ادب ۾ ناول جي او سر
ناول جي شروعات ڪڏھن کان ٿي ان لاءِ ادب جا عالم ماٺ آھن. ناول کان اڳ اٺٽيت ڊرامو، سانگ ڪرڻ، شعر، ۽ نثري صنفون پنھنجي مڃتا ماڻي چڪا ھئا. ناول ادب جي کيتر ۾ تمام دير سان آيو ۽ ٿوري عرصي ۾ ادب جي سڀني صنفن تي حاوي ٿي ويو. ناول جي صحيح معنيٰ ۾ ابتدا نائين عيسوي صدي ۾ مڃي وڃي ٿي. ناول جي تاريخ جي باري ۾ لکيل ڪتابن ۾ ھڪ جپاني ناول Genji جو ذڪر ملي ٿو، جيڪو عسيوي سن 1000 ۾ لکيو ويو ھو. ھي ناول ھڪ عورت پنھنجو اصلي نالو لڪائي قلمي نالي Muresaki Shikibu سان لکيو ھو. ھن ناول جو ھيرو بادشاھي درٻار ۾ عورتن جو شڪاري آھي، پر اھا حقيقت آھي ته سڀ کان پھرين تنقيد اسپين جي ليکڪ سروانٽس (Cervantes 1616-1547) ڪئي. جنھن ۾ ھن، وقت جي چالو رومانوي قصن تي ٺٺولي ڪئي ھئي. ھن جو اھو تحرير ڪيل تنقيدي ڪتاب ”ڊان ڪئڪزاٽ“ نالي دنيا جو پھريون ناول آھي ۽ انھيءَ حوالي سان سروانٽس (Cervantes) کي ناول جي صنف جو باني مڃيو ويو آھي.
١٥ صدي عيسوي ۾ يورپ ۾ ڇاپخانا شروع ٿيا پر انھن جي مٿان ڇاپ وري به جاگيردار ۽ مقدس پادرين جي رھي. نتيجي طور ادب ۾ جمھوري جزا اڀري نه سگهيا ۽ ادب پادرين جي چنبي ھيٺ رھيو جڏھن ته ”ناول يورپ ۾ ارڙھين صديءَ جي پيداوار آھي.“ ھاڻوڪي روپ وارو ناول اڍائي سؤ سال کن مس پراڻو آھي. انگريزي ادب جي ڄاڻو محققن جي راءِ آھي ته صحيح معنيٰ ۾ موجوده ناول جي شروعات رچرڊسن (1761-1689)جي ڪتاب ”پاميلا“ سان ٿي، جيڪو 1740ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول خطن تي آڌاريل ھو، جنھن ڪري رچرڊسن جي فن کي مڃيو ويو ۽ ھن جي پيروي ڪئي وئي. پر ھينري فليڊنگ (1707-1754) جي ناول ”ٽام جونز“(Tom Jones) ۾ زندگيءَ جا نقش چٽڻ، مزاج ۽ واقعن کي سھڻي نموني پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پلاٽ کي اثرائتي نموني جوڙيو.
ارڙھين صدي، جنھن ۾ ناول پيدا ٿيو، حقيقت پسند ۽ سماجي سجاڳي واري صدي ھئي. انسان جو چاهه گذريل زماني جي پراڻين ڪٿائن سان گڏ ھلندڙ وقت ۽ زندگي جي روزاني ڪارنامن ۾ پڻ وڌندو رھيو. ناول وقت جي ان تقاضا ۽ ماڻھن جي عقيدن سان بخوبي نڀايو، ته صرف ايترو پر ان تقاضا ناول تي وڏو اثر ڪيو ۽ ان کي حقيقت اڳيان ڇڪي آندو. جيتوڻيڪ ناول جي شروعات انگريز اديبن ڪئي جا ڳالهه ان ملڪ جي ماڻھن لاءِ قابل فخر آھي. انگريزي کان علاوه ٻين ٻولين ۾ به ناول جي شروعات ٿي. فرانسي، روسي ۽ جرمن زبانن جي ناولن خاص مقام حاصل ڪيو. بالزاڪ جي اڳيان موضوع جي نواڻ ۾ ڊڪنس بيھي ڪونھ سگهندو، عورت جي فطرت جي ڄاڻ ۽ اڀياس ۾”مئڊم باوري“ جهڙو ڪردار ڳولهيو به نه لڀندو. ڀلي ڊي. ايڇ لارينس (1885-1930) کي انساني جنسي جبلت جو ڳوڙھو اڀياس ھجي پر پرانوسٽ اڳيان ڪجهه به ڪونھي. روسي ناول به عروج تي پھتو. روسي ناول جي اھميت کي قبوليندي خود اي-ايم-فارسٽر (1970-1879) چيو ھو ته ”انگلينڊ ٽالسٽاءِ جهڙو مھان ناول نگار اڃا پيدا ڪري نه سگهي آھي، جنھن انسان جي جاندار تصوير مڪمل روپ ۾ چٽي آھي. ڪنھن به انگريزي ناول نگار دوستو وسڪي جيان انساني من جو اھڙو بي نظير اظھار نه ڪيو آھي.
19 ھين صدي جي ابتدا ناول لاءِ سٺي ثابت ٿي ڇاڪاڻ ته ناول نه صرف پنھنجو ماحول جوڙي چڪو ھو پر ان ۾ فني پختگي به اچي چڪي ھئي. ھن صديءَ جي شروعات ۾ تاريخي ناولن جو رواج پيو. ٢٠ صديءَ کي 19 صديءَ سواءِ بارود ۽ بدحاليءَ جو ٻيو ڪجهه به نه ڏنو ۽ ھن جي شروعاتي ڏھاڪن ۾ اھو بارود ڦاٽڻ شروع ٿيو ۽ يورپ سان گڏ سڄي دنيا جي مٿان ان جا ڪڪر اڀريا. جنگ ۾ يورپ جا طاقت ور ملڪ ڪمزور ٿيڻ شروع ٿيا ۽ سوويت يونين ۾ پرولتاري انقلاب آيو. ھڪ مارڪسي فڪر جي رياست اڀري، جنھن پنھنجي فڪر سان ٻين ملڪن ۾ اڀرندڙ تحريڪن جي مدد ڪرڻ شروع ڪئي ۽ انقلابن جو ھڪ سلسلو شروع ٿيو، انھن ڏينهن ۾ افسانوي ادب کي نظرياتي پرچار طور استعمال ڪيو ويو. ميڪسم گورڪي جو ناول ”ماءُ“ جيڪو سڄي دنيا ۾ مقبول ٿيو اھو ان جو چٽو مثال آھي.
فرانس جي ڊمس ( 1802 –1870) تاريخي ناولن ۾، وڪٽر ھيوگو (1802 - 1885) شھري زندگيءَ ۾، ۽ انگريز ناول نگاره جارج ايليٽ ڳوٺاڻي زندگي ۽ ٻارن جي ڪردار نگاري ۾ پنھنجو ڪمال ڏيکاريو. جڏھن ته 20 صدي جي پوئين اڌ جي حالتن افسانوي ادب تي وڌيڪ اثر ڇڏيا. والٽر اسڪاٽ (1771 – 1832ع) جي سڃاڻپ انگريزي ادب ۾ تمام وڏي آهي. هن ڪيترائي تاريخي ناول لکيا، بلڪه انگريزي ۾ تاريخي ناولن کي رائج ڪيو. بالزاڪ فرانس جو جڳ مشهور ناول نويس آهي. هن شروع ۾ سنسني خيز ناول ڇپائي زبردست شهرت حاصل ڪئي. هن باسٽيل جي زوال کان 1848ع جي انقلاب تائين فرانسيسي معاشري جي ڀرپور عڪاسي ڪئي ۽ هر طبقي ۽ هر پيشي جي فردن جي جذبن کي اجاگر ڪيو . سندس مشهور ناول ويران ۽ انڌيرا گھر آهن .
ترجنيف (Turgenev) پهريون روسي ناول نگار هو، جيڪو سڄي يورپ ۾ مشهور ٿيو. زولابر ۽ ڊوڊيٽ سندس خاص دوست هئا، جن روسي تحريڪن تي به ناول لکيا. سندن مشهور ناول Father and Sons آهي.دستو وسڪي (1821 - 1881ع) مشهور روسي ناول نگار هو. هن جا ناول ڏتڙيل ۽ دماغي توازن بگڙيل انسانن جي نفسياتي تصوير ڪشي ڪن ٿا. دوستووسڪي جيئن ته وچولي ڪلاس جي خاندان منجهان هو، تنهنڪري هن جا تجربا به مختلف قسمن جا هئا. اهوئي سبب آهي جو ”ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ“، ”ايڊٽ“، ”برادرس ڪرامازوف“ ۽ ”گيمبلر“ توڙي سندس هر ناول ۾ هڪ انوکو تجربو ملندو.جنهن ۾ سندس فطري ذهانت جا نت نوان رنگ نظر ايندا.سندن ناول (Crime and Punishment) ادبي دنيا جو شاهڪار آهي. اهڙي طرح ليوٽالسٽاءِ به تمام وڏو ناول نگار آهي. سندس ناول War and Peace جو شمار دنيا جي شاهڪار ناولن ۾ ٿئي ٿو. روسي ناول نگار بورس پيٽرناڪ (Boris Pasternak) جو ناول ڊاڪٽر زواگو (Dr Zhivago) تي کيس نوبل پرائيز مليو. هن ڪتاب ادبي دنيا ۾ ٿرٿلو مچايو. مئڪسم گورڪي (1865- 1936ع) مشهور روسي ناول نگار هو. ادبي دنيا ۾ کيس سماجي حقيقت نگاريءَ جو ابو چيو وڃي ٿو. سندس ڪيترائي ناول شايع ٿيل آهن، پر سندس ناول Mother ڏاڍو مشهور ٿيو. هي ناول 1906ع ۾ شايع ٿيو. هي ناول روسي انقلاب جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي. هي ناول هڪ نوجوان جي ڪهاڻي تي ٻڌل آهي، جيڪو فيڪٽري ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ انقلابي مهم ۾ حصو وٺي ٿو. سندس ماءُ هن جي انقلابي ڪمن ۾ هن جي مدد ڪري ٿي.
آمريڪا ۾ ڪيترائي نالي وارا ناول نگار پيدا ٿيا آهن. ارنيسٽ هيمنگوي کي نوبل پرائيز مليو. سندس ناول ”پوڙهو ۽ سمنڊ“ ۽ ”فيئر وئل ٽو آرمس“ ادبي دنيا جا شاهڪار سمجهيا وڃن ٿا. وليم فاڪنر جي ناول Sound and Fury ۾ وقت جهڙي اهم موضوع کي انتهائي فيلسوفاڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو. انگريزي ناول نگار ايڇ - اي بيٽس (H- E- Beats) جي ناولن جي خاص ڳالهه اها هوندي آهي ته انهن ۾ وڻن، ٻوٽن ۽ گلن جي تفصيل گهڻي هوندي آهي. خاص ڪري گلن جي رنگ، سرهاڻ ساخت، قسمن، واڌ وغيره بابت گهڻي معلومات ملندي. مشهور ناول نگار سامر سيٽ جي ناولن ۾ چتر چٽڻ ۽ مورت سازي جي فن بابت گهڻي معلومات هوندي آهي.
20 ھين صديءَ جي ٽئين ڏھاڪي تائين ناول پنھنجي اندر جديد فني بيھڪ، ھئيت (Form) ۽ انساني زندگيءَ جو ھر مسئلو ھر حقيقت پنھنجي موضوعات ۾ شامل ڪري چڪو ھو. جيڪڏھن ڪا کوٽ رھيل ھئي ته اھا ٻي مھاڀاري لڙائيءَ پوري ڪري ڇڏي ۽ جديد وجوديت جو فڪر به ناول ۾ شامل ٿي ويو. مٿي اسان جن حالتن جو ذڪر ڪيو آھي انھن ئي تاريخي تسلسل ۾ ھلي ناول کي موجوده شڪل ۾ اچي بيھاريو .
البرڪامئو الجزائر ۾ ڄائو. صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين. فرانسيسي ناول نگار وجودي ۽ سرئيلزم جهڙن ادبي لاڙن کي متعارف ڪرايو.ڪاميٽ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو.جنگ کان اڳي (1939ع) ۾ هن ”ڪالي گلانالي“ هڪ ڊرامو لکيو هو ۽ جنگ جي دوران ’دي آئوٽ سائيڊر‘ ۽ ’لي مٿ ڊي سسٿي‘ لکيائين، جنهن هن کي شهرت بخشي. ان کان پوءِ هن اهڙا ڪتاب لکيا، جن دنيا جي ادب ۾ سندس ڌاڪ وهاري ڇڏي، انهن مان ڪي مشهور آهن، ’دي پليگ‘ (1947ع)، ’ليس جسٽس‘ (1949ع) ’دي ربيل‘ (1951ع) ۽ ’دي فال‘1956ع 1957ع ۾ هن کي ادب جو نوبل پرائز مليو. جنوري 1960ع ۾ هو ٽرئفڪ جي هڪ حادثي جو شڪار ٿي ويو.
خليل جبران ((1883 -1931 جي دنيا جي ادب تي تمام وڏي ڇاپ ڇڏيل آھي. سنڌي ادب ۾ ھن جا ناول ورائي ورائي ترجمو ڪيا ويا آھن. سندس مشھور ناول The Prophet ۽ Broken Wings جا سنڌي زبان ۾ ڪيترائي ترجما ٿيا آھن. ھن جي ناولن ۾ روحانيت، رومانيت، بغاوت ۽ مزاحمت جا عنصر غالب ھوندا آھن.
ڪرشن چندر (1914- 1977ع) اردو ۽ ھنديءَ جو نامور ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ھو. ھو بنيادي طور ڪشميري ھو. ھن 20 کان مٿي ناول لکيا. ھن جا ڪيترائي ناول سنڌي ۾ ترجمو ٿيا آھن. سندس ناولن جا موضوع ھئا. غريب، يتيم، مسڪين انگ اگهاڙا، پيٽ بکيا، بي گهر، لاوارث ۽ مظلوم ماڻھو. جيڪي ظلم جي جانڊهه ۾ پسبا پيا رھندا ھئا ۽ اڃا به پسجي رھيا آھن. سنڌي ناولن ۾ ترقي پسندي ۽ جدت پسندي جي لاڙن آڻڻ ۾ ڪرشن چندر جي ناولن جو وڏو ھٿ آھي.
اھڙي طرح ناول اھي صدين جا سور، اھنج ۽ سختيون پنھنجي سيني ۾ سانڍيندو پيو اچي ۽ سندس سفر 21 صديءَ ۾ به جاري آھي، جيڪا مذھبي جنونيت، اقتصادي انتشار ۽ بين الاقوامي دھشتگرديءَ جو شڪار آھي. اڄ به ادب جا نوبل پرائيز ناول نگارن کي پيا ملن.