برطانوي دور جي سنڌي ناول ۾ نوان لاڙا ۽ رجحان
ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ برطانوي دور قديم سماجن کان جديد سماجن ۾ پير پائڻ جي وچ وارو عرصو هو. هن دور ۾ صنعت، جهاز راني، واپار، زراعت، آبپاشيءَ ۾ مشيني دؤر جي شروعات تي جنهن سبب سماج ۾ تبديلي آئي. انگريزن جي دور کان اڳ سنڌي معاشرو گهڻو تڻو زراعت تي ٻڌل هو. انگريزن پنهنجي مفادن خاطر پاڻ سان جديد ٽيڪنالاجي به آندي. معاشرتي تبديليءَ سان گڏوگڏ سنڌي ادب ۾ به تبديلي ۽ نواڻ آئي. سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو سنڌي زبان کي سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت حاصل ٿي. سڄي سنڌ ۾ تعليمي ترقي ٿي. هندستان سميت سنڌ ۾ سياسي، سماجي، ڌرمي ۽ انقلابي تحريڪون شروع ٿيون، جن سان سنڌي ڪهاڻيءَ جي موضوع ۽ بيان ۾ فني ۽ فڪري وسعت آئي. مغربي علمن ۽ ادبي تحريڪن هيٺ سنڌي ناول ۾ نوان لاڙا وجود ۾ آيا.
ترجمن ۾ خارجي ادب اثر ۽ لاڙو
سنڌي اديبن جا انگريزن ۽ سندن علم و ادب سان مراسم وڌڻ لڳا. انگريزي ادب جيان، سنڌي ناول جي شروعات قصن ۽ ڪھاڻين سان ٿي. سنڌ جا لوڪ قصا، رومانوي داستان، سورھين جون بھادريون، بادشاھي عشق اڳ ئي سنڌ ۾ مشھور ھئا. انھن مان ڪيترائي شاعري ۽ نثر ۾ لکجي به چڪا ھئا.
انگريزي ناول جو اثر ۽ ترجما
سڀ کان پهرين ناول جو سنڌي ترجمو ڪيو ويو اهو هو ڊاڪٽر سيموئل جانسن جو لکيل ”راسيلاس“ (Rasselass) جنهن جو ترجمو ديوان اڌارام ۽ ساڌو نولراءِ گڏجي 1870ع ۾ ڪيو . هن ناول جي ترجمي نگارن کي وڏا انعام اڪرام ڏنا ويا. ترجمن جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم ناول”طلسم“ (Talisman) آهي. هي ناول جڳ مشهور ناول نگار سر والٽر اسڪاٽ (1771-1832ع) جو لکيل هو. هن ناول لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جون شروعاتي قسطون ساڌو هيرانند ترجمو ڪري “سرسوتي” ۾ شايع ڪرايون . بعد ۾ سندس اوچتي ديهانت ڪري، ڀيرو مل مهرچند مڪمل ترجمو ڪري ڇپرايو. سر والٽر اسڪا جو ناول ”اوانهو“ (Ivanhoe) هڪ تاريخي ناول آهي، جيڪو پهريون دفعو 1819ع ۾ شايع ٿيو هو. هي ناول پڻ 12 صديءَ جي انگريز معاشري ۽ ٽي صليبي جنگ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هن ناول جي ”اوانهو“ هڪ اينگلو سيڪسن جي شاهوڪار خاندان جي ڪهاڻي مان هڪ آهي، جيڪو انگلنڊ جي نارمن جي هٿ اچي چڪو هو. ”اوانهو“ جي نواب پنهجي وفاداري نارمن جي بادشاهه رچرڊ لاين هرٽ سان جوڙي ورتي هئي. هن ناول جو سنڌيءَ ۾ ترجمو صاحب سنگهه بولسنگهه 1938ع ۾ ”سيل پريڪشا“ جي نالي سان ڪيو هو. صاحب سنگهه بولسنگهه ، حيدرآباد جو رهاڪو هو ۽ سينٽرل اسٽامپ آفيس ۾ ملازم هو“.(2)
سنڌي ۾ سڀ کان اول احمد خان جلباڻيءَ ، جيڪو اڻويهين صديءَ جو نالي وارو قصا نويس هو، تنهن رينالڊس جي مشهور ناول ( Mysteries of the Court of London) جي هڪ حصي جوترجمو “نينهن نڀائڻ” جي نالي سان ڪيو.1921ع ۾ خوشيرام موٽومل هيراننداڻي حيدرآباد مان هڪ ماهوار ”ناولس“ اخبار ڪڍي هئي، هن اخبار جي ڪري سنڌي زبان ۾ ڪيترن ئي ناولن جو اضافو ٿيو. رينالڊس جا سنڌيءَ ٻيا به ڪافي ناول ترجمو ٿيا، جن ۾ ڪي خوشيرام هيرانند پنهنجي ”ماهوار ناول“ رسالي ۾ شايع ڪرايا. مرزا قليچ بيگ وڌ ۾ وڌ ناول، انگريزي ٻوليءَ جي ادب تان ترجمو ڪيا آهن، جن ۾ ”سچي محبت“ نالي ناول لارڊ بيڪن جي Henrietta Temple تان ترجمو ڪيو آهي، جيڪو 1914ع ۾ شايع ٿيو. مرزا صاحب هڪ ٻيو ناول ”راحيل“ جي نالي سان ڪنهن انگريزي ڪتاب تان ترجمو ڪيو، جيڪو 1914ع ۾ شايع ٿيو. هن ناول ۾ اخلاقي قدرن جي پرچار ڪيل آهي. ساڳي سال مرزا صاحب ”زونونيه“ نالي هڪ انگريزي ناول ترجمو ڪيو ، جنهن ۾ هڪ مشرقي راڻيءَ جي ڪهاڻي بيان ڪيل آهي ۽ اهو هڪ تاريخي ناول آهي. اسڪولي ماحول تي هن فرار جي ناولن کي ترجمو ڪيو. مرزا قليچ بيگ، جوناٿن سُئفٽ جي جڳ مشهور ڪتاب Gulliver’s Travels جو ترجمو 1920ع ۾ ”گليور جو سفر “ جي نالي سان ڪيو. مرزا قليچ بيگ، 1944ع ۾ انگريزي ٻوليءَ جي ليکڪ ڪپتان جيمس جسٽيئن موريئر (1780- 1849ع) جي لکيل ناول Adventure of Haji Baba Isphani (1824) جو ترجمو ”حاجي بابا اصفهاني“ جي نالي سان ڪيو. ليلارام ولايتراءِ سپاهيملاڻيءَ (1906-1978) ،1927 ۾ والٽر اسڪاٽ جي ناول The Heart of Midlothian جو اختصار”دلير دل نينگر“ نالي سان ڏنو، جيڪو ”نئين سنڌي لئبرريءَ“ ۾ ڇپيو هو.
ٿامس هارڊي جو سنڌي ادب تي ڪافي اثر رهيو آهي، خاص طور تي انهن اديبن تي جن، انگريزي ادب جو مطالعو ڪيو هو. صاحب سنگهه چندا سنگهه ، ٿامس هارڊي کان متاثر هو. هن ٿامس هارڊي جي مشهور ناول The Mayor of Caster Bridge تان ”بلو کوکر“ الٿو ڪيو. انگريزن جي دور ۾ پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻي کي پڻ ٿامس هارڊي جو اثر غالب آهي. سندس ناول ”پاڪ ۽ پاڪيزگي“ هارڊي جي Tess of D. Urervilles جو ترجمو آهي. هڪ ٻئي انگريز ناون نگار هال ڪين جا به ڪي ناول سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا، جن ۾ پروفيسر رام پنجواڻيءَ، هال ڪين جي ناول Eternal City جو الٿو ”پدما“ جي نالي سان 1939ع ۾ ڇپايو، جو هندستاني جيوت سان ٺهڪندڙ هڪ دلچسپ پنگتي ۽ سياسي ناول آهي. هيرانند سوڀراج هال ڪين جو White Prophet ”انصاف“ نالي سان ترجمو ڪيو .جان بنيان جي مشهور تمثيلي ناول Pilgrim’s Progress جو جارج شرٽ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌ جي اينگلو ورنيڪيولر اسڪولن جي شاگرد جي ڪورس تي رکيل هو. هن ڪتاب کي اصلي نالن ۽ ماڳن سان پيش ڪيو آهي. ساڳي ناول جو ٻيو ترجمو پرڀداس ڀيرومل (مرتيو 1943ع)”سالڪ جو سفر“ جي نالي سان ڪيو .هي ناول عيسائي اصولن تي ٻڌل هو. اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي ترجما آهن، جيڪي انگريزي ٻوليءَ تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا.
بنگالي ناول اثر ۽ ترجما
بنگالي ادب جي هڪ وڏي تاريخ آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي عالم، اديبن، شاعرن جو حصو آهي. خاص طور تي ارڙهين، اڻويهين ۽ ويهين صدين جو بنگالي ادب پنهنجي عروج تي پهتل هو، جنهن پوري برصغير جي ادب تي نشان ڇڏيا آهن. بنگالي ادب جي ترقيءَ جي سلسلي ۾ رسول بخش پليجي لکيو آهي ته: ”بنگال ۾ راجا رام موهن راءِ جي برهموسماج ۽ مهاراشٽر ۾ برهمڻ مخالف تحريڪ جي اڳواڻ جيوبا ڦلي جي ٺاهيل ”ستيا شوڌڪ“ سماج جهڙين سماجي سڌاري جي تحريڪن هندوسماج ۾ ڪافي هلچل پيدا ڪئي. ان کان علاوه تلڪ جي شروع ڪيل ڳڻيش پوڄا، بنگال جي انقلابين جي شروع ڪيل درگا پوڄا جون تحريڪون اهي سڀ هندستان جي وچين طبقي جي ماتحت هلي رهيون هيون انهن جي پويان جيڪو نظريو هو سو هندو دانشور طبقي جي ذهني تخليقن جي پيداوار هو. هنن دانشورن ۾ مشهور ناول نويس بنڪم چئٽرجي شامل هو. جنهن بندي ماترم ۾ ڀارت ماتا جي نظريي مطابق ”بندي ماترم“ جو نعرو بلند ڪيو“.(3)
انگريزن جو دور سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم دور آهي، جنهن ۾ سنڌ سياسي ، سماجي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي رهڻي ڪهڻي ۾ تبديلي آئي. بنگالي جاڳرتا جي ڏس ۾ سڄي ھندستان ۾ سماج سڌارڪ ديش ڀڳتي مالڪ جون تحريڪون برپا ٿيون. ان سلسلي ۾ ڪريم بخش خالد لکيو آهي ته:” 1905ع ۾ بنگال جي ورهاڱي جي تحريڪ زور پڪڙيو جنهن ڪري هندن ۾ هڪ نئين جاڳرتا پيدا ٿي. هو ورهاڱي جي خلاف هئا. پنهنجي قومي اتحاد ۽ ناموس خاطر ، هنن هندو سماج مان براين ۽ اوڻاين جي خاتمي آڻڻ جي تحريڪ هلائي. هن دور ۾ ڪيترائي بنگالي ناول، ناٽڪ، ۽ ڪهاڻيون سنڌي ۾ ترجمو ٿيا. ميلارام منگتراءِ واسواڻي ’سماجڪ بلوو‘، ناول هو لکيو جيڪو بنگالي ليکڪ شري چندر چئٽرجي جي ڪتاب جو ترجمو هو“.(4)جڏهن ته راڌاڪشن چانڊواڻيءَ جو خيال آهي ته: ”هن دؤر جو ادب پنهنجي دور جي احساس کي ظاهر ڪرڻ جو مکيه وسيلو بڻيو. ٻاهرين مُلڪن جي قومي، سماجي ۽ ادبي ويچارن جو به سنڌي ادب تي چڱو اَثر پيو. اِنهيءَ ڪري سنڌي ادب ۾ جُدا جُدا ڌارائن جو جنم ٿيو. ٿوري ۾ چئجي ته هن دؤر ۾ جدا جدا ٻولين جي ادب جا اَمُلهه رتن ترجمي ذريعي سنڌيءَ ۾ اَچڻ لڳا. بنگالي ادب جو به چڱو اَثر سنڌي ادب تي پيو. بنگالي رچنائن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو. بنگالي ليکڪ گرديو ٽئگور، بنڪمچندر، شرت چندر سنڌي جڳت ۾ مشهور ٿي ويا. هن دؤر ۾ سنڌي ادب ۾ موضوع، هيئت توڙي ادبي روُپن جي خيال کان جيتري گهڻائي نظر اَچي ٿي، اوتري اَڳين دؤرن ۾ ڪانه ٿي ملي“.(5)
مشهور بنگالي شاعر، ناول نگار، مضمون نگار ۽ صحافي بنڪم چندر چيٽرجي قومي ليکڪ طور وڏي شهرت رکي ٿو. بنڪم چندر چيٽرجيءَ جو انگريز دور جي اوائلي سنڌي ليکڪن تي تمام گهڻو اثر رهيو.مشهور اديب، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار شرت چندر چئٽرجيءَ جو ناول ’ديوداس‘1917ع هڪ رومانوي ناول آهي، جنهن جا مُکيه ڪردار ديوداس، پاروتي ۽ چندرمُکي آهن. هي ناول بنگال جي اوڻويهين صديءَ جي اوائلي سماجي زندگيءَ جو عڪس پيش ڪري ٿو،
ٽئگور سنڌي علم ۽ ادب تي تمام وڏا اثر ڇڏيا آهن، ۽ سنڌي اديبن دل کولي کيس داد ڏنو آهي. ٽئگور 1923ع ۾ چندي جمع ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو، ٽئگور جي سنڌ ياترا کان پوءِ گرڌاري ڪرپالاڻي (جيڪو ٽئگورجي قائم ڪيل تعليمي اداري ”شانتينڪيتن“ ۾ پڙھيو ھو) بقول ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي ته ”ٽئگور جي انساني دوستي امن ڀائيچاري ۽ قومي امنگ وارن خيالن سنڌي اديبن کي مٿس فريغته ڪري ڇڏيو ۽ سندس سنڌ ياترا سنڌي ادب جي تبديلي ۾ سنگ ميل ثابت ٿي“.(6)
رابندر ناٿ ٽئگور ، پنهنجي دور جو تمام وڏو ناول نويس هو، سندس ناولن جو تعداد پڻ تمام گهڻو آهي. ناٽڪ سان گڏ، ٽئگور جي ڪيترن ئي ناولن جا سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا آهن. گلي سدا رنگاڻي ، ان دور ۾ سنڌ جي سياست، ادب ۽ سماجي خدمتن به ڪافي حصو ورتو. هن ڪي ناول به لکيا، جن مان ”گورا“ جي عنوان سان 1938ع ۾ ٽئگور جو ناول ترجمو ڪيائين. هن ناول لاءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو آهي ته: ”هي هڪ مشهور پنگتي ۽ قومي ناول آهي ۽ منجهس انگريزي پيءُ ۽ هندستاني ماءُ مان پيدا ٿيل هڪ نوجوان جي جدوجهد بيان ڪيل آهي“.(7)بهاري لال ڇاٻڙيا ، ٽئگور جي هڪ سماجڪ ناول Two Sisters جو ترجمو ”ٻه ڀينر“ جو ترجمو ڪيو . چوهڙمل هندوجا 1963ع ٽئگور جي هڪ ٻئي ناول جو ترجمو ”سنجوڳ“ جي نالي سان ڪيو. ٽئگور جو هڪ ٻيو ناول ”اک سور“ پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. جڳت آڏواڻيءُ، 1940ع ۾ ٽئگور جي هڪ ناول جو ترجمو ”بگڙيل ڪٽنب“ جي نالي سان ڪيو. ان دور هڪ ٻئي مشهور مترجم چوهڙمل ٽئگور جي نال The Wreck جو ترجمو ”طوفاني رنگ“ جي نالي سان ڪيو، جنهن ۾ سنسني وارا واقعا ڀريل آهن ۽ ان جي ڪردارنگاري به شاندار آهي. اي. آر. مائيداساڻيءَ ، ٽئگور جي سماجڪ ناول Two Sisters جو ترجمو ”ننڍي ڀيڻ“ جي نالي سان ترجمو ڪيو هو. ان کان 1943ع ۾ ايم. آر. مائيداساڻيءَ ڪهاڻي رسالو پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ رسالي م ٽئگور جي ناول جو ترجمو ”بغاوت“ جي نالي سان ڪيائين، جيڪو آزاديءَ جي موضوع تي مبني هو.
مشهور بنگالي شاعر، ناول نگار، مضمون نگار ۽ صحافي بنڪم چندر چيٽرجي (1838_1894ع) بندي ماترم (هندستان جي قومي تراني) جي ليکڪ طور وڏي شهرت رکي ٿو.سندس باري ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکيو آهي ته ”هي پهريون ئي اديب آهي، جنهن جي فن ماڻهن کي جديد افسانه نگاريءَ ڏانهن راغب ڪري، ان جو هيراڪ بنايو. هن کي سڏيو ئي ”ايشيا جو جادوگر“ ڪري ويندو هو“.(8)ديوان ڪوڙومل به بنگالي سماجڪ ۽ ساهتڪ جاڳرتا جي اثر هيٺ آيو. بنگالي ٻولي سکي، بنڪم چندر چئٽرجيءَ جون پنگتي ڪهاڻيون: “راڌا راڻي” (1914) “انديرا” ،“ٻه منڊيون” (1914) ترجمو ڪيون. ديوان ڪوڙيمل 1918ع ۾ جي ناول جو ترجمو ”چندر مکي“ جي نالي سان ڪيو، جنهن ۾ گهريلو زندگيءَ جو چٽ چٽيل آهي. بنڪم چندر جي ناول Krishna Kanta’s Will جو ترجمو ”روهني“ جي ناولي 1920ع ۾ ڪيو. 1926ع ۾ مهراج ديو دت ”هندو آفيس“ مان ”آنند مٺ“ شايع ڪيو، جيڪو بنڪم چندر جي ناول جو ترجمو هو ۽ سياسي پسمنطر ۾ هو. پارومل، بنڪم چندر جا ٽي ناول ترجمو ڪيا، جيڪي ساڳي عرصي ۾ شايع ٿيا، انهن ۾ ”آشا“، ”رجني“ ۽ ”چندر شيکر“ هئا. جڳت آڏواڻيءَ، بنڪم چندر جي تاريخي ناول جو ترجمو ”راجپوت رمڻي“ (1939ع) جي نالي سان ڪيو، ڄيٺانند لعلواڻي 1946ع ۾ بنڪم چندر جي ناول ”راجسنگهه“ جو ترجمو شايع ڪيو .
سرت چندر چئٽرجي (1876_ 1931ع) ، 20 صديءَ جي بنگالي ناول نويسيءَ ۽ افسانه نويسيءَ جو هڪ تمام وڏو نالو آهي. سندس جنم اتر بنگال جي هوگلي ضلعي جي ڳوٺ ديباندارپور ۾ موتي لال چيٽوپوڌي جي گهر ۾ ٿيو. سندس اڪثر لکڻين ۾ عام زندگي جي ڏکن، ڏولائن، جدوجهد ، ڳوٺاڻي زندگي، ۽ سماجي مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ آهي، اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي دور ٻين ليکڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مشهور هو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکيو آهي ته: ”ٻيو بنگالي ناول نويس سرت چندر چئٽرجي هڪ ماٺيڻو، پر اونهن ويچارن ۽ مانسڪ کوجنا وارو ليکڪ آهي، جو بنڪم کان گهڻو گوءِ کڻي ويو آهي“.(9)
سنڌي زبان ۾ شرت چندر جا تمام گهڻا ناول ترجمو ٿيا، جن جا مترجم گهڻو ڪري چوهڙمل، جڳت آڏواڻي، ڏيارام سڀاڻي، ڄيٺانند هنڱوراڻي ۽ ٻيا شامل آهن. جڳت آڏواڻيءَ جي ترجمن ۾”وڏي دادي“ (1939ع)،”شطرنج جو کيل“ (1940ع) ۽ ”آخري التجا“ (1940ع)، ”راچپوت رمڻي“ (1939ع اهم آهن.ميلارام منگترام، سرت چندر چئٽرجيءَ جي هڪ ناول جو ترجمو ”سماجڪ بلوو“ جي نالي سان ڪيو . هن ناول ذريعي ڪيترن ئي هندو سماج جي اوڻاين جي تصوير چٽي وئي آهي ۽ سماجي اوڻاين ۽ ان جي خوفناڪا نتيجن کي ننديو ويو آهي“. سنڌي ٻوليءَ جي هنن ليکڪن بنگالي ناول جا تمام گهڻا ترجما ۽ ۽ اثر قبول ڪيو.
جدت پسندي (Modernity) جو لاڙو
ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ برطانوي راڄ جو عرصو ، قديم سماجن کان جديد سماج ۾ پير پائڻ جو وچ وارو عرصو ھو.ڇاڪاڻ ته يورپي طاقتون صنعت، جھاز راني، واپار، مشينن ۽ جنگي ميدان ۾ نئين تھذيب جون اڏيندڙ ھيون.انگريزن پنھنجي مفادن سان گڏ، ھتي اھا ٽيڪنالاجي به کڻي آيا جو ھو سچ پچ تاريخ ۾ داناءَ دشمن ٿي پيا، جڏھن ته مقامي حاڪم، جاگيردار قوتون نادان دوست ھيون.ريلوي، ٽيليفون، جديد آبپاشي سرشتو ۽ يورپ جي علم ۽ اتان جي صنعت تاريخي قوتن جي اوسر ڪئي.انگريزن ھتي جديد علم متعارف ڪرايا. ھتان جي عوامي سھڪار سان نوان اسڪول، ڪاليج کلي پيا، جن ۾انگريزي زبان سان گڏ سنڌي زبان به وڏي ترقي ڪئي. يورپ جي سائنسي علمن سان ھتان جي عوام کي واقفيت حاصل ٿي. انھيءَ پاليسي تحت ھتان جا ماڻھو جديد تعليم وٺڻ لڳا.
انگريز دور حڪومت ۾ جدت پسنديءَ باقاعده ھڪ تحريڪ جو روپ اختيار ڪيو. سنڌي شاعري ۾ جدت پسندي جو رجحان 20 صديءَ جي ٽئين ڏھاڪي ۾ سانگيءَ ۽ بيوس جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو. 1930ع کان پوءِ مغربي ادب جي اثر ھيٺ سنڌي ادب ۾ ڪيترن ئي نون لاڙن ۽ تحريڪن جنم ورتو ۽ ڪيتريون ئي ادبي جماعتون وجود ۾ آيون. جن جدت پسند تحريڪ کي زور وٺرايو. انھن جماعتن ۾ سنڌي ادبي سرڪل (1943ع) انجمن ترقي پسند مصنفين (1945ع) جو وڏو ڪردار آھي. جدت پسنديءَ جي ڪري، ناول ۾ حقيقت نگاريءَ جو لاڙو به رائج ٿيو.
مرزا قليچ بيگ پھريون سنڌي ناول نگار ھو، جنھن اھڙن ناولن جي چونڊ ڪئي، جيئن علمي، معاشي ۽ معاشرتي سجاڳي ۽ قوم کي وڏي مقام تي پھچائجي. ھن ان ڏس ۾ ڪيترائي ناول ترجمو ڪيا ديوان ڪوڙيمل بنڪم چندر جي تاريخي ناولن جا ترجما ڪري قومي سجاڳي واري موضوع کي کنيو. ديوان پريتم داس جو ”عجيب ڀيٽ“ پھريون حقيقت وارو ناول ھو، جنھن ۾ ھندن توڙي مسلمان جيوت جا نقش ملن ٿا. ڀيرومل ۽ لعلچند اھڙا ناول لکيا، تن اھو سڌارو آندو جو پڙھندڙن جي دلين کي ڇھي ويا. ڀيرومل جا ”موھني ٻائي“ ۽ ”آنندسندريڪا“ اھڙا ناول آھن جن ۾ ان زماني جي ھندن جي گهرو ۽ پنگتي جيون جو سڌو سنئون عڪس ملي ٿو. لعلچند جي ”چوٿ جي چنڊ“ ۾ سنڌي مسلمانن جي پنگتي زندگي چٽيل آھي.
ٻي مھاڀاري لڙائي کان پوءِ سڄي دنيا ۾ روشن خيال فڪر جي لهر ڇانجي ويئي، جنھن جو اثر ھند، سنڌ ۾ به ٿيو ۽ ھتي ادب ۾ باقاعده دنيا جي مشھور اديبن جا ترجما ٿيا جهڙوڪ ٽالسٽاءِ، ٽئگور، والٽيئر، ميڪسم گورڪي وغيره جا ڪتاب به ترجما ٿيا. جنھن سان اھو فائدو ٿيو ته سنڌ ۾ دنيا جي مختلف عالمن، فلسفن اديبن جا نظريا ۽ خيال آيا ۽ ذھني سطح تي تبديلي آئي. ان ئي دور ۾ سنڌ ۾ طبع زاد ناول به لکجڻ شروع ٿيا جن ۾ مرزا قليچ بيگ، نرمل جوتواڻي، گلي سدارنگاڻي، ديوان پريتم داس، ديوان ڪوڙومل، صاحب سنگهه چنداسنگهھ، نانڪرام ڌرمداس، شيوڪ ڀوڄراج، ڄيٺانند ٿڌومل، پروفيسر موٽومل، تولارام گڏواڻي، سڳن آھوجا، پروفيسر رام پنجواڻي، ڄيٺا نند لعلواڻي، آسانند مامتوراءِ، ديو سڀاڻي وغيره جا ناول شامل ھئا. ھن دور ۾ ناول ۾ خاص طور سان اصلاحي سماجي گهر گرھستي جي بدلجندڙ قدرن جهڙا رجحان موجود ھئا. ھن دور ۾ مرزا قليچ بيگ جو ناول”زينت“ سماجي حقيقت نگاريءَ جو پھريون بھترين مثال آھي. پريتم داس جو ”عجيب ڀيٽ“ ٻيو اھم مثال آھي. ان کان پوءِ لعلچند جو ”چوٿ چنڊ“ ميلا رام وسواڻي جو ”شيلا“، پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻيءَ جا ”وڌوا“ ۽ ”غريبن جو ورثو“ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جا ”لطيفا“ ۽ ”چانديءَ جو چمڪو“ سماجي حقيقت نگاريءَ جا بھترين مثال آھن. ھنن ناولن ان دور ۾ اھڙا چٽ چٽيا، جيڪي ان دور جي سماجي زندگي جي ھوبھو عڪاسي ڪن ٿا.
شيوڪ ڀوڄراج جا ناول ”آشيرواد“ ۽ ”دادا شيام“ ۾ قومي آزادي واري سجاڳي جو اولڙو پيش ڪن ٿا. آسانند مامتوراءِ جي ناول ”شاعر“ ۾ زندگي جي اعليٰ آدرشن ۽ فلسفي جي اپٽار ڪيل آھي. گلي سدار نگاڻي پھرين خاتون ناول نويس ھئي، جنھن ”اتحاد“ جهڙو شاندار ناول لکيو، جنھن ھندو مسلم اتحاد کي وقت جي اھميت قرار ڏنو. پروفيسر رام پنجواڻي جو ”لطيفا“ ۾ سنڌي مسلمان ڪاشيگارن جون مشڪلاتون پيش ڪيل آھن. پروفيسر نارائڻ داس جو ”غريبن جو ورثو“ اھم جاءِ والاري ٿو.
ترقي پسند لاڙو
غلامانھ دور ۾ جاگيرداري واري سماج جوتصور ۽ ان خلاف ٿيندڙ جاکوڙ کي ترقي پسند نظريو سمجهيو ويندو آھي. جاگيرداري کان پوءِ سرمائيداري واري نظام خلاف جدوجهد به ترقي پسندي جو نظريو چئجي ٿو. آسانند مامتورا اديب ھو، جنھن پنھنجي ڪھاڻين ۽ ناولن ۾ نفسيات ۽ جنسيات جي موضوعن کي آندو. گوبند مالهي جا 1946ع ۾ ٽي ناول شايع ٿيا، جيڪي ان دور جي باغي نوجوان جي خيالن جي اپٽار ڪن ٿا. ھنن ۾ ”ساٿي“ قومي موضوع تي، ”ڦاسيءَ جي ڪوٺڙي“ (ترجمو) انقلابي موضوع تي ھئا. اھڙي طرح 1947ع ۾ شايع ٿيل ناولن مان ”انقلابي شاھراھھ“ بغاوت ۽ انقلاب اھم موضوع آھي. ”ساٿي“ ۾ ترجمي جو مقصد ھارين، مزدورن ۽ پورھيتن ۾ سجاڳي آڻڻ ھو. ھن ناول جو اصل ليکڪ پشپال (ھندي) ھو. سندس ٻيو ناول ”چتر ليکا“، دراصل احمد قديمي قاسمي جي ناول جو ترجمو ھو. ھن ناول جو مرڪزي خيال ٻي جنگ عظيم جي پسمنظر ۾ ھو. ھن ناول جنگن کي انسانيت لاءِ تباھي ۽ بربادي ڄاڻايل آھي.”انقلابي شاھراھھ“ اصل ۾ آنچل جو ھندي ۾ لکيل ھو، جنھن جو ھن سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ 1948ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول جو مقصد اھو ئي ھو ته ملڪ ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ سڀني ماڻھن کي متحد ٿيڻو پوندو. اھو ئي سبب آھي جو گوبند مالهيءَ ھن ناول جو نالو ”انقلابي شاھراھھ“ رکيو. ميلهارام رنگومل مائيداساڻي جو شمار سنڌي ادب جي وڏن ڪھاڻيڪارن ناول نگارن، ڊراما نويسن ۽ ترجما نگارن ۾ ٿئي ٿو. 1943ع ۾ ”ڪھاڻي“ رسالو ايم آر مائيداساڻي کنيو ۽ ان جي سايي ھيٺ ساڳي سال ”بغاوت“ ناول شايع ڪيائين جو ٽئگور جي ھڪ ناول جو اردو تان ترجمو ڪيل ھو. 1945ع ۾ املا ديويءَ جي قصي ”ديش شيوڪ“ جو ترجمو ڪيائين، جنھن ۾ ان ڪردار جي ديس جي آزادي لاءِ قرباني ڏيکاريل ھئي. 1947ع ۾ ٽئگور جي Two Sisters جي رٿا تي ٻڌل ننڍو ناول ”ننڍي ڀيڻ“ ڪڍيائين، پر اھو الٿو ڪري سنڌي ماحول ۾ بھاريل ھو. ھن ناول ۾ مائيداساڻيءَ جي لکڻي چڱي ۽ سليس آھي. گلي سدا رنگاڻي ھندستان جي سياسي ھلچل ۾ حصو ورتو. سندس ناول”گورا“، اتحاد ۽ ترقي پسند لاڙي جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا.
ديسي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو لاڙو
انگريزن جي دور ۾، سنڌي ادب جي ترجمانگاريءَ ۾ هڪ نئين روايت پئي، جنهن جو وڏو حمايتي مرزا قليچ بيگ هو. ان روايت موجب، سڌي ريت ترجمي جي بدران الٿي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا هئا. ناولن، ڪهاڻين ۽ ڊرامن جي اصلي ماحول، ڪردارن ۽ فلسفي کي تبديل ڪري سنڌي ماحول سان ٺهڪائيندا هئا. ان سلسلي ۾ پروفيسر منگهار ام ملڪاڻيءَ لکيو آهي ته:”الٿي ڪرڻ جو رواج سنڌي ساهت ۾ پيو آهي، سو ٻين ملڪن جي ادب ۾ ورلي ڏسڻ ۾ ٿو اچي. بلڪه اسان جا ديسي سڌريل ساهتن جهڙوڪ هندي، بنگالي، مرهٽي ۽ گجراتي ۾ ڌارين ٻولين مان ترجمو ڪندا ته نالا، مڪاني حالتون وغيره سڀ ان ملڪ جون قائم رکندا. جنهن بابت ڪتاب لکيل هوندو، ته انهن کي ڦيرائي گهيرائي هرو ڀرو هندستاني حالتن سان ٺهڪائيندا، جيئن سنڌي ترجمان ڪن ٿا. انهيءَ عادت جي برخلاف ٻه سبب آهن: هڪ ته ڌارين حالتن کي مروٽو ڏيئي ڏيهي رواجن سان ٺهڪائڻ اڪثر ڪري ناممڪن آهي، ۽ جڏهن ڌاريون رسمون ڏيهي زندگيءَ سان ڦهڪائڻ ۾ ٿوري ئي ڦڪائي ٿي، ته ڪهڙو به زبردست ڪتاب ترجمي ۾ بي اثرائتو ٿيو پوي“.(10)
پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻيءَ جو ”پاڪ ۽ پاڪيزگي“ ، مشهور انگريز ناول نگار ٿامس هارڊي جي ناول Tess of Durbereillies جو الٿو آهي. جيتوڻيڪ پروفيسر ڀمڀاڻيءَ جو ترجمو، ٻولي وغيره شاندار آهن، پر ان جو ماحول سنڌيءَ سان ٺهڪي ڪو نه ٿو. ساڳي انگريز ناول نگار جي هڪ ٻئي ناول Mayor of Casterbrdge جو الٿو پروفيسر شاهاڻيءَ ”بلو کوکر“ جي نالي سان ڪيو، ڪتاب جي مهاڳ ۾ وضاحت به ڏنائين، پر ماحول جي زبردستيءَ ڀيٽ ڪئي وئي آهي. پروفيسر رام پنجواڻيءَ هال ڪين جي ناول Eternal City جو الٿو ”پدما“ جي نالي سان ڪيو.
مشهور ماهر تعليم ۽ اديب محمد صديق ميمڻ ڪيترائي درسي، اصلاحي، تاريخي ۽ افسانوي ۽ شاعري جا ڪتاب لکيل اٿس. محمد صديق ميمڻ اردو مان ٻھ ناول ترجمو ڪيا، جن جو اصل ليکڪ راشد الخيري ھو. ھي ناول ”صبح زندگي“ ۽ ”شام زندگي“ تان 1922ع ۾ ترجمو ڪيائين ۽ نالو رکيائين ”حياتيءَ جو پھريون دور“ ۽ ”حياتيءَ جو ٻيو دور“.مگر سنڌ جي حالتن جي پٽاندر ان ۾ ڦير گهير ڪئي وئي آھي. ھي ناول سماجي ۽ گهرو زندگي ۽ سنڌ جي عورتن جي رھبري جي ڏس ۾ لکيو ويو آھي. ڪتاب جي ديباچي ۾ مترجم لکي ٿو ته ”ھي ڪتاب حياتيءَ جو پھريون دور“، انھيءَ مراد سان لکيو ويو آھي ته پڙھندڙ کي چٽي طرح خبر پوي ته نينگرين کي تعليم ڏيڻ ڪيتري قدر ضروري آھي ۽ انھن جي پرورش ۽ سنڀال ننڍي ھوندي کان وٺي سامائجڻ تائين ڪھڙي طرح ھئڻ گهرجي. وندرائيندڙ ۽ مؤثر آکاڻيءَ ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو ويو آھي ته ماءُ – پيءُ تي نياڻين جا ڪھڙا حق آھن، ۽ نياڻين جا ڪھڙا فرض ھئڻ گهرجن، جو پاڻ کي ھر حال ۾ تسلي رکي سگهن ۽ پنھنجا سونپيل ڪم فضيلت سان سنڀالي سگهن“.(11)
الٿو ڪرڻ سان سنڌي ناول نگارن پنھنجي ضرورت تحت ڪافي نواڻ پيدا ڪئي. ترجمي ڪرڻ وقت سنڌي ثقافت، ريتن رسمن، تاريخ ۽ سنڌي ماحول جو خاص خيال رکيو ويندو ھو. مثال طور انگريزي ناول نگار پنھنجي منظر سجائڻ لاءِ جتي وڻن جو ذڪر ڪري ٿو ته کيس ايرو ڪيريا، پالم، سرو ۽ ڪوڪونٽ ٿو ياد ڪري، پر ساڳي جاءِ تي سنڌي ناول نگار جي سرنھن، ٽالهي، پپر، ٻٻر سان منظر کي سجائي ٿو. اھڙي طرح سنڌي سماج ۾ موجود ريتن ۽ رسمن ۽ معاشرتي حالتن کي وڏي اھميت ڏني وئي آھي.
حوالا:
1. ڊاڪٽر غلام علي الانا : “سنڌي ادب جا نوان موڙ”، (مهراڻ4/1975)، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص 158
2. ڀيرومل مهرچند: ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“، روشني پبليڪيش، ڪنڊيارو، 2006ع
3. رسول بخش پليجو (سياسي ادب) ڀاڱو پهريون سهيڙيندڙ جامي چانڊيو نومبر2005 ڇپائيندڙ سي.پي.سي.ايس، ص 48
4. ڪريم بخش خالد:”سنڌي ٻوليءَ ۾ عالمي ادب“، ماهوار پيغام، سنڌ جو سڌ سماءَ وارو کاتو، ڪراچي،1985ع
5. راڌاڪشن چانڊواڻي: ”ٽئگور جو سنڌي ادب تي اثر“،عوامي آوزا سنڊي ميگزين، 22 آگسٽ 2011ع
6. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي: ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“،انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1981ع، ص 147
7. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 97
8. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي: ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“،انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1981ع، ص 147
9. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 93
10. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”ادبي اصول“، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 2007ع، ص 34 ۽ 35
11. محمد صديق ميمڻ: ”حياتيءَ جو پھريون دور“