آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ۾ عورتن جو ناول ۾ حصو
”ناول سماج ۾ رهندڙ فردن جي عمل ۽ ردعمل جو امين آهي. ناول سماج جي سياسي، سماجي ۽ نفسياتي پاسن جو ڇيد ڪري ٿو. ناول شعور کي مادي دنيا جي تناظر توڙي اتناظر ۾ ڏسڻ جي پڻ ڪوشش ڪري ٿو. اهڙي نموني سان اهو خوابن ۽ حقيقتن کي گڏي هڪ نئين دنيا تخليق ڪرڻ جا گس به ٻڌائي ٿو. ارڙهين ۽ اڻويهين صديءَ جي پڪارو يا سپر رومانوي ناولن کان ويندي ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ جي حقيقت پسنديءَ وارن ناول جو مطالعو ڪبي ته عورت جو چهرو هرون ڀرون مڪروهه ڪري ڏيکاريو ويو آهي. پر ٿامس هارڊي جي ”ٽيس“ ۽ ورجينيا وولف جي شعور جي وهڪري ۾ لکيل ناولن جي عورت سماج ۾ مرد جي ضابطي کي للڪاريندي مٿي نڪري اچي ٿي.انقلاب جي ڪک مان ڦٽندڙ ليکڪ يانگ مو کان ويندي سرمائيداريءَ کي جنم ڏيندڙ ڪالونيل ملڪ برطانيا جي سر ڦرئي ليکڪه ڊي ايڇ لارينس جي ناولن ۾ عورت مرد جي مقابلي ۾ نهايت اڳڀري نظر اچي ٿي.انگريزي ادب ۾جين آسٽن (1715- 1865) اميلي برونٽ (1818- 1848) مسز گاسڪل (1810- 1865) جارج اليٽ (1819- 1880) ورجينا وولف (1882- 1941) وغيره جهڙا وڏا نالا ملن ٿا. هتي اردو ادب ۾بانو قدسيه، رضيه بٽ، وحيده نسيم به نالي واريون ليکڪائون آهن“.
عام طور تي جڏهن ادب ۾ عورت جي ڪردار جي باري ۾ ڪتاب پڙهبا ته اهي عورت جا مختلف روپ ٻڌائيندا آهن، جن کي عموماً پيش ڪيو ويندو آهي. (Images of women in Literature) جي ليکڪا ميري اين فرگوسن عورت جا ڇهه اهڙا روپ ٻڌايا آهن. جيڪي مذهبي ادب ۽ ڏند ڪٿا کان وٺي هن وقت تائين تخليق ٿيندڙ ڪهاڻين، شعرن ۽ ڊرامن وغيره ۾ ڏنا ويا آهن:
1. فرمانبردار زال (Submissive Wife)
2. ماءُ (ماءُ جي روپ ۾ ڪا به عورت ) (The Mother)
3. مرد تي حاوي عورت (Dominating wife)
4. حسين محبوبه جيڪا اوچي آسڻ تي هجي (Women on Pedestal)
5. جنسي علامت يا رانديڪو (Sex Object)
6. ڇڙي يا اڪيلي عورت (Woman without man) “.
مرزا قليچ بيگ جو مشهور ناول ”زينت“ جيڪو 1888ع ۾ لکيو ويو. ان ناول ڇپجڻ کان پوءِ ماڻهن پنهنجن ڌيئرن جا نالا زينت رکڻ شروع ڪيا ۽ ڌيئرن کي تعليمي ادارن ۾ موڪلڻ شروع ڪيائون. سنڌي ناولن جي صرف نالن کي ڏسبو ته 60 سيڪڙو ناولن جا نالا عورتن سان منسوب ملندا. جڏهن ته سنڌي ليکڪائن جي ناولن تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته انهن ۾ عورت جي مڪمل نفسيات سامهون آئي، جنهن ۾ هنن جنس سميت سندس هر مسئلي تي لکيو هو. سنڌي مرد ڪهاڻيڪارن عورت جي حق ۾ بي جوڙ شادين خلاف لکيو، جن ۾ جوان عورتن جي ٻارن يا پوڙهن سان شاديءَ سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن يا حق بخشائڻ سبب جوان عورتن جي فطري جذبات کان انڪار سبب ٿيندڙ ردعمل ۾ سماجي اخلاقي قدرن کان بغاوت وغيره تي کلي حمايت ملي ٿي.
ناول جي صنف ۾ عورتن جو شاندار ڪردار آهي. سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪا، محقق ۽ نقاد، پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿي. سندس 100 کان وڌيڪ تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون سنڌي زبان جي مختلف اهم رسالن کان سواءِ هند جي اهم رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. هن ’ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر‘ عنوان تي علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهنمائيءَ ۾ 1997ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي، جيڪا بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع به ٿي آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌي ٻوليءَ جي نالي واري محقق آهي، سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. هن عورتاڻي ادب تي ڪيترائي مضمون لکيا آهن، جن ۾ سنڌي ناول ۾ ”سنڌي ادب ۾ عورت جي خودمختياريءَ جو تصور“ به اهم آهي. هندستان ۾ پروفيسر رخمني سندر چئنراءَ Woman in Sindhi novel (سنڌي ناول ۾ عورت جي روپ)جي عنوان سان پي.ايڇ.ڊي ڪئي آهي، جيڪا 1990ع ۾ شايع ٿيل آهي.موجوده دور حسين مسرت شاهه، جيڪا ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر به آهي ته سوشل ايڪٽيوسٽ به، تنهن، سنڌي ناول جي حساب سان” سنڌي ناولن ۾عورت جي خودمختياريءَ جي تصور“ جي عنوان سان پي.ايڇ.ڊي ڪئي آهي. پوپٽي هيراننداڻي جا به ان سلسلي ۾ ڪيترائي مضمون لکيل آهن. ان کان علاوه، ٻين به ڪيترن ئي عورتن سنڌي ناول جي تحقيق ۽ تنقيد جي لحاظ کان مضمون لکيا آهن.
سنڌي ناول جي شروعات انگريز دور ۾ ٿي ته ان دور ۾ گُلي سدارنگاڻيءَ ”اتحاد“ ۽ ”گورا“ جهڙا شاندار ناول لکيا. آزاديءَ کان پوءِ هند ۽ سنڌ ۾ الڳ ناول لکيا يا ترجمو ڪيا آهن، پر انهن جي ناولن جو محور خود ”عورت“ آهي. هند ۾ پوپٽي هيراننداڻي، سنڌيءَ جي بيباڪ ليکڪا ٿي گذري آهي. سندس چار ناول :”منجو“ (1950ع) ”حسرتن جي تربت“ (1961ع)، ”جيءَ ۾ جهوري تن ۾ تات“ (1966ع)، ”سيلاب زندگيءَ جو“ (1981ع) لکيا. سندري اتمچنداڻي، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ مضمون نگار طور نڀائيندي پئي اچي. سندس ناولن ۾ ”ڪرندڙ ديوارون“ (1953ع)، ”پريت پراڻي ريت نرالي“ (1956ع) ”ٽٽل ساز“ (ترجمو 1956ع) ”ھڪ سسئي سؤ سور“ (1965ع)، ”توجنين جي تات“ (1970ع)، ”ڀوري“ (1979ع) ”ٻنڌڻ“ (1982ع) ”يگانتر“ (1979ع) ۽ ”کيڙيل ڌرتي“ (1992ع) وغيره شامل آھن. تارا ميرچنداڻي پڻ برک ليکڪا، ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار آهي، هن جا پنج ناول ’ڪومايل ڪلي‘ (1949ع)، آشا (1950ع)، هٺ يوگي (ٻه ڀاڱا: 1998ع)، لهرن جي گونج (1992ع) ۽ ’سورج جي پهرين ڪرڻ‘ (1998ع) پڻ شايع ٿي چڪا آهن“.
ريٽا شھاڻي جو ھندستاني سنڌي اديبائن ۾ وڏو نالو آھي. سندس ھيل تائين مختلف صنفن ۾ ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن. سندس ناولن ۾ ”ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ“ (1985)،”چنڊ کان سج تائين“ (1987ع)، ”پرهه جا پياڪ“ (1952ع)،”ڇهه مئي“ (1995ع)،”گونگي گگن سان گفتگو“ (2001ع)، ”ترڪڻا ترورا (2004ع)، ”ست سر- ست ڏينهن“ (2004) ۽ ”ميران سان وارتا لاپ“ شامل آھن.ايشوري جوتواڻي جي ناولن ۾ محبت جو تياڳ (1955ع) ۽ ”الفت جي آگ“ (1956ع) اھم آھن. ڪلا پرڪاش، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. سندس ڪهاڻين ۽ ناولن جا ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن، جهڙوڪ: ’آرسي آڏو‘ (1992ع)،’وقت وٿيون وڇوٽيون‘ (1989ع)،’پيار‘ (1997ع)،’سمنڊ ۽ ڪنارو (2004ع)، ’اوکا پنڌ پهاڙ جا‘ (ناول: 2010ع)، ۽ ٻيا. پويون ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو انعام يافته آهي.وينا شرنگي، آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس تان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪافي ڪم ڪيو آهي. هن جي ڪهاڻين، سفرنامن ۽ يادگيرين جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، اهڙيءَ طرح رتنا گوديا ’رولاڪ‘ پوني جي ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ شاعره جا به ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن، جهڙوڪ: ’محبت جي منزل‘ (ناول)،’سون ورني ڪنوار‘ (ناول: 2002ع)، وغيره شامل آهن“.
آزاديءَ کان پوءِ، سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ حوالو بادام ناتوان (1930-1988ع) جو ڏنو ويندو آهي. حوالن ۾ سندس ناولن جو ذڪر آيو آهي، پر اهي شايد شايع ٿيل نه آهي. جڏهن ته سندس مضمونن جا ڪتاب شايع ٿيل آهي. جڏهن ته پهريون شايع ٿيل ناول عائشھ پٺاڻ جو ناول ”پوجارڻ“ ملي ٿو، جيڪو 1957ع ۾ شايع ٿيو. ٻيو ناول غلام صغران گل ڀٽيءَ جو ناول”خزان جا موتي“ آهي، شاھده زيب جو ناول ”پريت جا پوڄاري“ شايع ٿيا آھن. ماهتاب محبوب، سنڌ جي برک ليکڪا آهي، جنهن سنڌ جي مڊل ڪلاس جي گهرن جون سماجي ڪهاڻيون لکيون آهن. سندس ٻه ناول ’خواب خوشبوءَ ۽ ڇوڪري‘ ۽ ’پيار پناهون ڇانورا‘ ڇپيل آهن. ثريا سوز ڏيپلائيءَ شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون. سندس قسطوار ناول ’نيڻن ننڊ اُڏائي‘ سنڌ ٽائيمس ۾ ڇپيو. سندس پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز ’محمد عثمان ڏيپلائي ۽ سندس سنڌي سماج تي اثر ‘ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو آهي.
ج. ع . منگهاڻي جو پورو نالو جنت خاتون آھي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن، جنھن ۾”رڃ“ (ناول 2007ع) شامل آھن. سندس ناول ”ڪڙي منجهه حساب“ روزانھ ھلال پاڪستان ۾ 1982ع ۾ قسطوار پڻ شايع ٿيو. ناول ”رڃ“ شاهه لطيف جي بيتن جي ڇانو ۾ لکيل آھي ھر مسئلي ھر موقعي کي ڀٽائي جي بيتن جي ھنج ۾ ڪري محبت ڀري ڪھاڻي لکي ويئي آھي. فاطمھ عباسي جو ناول” گورھا پورا جي ديوي“(1995) ترجمو ڪيو. جميس هيڊلي چيز (1906-1985ع) انگريزي ناول نگار هو. اڪثر ڪري سنسني خيز ڪهاڻيون ۽ ناول لکندو هو. سندس ٻئي ناول عورت جي ڪمزورين ۽ مجبورين کي پيش ڪن ٿا. سيده شبانه سنڌي نه صرف سٺي ڪهاڻيڪاره آهي. بلڪه ناول نگار به آهي. سندس ڪتابن ۾ “سپنو ساڀيان ساڻ” (ناول 2005ع)،“هڪڙي هئي نمي” (ناوليٽ 2010ع)، “اداس سانجهي” (ڪهاڻيون - 2009ع) شايع ٿيل آهن. ڪزبانو سنڌوءَ جو ناول ”منھنجي چاھتن جي منزل“ ٢٠٠٦ع ۾ شايع ٿيو. ھي ھڪ سماجڪ ناول آھي، جنھن ۾ سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي وھمن ۾ وڪوڙيل ۽ احساس ڪمترين جي ماريل ريشمان ”علم جي روشني ڦھلائڻ“ جو مقصد کڻي اڳتي وڌي ٿي، پنھنجي ان مقصد جي حصول لاءِ تمام وڏيون قربانيون ڏئي ٿي ۽ ڪزبانو ڪمال حسن ڪارڪردگي ذريعي ان ناٽڪ کي سمورن رشتن سان جنھن انداز پيش ڪرايو آھي. ناٽڪ جو پنھنجي ان محبوب دوست، سھيلين، ظالم مڙس، ماءُ، ڀاءُ، ڀاڄائي ۽ ٻين ڪردارن سان نڀاءُ سندس ڪردار نگاريءَ جي فن کي واضح ڪري ٿو، جيتوڻيڪ ھوءَ انھن ڪردارن سان ڳالهائيندي ڪٿي تون ۽ ڪٿي توھان جو جيڪو استعمال ڪري ٿي، سو ڪٿي آئڙي به لڳي ٿو ڪٿي فطري به لڳي ٿو. شگفتھ شاھھ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. ھو سٺي ڪھاڻيڪاره، ڊراما نگار، ڪالم نگار ۽ ناول نويس آھي. سندس ناول ”جڏھن ٽڙندا ڳاڙھا گل“ ھڪ رومانوي ناول آھي، جنھن ۾ ھيروئن يونيورسٽيءَ جي استاد ۽ آرٽسٽ آھي. إلينا العلواڻي جا ٻه ناول ”نه ته ڇا“ ۽ ”نٽهڻ ڇانو“ شايع ٿي چڪا آهن. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ناول ”نٽهڻ ڇانَوَ“ شڪارپور جي ڪنهن مرد ناول نگار جو لکيل آهي. هن ناول ۾ ملڪ جي موجوده سياسي حالتن ۽ انهن ۾ ايجنسين جي ڪردار تي طنز ڪئي وئي آهي.
ج ع منگهاڻي صاحبه جو شاندار ناول ”رڃ“ سنڌي ٻولي ۾ لکيل چند ضخيم ۽ وڏن ناولن ۾ رڃ، نه صرف محبت جو لازوال داستان آهي. ناول جوشروعاتي حصو، ڪوهستان جي وڏيرن جي شادي ۾ ٿيندڙ خرچن، محفلن، ميندين، ڳيچن، سنوڻ ساٺن، حويلين جي اندروني ڪهاڻين، نوڪراڻين جي ڀوڳ چرچن تي مشتمل ماحول جي بهترين ثقافتي عڪاسي آهي. شادي دوران ميراثي عورتن جي سرگرمين ۽ نوڪراڻين جي پاڻ ۾ ٿيندڙ نوڪ جهوڪ ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ ڊڪشن، انهن جي ٻين نوڪرن سان معاشقن جي عڪاسي شااندار آهي. ائين لڳي ٿو ته ڪو زبردست قسم جو ثقافتي سوپ سيريل هلي رهيو آهي. اهو به ڏسي سگھجي ٿو ته، ڪوهستاني زندگي ۾ عورت جي عزت ۽ ان جو اثر رسوخ، سنڌ جي ٻين علائقن جي بنسبت وڌيڪ آهي. ڪوهستان جا وڏيرا، پنهنجي گهر جي عورتن سان کل ڀوڳ ۽ ڪچهري به ڪن ٿا. ناول جو سڄو وايو منڊل ئي محبت تي ٻڌل آهي. مرد، عورتون، ننڍا وڏا، امير غريب، سڀ هڪٻئي سان باهمي احترام ۽ محبت جي فضا ۾ ساه کڻن ٿا. هن ناول کي ” دل جي دنيا“چئي سگهجي ٿو جتي جي منطق توڙي اخلاقي قدر نرالا ئي هوندا آهن. نفعي نقصان ماپڻ جا ماڻ به الڳ ئي هوندا آهن. هي جان بيبي جي دنيا آهي جيڪا محبت ۾ انتهائي ثابت قدم، وفادار ۽ مستقل مزاج آهي. سهڻي وانگر، هو سماجي قدرن کي نٿي مڃي ۽ رات جي اونداهي ۾ پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ پهچي وڃي ٿي. کيس دنيا جي ڪا پرواه ناهي. هو هر قسم جا مهڻا طعنا ٻڌي ٿي، مائٽ مٽ هميشه لاءِ ڇڏي، هر قسم جي تڪليف برداشت ڪرڻ جي باوجود به پوئتي نٿي هٽي. شاه لطيف سندس سونهون به آهي ته دوست ۽ همدرد پڻ.
مشهور ليکڪه شبنم گل جو 2015ع ۾ شبنم جو مَکي ڍنڍ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول ‘مَکي کان موڪلاڻي’ شايع ٿيو آهي، جنهن کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، 2015ع جي بهترين ناول جو اوارڊ پڻ ڏنو آهي. تصوف جي موضوع ۽ ٻڌ مت جي فڪر تي محترمه سحر گل جو لکيل ” عشق تمام برهه تمام“ به تمام گهڻو مشهور ٿيو. ناول نگاره سحر گل پنهنجي پاران ۾ لکي ٿي: “ناول جو مرڪزي خيال ٻڌ مت جي روح کي سمجهڻ ۽ ان جي پانڌين جو عشق جي دنيا ۾ پاڻ پتوڙڻ آهي.“
غلام بتول بانو محبوب جوکيو (25 سيپٽمبر 1969ع) ولد محبوب علي جوکيو جو جنم محراب پور، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. هوءَ شاعره ۽ ڪهاڻيڪاره آهي. سندس ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون آهن. سندس ناول ”اَڌ ڏُکوئي آهيان“ 2020ع ۾ شايع ٿيو. هن ناول ۾ هڪ مڊل ڪلاس گهراڻي جي ڪهاڻي آهي. هن ناول ۾ حياء ۽ ملھار جي معصوم محبت به دل کي هڪ عجيب ڪشمڪش ۾ مُبتلا ڪري ڇڏي ٿي ۽ ٻين ڪردارن جي ڪردار نگاري خيال جي خاڪ مان نڪري حقيقت جو روپ ڌاريندي ڀاسجي ٿي. ناول جي ماضيءَ سان شروعات ٿي ڳالهين ئي ڳالهين ۾ آرٽسٽڪ انداز سان فليش بيئڪ ۾ هلي وڃي ٿي ۽ وري وڏي هُنر مَنديءَ سان ماضيءَ مان حال ۾ تحليل ٿي پڙهندڙ کي پڙھڻ جي سحر مان ڇرڪائي حقيقت جي تلخيءَ کي ڪيفيتن ۾ ملائي ڇڏي ٿي ته اکيون نمڪين بڻجي درد جي بيابان ۾ ڀٽڪي وڃن ٿيون ۽ دل ديوانگيءَ جي دانهن بڻجي وڃي ٿي. قمبر سان تعلق رکندڙ مهراڻ ايوب ٻرڙو جا ٻه ناول”سعي“ (سماجي ناول2015ع) ۽ ”عشق جا چاليهه اصول“ (تصوف جي پسمنظر ۽ شمس طبريز ۽ روميءَ بابت لکيل ترجمو ڪيل ناول 2017ع) شايع ٿيل آهن.پارس صنم ڪاظمي ، سدرته المنطهيٰ سميت ھند ۽ سنڌ ۾ ٻين ڪيترن عورتن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جن ادب جي ھن صنف ۾ به پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آھي. ۽ پنھنجو اظھار ۽ جذبات ۽ سماجي عڪاسي ڪندي ناول لکيا آھن.
مددي ڪتاب ۽ رسالا
1. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“، نيو ڪاٺياواڙ، اردو بازار، ڪراچي
2. ڊاڪٽر فهميده حسين:
3. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب تي هڪ نظر“، مڪتبه فريدي، اردو بازار، ڪراچي، 2021ع