر کان ڪٽجي نه وڃي. ان سڀ جي باوجود عتيق خاص طور تي ٻولي جي حوالي سان ڪجھه اهڙا اثر قبول ڪري ٿو جيڪي سرمد لاءِ اڻ وڻندڙ آهن ۽ هو انهن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر ڏٺو وڃي ته سرمد پاڻ انهن اثرن کان بچي نه سگھيو آهي. مثال طور هو مختلف جاين اڱڻ بدران صحن جو لفظ استعمال ڪري ٿو ۽ ڪڪرن جي بجائي عتيق کي اهو ٻڌائي ٿو ته اهي بادل آهن. مجموعي طور ٻار ۽ پيءُ جي ناتي جي حوالي سان اها انور جي هڪ انوکي ۽ غير روايتي ڪوشش آهي“.(10)
2018ع ۾ شبانا سولنگي جو ٻارن لاءِ لکيل ناوليٽ” ٽارزن شڪارپور ۾“ ڇپيو. شبانا سولنگي ٻارن لاء ڪھاڻيون ۽ ناوليٽ مضمون ان سان گڏ ٻين ٻولين مان ادب ترجمو ڪندي رهي آهي. ٽارزن عالمي ادب جو ھڪ اھڙو ڪردار آهي جنهن کان سڄي دنيا واقف آهي ۽ اھو فيئنٽسي ڪردار وڏن توڙي ٻارن لاء دلچسپيء جو سبب بڻيو آهي. هن ۾ ٽارزن ، الطاف درزيءَ کان سواءِ ٻيا سڀ ڪردار ٻار آهن. ٽارزن شڪارپور ۾ پنهنجي جسماني بيھڪ، شڪل ۽ صورت سان عيان ڪيو ويو آهي . شڪارپور جا ٻار هن کي فالودو به کارائن ٿا ته پنهنجا مسئلا به ٻڌائين ٿا. پوليس به کيس گرفتار ڪري ٿي ته هو شڪارپور ۾ غير قانوني طريقي سان آيو آهي. مطلب ته ناوليٽ رنگ ڀريل آهن. ھن ناوليٽ ۾ ڪھاڻي جي موضوع مطابق اسڪيچ ڏنا ويا آهن.
عبدالغفار سومري جو ناوليٽ ”استاد“ 2022ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۾ استاد جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو آهي. هن ناوليٽ جا ڪردار استاد ۽ شاگرد آهن. هن ناوليٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ استاد ئي آهي، جيڪو ٻارن جي قسمت بدلي سگهي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ دنيا جي ڪجهه ٻين ٻولين جا اهم ٻاراڻي ناولن جا ترجما ٿيا آهن. ان سلسلي ۾ ناز سنائيءَ، ڪرشن چندر جي مشهور ناول ”دادر پل ڪي بچي“ جو ترجمو ”دادر پل جا ٻار“ جي نالي سان 1987ع ۾ ترجمو ڪيو. ڪرشن چندر کي ٻاراڻي ادب جي اهميت جو احساس هو. هن نه فقط ٻارن لاءِ ذڪر جوڳي تعداد ۾ ڪهاڻيون لکيون، پر ڪي ناول به لکيا. ”دادر پل جا ٻار“ جو موضوع ٻار آهي. هن ناول ۾ ڪرشن چندر ڌرم، ڀڳوان، سرڳ، نرڳ، دنيا وغيرہ تي ڳالھايو آھي. جنھن ۾ ڀڳوان ھڪڙي ٻار کي چوي ٿو ته مون کي بمبئي گھماءِ، ۽ پوءِ ھو مختلف مرحلن مان گذرن ٿا، ڪرشن چندر ڌرم جي نالي ٿيندڙ ٺڳي ۽ ويساھ گهاتي کي بي باڪيءَ سان چٽيو آھي. ان ناول ۾ ڀڳوان سان جيڪا حالت دادر پل جا ٻار ٿا ڪن، ان کي ته فقط ان دلچسپ ناول ۾ پڙھي ٿو سگھجي.
جئڪ لنڊن جي جڳ مشھور ناول (Call of Wild) جو ترجمو خواجه سليم ”آهه ڏانهن موٽ“ جي عنوان سان ڪيو آھي. هي ناول بنيادي طور ٻاراڻي، ادب ۾ مقبول ٿيو هو. ڇو جو ان ۾ جهنگلي جانورن کي موضوع بڻايو ويو هو، پر بعد ۾ ان ۾ سمايل فلسفي ان کي سنجيده حلقن ۾ به مشهور ڪري ڇڏيو. ناول ”لڱ جنين جا لوهه“ جو مترجم خرم عباس کوکر آهي. ٻارن جي واڌ لاءِ انهن جو ماحول ۽ انهن جي نفسيات ڪھڙي ۽ ڪئين ھجڻ گهرجي اھو سندس ناول جو وڏو موضوع آھي. مشهور سماج سڌارڪ اديب نصير سارنگ، ايڇ جي ويلز جي جڳ مشهور ڪتاب، ”وار آف دي ورلڊس“جو سنڌي ۾ ترجمو”مريخ جو حملو“ سان ڪيو، جيڪو 2003ع ۾ شايع ٿيو. هي سنڌي ادب ۾ سائنس فڪشن تي تمام دلچسپ ناول آهي“.(11)
نامور صحافي ۽ ناول نگار جارج آرويل جي ناول”اينمل فارم“ جو ترجمو حبيب سنائيءَ 2016ع ۾ ڪيو آهي. هن ناول جا سنڌي ۾ ٻين به ترجما ڪيا آهن. هي ناول ٻارن توڙي وڏن ۾ مقبول رهيو آهي. ممتاز بخاريءَ ناروري جي مشهور ناول نگار جوسٽين گارڊر جي ناول Sofies verden جو سنڌي ترجمو ”سوفيءَ جي دنيا“ جي نالي سان ڪيو آهي، جيڪو 2005 ع ۾ شايع ٿيو. هي ٻاراڻو ناول ته نه آهي، پر ان ۾ هڪ 14 ساله سوفي آموڊسين جي ڪهاڻي تي مبني آهي، جيڪا ناروي ۾ پنهنجي ماءُ ۽ ٻلي سان رهي ٿي. سندس والد هڪ تيل ڪمپني ۾ ڪيپٽن هو، جيڪو اڪثر گهر کان ٻاهر رهندو هو. آنتوان دُ سينٽ ايگزيو پيري فرانس جي ناول نگار جو لکيل ناوليٽ ”ننڍڙو شهزادو“ (2017ع)، جنهن جوسنڌيءَ ۾ترجمو ڊاڪٽر اسحاق انصاري ڪيوآهي. هن ناوليٽ ۾ کوڙ سارا ڪردار آهن جيئن شرابي، ٽن پتين وارو گل، نانگ، جبل ۽ ٻيا کوڙ سارا آهن. ناوليٽ جو هيرو جيڪو ننڍڙو شهزادو آهي، جيڪو ڪنهن گره (ايسٽرائيڊ بي ڇهه سئو ٻارنهن) تان آيو آهي ۽ ان گره تي ننڍڙي شهزادي وٽ هڪ گل ۽ ٽي ٻرندڙ جبل آهن جيڪي سندس ڪُل ملڪيت آهن. هڪ ڏينهن شهزادو ڪجهھ اداس ۽ مايوس ٿي پنهنجو گره ڇڏي زندگيءَ جي باري ۾ ڪجهھ سوالن جي جوابن جي تلاش ۾ نڪري ٿو، هوُ پنهنجي هئڻ جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهي ٿو.
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جو روسي ٻوليءَ مان ترجمو ڪيل ”ڪارڪ ۽ واليا جي عجيب وغريب مهم“ (2019ع) ٻارن لاءِ هڪ فئنٽيسي ناوليٽ آهي. ھن ناوليٽ ھڪ ڇوڪرو ڪارڪ ۽ سندس ڀيڻ واليا مرڪزي ڪردار ۾ آهن ۽ سندن بزرگ دوست ناليوارو سائنسدان پروفيسر يانوتوف به آهي. هڪ ڏينهن ڪارڪ ۽ واليا ان سان ملڻ لاءِ سندس گهر ويا، پر ھو گهر ۾ موجود نه ھو. ٻارن سندس ليبارٽري ۾ سامهون الماريء جي مٿان رکيل ھيڊي رنگ وارو شربت نظر آيو ڪارڪ اھو کڻي پيئڻ لڳو. ان کي شربت جو ذائقو مزيدار لڳو ۽ اڌ گلاس پنهنجي ڀيڻ واليا کي ڏنو. ٿوري دير ۾ اھي ايترا ننڍا ٿي ويا جو انهن کي خوردبينيءَ کانسواءِ ڏسڻ مشڪل ھو! انهن ٻنهي صلاح ڪيئي ته ڀنڀوري جا پر پٽي ان تي ويھي رھون ٿا ۽ خوردبينيءَ جي ويجهو رکون ٿا ته جيئن پروفيسر پاڻ کي ڏسي وٺندو ۽ پاڻ ٻنهي کي وري وڏو ڪندو; پوءِ ته ڀنڀوري تي چڙهي ويٺا. ڀنڀوري دريء کان ٻاهر اڏامندي شھر کان پري وڃي نڪتي. ان وقت پوپٽ ڀنڀوري تي حملو ڪيو .ان ڪري ڪارڪ ۽ واليا ان جي پٺيَ تان ھڪ تلاءَ ۾ ڪري پيا ۽ اھي منگھڻ انهن تي حملي جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته انهن پاڻيَ ۾ ٽٻي ھڻي ھڪ غار ۾ اچي نڪتا اتي پاڻيَ جو ڪورييئڙو پٿر جي اوٽ لڪي ويٺو ھو اھو به انهن کي کايئڻ لاء وڌڻ لڳو ته ھڪ ٻيو ڪورييئڙو به پٿر جي ڏار مان نڪري آيو ۽ ٻئي ڪورييئڙا پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا ته ڪارڪ ۽ واليا وجھ وٺي پاڻيَ مان ٻاهر نڪري آيا اتي پروفيسر سان انهن جي ملاقات ٿي بھرحال وڏين مشڪلاتن کانپوءِ اھي ٻار پروفيسر جي مدد سان وري ساڳيَ صورت ۾ آيا ۽ پنهنجي گهر واپس پھتا . هيءءُ هڪ مزيدار ناوليٽ آهي.
ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي جو ناوليٽ ” ننڍڙي سايئي ريل“2019ع ۾ پوپٽ پبلشنگ ھايئوس خيرپور طرفان شايع ٿيو . ھي دراصل انگلنڊ جي ليکڪا اينڊ ميري بلايئٽن جي لکيل ناوليٽ جو ترجمو آهي . ھن ناوليٽ جو مرڪزي ڪردار ننڍڙو ٻار آئزڪ آهي، جيڪو پنهنجي روزاني ملندڙ خرچي مان ڪجهه پيئسا بچائي رکندو وڃي ٿو ۽ ان کي مسز بان جي رانديڪن جي دڪان تان ننڍڙي سائي ريل وٺڻي ھئي ۽ ھو روزانو اسڪول وڃڻ مھل ان ريل کي پيار ۽ پاٻوھ مان ڏسندو ھو ۽ جڏهن ھن وٽ 50 روپيا جمع ٿي ويا ته اھو مسز بان جي دڪان تي ويو ۽ ان سائي ريل خريد ڪرڻ جو اصرار ڪيو ، جنهن تي مسز بان ان کي چيو ته 50 روپيا ٿورا آهن اڃان ڪجهه ٻيا پيئسا گڏ ڪر! ننڍڙو آيئزڪ اھو ٻڌي اداس ٿي ويو ۽ دڪان تي ويٺل ڀوري ٻلي کي پنهنجي مالڪياڻي جي ڳالهه نه وڻي ۽ رات جي وقت دڪان ۾ ان سائي ريل کي دريءَ مان ھيٺ ڪيرايو جنهن جا پويان ڦيٿا ٽٽي پيا - مسز بان کي گهڻي حيرت ٿي ته اڄ ٻليءَ زيان ڪيو آهي ! پر ٺيڪ آهي ان ڪوئن کي ڀڄايو ھوندو. ان ڏينهن مسز بان جي ننڍڙي آيئزڪ تي نظر پيئي ته ان کي سڏ ڪري اھائي سائي ريل 50 روپين ۾ ڏنايئين ۽ ته پوءِ آيئزڪ به ڏاڍو خوش ٿيو !
اھڙي طرح ھند ۽ سنڌ ۾ ڪي ٻيا نالا وٺي سگهجن ٿا، جن ٻارن لاءِ ناول لکيا آهن. يا مختلف ناولن ۾ ٻارن جي ڪردار کي مرڪزي حيثيت ۾ پيش ڪيو آهي.

حوالا:
1. ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي: ”سنڌي ٻال ساهتيه“، ، مارچ 2005ع، ص 149، 150
2. محمد بخش”جوهر“ : ”اڏامندڙ ٿالهيون“ ، باغبان پبليڪيشن، حيدرآباد، 1957ع، ص 1
3. م. ص. علي: ”ويران حويلي“، ماهوار گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، اپريل 1993ع
4. شمس الدين عرساڻي: ”لاکو ڦلاڻي“ ، ڪتابي دنيا، حيدرآباد، 1986ع، ص 4
5. علي بابا: ”سنڌ باد جو سفر“، (ٻيو ڇاپو)، سنڌ آرڪائيوز، حڪومت سنڌ، 2017ع، ص 15
6. اڪبر جسڪاڻي: ”بتين واري ناني“آگم پبلڪيشن ايجنسي، حيدرآباد 1980ع، ص 12
7. نوشاد: ”رولو“ ، سنڌ رائيٽر پبليڪيشن، باڊهه، 2002ع، ص 11
8. يوسف سنڌي: ”مريخ جا مسافر ۽ ٻيون ڪهاڻيون“، سنڌي ادبي بورڊ ، 2013ع، ص 1
9. ممتاز بخاري: ”سنڌي ناول جو سفر“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2020ع، ص 153
10. رئوف نظاماڻي: ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌ سلامت ڪتاب گهر (آن لائين)، 2021ع
11. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ناول جي مختصر تاريخ“ ، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2012ع، ص183