سنڌي ناول نگاريءَ جي تاريخ ۾ هڪ جهاتي
دراصل لائق ليکڪ اهو تحقيقي ڪم مختلف ادبي تاريخن جي ڪتابن ۽ مقالن جي عرق ريزي ڪري سرانجام ڏنو آهي، جنهن جي فهرست پڻ ڪتاب ۾ شامل ڪئي اٿس. سموري مواد تي هڪ طائرانه نظر وجهڻ سان ڏسجي ٿو ته ڪتاب جو مواد مختلف عنوانن هيٺ مختلف بابن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين باب ۾ ناول جي وصف ۽ ترڪيبي جزن جي باري ۾ آهي. ٻئي باب ۾ ناول جي اوسر ڏني وئي آهي. ٽئين باب ۾ سنڌي ناول جا اوائلي اھڃا ۽ قصه نويسي جي اوسر ڏني وئي آهي. چوٿون باب برطانوي دور جي سنڌي ناول جي اوسر ۽ موضوع جي باري ۾ آهي. پنجين باب ۾ سنڌي ناول تي انگريزي ۽ بنگالي ناول جو اثر ۽ ترجمن جو ذڪر آيل آهي. ڇهين باب ۾ انگريزن جي دور جي ناول جي ادبي لاڙن کي پيش ڪيو ويو آهي. ستين باب ۾ مشهور ناول نويسن جا سوانح خاڪا ڏنا ويا آهن. اٺين باب ۾ آزاديءَ کان پوءِ جي سنڌي ناول جون خصوصيتون بيان ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ سنڌي ناول ۾ عورتن جي ڪردار ۽ ٻارن لاءِ لکيل ناولن جو به جائزو ورتل آهي. نائين ۽ ڏهين باب ۾ آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ناول جا موضوع ۽ ادبي لاڙن جو جائزو ورتل آهي. يارهين باب ۾ آزاديءَ کان پوءِ جي ڪجهه مشهور ناول نگارن جا سوانحي خاڪا ڏنا ويا آهن. ٻارهون باب آزاديءَ کان پوءِ هند جي مشهور ناول نگارن جي خاڪن تي مشتمل آهي.
مون کي اميد آهي ته هيءُ ڪتاب به اڳي وانگر شاگردن لاءِ خاص طور تي ۽ عام پڙهندڙن لاءِ عام طور تي ڪارائتون ۽ لاڀائتو ثابت ٿيندو ۽ آئنده مصنف توڙي پبلشر کي اهڙا ڪتاب لکڻ ۽ شايع ڪرڻ لاءِ اتساهيندو.
ولي رام ولڀ
B-4 ، شريف اسڪائر
حسين آباد، حيدرآباد
15 مارچ 2010ع