ناول ۽ ناول جا ترڪيبي جزا
ناول ادب جي مقبول ترين صنف آھي، ھي واحد ادبي صنف آھي، جنھن جي مقبوليت ڏينهون ڏينهن وڌندي رھي آھي. ادب جي ھيءَ تڪڙي ۽ زبردست مقبوليت حاصل ڪندڙ صنف يورپ کان آمريڪا، ايشيا ۽ ڌرتي جي ٻين کنڊن جي ادب ۾ داخل ٿي آھي. ناول جي ھن صنف ادبي دنيا ۾ تيزيءَ سان پکڙي ۽ تيزيءَ سان شھرت حاصل ڪئي. اطالوي ٻولي معرفت انگريزي ۾ آيو. اطالوي ۾ لفظ، ناويلا (Novella) جنھن کي ڪھاڻي يا افسانوي معنيٰ ۾ ڪتب آندو ويندو آھي. فرانسسي ۾ اھو ساڳيو لفظ ناول (Novelle) جي صورت اختيار ڪري ويو، جنھن کي ساڳي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. اھڙي طرح لفظ انگريزي ادب ۾ ناول (Novel) جي عنوان سان جڳهه والاري. سنڌي ٻولي ۾ اھو لفظ ساڳي ئي معنيٰ ۽ مفھوم سان انگريزي ٻولي ۽ ادب معرفت پھتو آهي. ان ڪري اسان سنڌي ادب ۾ چئي سگهون ٿا ته ”لفظ“ ناول اسان وٽ انگريزيءَ مان آيو آهي. ناول جي وصف کي مختلف عالمن مختف نموني بيان ڪيو آهي. انسائيڪلوپيڊيا آف برٽنيڪا موجب ناول اسان ان ڪھاڻي کي چئون ٿا جيڪا ٻن لکن لفظن تائين ھجي، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ اڍائي سو صفحن تائين ڦھليل ھجي. ان کان گهٽ واري ڪھاڻي کي ناولٽ چيو وڃي ٿو.
ناول افسانوي ادب (Fiction) آھي. ناول دراصل لاطيني لفظ “Nouus” جي بگڙيل صورت آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ”نئون“ يا ”نئين شي“. دراصل ناول ۽ افساني جي انفرادي خصوصيتن جي ميلاپ سان جيڪا صنف وجود ۾ آئي ان کي ناوليٽ چئجي ٿو. ھن ۾ ناول وارا سڀ ترڪيبي جزا موجود ھوندا آھن. ناول جي ڊيگهه بدران ھن ۾ افساني کان ٿوري وڌيڪ ڊيگهه ڪئي ويندي آھي. ناولٽ ڪڏھن افسانو لڳندو آھي ته ڪڏھن ناول لڳندو آھي. مطلب ته اھا طويل ڪھاڻي، جيڪا ٥٠ صفحن کان مٿي ھجي ۽ ٢٠٠ صفحن کان گهٽ ھجي، ان کي ناولٽ چئي سگهجي ٿو. ناولٽ جو دائرو ننڍو ٿئي ٿو. انڪري ناولٽ نگار ۾ ٿورن لفظن ۾ گهڻو مفھوم سمائڻ جي صلاحيت ھئڻ گهرجي، ان لاءِ ضروري آھي ته ناولٽ نگار کي زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ جهجي ڄاڻ ھجي، ھو لفظن جي جوڙجڪ جو ماھر ھجي“.(1)
مشھور انگريز ناول نگار والٽر اسڪاٽ (1832-1771)موجب ”ناول ھڪ اھڙي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ زندگيءَ جي حقيقي آزمودن جو نقش چٽيل ھوندو آھي.“ مشھور انگريزي اديب سمر سيٽ (1965-1874) ناول جي تعريف ڪندي لکيو آھي ته ”ناول ھڪ اھڙي وڏي تصوير آھي، جنھن ۾ ھڪ خاص پلاٽ کي واضح ڪرڻ لاءِ، زندگيءَ جا ڪردار مختلف زاوين ۾ سمائي، مختلف پھلوئن سان ظاھر ڪيا وڃن ٿا“. جڳ مشھور آمريڪي نقاد، ايف ميريون (1854 –1909) مطابق ”ناول ھڪ اھو ٿئيٽر آھي، جيڪو ليکڪ ۾ سمايل ھوندو آھي، جنھن ۾ پلاٽ، اداڪار، لباس، منظر ۽ ٻيو ضروري سامان ھوندو آھي، جيڪو گفتگو ۽ ڊائلاگ لاءِ ضروري سمجهيو ويندو آھي.“ رالف فاڪس (1900 – 1936) چوي ٿو ته ”ناول رڳو افسانوي نثر نه آھي، اھو زندگيءَ جو نثر آھي، جنھن ۾ انسان جي مڪمل تصوير ملي ٿي، سندس اظھار ٿئي ٿو، وڏي ڳالهه جا ناول کي ٻين ادبي صنفن کان الڳ ڪري ٿي، اھا ته ناول انسان جي لڪل توانائي کي ظاھر ڪري ٿو. حقيقت جو اھو پھلو جيڪو ناول پيش ڪري ٿو سو شعر، ناٽڪ، سئنيما، چترڪاري يا سنگيت ۾ نٿو ملي“. جيفري بريرٽن (1906 – 1979 پنھنجي ڪتاب Short History of French Literature ۾ لکي ٿو ته ”اسان کي ناول انھيءَ ڪري دلچسپ نٿو لڳي ته ڪو ان ۾ عظيم خيالات پيش ڪيا ويندا آھن، بلڪ انھيءَ ڪري جو ھن ۾ انسان جي سماجي وھنوار جو ذڪر ڪيل ھوندو آھي. ھن ۾ ڏيکاريو ويندو آھي ته ڪنھن خاص دور ۾ انسان سماجي گروھن جي صورت ۾ ڪيئن ان وقت ريتن پٽاندڙ گڏجي گذاريندا ھئا“.(2)
جواھر لعل نھرو يونيورسٽيءَ جو پروفيسر شارب ردولوي چوي ٿو ته ”ناول کي زندگيءَ جو جهيڙو ڪوٺيو ويو آھي. ھي ھڪ دلچسپ صنف ھجڻ سان گڏ اوکي صنف پڻ آھي. دلچسپ ان لاءِ آھي ته ھن صنف ۾ ھر دور پنھنجي سڀني سچاين، پيچدگين، الفتن ۽ ڪلفتن سان ٽمٽار نظر اچي ٿو. ناول ھڪ پاسي پنھنجي دور جي تهذيبي، ثقافتي، سماجي ۽ تاريخي قدرن جو عڪاس ھوندو آھي ته ٻئي پاسي شعور احساس ۽ ڄاڻ جو ترجمان ۽ مرڪز پڻ ھوندو آھي. ناول کي اوکي صنف ان لاءِ به چيو وڃي ٿو ته زندگي تمام گهڻو تيزي سان تبديلي ٿي رھي آھي ۽ ناول کي انھن تڪڙين تبديلن سان گڏ ھلائڻ ضرور اولو ڪم آھي“.(3)
محمد اسماعيل عرساڻي(1986-1906) پنھنجي ڪتاب ”چار مقالا“ ۾ چوي ٿو ته ”ھر ھڪ اعليٰ پيماني جو ناول ھميشھ زندگيءَ مان اڀري نڪري ٿو، زندگي تي ئي سندس مدار آھي ان جون حقيقتون زندگيءَ سان لاڳاپو رکن ٿيون، انھن کان ھرگز بي نياز ٿي نٿو سگهي. در حقيقت افسانو ھڪ انساني اعمال جو دفتر آھي. ڪنھن جي حياتيءَ جي سر گذشت بيان ڪندي مصنف جي تيز بين نظر انساني زندگيءَ جي مختلف پھلوئن تي پوي ٿي ۽ پاڻ پنھنجي پختي آزمودي ۽ خيالي قوت سان ان جي مافي الضمير جو يا ته پنھنجي لفظن ۾ نقشو چٽي ٿو يا اداڪارن جي زبان مان ظاھر ڪري ٿو“.(4)
ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکي ٿو ته ”افسانوي ادب ۾ ناول کي تيسين ناول چئي نٿو سگهجي، جيستائين اھو نثر ۾ لکيل نه آھي. ناول ۾ حقيقي زندگيءَ جي نقش جون ڳالهيون ھونديون آھن. يا انھن جهڙيون لڳ ڀڳ ٻيون ڳالهيون“.(5)
ڊاڪٽر قاضي خادم ناول جي اھميت بيان ڪندي لکي ٿو ته ”ناول ادب جي مقبول ترين صنف آھي. ھيءَ واحد صنف آھي، جنھن جي مقبوليت ڏينهون ڏينهن وڌنڌي پئي وڃي. گذريل ڏيڍ صدي کان وٺي، جڏھن کان ناول باقاعده لکجڻ ۾ آيو آھي، موجوده دور تائين ھن صنف جنھن ريت مقبوليت جا ڏاڪا طئه ڪيا آھن، تنھن تي سخت حيرت ٿئي ٿي. ڇو جو ان عرصي دوران دنيا ۾ وڏيون تبديليون اچي چڪيون آھن. وقت جي ڦيرگهير سبب انسان ايڏي فراغت ۽ وقت نه رھيو آھي، جو ھو وڏن ۽ طويل ناولن کي پڙھڻ ۾ لڳو رھي. پر ان ھوندي به نھايت طويل ناول اڃا به لکجي رھيا آھن ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ انھن جي ڇپائي ۽ کپت جو اندازو ڪري اھا ڳالهه ظاھر ٿئي ٿي ته ھن صنف جي مقبوليت جو مقابلو ٻي ڪا به ادبي صنف نه ٿي ڪري سگهي“.(6)
پوپٽي ھيراننداڻي (2005-1924) مطابق ”ناول ادب جي اھا صنف آھي، جيڪا پوري طرح زندگيءَ جي نمائندگي ڪري ٿي. ھر دور جو ناول ان دور جي آرٽ گئلري سمان ھوندو آھي، جنھن ۾ ان دور جا انسان جيئرا جاڳندا، محبتون نفرتون ڪندا آھن، وڙھندا، بدلا وٺندا، رويو ۽ کليو، محبوبن جا انتظار ۽ ملاقاتون ڪندا، حادثات ۽ واقعيات جي وھڪرن ۾ لڙھي، وڇڙندا ۽ ملندا نظر ايندا آھن“.(7) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي مطابق ”ناول ۾ جنھن قصي جي اپٽار ھوندي آھي، سو بيشڪ ان قوم جي جذبات ۽ خيالات جو مجموعو ھجڻ سان گڏ، ان قوم جي زندگي جي تفسير ۽ تاريخ ھوندو آھي“.(8) عبد القيوم صائب لکي ٿو ته ”ناول سماج تي سڌو سنئون گهرو ۽ گهڻو اثر ڪري ٿو ۽ سماج جي اوڻاين ۽ عيبن جي اوگهڙ ڪري انھن کي عوام تائين آڻي، سڌاري جون سوين راھون کوليو ٿو ڇڏي، تنھنڪري جيڪڏھن اسين گهرون ٿا ته سماج ۾ سڌارو اچي ۽ ان ۾ نت نيون خواھشون ۽ امنگون پيدا ڪجن ته پوءَ اسان کي ناول جهڙي صنف ڏانھن وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي“.(9)
ڊاڪثر نجم عباسي (1995-1927) لکي ٿو ته”ڪو به ماڻهو ناول پڙهڻ کي فرض سمجهي نه پڙهندو آهي، پر ورونهه خاطر پڙهندو آهي. تنهن ڪري ان ۾ دلچسپي ۽ ڊرامائي ڍنگ هجڻ گهرجي. پڙهندڙ نه واندڪائيءَ جي وندر سمجهي هٿ ۾ کڻي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته ان کي سمجهڻ واسطي ذهن تي هروڀرو زياده زور ڏيڻو نه پوي. ڪردار ڏٺل وائٺل هوندا ته هنن جي هلت چلت جي نتيجي ڄاڻڻ ۽ هنن جي جيون جي واقعن جو اثر جاچڻ جو شوق جاڳندو ۽ پڙهڻ جي دلچسپي قائم رهي سگهندي“.(10)
مطلب ته ناول، ادب جي هڪ اهڙي صنف آهي، انسان جي زندگيءَ جي تصوير ۽ تفسير آھي. تنھنڪري ان جو زندگيءَ سان گهرو لاڳاپو آھي. ناول اسان جي زندگيءَ جا سياسي، سماجي، مجلسي، قومي، نفسياتي، تاريخي، مذھبي مسئلن جا حل به فراھم ڪري ٿو. انسان جي من جي گهرائيءَ کان وٺي، هن وسيع مخلوقات جا سمورا ڪارناما، ناول جي دائري ۾ اچي وڃن ٿا. ناول، ادبي روپ ۾ زندگيءَ جي تمام ننڍين ننڍين حقيقتن جو اظها ر به تمام گهرائيءَ ۽ چٽائيءَ سان ڪري ٿو. ناول مڪمل زندگيءَ جو عڪاس آهي ۽ حقيقي زندگيءَ کي تمام گهڻو ويجهو آهي، پر مافوق الفطرت واقعا به ناول ۾ سمائي سگهجن ٿا.
ناول جا قسم
مواد ۽ ٽيڪنڪ جي باوجود ھر ھڪ ناول ۾ ڪا نه ڪا خوبي اھڙي ھوندي آھي، جيڪا ٻئي ناول ۾ پڻ ملي سگهي ٿي. ان حساب سان ڪنھن به ھڪ ناول کي مخصوص ڪري نٿو سگهجي. ھونئن ته ناولن جا ڪيترائي قسم آھن، جيئن:
1. سماجڪ ناول 14. واقعاتي ناول
2. رومانوي ناول 15. عملي ناول
3. تاريخي ناول 16. جاسوسي ناول
4. نفسياتي ناول 17. اخلاقي ناول
5. جاسوسي ناول 18. سياسي ناول
6. شعور جي وهڪري تي مبني ناول 19. خانداني ناول
7. ڊرامائي ناول 20. سياحتي ناول
8. قومي ناول 21. مهماتي ناول
9. اصلاحي ناول 22. جنگي ناول
10. جنسياتي ناول 23. ڀوائتو ناول
11. سائنسي ناول 24. فلسفيانه ناول
12. مذهبي ناول 25. تبليغي ناول
13. ڪرداري ناول 26. مزاحيه ناول
ڪيترن ئي ناولن تي مختلف ناولن جي خصوصيتن جي ميلاپ ڪري به نالا ڏئي سگهجن ٿا، مثال طور ڪرداري، واقعاتي ۽ ڪرداري ڊرامائي وغيره پر ھتي صرف سنڌي ناول جي ترقيءَ جي حساب سان ناول جي ڪجهه قسمن جو مختصر جائزو وٺون ٿا:
سماجڪ ناول (Social Novel)
ناول جو اهم مقصد عڪاسي آهي. اھڙو ناول، جنھن ۾ سماجي عڪاسي ڀرپور نموني ٿي سگهي .سماجڪ نظر وجهجي ٿي ته معلوم ٿو ٿئي ته جيڪي طبقاتي مسئلا آهن، سي سڄيءَ سنڌ لاءِ ساڳيا آهن. اهڙن مسئلن ۾ زميندار ۽ هاريءَ جي وچ ۾ ڪشمڪش، ڪارخانيدارن ۽ مزورن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ، سرمائيدارن ۽ غريبن جي وچ ۾ فرق، ٽوڻا ڦيڻا، پير پرستي، قبر پرستي، شادين جا مسئلا، گهرو مسئلاــ جهڙوڪ سس ۽ ننهن جو جهيڙو، ڪراڙن جي نابالغ يا ننڍي نيٽيءَ سان شادي يا ان جي ابتڙ، حق بخشائڻ، بدو، پيٽ لکي ڏيڻ وغيره اهڙا مسئلا آهن، جن جي مطالعي سان سنڌي سماج جي فطري، سماجي، اقتصادي ۽ قومي لاڙن جو پتو پوي ٿو. سنڌي سماج جي اهڙن مسئلن کي سجاڳ ناول إۆڵ نويسن پنهنجين لکتين ۾ آندو آهي ۽ اهڙن مسئلن جا حل پڻ ٻڌايا آهن. اهڙن ناول نگارن کي سماجڪ سڌار ناول نگار چيو ويندو آهي.
رومانوي ناول (Romantic Novel)
رومان لفظ، رومانس (Romance) مان نڪتل آھي. انگريزي زبان ۾ رومانس جي لفظي معنيٰ آھي ”ڪھاڻي”، ”قصو“يا ”داستان“ پوءِ ڀلي ڇو نه اھو خيالي ھجي. سنڌي ۾ ”رومانوي“ لفظ جو مطلب آھي ”عشقيھ يا محبتانھ.“ جهانگير راھوجو پنھنجي مقالي ”ناول“ ۾ لکي ٿو ته ”گهڻو اڳ انگريزي ادب ۾ رومانٽڪ ناول، ان ڊگهي قصي کي چئبو ھو، جنھن کي تاريخي حوالن سان لکيو وڃي. جيئن سر والٽر اسڪاٽ جو ناول “T is Sixty Years Since” آھي. پر ھاڻي رومانس جي معنيٰ حسن و عشق جي اھڙن قصن کي سمجهيو ٿو وڃي. جنھن ۾ جنبشي لڳاءُ ھجي، ھمت ۽ بھادريءَ جو دخل ھجي. اھڙن رومانوي ناولن ۾ خيالي دنيا به سجائي سگهجي ٿي. جنھن جو ڀل حقيقت سان پري جو به واسطو نه ھجي. رومانوي ناول ۾ مثالي ڪردارن وسيلي مقصد بياني ڪئي وڃي ٿي. اھڙا ناول لکڻ وقت ليکڪ اھا ڳالهه خيال ۾ رکي ٿو ته پڙھندڙ لاءِ حيرت سان گڏ تجسس به پيدا ڪري ۽ پڙھندڙ پيار ڀرئي ان قصي کي پڙھندو ئي رھي“.(11)
سنڌي ناول جي تاريخ ۾ عبدالخالق خليق مورائي جو ”سندري“، ڊاڪٽر گربخشاڻي جو ”نورجهان“، قاضي عبد الرزاق جو ”جهان آرا“، پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻي جو ”پاڪ ۽ پاڪيزگي“، نرمل جيوتاڻي جو ”بينا“ اھم رومانوي ناول آھن. جڏھن ته آزادي کانپوءِ گوبند مالهي، ڪرشن کٽواڻي، آغا سليم، سراج، علي بابا، نجم عباسي، قاضي خادم، امر جليل، موھن ڪلپنا، طارق عالم ابڙو ۽ ٻيا ڪيترائي رومانوي ناول نگار آھن.
تاريخي ناول (Historical Novel)
ماضي يا ان دور جي حالتن ۽ واقعن کي تاريخوار سھيڙي انساني جذبن ۽ احساسن جي پوشاڪ ۾ ويڙھي اھڙي طرح آکاڻي کي پيش ڪيو وڃي جو ائين محسوس ٿئي ته ڄڻ پڙھندڙ پاڻ اتي موجود ھو. اھڙن ناولن ۾ ضروري آھي ته ڪردارن جا نالا تاريخي ھجن، پر وقت، جڳھون ۽ واقعات به تاريخي ھجن تاريخي ناول کي ان حساب سان ڪڏھن ڪڏھن افسانويت کان الڳ به سمھجيو ويندو آھي.انگريزي ادب ۾ سر والٽر اسڪاٽ خاص طور تي تاريخي ناولن جي ڪري سڃاتو ويندو آھي پر چارلس ڊڪنس جو ناول ”ٻن شھرن جي ڳالهھ“ (A Tale of Two Cities) شاھڪار تاريخي ناول آھي. سنڌي ۾ محمد عثمان ڏيپلائي مشھور تاريخي ناول نگار آھي“.(12)
جاسوسي ناول (Detective Novel)
جاسوسي ناولن جو بنياد والپول وڌو، جنھن گاٿڪ لکيو. جاسوسي ناول ٽائيم پاس ڪرڻ ۽ لطف اندوز ٿيڻ لاءِ بھترين ذريعو آھن. ھنن ناولن ۾ مڪاري، فريبي، قتل، گناھھ، پراسراريت، خوفناڪ واقعات وغيره جهڙا موضوع ھوندا آھن. اھڙي طرح ھن قسم جي ناولن ۾ ڏوھن پٺيان لڪل مجرم جو پتو لڳايو ويندو آھي. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکي ٿو ته: ”هي (جاسوسي) ناول عام ماڻهن کي تمام گهڻو پسند هوندا آهن، ڇو ته هنن ناولن ۾ ڪهاڻي کي وڌيڪ اهميت هوندي آهي، جنهن ۾ هڪ راز هوندو آهي ۽ اها ڪهاڻي شروع ٿيڻ سان ئي پڙهندڙن جي سمجهه ۾ نه ايندي آهي، جيڪو ناول نگار تيستائين ظاهر نه ڪندو آهي جيسيتائين هو نه چاهيندو آهي. اها هن جي مرضي هوندي آهي ته هو جتي چاهي اتي ناول جي ڪهاڻيءَ کي ختم ڪري يا ان کي واڌ ڏيئي پڙهندڙن کي ڪيتري وقت تائين منتظر رکي. اهو هن جي هٿ ۾ هوندو آهي. هن قسم جي ناولن ۾ هيري ۽ بدمعاش جو هجڻ لازمي آهي، جنهن ۾ هيرو راز جي ڳولا ۾ هوندو آهي ۽ بدمعاش انهيءَ راز کي لڪائڻ ۾ ڪوشان رهندو آهي. بهرحال، هن قسم جي ڪهاڻيءَ جو اثر پڙهندڙن جي ذهن تي ايستائين رهندو آهي، جيستائين ڪهاڻي ختم نه ٿئي. ڪهاڻي ختم ٿيڻ تائين ڪهاڻي پڙهندڙ جو ذهن ڪهاڻي سان جڪڙيل هوندو آهي ۽ جيئن ئي ڪهاڻي ختم ٿيندي تيئن پڙهندڙ جو ذهن آزاد ٿيو پوي. هنن ناولن ۾ خاص ڪري بهادري ڏيکاريل هوندي آهي، تنهن ڪري خاص طرح سان اهي ناول نوجوانن ۾ بلڪل پسند پوندا آهن“.(13)
نفسياتي ناول (Psychological Novel)
اھڙو ناول، جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ڪردار جي نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ ڪري. ھن قسم جي ناولن ۾ ڪردار جي زندگيءَ جي مختلف رخن کي باريڪ بيني سان کولبو آھي ۽ انھن جي ھر ھڪ سوچ ۽ لاڙن کي عيان ڪيو ويندو آھي. ھن ۾ ناول نگار ان ڪردار جي اندروني ڪيفيتن ۽ جدوجهد جي تصوير ڪشي ڪندا آھن. مطلب ته ناول جو تسلسل قصي جي ڪري نه ھوندو آھي، بلڪھ ڪنھن فرد جي نفسياتي حالت مؤجب ھوندو آھي. ناول جو پسمنظر اڪثر ڪري يادن تي مبني ھوندو آھي ۽ واقعا زمان ماضي جا بيان ڪيا ويندا آھن. انگريزي ناول جي تاريخ ۾ سموئل رچرڊسن، جارج الييٽ ۽ جارج مرڊيٽ نالي وارا نفسياتي ناول نگار ٿي گذريا آھن“.(14)
شعور جي وھڪري تي مبني ناول
ھي ناول ويھين صديءَ جي پيداوار آھن. ھنن ناولن جو بنياد به نفسياتي بنيادن تي ٿيندو آھي. نفسياتي بنيادن تي ھن اصطلاح کي سڀ کان پھرين وليم جيمز استعمال ڪيو. ھينري جيمس (1843-1961ع)، وليم فاڪنر (1868-1962)، ورجينيا وولف (1882-1941) (To The Light House) ۽ جيمز جوائيس (1822-1941ع) “Man A Portrait of the Artists as a Young” “Ulysses” ۾ ھن قسم جي ناولن کي ھميشھ لاءِ رائج ڪيو، جنهن کي پوءِ شعور جي وهڪري (The Stream of Consciousness) تي مبني ناول سڏيو ويو.
ھن ٽيڪنڪ ذريعي اندروني، داخلي ۽ ذاتي تجربن کي بيان ڪيو ويندو آھي. موضوع پوءِ ڀلي، سماجي ھجي، عشقيھ ھجي، بک ۽ بيروزگاري جو ھجي يا تاريخي ھجي. انساني لاشعور ۾ سوچن جو ھڪ اڻ کٽ سلسلو ھوندو آھي. انھن بي تربيت سوچن کي جيڪي ھڪ وھڪري جي شڪل ۾ ھونديون آھن، انھن جي اظھار کي شعور جو وھڪرو سڏيو ويندو آھي. ھن ۾ اڪثر تخليقون ضمير متڪلم (First Person) ۽ ڊرامائي مونولاگ ۾ ھونديون آھن. پر ورجينيا وولف پنھنجي ناول (To The Light House) ۾ ھر ڪردار کان شعور جي وھڪري ۾ ڳالهرايو“.(15)
ڊرامائي ناول (Dramitic Novel)
ڊرامائي ناولن ۾ نه پلاٽ جي چوڌاري ڪردارن کي پابند ڪيو ويندو آھي نه ئي پلاٽ تي زور ڏنو ويندو آھي. عمل ۽ ڪردار، سيرت ۾ تبديلي آڻيندا رھندا آھن. اھڙن ناولن ۾ ظاھر ۽ باطن کي ھڪ ڪري ڏيکاريو ويندو آھي. سڀني تبديلين لاءِ داخلي اسباب ضرور موجود ھوندا آھن، جيڪي پڙھڻ سان محسوس ٿيندا آھن. ڪردار ۽ عمل ۾ وڇوٽي ناھي ڏيکاريل ھوندي. ھن قسم جي ناولن جي پڄاڻي ۾ ائين ئي ٿيندو آھي جو اھو واقعات ناھي ھوندو پر سيرت کي سنواري پيش ڪيو ويندو آھي. ڊرامي وانگر اھڙن ناولن جون خصوصيتون آھستي آھستي ظاھر ٿينديون آھن. ناول ۾ تجسس ايترو ھوندو آھي ته ڀلا آخر ۾ ڇا ٿيندو؟“.(16)
ناول جا ترڪيبي جزا
ناول جي جوڙجڪ ۽ رٿا جي حوالي سان ڪيترائي ترڪيبي جزا ٿيندا آهن، جن کي مختصر نموني ڏجي ٿو:
• پلاٽ (Plot )
لفظ ”پلاٽ“ لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ بيان ڪرڻ يا وري اصطلاحي معنيٰ ۾ ڪھاڻي کي رٿيل دائري اندر بيان ڪرڻ کي پلاٽ چئبو آھي. ناول ۾ واقعن جو پاڻ ۾ گهرو تعلق ٿئي ٿو، ذھن ۾ انھن واقعن جي عڪاسي، جيڪي ڪردارن کي پيش اچن ٿا، انھن کي ناول جي آکاڻي يا پلاٽ چئجي ٿو. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اھو واقعاتي خاڪو جنھن کي ڪردارن جي سگهه وسيلي ڪھاڻيءَ جي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي. دراصل تسلسل وسيلي واقعن ۽ عملن جي ڳانڍاپي واري سوچ کي پلاٽ چئجي ٿو.
ناول جو پلاٽ واقعن مان پيدا ڪيو ويندو آھي. ان جو عنوان ھڪ انسان، ھڪ حادثو يا ھڪ گفتگو ٿي سگهي ٿي. ان جي چونڊ فنڪار جي قابليت تي مدار رکي ٿي. اھا فنڪار جي پرک جي قوت ئي آھي جيڪا ھن کي راز جو پتو ڏئي ٿي. ناول نگار پنھنجي ان قوت وسيلي زندگيءَ جي لڪل رازن ۾ گهڙي ڪري انھن کي پرکي ۽ پروڙي ٿو ۽ ان کانپوءِ ناول لاءِ آکاڻي تيار ڪري ٿو“.(17)
پلاٽ جا قسم ( Kinds of Plot)
ماھر نقادن ۽ محققن ھڪ ناول جا ٻھ پلاٽ ٻڌايا آھن. ھڪ سادو پلاٽ ۽ ٻيو مرڪب پلاٽ يا الجهيل پلاٽ. ھرھڪ جا وري ٻھ قسم ٿين ٿا: ھڪ لچڪدار يا پختو پلاٽ ۽ ٻيو غير پختو يا ڍلو پلاٽ.
(1) سادو پلاٽ (Simple Plot) ھي سڌو سنئون پلاٽ ٿئي ٿو. ان ۾ ڪھاڻيءَ جو پلاٽ ھڪ ئي ڳالهه تي رکيل ھوندو آھي، ان ۾ ھڪ ھيرو ۽ ھڪ ھيروئن ھوندي آھي. ٻيا ڪردار انھن سان ڪنھن نه ڪنھن نموني منسوب ھوندا آھن.
(2) مرڪب پلاٽ (Compound Plot) ھي پلاٽ جو اھم قسم آھي، جنھن ۾ ٻھ ڪھاڻيون گڏوگڏ ھلنديون آھن. ٻنھي ڪھاڻين جو ھڪٻئي سان سڌو سنئون تعلق ھوندو آھي. ھن قسم جي پلاٽ ۾ ڪھاڻي ھڪ کان وڌيڪ رازن تي رٿيل ھوندي آھي.ھر ھڪ پلاٽ وري ربط ۽ تنظيم جي لحاظ کان ھيٺين ٻن قسمن ۾ ورھايل ھوندو آھي.
(1) مربوط يا پختو پلاٽ (Organised Plot) ھي پلاٽ جو اھو قسم آھي، جنھن ۾ ناول نگار جنھن مقصد کي ذھن ۾ رکي ڪھاڻي ترتيب ڏئي ٿو، اھو مقصد ڪھاڻي جي آخر ۾ نڪرندو آھي. يعني مقصد ابتدا واري رٿا سان ملي ته اھڙي قسم جي پلاٽ کي پختو پلاٽ چئبو آھي.
(2) گهرگهلو يا ڍلو پلاٽ (Loose Plot) ناول نگار، جنھن مقصد کي ذھن ۾ رکي ڪھاڻي ترتيب ڏئي. ان ۾ رٿا کي گهڻو وڌائي وڃي ته اھڙي پلاٽ کي ڍلو پلاٽ چئبو آھي. موجوده دور ۾ وجوديت واري فلسفي يا شعور واري سٽاءَ ۾ لکيل ناولن جو پلاٽ گهرگهلو ھوندو آھي“.(18)
ڪردار نگاري (Characterisation)
ڪردار نگاري ناول جو اھو عنصر آھي، جيڪو ھڪ ناول کي قصي کان منفرد ڪري ٿو. ناول ۾ موجود فردن کي ”ڪردار“ چيو ويندو آھي. ناول ۾ ڪردار کي سندس ماحول، رھڻي ڪھڻي، ريتن، رسمن مطابق پيش ڪرڻ جي فن کي ڪردار نگاري چئبو آھي“.(19) ڪردار نگاريءَ ۾ اھم خوبيون ھيٺيون ھجڻ گهرجن:
1. ناول جي ڪردارن جو تعلق انسان جي عملي زندگي سان ھئڻ گهرجي. اھي ڪردار عام ماڻھن وانگر خصوصيتون رکندا ھجن، يعني عام ماڻھن وانگر، خوشي، غم ۽ محبت جهڙن جذبن سان ڀرپور ھجن. انھن جون عادتون اخلاق عام انسانن جهڙا ھجن.
2. ھڪ ناول ۾ ڪڏھن به اھڙا ڪردار نه ھجڻ گهرجن، جيڪي مافوق الفطرت ھجن. اھي اھڙا ڪم ڪري ڏيکارن جيڪي انسان ڪري ئي نٿا سگهن. اھي انسان ھجڻ گهرجن، جن، ديو يا پريون نه .
3. ڪردارن ۾ واقعن جو ھڪ ٻئي سان اھڙو تعلق ھجي جو اھي ھم آھنگ لڳن.
4. ناول نگارن لاءِ اھو ضروري آھي ته ھو جدت ۽ جماليات جي اصولن تحت صحيح ڪردار چونڊي.
5. ڪردار سماجي حقيقت نگاري جي نمائندگي ڪري.
6. ھر ھڪ ڪردار جي پنھنجي انفراديت ھوندي آھي. انھيءَ ڪري ڪردار نگاري ۾ ھر ھڪ ڪردار ۾ انفرايت ھئڻ گهرجي.
• مڪالما (Dialogues)
ناول جا مختلف ڪردار مختلف واقعن دوران ھڪٻئي سان ميل ميلاپ ۾ گفتگو ڪن ٿا يا جيڪي زبان مان جملا نڪرن ٿا انھن کي مڪالما چئجي ٿو. سٺن مڪالمن جو جيترو ھڪ ڊرامي ۾ ھجڻ ضروري ھوندو آھي. اوترو ھڪ سٺي ناول لاءِ مڪالمي جي سلسلي ۾ ھيٺيون ڳالهيون ھجڻ ضروري آھن.
1. ھڪ سٺي ناول لاءِ ضروري آھي ته ناول نگار ڪردارن کان اھڙا جملا ڳالهرائي جيڪي نه صرف معنيٰ خيز ھجن پر سھڻا سخن ۽ دل کي موھيندڙ به ھجن.
2. سٺن مڪالمن جي ڪري ڪردارن جي سڃاڻپ ٿيندي آھي.
3. مڪالما ڪردار جي ذھني سطح مطابق ھئڻ گهرجن. ائين ڪرڻ سان ئي ڪردار جي سوچ، فڪر، خوبين ۽ خامين جي خبر پوندي آھي.
4. سٺن مڪالمن جي ڪري ڪھاڻي اڳتي ھلندي آھي.
5. مڪالما ناول ۾ بيان ڪيل ماحول جي به ڀرپور عڪاسي ڪندڙ ھجن. اگر ماحول سوز دار ھجي ته مڪالما به اھڙا ھجن. اگر خوشيءَ جو ماحول ھجي ته مڪالما به خوشي وارا ھجن.
• منظر نگاري (Imagery)
ڪھاڻيءَ ۾ دلڪشي پيدا ڪرڻ لاءِ، لکندڙ ڪردارن کي پيش آيل واقعن وقت، ان وقت جي ماحول جي تصوير ٿو چٽي، جنھن کي منظر نگاري چيو ويندو آھي. ڪردارن کي مختلف قسمن جا واقعا پيش اچن ٿا ۽ ھو مختلف قسمن جا ڪم ڪن ٿا. جنھن ڪري اسان جي سامھون مختلف منظر (Scenes) اچن ٿا، جيڪي ناول جي ارتقا ۾ مدد ڏين ٿا. انھن منظرن کي منظرنگاري ڪوٺجي ٿو. ان لحاظ کان ناول ۾ منظر نگاري جو مفھوم وسيع ۽ ويڪرو ٿي وڃي ٿو. ناول نگار نه صرف فطرت جي عڪاسي ڪري ڪي نظارا اسان جي سامھون آڻي ٿو، پر ھو ڪردارن جي اٿڻي ويھڻي، سوچ، فڪر ۽ ان دور جي ماحول، ريتن، رسمن ۽ ان دور جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جي جيڪا چترڪاري ڪري ٿو انھن سڀني کي منظر نگاريءَ جي دائري ۾ آندو وڃي ٿو“.(20)
منظر نگاري جا قسم
(1) سماجي منظر نگاري:-ھن ۾ جيڪي منظر پيش ڪيا ويندا آھن اھي سماجي زندگي جي اوڻائين، خوبين ۽ خامين کي سولي نموني پيش ڪيا ويندا آھن. موجوده دور ۾ سماجي منظر نگاري تي خاص ڌيان ڏنو ويندو آھي.
(2) مادي منظر نگاري:-مادي منظر نگاري ۾ فطري نظارا به اچي وڃن ٿا ته گهر ۽ ان ۾ گهربل سامان وغيره. فطري نظارن ۾ خوشين جو رنگ ڀري پنھنجي تخليق ڪيل ڪردار جي ڏک سور کي نروار ڪيو ويندو آھي. مطلب ته فطري نظارن سان ھڪ طرف دلڪشي آندي ويندي آھي ته ٻئي طرف ڏک ۽ پريشيانين جا اھڃاڻ به شامل ڪيا ويندا آھن. ٻئي طرف روزمره جي زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ شين جي بيھڪ ڪردار جي طبقاتي بيھڪ مطابق بيان ڪيا ويندا آھن.
• انداز بيان يا اسلوب (Style)
ناول نگار ۽ پڙھندڙ جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو فقط لفظ ئي آھن، جنھن جي معرفت ناول نگار پنھنجا خيال، سوچ، فڪر ۽ پنھنجو متو پڙھندڙن تائين پھچائي ٿو. ان کان علاوه اھو اسلوب بيان ئي آھي جنھن سان ليکڪ سڃاتو ويندو آھي. انگريزي ۾ چيو ويندو آ ته “Style is a man”. ان سلسلي ۾ ھيٺيون ڳالهيون عرض ڪجن ٿيون:
1. ناول ۾ ڪھاڻي جي بيان جو انداز اھڙو ته ڪارائتو ھجي جو اھو پڙھندڙ جي دل ۽ دماغ تي ھميشھ قابض ھجي.
2. ناول نگار اھڙن لفظن کان پاسو ڪري جيڪي اڻانگا ھجن ڇاڪاڻ ته ناول کي اھي ماڻھو به پڙھندا آھن جن جي تعليم جو معيار گهٽ ھوندو آھي يا جن جي ذھني سطح رواجي ھوندي آھي.
3. ناول جي ٻولي حڪمت ڀري ھجڻ گهرجي.
مقصديت (Objective)
ناول نگار جي اڳيان، ناول لکڻ جو ڪو واضح مقصد ضرور ھوندو آھي. پلاٽ ۽ نظريھ حيات جو پاڻ ۾ گهرو ڳانڍايو ٿئي ٿو. ناول نگار کي پنھنجو مقصد سھڻي طريقي سان واضح ڪرڻ گهرجي. پوءِ اھو مقصد ڪردارن کان مڪالمن وسيلي ظاھر ڪرائي يا پاڻ تجرباتي طور بيان ڪري.
حوالا:
1. مختيار احمد ملاح: ”ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت“، سنڌي لئنگيئج اٿارٽي، حيدرآباد، 2015ع، ص 340، 341
2. J. A. Cuddon, Dictionary of Literary Terms & Literary Theory, ed., 4th edition, revised C. E. Preston. London: Penguin, 1999, pp. 76o-2.
3. حوالو؛ ماھوار سوجهرو آگسٽ ٢٠٠٨ع
4. محمد اسماعيل عرساڻي؛ ”چار مقالا“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو،1973ع، ص 10
5. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ: ”سنڌي ناول جو ارتقائي تاريخ“، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، 1982ع، ص ، 110
6. ڊاڪٽر قاضي خادم:” ادب ۽ روايتون“، سنڌ ساهت ڪتاب گهر، حيدرآباد، 1992ع، ص 64
7. Prof. Popati R. Hiranandani: “History of Sindhi Literature, Post-independence, 1947-1978”, 1984
8. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1994ع
9. عبد القيوم صائب:”سنڌي ٻولي ۾ ناول نويسي“ (مضمون)
10. ڊاڪٽر نجم عباسي: ”ڪهاڻيءَ جو قافلو“ ، نيو فيلڊس پبليڪيشن، 1986ع، ص 17
11. جهانگير راھوجو: ”ناول“ ، ماھوار ڪينجهر: جنوري ١٩٩٦ع
12. ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي: ”سنڌي ناول جي اوسر“، ويڻا پبليڪيشن، الهاس نگر، 2018ع، ص 46
13. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ:”سنڌي ناول جي ارتقا“،انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1986ع، ص 142
14. ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي: ”سنڌي ناول جي اوسر“، ويڻا پبليڪيشن، الهاس نگر، 2018ع، ص 47
15. مختيار احمد ملاح: ”ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت“، سنڌي لئنگيئج اٿارٽي، حيدرآباد، 2015ع، ص 231
16. جهانگير راھوجو: ”ناول“ ، ماھوار ڪينجهر: جنوري ١٩٩٦ع
17. B. R. Mullik: “Novel”, S. C Chand, Bombay, 1977, p. 12
18. ڊاڪٽر نور افروز خواجه: ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“، شيخ شوڪت علي اينڊ سنز، 2010ع، ص 170
19. ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي: ”سنڌي ناول جي اوسر“، ويڻا پبليڪيشن، الهاس نگر، 2018ع، ص 37
20. J. A. Cuddon, Dictionary of Literary Terms & Literary Theory, ed., 4th edition, revised C. E. Preston. London: Penguin, 1999, pp. 122