لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ناول جي مختصرتاريخ

ھن ڪتاب ۾ مختيار ملاح ناول جي جدا جدا جزن، ناول جي اوسر، سنڌي ناول جي تاريخ، ناول جي رجحانن، ورھاڱي کان اڳ ۽ ورھاڱي کانپوءِ سنڌ ۽ ھند ۾ لکيل ناولن جو سرسري جائزو ڏنو آھي. 

Title Cover of book سنڌي ناول جي مختصرتاريخ

آزاديءَ کان پوءِ جا ڪي مشھور ناول نگار

محمد عثمان ڏيپلائي (1905-1981ع)
سنڌي ادب ۾ جيترا ناول محمد عثمان ڏيپلائي لکيا آھن يا ترجمو ڪيا آھن ان جو ڪو مثال نه اڳ موجود ھو ۽ نه ھينئر موجود آھي. ذاتي صلاحيتون ته منجهس ننڍپڻ کان موجود ھيون. ان ڪري گجراتي، گرمکي، ھندي، اردو ۽ انگريزي زبانن جي ادب مان استفادو ڪيائين. آزاديءَ کان پوءِ به ھن اسلامي تاريخ جي پسمنظر ۾ سوانحي ۽ تاريخي ناول لکيا ۽ ترجمو ڪيا، پر هاڻي سندس انهن ناولن ۾ قومپرستيءَ جا لاڙا شامل ٿيا. سندس ناولن جي ٻي خوبي اھا آھي ته ھن جي ناولن ۾ سماجي ۽ معاشي مسئلن جي اپٽار ملي ٿي. ھن جي ناولن جي ٽين خوبي اھا آھي ته انھن ۾ ترقي پسند لاڙا، مسلسل جدوجهد، ڏاڍ ڏمر خلاف آواز بلند ڪرڻ، ۽ سورھين جي سورھيائي بيان ڪرڻ جا انيڪ مثال ملن ٿا. سندس ناول جي چوٿين خوبي اھا آھي ته ھوناول جي بي حد دلڪش منظر نگاري پيش ڪري ٿو. پڙھندڙ ائين محسوس ڪري ٿو ڄڻ اھو سڄو منظر ھن جي اکين اڳيان ھلي رھيو آھي.
آزاديءَ کان پوءِ وارن محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ناولن لاءِ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکيو آهي ته ”محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ناولن ۾ ڪجهه وقتي مسئلن جي خبر پوي ٿي، جيئن سماجي برايون، پير پرستي وغيره. هن صاحب جي ڪن ناولن کي ضنط به ڪيو ويو“.(1) محمد عثمان ڏيپلائي لکڻ جي شروعات ورھاڱي کان گهڻو اڳ ڪئي ھئي. آزاديءَ کانپوءِ به هن ڪيترائي تاريخي، سماجي ، قومپرستيءَ تي مبني ناول لکيا ۽ ترجمو ڪيا.
1948ع ۾ ڏيپلائي صاحب جو ناول ”سلطان ٽيپو شھيد“ اسلاميھ ادارا لاشاعت حيدرآباد طرفان شايع ٿيو. ھي طبعزاد ناول ٽيپو سلطان جي بھادري متعلق ھڪ تاريخي ناول ھو. 1949ع ۾ ساڳي اداري طرفان ڏيپلائي صاحب جا ٽي تاريخي ناول شايع ٿيا. جن ۾”غازي احمد شاهه ابدالي“، ”مسلمان بادشاھھ“ ۽ ”مسلمان عورت“ شامل آھن. 1950ع ۾ ڏيپلائي صاحب جو تاريخي ناول ”روم جي راڻي“ شايع ٿيو، ھي ناول اسلامي پسمنظر ۾ تاريخي ھو. 1951ع ۾ سندس ”خيبر جون خوبانيون“ ۽ ”سمر قند جا صوف“، شايع ٿيا، جيڪي پڻ تاريخي ھئا. سندس ناول ”مينا بازار“ پڻ 1949ع شايع ۾ ٿيو. ھي اھو زمانو ھو، جڏھن ”قراردار مقاصد“، منظور ٿيڻ جي باوجود اسلامي اصولن جي برعڪس، ملڪ جلد سڌرڻ ۽ جاھل عورتن کي ماڊرن بڻائڻ جي شوق ۾ ڪن صاحب اقتدار جي بيگمات ملڪ ۽ مينا بازار لڳائڻ جو شغل ڪيو. ھن ناول ۾ ھڪ ھنڌ لکيو اٿيس ته:
”انھيءَ مينا بازار ۾ امير عورتن جا لباس ۽ زيورن جا نوان طريقا ايجاد ڪيا ۽ غريب ھنر مند عورتن، پنھنجا ھنر ڪمال ڏيکاريا، پر ڪٿي امير عورتن، غريبن جو ھنر خريد ڪيو، ته وري ڪي اھڙيون امير عورتون به ھيون، جن وٽ ھنر به ھو ته پيسو بھ. اھي نھايت خوش ھيون. ڇاڪاڻ ته انسان جي اصل خوشي ھنر ۾ آھي، نه پيسيءَ ۾“.(2)
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو سومناٿ جي سُندري 1950ع ۾ شايع ٿيو. هي ناول سلطان محمود غزنويءَ جي سومناٿ تي حملن جي تناظر ۾ لکيو آهي. سندس ”شير ايران“1950ع ۾ اسلاميه پريس حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هن ناول ۾ پهرين مهاڀاري جنگ دوران ايرانين جي روسي غلاميءَ کان آزاديءَ جي ڪشمڪش جي پس منظر ۾ لکيل آهي. سندس ناول ” احمد شاهه ابدالي“ اسلاميه دارالاشاعت اسلاميه پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1949ع ۾ ڇپيو. هن ناول ۾ احمد شاهه ابداليءَ جي زندگيءَ بابت لکيو.1917ع واري روسي انقلاب جي نتيجي ۾ بخارا سمرقند وغيره ۾ اٿندڙ انقلابي تحريڪن جي سماجي ۽ سياسي پس منظر ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو سرجيل ناول ” سمرقند جو صوف“ 1952ع ۾ شايع ٿيو.
”محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو”انور پاشا“ 1957ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ کان اڳ اهوناول ماهوا ”انسان“ ۾ قسطن وار شايع ٿيو. انور پاشا جي خلافتي دور ۾ هليل جمهوري تحريڪ دوران ترڪيءَ جو مقبول ترين اڳواڻ هو، پر پهرئين مهاڀاري جنگ ۾ ترڪيءَ جي شموليت جي سندس غلط فيصلي ترڪيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ جلا وطن جي عبرتناڪ ڪهاڻي ناول جي شڪل ۾ سنڌيءَ ۾ پهريون دفعو آئي. دراصل هيءُ ناول، ون يونٽ خلاف مزاحمتي ادب جي هڪ اهم ڪڙي هو، جنهن ۾ سنڌي قومپرستيءَ جي تبليغ ڪيل هئي. نتيجي ۾ ناول کي 1957ع ۾ ئي ضبط ڪيو ويو.
ھن ناول جي پيش لفظ ۾ لکيو اٿائين ته ”وطني آزادي جي علم بردار حضرت انور شھيد عليه الرحمت جي زندگيءَ جا حالات ھر محب وطن جي مطالعي ۾ ھجڻ نھايت ضروري آھن پر سنڌي ادب جي ٻين ڪوتاھين سان گڏ اھا به نھايت افسوسناڪ ڳالهه آھي، جو دنيا ۽ اسلام جي انھيءَ چمڪندڙ ھيري، خواه ٻين ڪيترن ئي اھڙن جانباز جوانن جا حالات سنڌي ۾ نٿا ملن. اڄ ون يونٽ ٿيڻ سبب اسان جو صوبو ڊبل غلامي جي شڪنجي ۾ پيڙجي رھيو آھي، اسان جي 30-35 سالن جي جدوجهد سموري اڪارت ٿي چڪي آھي، جيڪڏھن موجوده صورت مسلسل رھي ته اھو ڏينهن پري ناھي جڏھن سنڌي ڪاٺيون کڻندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ وڃي بچندا. ان ڪري سنڌي قوم کي ھن خوفناڪ تباھيءَ جي غار ۾ ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ نھايت ضروري آھي ته سنڌ جي ٻچي ٻچي کي اھو احساس ڏياريو وڃي ۽ ايندڙ مسئلن کان خبردار ڪيو وڃي“.(3)
ڏيپلائي صاحب جي سڀني ناولن مان ” 1857ع جي آزادي جي جنگ“تي گهڻو شور مچيو ۽ نتيجي ۾ ناول کي ضبط ڪيو ويو. 1957ع ۾ شايع ٿيل ھن تاريخي ناول ۾ 1857ع واري جنگ ۽ ان کان پوءِ واري تاريخ ويندي 1955ع تائين جي اھم سياسي تحريڪن جو نھايت دلچسپ احوال ڏنل آھي. وقت جي حالتن پٽاندڙ ھن ناول ۾ ڦري گهري ڳالهه سنڌ جي غلامي بابت ڪيل آھي. ڏيپلائي صاحب جو خيال ھو ته جيتوڻيڪ اسان انگريزن کان آزادي وٺي چڪا آھيون پر درحقيقت اسان اڄ به انھن وٽ غلام بڻيل آھيون. ڪتاب ۾ 1857ع کان وٺي ننڍي کنڊ جي سياسي تاريخ جو ذڪر نھايت مختصر، جامع ۽ دلچسپ پيش ڪيو ويو آھي. سڄو مقصد پڙھندڙن کي سنڌ سان ٿيل ويساهه گهاتين ۽ ون يونٽ جي زوري مڙھجڻ کان آگاهه ڪرڻ آھي.
سندس ناول”جپاني گڏي“1957ع ۾ شايع ٿيو ۽ ھن ناول تي به بندش پئي. ھي ناول نوبل پرائيز کٽيندڙ آمريڪي مصنف پرل ايس بڪ (1892-1960ع) جي ناول The Dragon Seed جو ترجمو آھي. هي ناول چين ۽ جپان جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي پسمنظر ۾ لکيل آهي، پر محمد عثمان ڏيپلائيءَ، ناول کي سڌو سنئون ترجمو نه ڪيو آهي ، پر مقامي رنگ ڏئي، سنڌي قومپرستي کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ناول ۾ ڏيپلائيءَ اهڙن حالتن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي آزاديءَ کان بعد آيل ڌارين کي سنڌ جو زرعي ذمينيون الاٽ ڪري آباد ڪيو ويو.
ڏيپلائي صاحب جا ناول ترجمو گهٽ، اصلوڪا ۽ سندس پنھنجا وڌيڪ لڳندا آھن. ان ڏس ۾ سندس ناول ”ماءُ“ اھم آھي، جيڪو روسي ناول نگار مئڪسم گورڪي (1868-1936ع) جي مشھور انقلابي ناول “Mother” جو ترجمو آھي. ”ماءُ“ گورڪي جي شاھڪار ناول مان ھڪ آھي. اصلي ناول ١٠٠٠ صفحن کان به وڌيڪ آھي پر ڏيپلائي صاحب ان جو صرف 100 صفحن ۾ ترجمو ڪيو آھي. حقيقت ۾ ناول پنھنجي اصليت وڃائي ويٺو. ھن ناول جو سنڌي ۾ گوبند مالهي پڻ ترجمو ڪيو ھو. هن ترجمي وسيلي ڏيپلائي صاحب سنڌي قومپرستي واري لاڙي کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اھڙي طرح ڏيپلائي صاحب ليوٽالسٽاءِ جي ناول War and Peace جو ترجمو ”جنگ ۽ امن“ جي نالي سان ڪيو ھو. جنھن کي پڻ ھن مختصر ڪري پيش ڪيو. ھي ناول عالمي حيثيت ماڻي چڪو آھي، جنھن ۾ امن ۽ جنگ جي مسئلن، سببن، حل ۽ معاشي ۽ سماجي براين کي پيش ڪيو ويو آھي. پر ڏيپلائي صاحب ان کي انتھائي مختصر پيش ڪيو آھي. جنگ ۽ امن“ (War and Peace) عالمي ادب جو اهو فنپارو آهي، جنهن جي ٻي ڪنهن لکڻيءَ سان ڀيٽ ڪرڻ ۽ مثال پيش ڪرڻ به محال آهي. انهيءَ ناول ۾ پاڻ سچيتائيءَ سان هيڪاندا ڪردار تخليق ڪري انهن کان چابڪ دستيءَ سان ڪم ورتو اٿس. ”سي نيزي پاند“ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو، مشهور روسي ناول نگار آسٽروسٽڪيءَ جي ضخيم ناول Till the Steel was Tempered جو انتهائي مختصر ۽ آسان سنڌيءَ ۾ ڪيل ترجمو آهي. سن 1955ع ۾ زوري لاڳو ڪيل ون يونٽ خلاف سنڌي اديبن، صحافين، دانشورن ۽ شاگردن سخت احتجاجي مهم هلائي، ان تحريڪ ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ تمام گهڻو حصو ورتو ۽ 1958ع واري مارشل لا ۾ کيس گرفتار ڪري جيل ۾ پڻ وڌو ويو. ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۾ ڏيپلائي صاحب دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هليل انقلابي تحريڪن ۽ آزاديءَ جي پسمنظر ۾ ناول لکيا.انهيءَ سلسلي ناول’سسي نيزي پاند‘ 1957ع ۾ يوڪرين ۾ اٿيل انقلابي تحريڪ بابت سرجيل آهي.
هن ناول لکڻ جو مقصد ڏيپلائي صاحب هن ريت بيان ڪيو آهي: ”نونهال پنهنجي قوم ۽ وطن جي آئيندي جا وارث ۽ مالڪ آهن. انهن کي جهڙي تربيت ۽ تعليم ننڍي هوندي ملندي، وڏي هوندي اهڙا ئي بنبا آهن. ان ڪري اهو بلڪل ضروري آهي ته اسان جي نئين ٽهيءَ کي اهڙا سبق سيکارجن، جن ۾ بهادريءَ جو جوهر پيدا ٿئي ۽ وڏي هوندي هو پنهنجي قوم ۽ ملڪ لاءِ مفيد ثابت ٿين، هنن مان احساس ڪمتري نڪري وڃي، جيڪا منجهن بزدل ۽ گدڙ صفت ليڊرن جي پيدا ڪيل هجي ۽ هو مرد ميدان بنجي انهن وحشين ۽ ظالمن سان پوريءَ طرح مقابلا ڪن، جيڪي سندن قوم ۽ وطن جا دشمن هجن.“
سندس ”سانگهڙ“ ناول 1967ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول تاريخي ۽ انقلابي موضوع تي مبني آھي ۽ ڏيپلائي صاحب جي سڀني ناولن ۾ وڏي اھميت وارو آھي. ھن ناول بابت ڏيپلائي صاحب خود لکيو آھي ته ”منھنجو ھي پھريون اوريجنل ناول آھي، جو سنڌ جي عوامي حالات تي مشتمل آھي ۽ انھن چاليھن ڏينهن ۾ لکيل آھي، جو مون حيدرآباد سينٽرل جيل جي سي ڪلاس ۾ گذاريا“.(4)
ھن ناول ذريعي ڏيپلائي صاحب سنڌ جي ھڪ عظيم سپوت ۽ مجاھد پير صبغت الله شاهه راشدي عرف پير پاڳاري جي ھيرو واري ڪردار کي نه رڳو اڀاريو آھي پر ”حر تحريڪ“ جي اھميت ۽ ھر ڪردار کي بيمثال نموني به پيش ڪيو آھي.
”حر تحريڪ“ جنھن کي انگريزن بغاوت جو نالو ڏيئي، ڪيترن ئي مجاھدن ۽ وطن دوستن کي سوريءَ سزاوار ٺھرايو ھو. ھن ناول ۾ ان دور جي سامراج سنڌ جي ايثار پسند مجاھدانھ طبقي يعني حرن جي باھمي جدوجهد ۽ درد انگيز داستان آھي. ناول جو ھيرو ھن تحريڪ جو اڳواڻ سيد صبغت الله شاهه راشدي عرف پير پاڳارو آھي. ھن ناول جا ٻيا ڪردار اسان جي ڏٺل وائٺل، سيٺ، خان صاحب، وڏيرا، آفيسر، ڪماني ڪمشنر، پوليس وارا، ڪڙمي، ڪاسبي ۽ انھن جو عورتون آھن، جيڪي ڪردار ”حر تحريڪ“ يا انساني حقن جي تحريڪ ھلائن ٿا. ھن ناول ۾ ان دور جو سڄو وايو منڊل سامھون اچي وڃي ٿو. سنڌ ۾ حراس وارو ماحول، لڏ پلاڻ، بيچيني، مذھبي جهيڙا، سڄي ھندستان ۾ پھريون مارشل لا سنڌ ۾ لڳڻ وغيره ھن ناول ۾ پڙھي سگهجن ٿا. اھڙي طرح ان دور جون سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي خبر به ھن ناول مان پوي ٿي. ناول جي شروع ۾ ھڪ ھاري گامون ۽ ان جي زال جو دردناڪ داستان بيان ڪيل آھي. ھن ناول لاءِ محترم غلام محمد گرامي لکي ٿو ته ”سانگهڙ“ ناول ۾ حر تحريڪ جي ڀرپور ترجماني ۽ عڪاسي موجود آھي. منجهس پير صاحب جي بلند حوصلائپ، مجاھدانھ ڪردار، ۽ حرن جي ٻڍن ۽ ٻارن، نياڻين ۽ زالن جي بھادرانھ مقابلن، کير پياڪ مائرن جي ايثار ۽ ڪنوارين جي سھاڳ جي قرباني، سنگينن ۽ گولين جي پاڇن ۾ نماز، عشق جي ادائگي جا ولوله انگيز ۽ روح پرور نظارا ملن ٿا، چند اقتباس مثال طور پيش ڪجن ٿا:
”اسين اوھان مان اھي شخص طلب ڪريون ٿا، جيڪي پنھنجا سر اسان لاءِ وقف ڪن، ۽ جنھن به مھل اسين آواز ڏيون، ھو يڪدم اھو پنھنجي ھٿن سان لاھي کڻي اسان اڳيان رکن: اھڙن شخصن کي ”غازي“ سڏينداسين. . . .
”تون ته منڊو آھين، پوءِ غازي ڪيئن ٿو بنجين؟“
”سر ڏيڻ جو ھوڪو آھي، حضور، ڀڄڻ جو پروگرام ڪونھي، جنھن ۾ منڊا منجهي پوندا! . . “.(5)
ھي تاريخي ناول سنڌ جي مجاھدانھ تاريخ جو اھم باب آھي، جنھن تي اھل سنڌ کي فخر ھجڻ گهرجي. ھي ناول ھر نوجوان سنڌي کي ضرور پڙھڻ گهرجي. ھن ناول تي تبصرو ڪندي محترم ڪلا پرڪاش ماھوار سپون ممبئي ۾ لکي ٿي ته ”سانگهڙ پڙھي رھي ھيس ته ھڪ ساٿي ليکڪ چيو ته ناول تمام سٺو آھي، پر ٽيڪنڪ اھو ئي پراڻو. مون کيس وراڻيو ڪنھن مال (Matter) کي رومال (Technic) جي ضرورت ئي نه ھوندي آھي. ھي ناول ڪنھن ٽيڪنڪ جو محتاج نه آھي. ھي ناول ھر دور ھر سنڌي لئبرري ۽ ادبي اداري ۾ موجود ھئڻ گهرجي ته جيئن ھر پيڙھيءَ جو ماڻھو محمد عثمان ڏيپلائي جهڙي ادبي شخصيت کان واقف ٿئي ۽ ”سانگهڙ“ پڙھي اوچي ڳاٽ سان چوي ته اسين شينهن جو اولاد آھيون“.(6)
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو لکيل ناول ”انقلاب ايران“ پهريون ڇاپو 1980ع ۾ اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپيو. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ حضرت آيت الله روح الله خمينيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ايران ۾ آندل انقلاب جو ذڪر آهي.پاڪستان رائيٽرز گلڊ طرفان هن ناول کي سال 1980ع جي بهترين سنڌي ناول جو اعزاز ڏنو ويو. هي ناول ڏيپلائي صاحب جو لکيل آخري ڪتاب آهي. قيمت پنج رپيا اٿس.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي مطابق ”ڏيپلائي جا ناول اڪثر طبعزاد ھوندي ڪن ٻين اردو ڪتابن جي انگن اکرن موجب لکيل آھن. سندس جوش جذبي جي فراواني کي وساري نٿو سگهجي. ھن مڪمل ذمينداري سان ھي ناول لکيا. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ ھو ڏاھر جي ڪردار سان اختلاف ڇڏي، ان جو حامي ٿيو. ”ڏاھري رنگ محل“ جي ڄڻ رد ۾ لکڻ لڳو. ھي دور ڏيپلائي وٽ سنڌين جو دور ھو. نور توحيد ۽ سمر قند جي صوف کي وساري ڏيپلائي ھر صنف ۾ سنڌ جي سورن تي لکيو. ٻئي طرف ھو شھنشاهه ايران جي حڪومت ڊھڻ تي خمينيءَ کي پنھنجي ناول انقلاب ايران ۾ پسي ۽ پسائي رھيو ھو. سانگهڙ ۾ سامراج خلاف لکڻ وارو ھاڻي سنڌ خلاف ٿيندڙ سامراجي سازشن کي وائکو ڪري رھيو ھو. ڏيپلائي اھو نعرو ھنيو، جنھن کي ھن حق ڄاتو“.(7)

قاضي فيض محمد (1908-1982ع)
قاضي فيض محمد سنڌي ادب جو ھڪ تمام وڏو نالو آھي. ھو فلسفي، مفڪر، ڏاھو، دانشور، سياستدان، مضمون نگار ۽ ناول نگار ٿي گذريو آھي. سندس جنم ھالاڻي ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ٿيو. ھن جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن. ناولن ۾ ”جنسار“ (ناول 1956ع)، ”ٻاويهه سو ٻاويھھ“ (ناول 1956ع) ۽ ”اڻ ڄاڻ“ (ناول 1993ع) اھم آھن. قاضي صاحب جي ٻين ڪتابن ۾ ”دردن سندو داستان“ (شاعري ١٩٨٠)، ”سورن سندي سيج“، منھنجو سفر (آتم ڪھاڻي 1999ع)، ”علامھ آءِ آءِ قاضي“، ”ھاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ“ ۽ انگريزي زبان ۾ “Lateefi Sindh in the Search of Turth” شامل آھن.
ادبي دنيا ۾ خاص طور تي ناول ۾ قاضي فيض محمد ڇرڪائيندڙ موضوع متعارف ڪرايا آزاديءَ کان پوءِ سائنس فڪشن کي سنڌي ناول ۾ آڻڻ جو پھريون مثال قاضي صاحب جو آھي.
جديد دور جي بدلجندڙ قدرن جي ڏس ۾ سندس ناول ”ٻاويهه سوٻاويھھ“ وڏي اھميت رکي ٿو.سائنسي فڪشن تي ناول قاضي فيض محمد 1956ع ۾ لکيو ھو. ھن ناول جي خاص اھميت اھا آھي ته ھن ۾ تخليق جي پرواز اڏام کٽولي واري ناھي پر سائنسي ايجادن ۽ ترقي کي ذھن ۾ رکندي مستقبل جو ھڪ سماجي ڍانچو تشڪيل ڏنو ويو آھي، جيتوڻيڪ اھا خيالي آھي پر سندس بنياد سائنس تي رکيل آھي. اھا ھڪ خوش آئيند ۽ مثبت ڳالهه آھي ته سائنس جي اھميت کي تسليم ڪري انھي تي مسقبل کي استوار ڪيو ويو آھي جيڪا روشن خيالي آھي.
هن ناول ۾ قاضي صاحب پنهنجي پياري وطن سنڌ ۽ ان جي غريب ماروئڙن جي بهتر مستقبل جو خواب بيان ڪيو آهي. قاضيءَ جو هيءُ خواب سڄيءَ انسان ذات جي بهتر مستقبل جو خواب آهي. هيءُ ناول، سنڌي ٻوليءَ جي ’سائنس فڪشن’ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ناول ۾ مستقبل ۾ متوقع سائنسي ترقيءَ ۽ اُن ۾ سنڌ جي حيثيت بيان ڪئي وئي آهي .هن ناول جي شروعات هن ريت ڪيل آهي:
”اڄ ٻي تاري ٻئي مهيني سال 2222 جي آهي. اڄ پراڻي زماني کي گذرئي اٽڪل پوڻا ٽي سوء سال ٿيا. هي نئون زمانو آهي. اڳين ڌرتي کي ڌرتا ولاين سڏين ٿا. ائين مارشيا و نسبتا، جپترنا ۽ ٻيا ڪيترائي اڳين سيارن ۽ تارن تي ڳوٺ ۽ شهر لڀي ۽ ٺهي پيا آهن“.(8)
سنڌ جي نامور اديب ۽ ڏاهي سيـاسـتـدان، قـاضـي فيض محمد جو ناول ”جنسار“، آڪٽوبر 1956ع ۾ ڇپيو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد پاران محمد ابراهيم جويي ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي پهرئين ڪتاب جي پيش لفظ ۾ مقبول ڀٽيءَ هن ناول کي سنڌيءَ ۾ اُن وقت تائين لکيل سمورن اصلي ناولن جو صحيح معنيٰ ۾ ’سرتاج‘ سڏيندي لکيو آهي ته ورهاڱي کان پوءِ اهڙا تمام ٿورا ناول لکيا ويا آهن، جن سنڌي ادب ۾ ڪو خاص سڌارو يا واڌارو ڪيو هجي، هن ناول پڙهندي سنڌ جي اڳوڻي سکئي ستابي دور وارا نظاري اکين اڳيان تريو اچن ٿا. ساڳئي وقت تصوير جو ٻيو رخ به نهايت نمايان ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن نه هن سٻاجهي سرزمين جي بيڪس ۽ بيوس انسانن کي ظالم زميندار ۽ سندن ڇاڙتا ڏاڍ جي چڪيءَ ۾ پيڙهين ٿا. ناول کي 20 بابن ۾ ورھايو ويو آھي ۽ ھر باب جو عنوان گهڻو ڪري شاهه جي شعر مان کنيو ويو آھي.
هن ناول ۾ قاضي صاحب سنڌ جي سٻاجهڙن ماڻهن جي اصلوڪي صورت پيش ڪري هن ملڪ جي سنجيده ۽ سمجهدار طبقي کي معاشرتي ۽ ذهني انقلاب آڻڻ لاءِ اثرائتي نموني دعوت فڪر ڏني آهي. قاضي صاحب هي تاريخي ناول قيد جي ڪوٺڙيءَ ۾ ڪاغذ جي ردي ٽڪرن، سگريٽ جي خالي پاڪيٽن وغيره تي لکي ٻاهر موڪليندو ويو، جنهن کي سهيڙي ڇپايو ويو.ھن ناول لاءِ خود ناول نگار لکيو آھي ته ”قيد جي ڪوٺڙين ۾ پنھنجي وطن وارن ماروئڙن کي ياد ڪري، ھي دردن جو داستان لکيم، ”سڀاڳڻ“ کي سورن جو ساٿي ڪيم. شل منھنجي مٺڙي ملڪ ۽ ان جي ماڻھن جون توارون ۽ تارون، ماروئڙا ۽ ماروئڙن جي مٺي ٻولي، جنھن ۾ جيجل ڏنيم لولي، ڏينهن قيامت تائين قائم ۽ دائم ھجن! سڄو ناول سنڌي سماج جي مختلف پھلوئن، جن ۾ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي رومانوي اچي وڃن ٿا، انھن جي زندهه تصوير آھي“.(9)
قاضي صاحب جو ناول ” اڻ ڄاڻ“ 1993ع ۾ سنڌي ساھت گهر پاران شايع ٿيو. ڪتاب جي پبلشر ناز سنائيءَ ناول جي وضاحت ڪندي لکيو ته ”سائين قاضي فيض محمد به ڪيترا ئي ڪتاب لکيا. ھن ناول جو بنيادي نقطو به اھوئي آھي ته انساني ارتقا سڄي دنيا جي سماج ۾، شروع کان انسان جو ڪھڙو ڪردار رھيو آھي ۽ سنڌ وارن ڪھڙو ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌ وارن جيڪو امن ۽ محبت جو پيغام ڏنو آھي. اھو به پيش ٿيل آھي. گڏوگڏ ھن سنڌ ۽ سنڌين مان ڪھڙيون اميدون رکيون آھن، ان جون جهلڪيون به ھن ناول ۾ ڄاڻايل آھن“.(10) موضوع جي لحاظ کان ھي به ھڪ منفرد ناول آھي.

منصور ويراڳي (1930-2008ع)
ھالا جي نالي واري شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، صحافي، ايڊيٽر جو جنم ھالا جي نامياري نعت گو شاعر جان محمد ”آصف“ ھالائي جي گهر ۾ ٿيو. منصور ويراڳي جا پڻ ڪيترائي ننڍا وڏا ناول منظر تي آيا جن ۾ ”شام و سحر“ (١٩٦٥ع)، ”سوري جنين سيج“ (١٩٦٥ع)، ”رت جا ڳوڙھا“ (١٩٧١ع) خاص ناول آھن. منصور ويراڳي ون يونٽ واري دور ۾ قومي تحريڪ جو مڪمل اثر قبول ڪيو. ھن جي ناولن ۾ سماجي، معاشرتي، انقلابي موضوعن جو عڪس جا بجا نظر ايندو. ان کان علاوه زمينداري ظلم، طبقاتي فرق سندس ناولن جو موضوع آھن. اھڙي طرح ھن جي ڪھاڻين جا به ڪيترائي مجموعا شايع ٿيا آھن، جن ۾ خاص طور تي تاريخي ڪھاڻيون قابل ذڪر آھن.

محمد طيب ”نصر پوري“ (1920-1999ع)
محمد طيب ”نصر پوري ولد سچيڏنو خان ابڙو جو جنم نصرپور، ضلعي مٽياري ۾ ٿيو. ھو درس و تدريس جي پياشي سان واسبتھ ھو ۽ ايم-اي، بي ٽي جون ڊگريون ڪيل ھئس. ھن ڪيترن ئي ديني ۽ سماجي موضوعن تي ڪتاب لکيا. محمد طيب ڪجهه ننڍا ناول به لکيا جن ۾ ”گردش افلاڪ“ (1960ع)، ”پيار جي شادي“ (1960ع)۽ ”محبت ۽ فرض“ (1954ع) اھم آھن.
سندس ناول پنھنجي دور جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي تمام سٺي عڪاسي ڪن ٿا. ھن جي ناولن ۾ مذھبي عقيدن موجب صلاح ۽ مشورا پڻ ڏنل آھن. ان کان علاوه ھن جا ناول عام گهريلو زندگيءَ جي ڪھاڻين تي ٻڌل آھن، اھڙا قصا جيڪي اسان کي روزمره زندگيءَ ۾ ملي سگهن ٿا. ناولن جي ٻولي سٺي ۽ وڻندڙ آھي. سندس ناول ”محبت ۽ فرض“ 1951ع ۾ آزاد بوڪ ڊيپو حيدرآباد وارن طرفان شايع ٿيو. ھي سڄو ناول رومانيت ۽ اصلاح تي ٻڌل ھو. اڄ اھي ناول منظر عام تان غائب آھن. ضرورت آھي ته انھن کي ٻيھر شايع ڪجي.

فتح الدين ”بيدار“ مورائي (٥ فيبروري ١٩٣٧)
فتح الدين ولد جان محمد سومرو جو جنم مورو شھر ۾ ٿيو. پرائمري تعليم مورو ۾ حاصل ڪيائين ۽ انگريزي تعليم لاءِ ھالا ويو، جتان 1955ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. 1956ع ۾ انگريزي استاد مقرر ٿيو. ھن ٥٠ کان مٿي ڪتاب لکيا آھن. رحيمھ سيال لکي ٿي ته ”سندس رجحان ديني تعليم ڏانھن رھيو ۽ ديني تعليم تي ڪافي ڪتاب لکيا اٿس. جن ۾ سماجي براين، سماج جي غلط رسمن ۽ رواجن بي انصافي، ظلم، ڏاڍ، رشوت خوري، زخيره اندوزي منافع خوري ۽ ڪامورن جي ڪڌن ڪرتوتن کي وائکو ڪيو اٿس“.(11)ھن صاحب جا سڀ ناول اسلامي پسمنظر ۾ آھن، جن ۾ ”حقيقي علم“ (1955ع)، ”حقيقي دوست“ (1960ع) ”ڇوٽڪارو“ (1961ع)، ”چوڏھين صدي“ (1961ع)، ”عشق جي پوک“ (1963ع) ”جوڳي ڄاڳايوس“ (1965ع) ۽ ”زھريلا ڏنگ“ (1970ع) شامل آھن.

محمد بخش ”جوهر“ (1919 - 2010ع)
محمد بخش ”جوهر“ ولد وريام جتوئي جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. سنڌي جاسوسي ادب ۾ سندس اعلى مقام آهي. هن ورهاڱي کان اڳ جاسوسي ناول ۽ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيا هئا ۽ ورهاڱي کان پوءِ هي واحد ليکڪ هو جنهن جاسوسي ادب جي صنف کي جيئرو رکيو. ڪيترائي طبعزاد ۽ ترجما، جاسوسي قصا، ڪهاڻيون ۽ ناول ترجمو ڪري سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪيو. ورھاڱي کان اڳ ھو ”سڪايل“ تخلص استعمال ڪندو ھو ۽ ”موتمار ترورو“، ”سمٿ جوخون“، ھيبتناڪ چمڪاٽ“، بليڪ جاسوس جو خون“، ”شرلاڪ ھوم کي ڦاسي“، آرين لوڀن جو انتقام“، ”خطرناڪ ڦوھارو“ ”نقاد پوش“، ”چمڪندڙ بجلي“، ”جاسوس ڇوڪري“ ۽ ”راسپوتن“ جهڙا جاسوسي ناول لکيائين.آزادي کان پوءِ، هن روزنامه هلال پاڪستان سان وابستگي اختيار ڪئي ۽ هن پنهنجو تخلص بدلائي ’جوهر‘ رکيو.جاسوسي ادب جي لاءِ هن ماهوار ڊائجسٽ به جاري ڪيو، جيڪو ڪامياب نه ٿيو. هن جا آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس بڪ سيلر ۽ يوسف برادرس بڪ سيلر طرفان ڪيترائي ناول ڇپرايا، جن ۾ ”انسـانـي کـوپـڙي“،”بـاغـي“،”پـڪـو بـدمعـاش“،”خـوفـنـاڪ قـاتـل“،”خوفناڪ خوني“، ”خوفناڪ ڪتو“، ”دغابازي“، ”راج محل جا راز“، ”زبردستي“، ”سکن سان لڙائي“، ”شرلاڪ هومز م جاسوس“، ”شرلاڪ هـومــز جـاسـوس جــا ڪـارنـامـا“ (1959ع)،”شـيـطان جي نـانـي“ (1952ع)،”لـعـل چـڪـرو“ ،”خوني خزانو“ ۽ ”راز پٺيان راز“، ”خوني پڃرو“ (1959ع)وغيره آهن.
محمد بخش جوهر جي ناولن ۾ فئنٽيسي، سائنسي افسانيت جا به تجربا ملن ٿا. سندس ناول تجسس، مار ڌاڙ، جاسوسي ۽ تفريح سان ڀرپور آهن. محمد بخش جوهر جا جاسوسي ناول تجسس ۽ تفريح سان ڀرپور آهن. سند ناول ”اڏامندڙ کٽولو“ آر.ايڇ. برادرس، حيدرآباد پاران 1959 ۾ شايع ٿيو، ڪتاب ۾ ڪل 22 صفحا آهن. ٻيو ناول ”اڏامندڙ ٿالهيون“ باغبان پبلشنگ هائوس، حيدرآباد طرفان 1956ع ۾ شايع ٿيو. هي ناول تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ ان ۾ 328 صفحا ڏنل آهن. اهڙي طرح ناول” اڏامندڙ ڀوت“ ڊيمي سائيز ۾ آهي، جنهن ۾ 70 صفحا آهن. ڇاپو پهريون، محمد يوسف ائنڊ برادرس، حيدرآباد مان شايع ڪيو.سندس جاسوسي ناولن تمام گهڻي شھرت حاصل ڪئي. ھن جي ناولن ۾ ھڪ پنھنجو ماحول آھي، جادوگر، ڏائڻيون، محل، ديو، دغا باز دوست، مئلن جو کوپڙيون وغيره وغيره مطلب ته سندس ناول وندر جي لحاظ کان شاندار آھن. ان کان علاوه ”ڪڪي“ جهڙا ناول به ھن لکيا جن ۾ سماجي عڪاسي ملي ٿي“.(12)
محمد بخش جوهر ڪرائيم فڪشن، جاسوسي ادب ۽ سائنسي ادب سان گڏو گڏ تاريخي ۽ سماجي ناول ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن. انهن مان ڪجهه جو تعارف هن ريت آهي:
محمد بخش جوهر جو ناول ”باغي“، آر.ايڇ. احمد برادرس پاران 1952ع ۾ شايع ٿيو. هي ناول تاريخي موضوع تي آهي، جنهن ۾ رومي انقلاب جي هڪ اهڙي ياد آهي، جنهن مان جهموريت جي دشمن بهترين سبق سکيو. هن ناول ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دنيا جون ظالم حڪومتون عوام جي بغاوت سان بدلجنديون آهن. ظلم قائم رهندو آهي، پر ظالم هميشه زندهه رهي نه سگهندو آهي. ناول جو انداز گهڻو ڪري ڊرامائي ڪري پيش ڪيو ويو آهي. ناول جا اڪثر ڪردار شيڪسپيئر جي ڪردارن مان کنيا ويا آهن، مثال طور اٿيلو، مرنڊا، اينٽونيو وغيره. سمورو ناول جنگي معرڪن، سازشن ۽ مهم جوين سان ڀريل آهي.
محمد بخش جوهر جو ناول ” گناهه جون راتيون“، آر.ايڇ. احمد برادرس پاران 1953ع ۾ شايع ٿيو. هن ناول ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ”گنهگار انسانن جا ڪارناما“. هي ناول فوجداري يعني ڪرائيم فڪش جي ذمري ۾ اچي ٿو. هن ناول جي ڪهاڻي ڪلڪتي جي انهن گنهگار انسانن جي آهي، جيڪي هر گهڙي گناهه جي رات ۾ گذري. اٿندي ويهندي سمهندي جاڳندي گناهن جي آغوش ۾ هئا. سندن موت به گناهن جي راتين ۾ ٿئي ٿو. هن ناول ۾ هڪ طرف هڪ مظلوم عورت جون ڪوڪون آهن ته ٻئي طرف ظالم مردن جو خوفناڪ ٽهڪ آهن. هن ناول جي آخر ۾ اخلاقي درس ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ناول جو تاڃي پيٽو شهري ماحول ۾ اڻيل آهي ۽ ناول ۾ آيل واقعا هر شهر ۾ ٿي سگهن ٿا. هن ناول ۾ هڪ عورت، جيڪا ڪنهن امير گهراڻي جي هئي پر ڪاليجي لائيف ۾ غلط صحبت جي ڪري ڀٽڪي پئي ۽ پوءِ مسلسل بدڪردار مردن جي حوس جو شڪار ٿيندي رهي. انهن مردن جي ڪرتوتن ۽ عيبن جي کيس هر شيءَ معلوم هئي.
محمد بخش جوهر جو ناول ”ڪاليجي ڪڪي“، آر.ايڇ. احمد برادرس پاران 1953ع ۾ شايع ٿيو. هي ناول جاسوسي کان وڌيڪ سماجي موضوع تي آهي، جنهن ۾ ٻين لفظن ۾ عورت جي ڇڙواڳ تعليم ۽ محبت جي مخالفت ڪئي وئي آهي. هن ناول ۾ نجمه نالي ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي ڏنل آهي، جنهن پنهنجي ڊائري لکي هئي. سندس شادي هڪ شاهوڪار نوجوان رشيد سان ٿئي ٿي، جيڪو ڪجهه وقت ۾ محسوس ڪري ٿو ته نجمه سان شادي ڪري هن غلطي ڪري وڌي آهي. هڪ ڏينهن رشيد نجمه جي بي رخيءَ جي ڪري مري وڃي ٿو. سندس دوست نثار، جيڪو ناول جو راوي آهي، ان کي نجمه جي ڊائري هٿ اچي ٿي، هو سمورن واقعن ۽ حالتن کي جاسوس وانگر تلاش ڪري ٿو. نجمه انگريزن جي دور ۾ ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪليم نالي هڪ شخص سان محبت ۾ مبتليٰ ٿي، جيڪو کيس فلم جي هيروئن بنائڻ جا آسرا ڏئي لاهور وٺي آيو، جتي کيس شراب، پارٽين ۾ وڏن ماڻهن جي حوالي ڪرڻ ۽ حسن بازار ۾ آڻڻ وارا ڪم ڪرايا. نجمه، جي شادي هڪ شريف ماڻهوءَ سان ٿي، جنهن سان به هو جٽاءُ ڪري نه سگهي. سندس رهيل سموري حياتي پڇتاءَ ۽ بي وسي جي ور چڙهي وئي.
محمد بخش جوهر جو ناول ”زبردستي“، آر.ايڇ. احمد برادرس پاران 1952ع ۾ شايع ٿيو. هي سندس ناول گهڻو تڻو سماجڪ سڌاري واري موضوع تي آهي. هن ناول ۾ ڏيکاريل آهي ته اهي ظالم طاقتون ان انسانيت جا ليڪا لتاڙي،ڪمزور انسانن تي ظلم ڪن ٿا. محمد بخش جوهر واضح ڪيو آهي ته هي ناول ڪنهن اردو ناول تان ائڊاپٽ ٿيل آهي. هي ناول تمام گهڻو مشهور ٿيو هو. ناول موضوع توڙي بيان ۽ عام فهم زبان جي حوالي سان شاندار آهي. محمد بخش جوهر جو تاريخي ناول ”گناه جي پتلي“، آر.ايڇ. احمد برادرس پاران 1957ع ۾ شايع ٿيو. هي هڪ سماجڪ سڌارڪ ناول آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي بيان ڪئي وئي آهي، جنهن کي مجبورين گناهن جي دنيا ۾ ڌڪي وڌو، هوءَ پوري ڪوشش جي باوجود ان گناهن جي دنيا مان نڪري نه سگهي، آخرڪار سندس انجام موت جي صورت ۾ ٿيو.
محمد بخش جوهر جو تاريخي ناول ”سکن سان لڙائي“، آر.ايڇ. احمد برادرس پاران 1953ع ۾ شايع ٿيو. هي ناول واقعاتي ۽ تاريخي موضوع تي آهي. هن ناول ۾ 1947ع جي آزاديءَ کان پوءِ هندستاني مسلمانن جو سکن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ جيڪي فساد ٿيا، هي ناول ان پسمنظر ۾ لکيل آهي. هي ناول مسلمانن جي بهادريءَ جي تصوير آهي. محمد بخش جوهر جو تاريخي ناول ”راج محل جا راز“، آر.ايڇ. احمد برادرس پاران 1953ع ۾ شايع ٿيو. هي ناول مسلمان مجاهدن فتوحات جو هڪ باب آهي.
ان کان علاوه، سندس ٻيا به ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. محمد بخش جوهر جا جاسوسي ناول تجسس ۽ تفريح سان ڀرپور آهن. سندس اڪثر ناول گهڻو ڪري ترجمو آهن ۽ هنن اصل ناول لکندڙن جا نالا ڪونه ڄاڻايا آهن. هن اصل ناولن کي جيئن جو تيئن ترجمو ڪو نه ڪيو آهي، پر انهن ۾ سماجي ۽ تاريخي واقعا به شامل ڪيا اٿائين

راز بلڙائي (1923- 1973ع)
ابو الامين عبدالطيف ”راز بلڙائي ولد عبدالستار جو جنم گهوڙا ٻاري ٺٽي ضلعي ۾ ٿيو. بنيادي طور تي شاعر ھو پر افسانوي ادب سان به خاص لڳاءُ ھيس، سندس افسانن جو مجموعو ”بک ۽ بيڪاري“ جي نالي سان شايع ٿيل آھي. جڏھن ته سندس ناولن ”گناھھ“ (١٩٥٢) ۽ ”شرابي“ (١٩٥٢)شامل آھن.
راز بلڙائي جا ناول سماجي ۽ طبعزاد آھن. انھن ۾ ورھاڱي کان پوءِ واري زندگي جي سماجي عڪاسي ملي ٿي. ھن وٽ رومانوي پھلو به موجود آھي. جيئن ته بنيادي طور تي شاعر آھي، ان ڪري سندس ناولن جي ٻولي شاعراڻھ ۽ دلڪش آھي.سندس باري ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته ”سندس ناولن ۾ وقت جي سماجي حالتن موجب ڪردار ۽ انھن جي زندگي سان واسطو رکندڙ ڳالهيون ناول جي صورت وٺي بيٺون آھن“.(13)
سندس ناول ”گناھھ“ اشاعت بزم بسمل ٽنڊومحمد خان وارن شايع ڪرايو. ھي ناول سماجي اصلاح جي موضوع تي ٻڌل ھو.

شيخ محمد حسين ”ڪنڊياروي (1925– 2002ع)
شيخ محمد حسين ”ڪنڊياروي“ ولد شيخ محمد واصل جو جنم شھر ڪنڊياري ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ٿيو. پاڻ نالي وارو عالم ۽ اديب ھو. سندس ٻھ ناول: ”بولي“ (1958ع) ۽ ”پيار جو سودائي“ (1968ع) شايع ٿيا. سندس ناول ”بولي“ 1958ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو ھڪ سماجي ۽ اصلاحي ناول آھي. ھن ناول لاءِ ڊاڪٽر نور افروز خواجه لکيو آھي ته ”ھن ناول ۾ اھڙا اھڙا واقعا ۽ حقيقتون بيان ڪيل آھن، جيڪي سنڌي سماج ۾ ھميشھ رونما ٿينديون رھن ٿيون. ھن ناول ۾ سنڌي سماج جا نھايت ئي غمناڪ، ڏکوئيندڙ ۽ داغدار پھلو پيش ڪيل آھن، حالانڪ انھن براين مان ڪيترائي خراب نتيجا نڪرندا رھن ٿا. پر انھن کي روڪڻ جي لاءِ اڃا تائين ڪو منصوبو يا ڪو طريقو اختيار نه ڪيو ويو آھي، جنھنڪري اھي برايون روز بروز وڌنديون رھن ٿيون ۽ سڄي معاشري کي تباهه ڪنديون رھن ٿيون“.(14)
ناول ۾ ھڪ علامتي چيز آھي، جنھن جي پس پردهه ھوس ناڪ شيطان صفت، نفس پرست، بي وفا، حيوان نما انسانن جي پوري تصوير چٽيل آھي. ھن ناول ۾ ”بولي“ جي زندگي جي عڪاسي نھايت ئي ڀرپور طريقي سان پيش ڪيل آھي، جيڪا پنھنجي عزت، عصمت کي بچائڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪندي، پنھنجي زندگي ڪشمڪش جي حالت ۾ گذاري ٿي. ھيءَ ھن دور جي ننگ واري غير تمند ۽ شرافت واري طبقي جي ڪھاڻي آھي، جيڪي پيسن جي خاطر پنھنجو ايمان، عزت ۽ حيا شرم وڪڻن ٿا، جيڪي پنھنجين خواھشن خاطر ھڪ شريف ۽ نيڪ سيرت عورت جي عزت ۽ عصمت وڪڻي، پنھنجا پيٽ پالين ٿا ۽ پنھنجي زندگي جون ضرورتون پوريون ڪن ٿا.
شيخ محمد حسين ڪنڊياوريءَ جو ناوليٽ ”پيار جو سودائي“ اداره جديد سنڌي ادب شاھپور چاڪر پاران 1968ع ۾ شايع ٿيو. ليکڪ ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته ”پيار جا سودائي گهڻا ملندا، پر ھتي جنھن پيار جي سودائي جو ذڪر آھي، تنھن سان شايد اڳ ۾ اوھان جي ملاقات ئي نه ھجي. سندس عجيب عشق ۽ نرالي پيارمون کي مجبور ڪيو ته مٿس ڪتاب لکان ۽ جنھن عزت ۽ شھرت جو حقدار آھي، تنھن کان کيس ڇو محروم ڪريان“.(15)
ھن ناوليٽ ۾ شيخ صاحب پنھنجي ڪنھن پياري دوست جي عشق تي لکيو آھي. ناوليٽ ”خفتي“ کي ھيرو جي ڪردار ۾ پيش ڪيل آھي. ناوليٽ سڄو سارو تعريضي (Ironical) انداز ۾ آھي. ناول نگار طنز و مزاح ۾ دنياوي عشق، ماڊرن فيشن، وڏن ماڻھن جي سماجي قدرن تي ٽوڪ ڪئي آھي. ناوليٽ جو پسمنظر حيدرآباد شھر ۾ ڏيکاريو ويو آھي. خفتيءَ جا ھڪٻئي پٺيان ناڪام عشق ۽ نوان تجربا، خفتي انداز آخر ۾ ھن لاءِ ندامت آڻين ٿا.
مطلب ته شيخ محمد حسين جي ناولن ۾ سماج جي مختلف پھلوئن ۽ قدرن جي عڪاسي ڪيل آھي، جنھن ۾ مظلومن جون آھون ۽ دانھون درد ۽ سوز، وفا، جفا، مڪر، فريب، ھوس، اخلاق، عزت، ناموس، نوجوانن جي زندگيءَ ۾ ڪشمڪش، پئئئسي وارن ۽ پوڙھن لاءِ سبق، تلخ معلومات، نصيحت ۽ درد ناڪ نتيجا پيش ڪيا ويا آھن.

انجم ھالائي (1902-1975ع)
سندس اصل نالو آخوند حاجي عبدالرحمان ميمڻ.هو هالا مان شايع ٿيندڙ رسالي ”فردوس هالا“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. سندس تصنيف ”ديوان انجم“ گهڻي مقبول آهي، جيئن ته سنڌ جي سٺن ڪهنه مشق شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. ٻين ڪتابن ۾”ديوان انجم“ (شاعري) ”علم اخلاق“، شمع اسلام ۽ ”حقيقت زندگي“ وغيره شامل آھن. هن افسانوي ادب ۾ به پاڻ ملهايو. سندس ناولن ۾ ”ڪاروان زندگي“ (1952ع)، ”پياري نازنين“ شامل آهن.
سندس ”ڪاروان زندگي“ شاندار ناول آھي. ھن ناول جا ٻھ اھم ڪردار، محمود ۽ حميد آھن. محمود ھڪ سرمائيدار جو اڪيلو پٽ ۽ عياش آھي. جڏھن ته حميد مفلس ھجڻ جي باوجود (صبر) شڪر ۽ ڪفايت شعار آھي. نتيجي طور تي حميد اڳتي وڃي ٿو ۽ محمود سڀ ڪجهه وڃائي وھي ٿو. ھي ناول انتھائي نصيحت جي نڪتن سان ڀريل آھي.
ھن ناول ۾ ڪيترائي اھم ۽ ڪامياب نقطا پيش ڪيل آھن. مثلا پيش لفظ ۾ مصنف خود لکي ٿو ته:”جڏھن ھاري بيدار ٿئي ٿو ته زميندار ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، سواءِ گردن جي جهڪائڻ جي. عورت بيدار ٿي وڃي ته ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهجي، سواءِ ڪنڌ نمائڻ جي وقت آيو آھي. ته عورت بيدار ٿئي ۽ سجاڳ ٿي، پنھنجي ھستيءَ ۽ پنھنجن حقن کي سمجهي، سوچي ۽ سڃاڻي“.(16) انجم ھالائي ” پياري نازنين“ نالي به ھڪ ناول لکيو، جنھن جي متعلق ڪا گهڻي معلومات نٿي ملي. ھي ناوليٽ خطن تي آڌاريل ھو.

ساقي سجاولي (1914-1960ع)
ساقي سجاوليءَ جو اصل نالو غلام محمد ھو. سندس جنم سجاول ضلعي ٺٽي ۾ ٿيو. ھو درس و تدريس جي پيشي سان وابستھ ھو. مذھبي، تاريخي، افسانوي ۽ شاعري سميت اٽڪل ويهه کن ڪتاب لکيائين. سندس ڪتابن ۾ ”پيغمبر“ ناول (1951ع) ”قائداعظم“ (شخصيات)، ”سندري“ (ناول 1957ع)، ”مقدس وطن“ (ناول)، ”بيروزگاري“ (ڪھاڻيون)، ”انسانيت جا دشمن“ (ڪھاڻيون)، ”ڪافر“ (ڪھاڻيون) اھم آھن.
ساقي سجاولي مشھور لبناني ليکڪ خليل جبران جي ناولThe Prophet جو ترجمو ”پيغمبر“ جي نالي سان ڪيو. ھن شاھڪار ناول جا ٻين به ڪيترن اديبن ترجما ڪيا آھن. ناول جو مرڪزي ڪردار مصطفيٰ جيڪو ڏاھو ھو، ھو ٻارھن سال پرديس ۾ رھي ھاڻي پنھنجي وطن ڏانھن وڃي رھيو آھي. جنھن شھر کي ڇڏي پنھنجي وطن ڏانھن وڃي رھيو ھو، پٺ ورائي جڏھن ان تي نظر وجهي ٿو ته سندس خوشي ڏک ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ اھو شھر جتي ورھيھ گذاريا اٿس. ڏک سک جون گهڙيون ڏٺيون اٿس ۽ اھو شھر ڇڏيندي ھڪ عجيب قسم جي اداسي محسوس ڪري رھيو ھو. ٻيڙي ڏي ايندي ڏسي ٿو ته شھر جا مرد ۽ زالون پنھنجا ڪم ڪار ڇڏي سندس پويان اچي رھيا ھئا ته جيئن کائنس نصيحتون ٻڌن. اھي اڳتي وڏي مصطفيٰ کي چون ٿا ته توھان پنھنجي وطن ڀلي وڃو پر اسان کي نصيحتون ڪندا وڃو.
ھن ناول ۾ آفاقي عشق جي اپٽار ٿيل آھي. ساقي سجاولي جو ھي ناول جيتوڻيڪ اڄ ڪلهه اڻ لڀ آھي. ھي ناول ترجمي جي حوالي سان شاندار ھو ۽ پنھنجي دور ۾ ڪافي مشھور ٿيو.
سندس ناول ”ماھرو“ ھڪ رومانوي ۽ سماجي ناول آھي. جنھن ۾ ماھرو جي معصوم حسرتن کي خوبصورتي سان چٽيو ويو آھي.
ناول ”سندري“ 1957ع ۾ آر ايڇ برادرس وارن شايع ڪيو. ساڳي نالي سان گهڻو اڳ خليق مورائي جو پڻ ناول شايع ٿيو ھو، جيڪو تاريخي موضوع تي ھو. ساقي سجاوليءَ جو ناول گهريلو ۽ اخلاقي موضوع تي آھي. ناول”مقدس وطن“ ھن جي قومپرستي ۽ انقلابي سوچن جي ترجماني ڪري ٿو. ون يونٽ ۾ ٻين صوبن سان گڏوگڏ سنڌ مٿان زبردستيءَ ون يونٽ مڙھيو ويو، جنھن سان سنڌ جي سڃاڻپ ختم ڪئي وئي. ھن ناول جو پسمنظر ون يونٽ آھي.
ساقي سجاوليءَ تي خليل جبران ۽ ڪرشن چندر جو وڏو اثر ھو. ھن جي ناولن ۾ پرماري طبقي، آفيسر ۽ وڏيرن جي ظلمن جو موضوع پڻ اثرائتي انداز ۾ پيش ٿيل آھي.

الله بخش ٽالپر (1914-1976ع)
الله بخش ولد رئيس حسين خان ٽالپر جو جنم ڳوٺ دريا خان، ھالا ضلعي مٽياري ۾ ٿيو. ھو مشھور تعليمي ماھر، افسانوي اديب، مضمون نگار ۽ درسي اديب ھو. بحيثيت تعليمي ماھر جي ھن اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولز جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو. ھن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ درسي ۽ ادبي ڪتاب اچي وڃن ٿا. محمد اسلم ٽالپر لکيو آھي ته ”الله بخش ٽالپرجا ڪتاب بار بار ڇپبا رھيا آھن. انھن ڪتابن ۾ ڪي ترجما ھئا ته ڪي ذاتي تجربي ۽ مشاھدي ۽ علم داني جو ثبوت ھئا. مرحوم جي ڪتابن مان ”لوڪ ادب جي مختلف صنفن تي پڻ تحريرون ملن ٿيون“.(17)
سندس ناول ”عجيب شادي“ 1956ع ۾ آر ايڇ برادرس حيدرآباد پاران شايع ٿيو. جيڪو مڪمل طور سماجي ناول آھي. ھن ناول ۾ ناول نگار طنزيھ انداز پڻ اپنايو آھي. سندس ”پرديسيءَ جو پيار“ جامع عربيه پريس، حيدرآباد مان، سال 1952ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، سال 1969ع ۾ شايع ٿيو. ”پرديسي جو پيار“ ۾ ليکڪ پاڻ لکي ٿو ته ھي ناول نه آھي مگر اسان جي روزانھ زندگي جو پورو نقشو آھي. لڳاتار ڪوشش ڪيئن ٿي ڪامياب ڪري، سچائي ڪٿي لڪل آھي، مالڪ جي محبت ڇا آھي، عورت جي پيار جي ڪھڙي حد آھي. ظالم جي برن ڪمن جو ڪھڙو نتيجو آھي. . . انھن سڀني ڳالهين کي واقعات جي پردي ۾ آڻي پيش ڪيو ويو آھي“.(18)
”اُداسيءَ جون آهون“ اداره آواز ادب طرفان، سال 1953ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، آر.ايڇ. احمد ائنڊ برادرس طرفان مدينه پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان سال 1967ع ۾ شايع ٿيو.ھن ناول لاءِ ڊاڪٽر نور افروز خواجه لکي ٿي ته”ھي ھڪ عشقيھ ناول آھي. ھن ناول جو مقصد اصلاح آھي. انھيءَ ڪري ھن ناول ۾ روايتي عشق، وفاداري، قول جي پاسداري، سر ساهه صدقو ڪرڻ ۽ ڪنھن جي ياد ۾ حياتيءَ جون سڀ گهڙيون گهارڻ واري موضوع سان گڏ، ذري ذري ۾ ڪيتريون ئي نصيحتون ۽ اصلاحي پھلو پيش ڪيا ويا آھن“.(19)
ھن ناول ۾ سنڌ جي شھر ٽنڊو محمد خان جو ھڪ فرضي واقعو پيش ڪيل آھي. ھن سڄي ناول ۾ غريبن جي غربت، زميندارن ۽ وڏيرن جي ظلم ۽ عياشيءَ جو تفصيلي ذڪر ڪيل آھي. انھيءَ سان گڏ پيار جي ڪھاڻي به پيش ڪيل آھي. ھيءَ سندس ڪامياب ناول آھي. ھن ناول ۾ ٻولي نھايت آسان، سادي، چوٽين ۽ پھاڪن سان ڀريل، معنيٰ ۽ نصيحت ڀريل جملا پيش ڪيل آھن. هن ناول ۾ ڪنهن جي ياد ۾ حياتيءَ جون باقي گهڙيون گهارڻ وغيره، هن ناول جو مکيه حصو آهن. ناول جي ٻولي سلوڻي ۽ انجو صحيح استعمال طرز نرالي ۽ سنجيده آهي. ناول ”مالهڻ“ 1960ع ۾ منظر عام تي آيو. ھي ناول رومانوي آھي، جنھن ۾ مالهڻ جي ڪردار ۾ اخلاقي، سماجي فرض شناسي جي تلقين ڪئي ويئي آھي. جيئن ته الله بخش ولد خان ٽالپر بنيادي طور تي ھڪ استاد ھو انڪري سندس تحريرن مان نصحيت آميز نڪتا ۽ اخلاق و آدب جا درس ملن ٿا. سندس اڪثر ناولن ۾ رومانوي قصا ۽ اخلاقي نڪتا ۽ نصحيت آموز درس ڏنل آھي.

حافظ شاهه حسيني (1923-1974ع)
سيد حافظ شاهه ’حافظ حسيني ٽکڙ ۾ ڄائو. سندس تخلص ’حافظ‘ هو. 1951ع ۾ بي. اي (آنرز) ۽ ايل ايل بي پاس ڪري، ٽنڊي محمد خان ۾ وڪالت شروع ڪيائين. اداره سـنڌي ادب ٽنڊو محمد خان سندس سرپرستيءَ ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب ڇپايا.ادبي دنيا ۾ ھو ھڪ شاعر ھو ۽ ڪجهه ناول به تحرير ڪيائين جن ۾ ”عورت“ (1956)، ”ڏوھاري ڪير“ (1958ع)، ”چلولي“ (1961ع) ۽ ”تباھي“ (1962ع) اچي وڃن ٿا ۽ ٻين ڪتابن ۾ ”آئين زندگي“ ۽ سندس شاعري جو مجموعو ”پيام غمسگار“ جي نالي سان شايع ٿيل آھي. غلام محمد گرامي سندس باري ۾ لکي ٿو ته ”حافظ شاهه نه فقط ڪامياب وڪيل ھو، پر ان سان گڏ ھڪ سٺو نثر نگار ۽ شاعر پڻ ھو. سندس نثر رنگين، مرصع، دلڪش ۽ پختھ آھي ۽ سندس عبارت ۾ سلاست ۽ ميٺاڄ آھي“.(20)
سندس ناول ”ڏوھاري ڪير“ ۾ حافظ شاهه حسيني پنھنجا ڪردار پنھنجي پيشي مان ڳوليا آھن. ھن سماجي براين جي نشاندھي سان گڏ انھن تي طنز به ڪيو آھي، ڏوھاري ڪير؟ ۾ معاشري جي باعزت ٺيڪيدارن کي پيش ڪيو اٿائين جيڪي شرافت ۾ آڙ ۾ وڏا وڏا گناهه ڪن ٿا.
ھي ناوليٽ ”داستان غم“ ڪرائون سائيز جي 73 صفحن تي مشتمل آھي، ناول ھڪ سادي سودي قصي تي مبني آھي، جنھن سان ھڪ دلچسپ مقالمو ھيٺ ڏجي ٿو؛
ملو ساجن؛ (ڪجهه منھن ۾ گهنڊ وجهي) واهه سائين واھھ! سيدن ۽ پيرن جي نالي کي جاھلن جو نالو سڏيو، ڏسو ٽنڊي الهيار واري پير جو نالو موج درياءُ نه ھو.
خانصاحب؛ (ڪجهه دل ۾ ويچار ڪري) سائين! اسين امتي ماڻھو اسان جو سيدن ۽ پيرن سان ڇا مجال آھي جو انھن جهڙو نالو رکي ساڻن برابري ڪريون.
ناول ”تباھي“ ۾ ھڪ طوائف سان پيار جو درد ناڪ داستان آھي. ھڪ غريب عورت کي ڪيئن سندس حالتون طوائف بنائڻ تي مجبور ڪن ٿيون. ناول جي وضاحت ڪندي ناول نگار خود لکيو آھي ته ”ھي پھريون ئي ڪتاب آھي جو عوام جي وڌندڙ رحجان ۽ طوائف جي محبت ۾ تباه ٿيندڙ خاندانن جي تعداد کي ڏسي لکيو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ جيڪي به درج ٿيل آھي سو خيالي خاڪو نه آھي. سارو حال حقيقت تي مبني آھي، صرف نالن جي ڦيرگهير ۽ مرچ مصالح جي مزيد ملاوت ڪئي وئي آھي جيئن پڙھندڙن کي رکو ۽ خشڪ نه لڳي. ھن ۾ جن به ماڻھن جو ذڪر ڪيو ويو آھي تن مان ڪن جو حال اکين ڏٺل آھي ۽ ڪن جي ماجرا ڪنين ٻڌل آھي طوائف جي طرز گفتگو ۽ طور ملاقات به خيالي نه آھي. ھي حقيقت انھيءَ لاءِ واضح طرح لکي وئي آھي ته جيئن پڙھندڙ ۽ ان معاملي ۾ دلچسپي رکندڙ ائين نه سمجهن ته ھي ڳالهيون واقعات جو مجمع نه آھن پر ڪنھن افسانھ نگار جي خيالي نقشا ڇٽيل آھن ھي ڪتاب کوجنا ۽ جاکوڙ بعد گهڻي سوز ۽ خلوص جذبي سان لکيو ويو آھي ته جيئن عوام ھن مان سبق پرائي. جيڪڏھين صرف ھڪ عدد ڪتاب پڙھڻ بعد طوائفي محبت جا طوق ٽوڙي، بغاوت جو نعرو بلند ڪري، پنھنجي پيا سان سچي محبت ڪندڙ زال جي پاڪ چپن کي چمي ڏني ته ائين سمجهبو ته ھي محنت ثاب پئي“.(21)

عمر الدين ”بيدار“ (1929- 2003ع)
عمر الدين بيدار ولد محمد آچر سھتو جو جنم ڳوٺ دليپوٽا ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ٿيو. ھو ھڪ ئي وقت شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ مضمون نگار ۽ صحافي ھو. ڪيترائي سال ”ھلال پاڪستان“ سان وابستھ رھيو. پنھنجا رسالا به جاري ڪيائين. سندس شاعري جو مجموعو ”ماحول جي مھرباني“ (1964) جي نالي سان شايع ٿيل آھي. ناولن ۾ ”وساريا نه وسرن“ (1962ع) ”مھرو“ (1967ع) ”ٺارو شاهه جنڪشن” شامل آھن. بيدار صاحب جا ناول رومانوي، اصلاحي ۽ سماجي آھن. ھن پنھنجي ناول ۾ ھڪ ئي وقت سماجي، اقتصادي، سياسي، جاگرافيائي ۽ ادبي پھلو کنيان آھن.
”مھرو“ ھڪ سماجي ۽ اصلاحي ناول آھي. ھن ناول ۾ ليکڪ ھڪ ئي وقت سماجي، سياسي، جاگرافيائي ۽ ادبي پھلو نمايان ڪيا آھن. انساني ذھن لاءِ چاهه ۽ معاشرتي لوازمات کان ھن جو مشاھدو گهڻو گهرو ڏسجي ٿو. سندس ناول جي خاص ڳالهه ڪردار نگاري آھي. ”مھرو“ جي ڪردار کي ھئين پيش ڪيو اٿائين. ”وچولي قد جي، پري مثل ھي عورت جي حسن جو جيئرو جاڳندو ۽ لاجواب نمونو ھئي، جنھن کي طالب پنھنجي مفھوم ۾ ”مھرو“ سڏيندو ھو، ڳالهين ئي ڳالهين ۾ کيس ذھن نشين ڪرائي ڇڏيو ھئائين ته سندس مھربان طبيعت ۽ من موھيندڙ مھانڊي جي تشبيهه لاءِ ھن سندس لاءِ اھو ئي مناسب خطاب پسند ڪيو ھو“.
”جيڪڏھن عورت محبت ۾ اچي ته پوءِ سموري جوابداري مرد جي آھي، وڻيس ته کيس انسانيت جو روشن چراغ بنائي نه ته کيس عام نگاھن جي آڏو وٺي، ھوس وارن خيالن جو حدف بنارائي.“
سندس ٻيو ناول ”ٺارو شاهه جنڪشن“ 1988ع ۾ اديون، ڪراچي طرفان شايع ٿيو ۽ پوءِ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. ناول ٺارو شاھ جنڪشن، ھڪ نيم تاريخي ڪھاڻي آھي جيڪا 1946 کان برصغير جي ورھاڱي جي وقت تائين جي سياسي، سماجي، اقتصادي،تھذيبي، طبقاتي، ثقافتي، قومي ۽ بين القوامي حالتن تي مختصر روشني وجھي ٿي . ناول جو پھريون ڪردار ھڪ ائنگلو انڊين ميڪنڪ انجنيئر ، فلپ ،جيڪو 1946 ڌاري سنڌ ۾ رھڻ دوران جيڪي ڳالھيون ڪري ٿو ، تن مان ان دور جي سياسي، سماجي، تھذيبي، طبقاتي، ثقافتي، اقتصادي ۽ بين القوامي حالتن تي ڪجهھ روشني پوي ٿي.
ھن ناول جو ٻيو ڪردار، فلپ جي محبوبا ، 28 سالا جون ، جيڪا آرمي آفيسر آھي ۽ ٻي مھاڀاري جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ موڪل تي پنھنجي پيءُ آرٿر وٽ ڀريا روڊ ريلوي اسٽيشن تي رھندڙ ريلوي آفيسر وٽ آيل آھي . ھن ناول ۾ جون، پنھنجي ڊائريءَ ۾ اھم مسئلن کي زير بحث آندو آھي .ھن ناول ۾ ٻه ٽي ڪردار بنهھ ديسي ۽ بنيادي سوچ وارا نظر اچن ٿا جن جو مشاھدو ڄڻ ته سنڌ جي جديد تاريخ جي اپٽار آھي. ناول ۾ ھندن جي اقتصادي ۽ سماجي برتري ۽ مسلمانن جي بي وسي بيان ڪيل آھي. ناول ۾ بيان ڪيو ويو آھي ته لڏ پلاڻ دوران ويندي ويندي ھر مسلمان کي ذھن نشين ڪندا پيا وڃن ته سندن وڃڻ کان پوءِ ٻاھران اھڙي مخلوق ايندي جنھن ھٿان سندن ڪجهھ به محفوظ نه رھندو.
مطلب ته عمر الدين بيدار جا لکيل ناول سياسي، سماجي ۽ اصلاحي ناول آھن. ھنن ۾ سنڌي معاشري جي عڪاس پيش ڪيل آھي. سندس ٻولي نھايت سادي وزن دار ۽ پرلطف آھي. سندس ناول موجوده دور جي ناولن ۾ پختي پلاٽ وارا ۽ ڪامياب ناول آھن.

گل حسن نصر پوري (1937-1965ع)
گل حسن نصرپور ضلعي مٽياريءَ جو رھواسي ھو. ننڍي وھي ۾ وفات ڪيائين. پنھنجي دور جو سٺو شاعر ۽ نثر نويس ھو. سندس ڪيترائي شعر مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل آھن. جڏھن ته سندس واحد ناول ”دريا جي ڪپ تي“ 1960ع ۾ شايع ٿيو.
ھن ناول لاءِ ڊاڪٽر نور افروز خواجه لکيو آھي ته ”ھي ھڪ سماجي ناول آھي، جنھن ۾ رومانوي پھلوءَ سان گڏ، زندگيءَ جون لاھيون چاڙھيون، قرب ۽ پيار جي دنيا به سمايل آھي، جنھن ۾ اقرار ۽ تڪرار به آھن ته لڙڪ ۽ ٽھڪ به آھن. معافيون ۽ ميارون به آھن ته جفائون ۽ وفاداريون به آھن، گويا ھي ناول به حقيقت نگاري واري فلسفي سان واسطو ٿو رکي“.(22)
ليکڪ لکي ٿو ته ”ننڍپڻ جون اھي سڀ حسين ۽ دلفريب يادون، جن کي وطن ڇڏڻ وقت زندگيءَ جو سرمايو سمجهي، سيني ۾ سانڍي نڪتو ھوس، دل جي گهراين ۾ پيون ئي رھيون. زماني ڪئي رنگ بدلايا، ڏينهن ۽ راتيون، جهڪون ۽ جهولا، سانوڻ ۽ سيارا، ڪيئي آيا ۽ ويا. پر آسرونديون اکيون اتي ئي اٽڪيون رھيو. تات ۽ طلب، تار ۽ تانگهھ، اڪنڊ ۽ آھو، اباڻن آستانن ڏي ئي رھيو. ويتر 1956ع ۾ سخت مينهن ۽ ٻوڏن جي اوچتن حادثن جون متواتر خبرون ٻڌي، خيالن ۾ دماغ ۾ وڇوڙي جا نوان نوان نقش ٺھڻ ۽ ڦٽڻ لڳا، دل جي پراڻن زخمن ۾ نئين سر رس ڀرجي آيو، چاڪ وري چڪڻ لڳا، چڪندا رھيا، تان جو چور ٿيل دل چيري کڻي دنيا جي اڳيان رکيم“.(23)
سندس ھن ناول جي ٻوليءَ جي ڪري ئي، ناول گهڻو ڪامياب ويو آھي. مثال طور ناول مان ٻوليءَ جو مثال پيش ڪجي ٿو:
”ھتي جي ھوا نج ھئي، کاڌو پيتو نج ھو؛ وٽن محبت جا ماڻ ۽ ايمان جا اکٽ خزانا ھئا، غريبي گذران ھو، مگر پيٽ ڀري کاڌائون ٿي. مفلس ھئا مگر محبت ۽ ميٺ وٽانئن موڪلائي نه وئي ھئي. گهڻو ھون ته به راضي جي ٿورو ھون ته به سرھا ٿي رھيا، ڀلا جي ماڳھين ڪونھ ھون ته به صبر ۽ شڪر کي ھٿان نه ٿي ڇڏيائون“.

مشتاق علي (30 مئي 1944)
مشتاق علي ولد ضياءُ الله جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. ھو انگريزي ادب جو استاد رھيو آھي. ھن به افسانوي ادب ۾ پنھنجو ڪجهه ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪجهه انگريزي لکڻين جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. خاص طور تي سنڌي ۾ ھن ڪي ناول ترجما ڪيا ۽ لکيا ان سلسلي ۾ ”شعله عشق“ (1963ع) ۽ ”جاڙا “ (ترجمو 1964ع) اھم آھن.
سندس سڄي ناول ”شلعھ عشق“جو لب لباب مشھور عشق جي قصي يعني يوسف زليخھ تي ٻڌل آھي. ڪتاب پڙھڻ سان اھم ۽ پيچيده مسئلن تي غور ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. جيئن ته زندگي ڇا آھي. جذبو ڇا کي ٿو چئجي. معاشرو ڪيئن وجود ۾ آيو. سماجي شعور ڇا آھي. بين الاقوامي اخوت جي تعمير ڇا آھي. اخلاقي قانون جون تقاضائون ڇا ڇا آھن. شيطان ۽ اديب ۾ فرق ڪيترو ۽ ڪھڙو آھي. مرد ۽ عورت جي زندگي تي وڏي دلچسپي سان بحث ڪيل آھي شادي ۽ ان جي اقتصادي اثرن تي به دلچسپ بحث ٿيل آھي ان کانسواءِ انساني حياتي جا اغراض، عشق جي حقيقت، فلسفي، قانون جي فضليت ان جو ميدان سحر، علم ۽ عشق جو تعلق- ڇا محبت انڌي ٿيندي آھي؟ ۽ حسن تي به ڪشادو بحث آندو ويو آھي. مطلب ته سڄو ناول فلسفي تي مبني آھي.
ضياءِ الله غلام علي جي انگريزي ناول Twnis جو سنڌي ترجمو پروفيسر مشتاق علي ”جاڙا“ جي نالي ساز ڪيو. ناول ۾ ٻن جاڙن کي جدائي جو داغ ڏنو ويو آھي سڄي ڪھاڻي ٻين جاڙن ڀائرن جي زندگيءَ تي ٻڌل آھي. ٻئي طرف ھڪ اديب جي روانگي ڪراچي ھوٽل- پراڻن خلاصين ۽ مشھور رانديگرن جو احوال پيش ڪيو آھي. اھي رانديگر پنھنجي وقت جا مشھور کلاڙي ھئا جيئن ته ڊاڪٽر بلوچ، ايف ڪريم، ڊاڪٽر خليل، لالا نورالدين، الله نواز ۽ ڪئپٽن ڪرياپا سائمن ۽ وغيره وغيره. سر والٽر سڪاٽ وانگر پنھنجي ديس جي ماٿرين وڻن ٽڻن وغيره جي سونھن ۽ ساراهه نروار ڪيل آھي.
ھن ناول ۾ سنڌ جي اصلوڪن رھواسين جي اعليٰ رھڻي ڪرڻي، پيار ڀريل ڳالهه ٻولهه ۽ اوچي اخلاق جي حقيقي تصوير پيش ڪري اسان جي ڳاٽ اوچو رکن.

فضل احمد بچاڻي (1934- 1987ع)
سنڌي ادب ۾ ترجمي ۽ ناول جي حوالي سان وڏي شخصيت فضل احمد بچاڻي جو جنم ٽنڊوالهيار ۾ ٿيو. فضل احمد بچاڻي انگريزي مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪيترائي ناول سنڌي ادب ۾ خاص جاءِ والارين ٿا.سندس اڪثر ترجما انگريزي زبان مان ٿيل آھن، جيڪي لفظن جي صحيح استعمال، آسان ٻولي، تخليقي انداز، موضوع جي لحاظ کان انتھائي مقبول آھن.بچاڻي صاحب جن ناولن کي ترجمي لاءِ چونڊ ڪيو آھي، اھي ادب جا شاھڪار آھن. انھن جا موضوع عجيب، انفرادي ۽ پر اسراريت تي ٻڌل آھن. پنھنجن ترجمن لاءِ خود لکيو اٿائين ته”آءُ ترجما ڇو ٿو ڪريان؟ ان ڪري ته جي ڪا سٺي تخليق نٿو پيش ڪري سگهان ته ڪنھن سٺي تخليق جو ترجمو ئي پيش ڪندو رھان جيڪا جيڪر آءُ پاڻ پيش ڪرڻ گهرندو ھجان، ته جيئن نئين پراڻي ڏيھي ۽ پرڏيھي ادب جي اشاعت ۽ اڀياس جو سلسلو جاري رھي. ترجمي لاءِ ڪنھن ڪتاب جي چونڊ جي معيار جو بنياد به اھوئي قائم ڪيو اٿم يعني جهڙو ڪتاب جيڪر آءُ پاڻ لکڻ چاھيندو ھجان تهڙي جو ئي ترجمو ڪري پيش ڪريان“.(24)
سندس ناول ”عاشي“ انگريز اديب سر ھينري رائڊر ھيگرڊ (1856-1925ع) جي ناول “She” جو ترجمو آھي. ناول تجسس ۽ پراسراريت جي ڪري گهڻو مشھور آھي. ھن ناول ۾، حضرت عيسيٰ جي ولادت کان به گهڻو اڳ جي ھڪ پراسرار عورت جو ھڪ نرالو داستان سمايل آھي، جيڪا بي پناهه قوت، لازوال حسن ۽ غير معمولي سياڻپ جي مالڪ ھئي !
جنھن ڪروڌ ۾ اچي پاڻ پنھنجي محبوب کي قتل ڪيو ۽ پوءِ ڪن صدين تائين ھن جو انتظار ڪندي رھي ۽ جڏھن ڪن صدين کان پوءِ ھو وٽس ھلي آيو تڏھن زندگي جو اصول بدلجي چڪو ھو ...!
مصري قوم کان به گهڻو اڳ جي ھڪ پراسرار قوم ھن کي ”سدا حيات فرمانروا عاشي“ جي نالي سان سڏيندي ۽ سندس اطاعت ڪندي ھئي! مگر ھن جي صورت ڏسڻ به کين نصيب نه ٿي ھئي. . . !
ھوءَ ھڪ لاش سان ڳتيل پيرئمڊ ۾ رھندي ھئي!
ھن ناول جو ٻيو حصو ”عاشي جي واپسي“ The Return of She ، ساڳي ناول نگار جو ترجمو آھي. ھن حصي ۾ اھا عورت ديوي بڻجي ويئي. لازوال قوتن، بي پناهه حسن، دائمي زندگي ۽ وڏي اقتدار ۽ اختيار جي مالڪ بنجي وئي مگر ايترو سڀ ڪجهه حاصل ٿيڻ جي باوجود ھن جي اندر مان محبت جو اھو جذبو فنا نه ٿي سگهيو، ان محبت ئي ھن لاءِ اھڙي مھان شڪتي بنجڻ جا رستا کوليا. ان محبت جي حصول لاءِ ئي ھن اجيت ھئڻ جي حيثيت حاصل ڪرڻ ضروري سمجهي ۽ ان محبت ئي ھن کي ديوي بڻايو.
ھن جو محبوب ڪو ديوتا نه بلڪ ھڪ عام انسان آھي، سو سندس قرب ماڻڻ لاءِ نه بيان ڪرڻ جهڙا ڪشٽ ڪاٽي جبل جهاڳي ڪشالا ھن وٽ پھچي ته ٿو پر ھنن ٻنھي جي وچ ۾ اھائي ديوار آڏي اچي ٿي وڃي جا ھڪ انسان ۽ ديوتا جي وچ ۾ ھوندي آھي. ھو وصل ۽ محض وصل چاھي ٿو ته ديوي ھن کي اڻ لکيون اڻ ميون آسماني ۽ ڪائناتي شيون ڀيٽ ڪري سگهي ٿي، تخت تاج، خزانا، عبادتون ۽ اطاعتون عطا ڪري سگهي ٿي، پر ھن لاءِ پنھنجن چپن جو ڇھاءُ نٿي ماڻي سگهي.
فضل احمد بچاڻي آسڪر وائلڊ کان تمام گهڻو متاثر ھو. سندس ڪجهه ڪتاب پڻ ترجمو ڪيائين. ھن سندس مشھور ناول Picture of Doriarn جو ترجمو ”تصوير جو خون“ جي عنوان سان ڪيو. ھن ناول جو ھيرو بيحد خوبصورت ۽ امير ڇوڪرو آھي ۽ ھن جا طالب فھم ادارڪ، ڏات، ڏاھپ ۽ تيز فھمي جا مالڪ ٻھ ذھين ۽ سڌريل انسان آھن. ھڪ اعليٰ درجي جو چترڪار ۽ ھڪ اعليٰ ذھن جو معزز شھري، انھيءَ معزز ۽ ذھين ماڻھوءَ لاءِ اھو ڇوڪرو ھڪ خوبصورت عجيب توڙي ھڪ جوکم واري ”تجربي“ جي شيءِ آھي ۽ چترڪار لاءِ ھو خود سندس چوڻ موجب اظھار جو ھڪ نرالو ذريعو بنجي ويو ھو. جنھن پنھنجي سونھن ھن جي فن کي ڀيٽا ڪري ڇڏي ھئي. ”ڊورين ھڪ اھڙي شئي آھي جنھن کي ڪجهه به بنائي سگهي ٿو. ھڪ ديوتا يا ھڪ رانديڪو.
بچاڻي صاحب جرمن ناول نگار ھرمن ھيس (1877-1926ع) جي مشھور بايوگرا فيڪل ناول Sidharta جو ترجمو ”سڌارٿ“ (1982ع) جي نالي سان ڪيو. ھن ۾ گوتم ٻڌ جي مشن، حياتي ۽ سندس فڪر جو افسانوي ۽ ڏند ڪٿائي انداز ۾ معلومات ملي ٿي. ھن ناول جي شروعات گوتم ٻڌ جي ننڍپڻ کان شروع ٿئي ٿي ۽ پوءِ سندس روحاني سفر شروع ٿئي ٿو. اصل ناول پھريون دفعو 1922ع ۾ شايع ٿيو. ناول ۾ قديم ھندوستان جون مذھبي، سياسي، سماجي، تاريخي ۽ ملڪي حالتن جي به بھترين عڪاسي ٿيل آھي.
بچاڻي صاحب انگريزي مان بھترين ناول سنڌي ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي شاھوڪار بڻايو. سندس ناولن جي چونڊ، بھترين ترجمو، آسان ۽ با محاوره ٻولي اھم خوبيون آھن. سندس ترجمو ٿيل ناولن جي اھا به خوبي آھي ته اھي ٻيھر شايع ٿيندا رھن ٿا.

نجم عباسي (1927- 1995ع)
ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جو جنم خانواھڻ، ضلعي نوشھروفيروز ۾ ٿيو. پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر ھو. نالي وارو ڪھاڻيڪار ھو. نجم عباسي جڏھن ڏٺو ته سنڌي ادب ۾ افساني جي مقابلي ۾ ناول جي تمام گهڻي کوٽ آھي، تڏھن ان جذبي تحت ھن نه صرف طبعزاد ناول لکيا پر ترجما به ڪيا. سندس ناولن ۾ ”لينن جي انقلابي ڪھاڻي“، ”تلاش“، ”پيار ڪھاڻي“، ”بلنديون“، ”زلزلو“ ۽ ”ماسترياڻي“ شامل آھن.نجم عباسي جا اصلوڪا ناول سندس ئي ڪھاڻين جو پڙاڏو آھن. ھن پنھنجي ناولن ۾ طبقاتي سماج جي چٽي عڪاسي ڪئي آھي. ھو مٿئين طبقي، سامراجي مڪار، غلط مذھبي تمدن، سرمائيداري نظام تي سخت چوٽون ڪري ٿو. ٻئي طرف سنڌي قومي انقلاب، بين الاقواميت، سيڪيولرزم، انساني قدرن ۽ سائنسي علمن جي اھميت تي زور ڏئي ٿو. ان سان گڏ مظلوم ۽ بيڪس طبقاتي مسئلن جي نشاندھي ڪري ٿو ۽ استحصالي قوتن خلاف وڙھڻ جي ترغيب ڏئي ٿو.
سندس ناولن لاءِ يوسف سنڌي لکي ٿو ته ”نجم عباسي پنھنجي ناولن ۾ سنڌي سماج جي پيڙھيل طبقن، خاص ڪري عورت جي آزادي، قومي انقلاب، سڪيولر ۽ غير فرقيوار معاشري جي وڪالت ڪئي آھي. نجم عباسي بنيادي طرح ڪھاڻيڪار ھو ۽ سندس سڃاڻپ ڪھاڻيڪار طور ئي رھي، پر ھن ناول کي پنھنجي اظھار جو ذريعو بنايو. ھو بنيادي طور تي آدم شواري ليکڪ ھو ۽ ھڪ سماج واري سماج بي قيام جي جدوجهد جو سٺو پرچارڪ ليکڪ ھو“.(25)
نجم عباسيءَ جو پھريون ناول ”بلنديون“ 1984ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول ايراني ڪردارن تي ٿيندڙ ڏاڍ، جبر ۽ انھن جي لاڳيتي ھلندڙ جدوجهد جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جي پسمنظر ۾ لکيل آھي. نجم عباسي ھن ناول ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ ڪردارن جا نالا ”سنڌي“ ڏنا آھن. ھن ناول لاءِ يوسف سنڌي لکي ٿو ته ”ھي ناول سنڌ ۾ 1983ع جي جمھوري تحريڪ کان ھڪدم پوءِ ڇپيو ھو ۽ ھٿو ھٿ کڄي ويو ھو. ناول پڙھڻ کانپوءِ ائين محسوس ٿيو ته ھي ناول 1983ع جي ايم-آر ڊي پاران ھلايل جمھوري جدوجهد جو پيس منظر ۾ لکيل آھي. ڇو ته ناول ۾ واقعا ۽ پسمنظر گهٽ وڌ ماڻھن کي ان تحريڪ ۾ نظر آيا“.(26)
سندس ناول ”پيار ڪھاڻي“ 1984ع ۾ ڇپيو. ھن ناول جي نالي مان ئي ظاھر ٿئي ٿو ته ھي ناول ڪنھن جي پيار جي ڪھاڻي آھي. ھي ھڪ رومانوي ناول آھي، جيڪو اسان جي سنڌي سماج جي عڪاسي ڪري ٿو. ھن ناول لاءِ ڊاڪٽر نجم عباسي خود ڪنھن انٽرويو ۾ چيو ھو ته”جنسيات، سيڪس ۽ پيار انسان جو بنيادي جذبو ۽ ضرورت آھي، ننڍي ھوندي کان اھو جنسياتي ۽ نفسياتي ادب مون مطالعي جي لحاظ کان پئي پڙھيو آھي، ان وقت ته شايد مطالعي سان گڏ چشڪو به ملندو ھو، پر ميڊيڪل ۾ وري عضون جي فلاسافي ۽ انھن جي ايناٽامي ڏسڻ ۽ مشاھدي ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ مون سوچيو ته، ان موضوع تي ضرور لکندس ھاڻي ھي جو ناول پيار ڪھاڻي لکيو اٿم. اھو منھنجي اڀياس ۽ تخليقي جذبن ۽ پيار جي احساسن جو نچوڙ آھي. مون جڏھن ھي ڪتاب لکيو پئي ته، مون ڪيترائي پنھنجا انڊر لائين ٿيل ڪتاب کوليا، ڊائرين مان ڪوٽيشنس کڻي، وڏن وڏن فلاسافرن جا نظريا پڙھي، پوءِ پلاننگ سان ھي ناول لکيو اٿم. ھن ناول ۾ پيار بابت منھنجا احساس، جذبا، امنگ، حسرتون ۽ ناڪاميون بيشڪ آھن، پر مون ڄاڻي واڻي، جنسياتي جذبا اٿارڻ ۽ چشڪي وٺرائڻ لاءِ ھن ناول ۾ ڪٿي به ولگر ڳالهيون ڪونھ لکيون آھن ۽ ان حوالي سان مان اوھان جي يا ڪنھن ٻئي جي اٿاريل سوالن کي مڃڻ لاءِ بلڪل تيار ناھيان ته ھي ناول محض چشڪي وٺرائڻ لاءِ لکيو ويو آھي“.(27)
ناول ڊائرين جي ورقن جي صورت (Technique) ۾ لکيل آھي. صفحن جا صفحا سندس ئي ڪھاڻين تان کنيل آھن. ناول ڪٿي ڪٿي فحاشي واري پسمنظر ۾ به ھليو ويو آھي. ناول کي تمام جلدي ۾ پڻ لکيو ويو آھي. نجم عباسيءَ جو ھي ٽيون ناول 1987ع ۾ ڇپيو، جيڪو سندس سڀني ناولن کان مٿاھون آھن. ھي ڪھاڻي آھي ستن ڪوٽن ۾ بندياڻي جي، ھيءَ ڪھاڻي آھي نيلي گٽر ۾ ٻڏل زائفان جي، ھي ڪھاڻي آھي جاگيرداري جي گند جي ڍير ۾ ڦاٿل عورت جي کليل راهه تي پھچڻ جي. اوندهه جي ڪاري جهنگل مان نڪري، روشنيءَ ھن کي پنھنجي لاءِ پاڻ روشني تلاش ڪرڻي پوي ٿي.
سندس ”لينن جي انقلابي ڪهاڻي“سوانحي ناول روسي ليکڪا ماريا پرليزائيو، جي انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو ويو، جيڪو روسي انقلابي اڳواڻ ولادي ميئر لينن جي سوانح تي لکيل آهي. ڊاڪٽر نجم عباسي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته” هي انگريزي ۾ پڙهي پورو ڪيم ته مون کي ان جو مقصد موزون لڳو. هي ناول سادي ۽ سولي نموني لکيل آهي، ڪٿي به مارڪسزم ۽ ڪميونزم جا سائنسي اصطلاح استعمال ٿيل ڪونهن“.(28) ڊاڪٽر صاحب جو مشھور ناول ”زلزلو“ 1988ع ۾ ناري پبليڪييشن، حيدرآباد پاران شايع ٿيو. ھي ناول ڊي ڪين (Day Keene) جي ناول His Father’s Wife جو ترجمو آھي. ھن ناول ۾ ھڪ سماجي برائي ڏيکاري وئي آھي. جا اسان جي سنڌي سماج ۾ به عام آھي. ھڪ پوڙھو ھڪ نوجوان ڇوڪري سان شادي ڪري ٿو. جيڪا وري سندس ئي پٽ سان تعلقات رکي ٿي. ھن ناول ذريعي اھڙن عملن مان نڪرندڙ نتيجن جي ڀرپور عڪاسي ملي ٿي. ناول پڙھڻ کانپوءِ ائين ٿو لڳي ته اھو ناول ڄڻ آھي سنڌي ٻوليءَ جو ڪتاب، رڳو ان مان اصلي ڪردارن جا نالا بدلايا وڃن ته جيڪر ان جو ماحول به سنڌي لڳي ھا.
1988ع ۾ روسي ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار Allexander Serafemarch جي ناول ”گالينا“ جو ترجمو ”ماسترياڻي“ سان ڪيائين. ھن ناول جو موضوع انقلاب کان اڳ واري روس جي ٻھراڙي جي ھڪ جهلڪ ڏنل آھي، جا اسان جي موجوده سنڌ جي ٻھراڙين کان ڪنھن به نموني ٻي طرح جي نه آھي. ھن ۾ پاڻ چيو اٿائون ته ”اسان به اھڙي انقلاب ذريعي پنھنجي جيون کي بھتر طريقي سان بدلائي سگهون ٿا“.
سندس ناولن جي فني حيثيت تي اڪبر لغاري لکي ٿو ته ”سندس ناولن جا پلاٽ طبقاتي سماج جي اردگرد ڦرن ٿا. ھو مغرور ۽ مٿئين طبقي جي ماڻھن جي سوچ ۽ عمل تي ڪارو وار ڪري ٿو. ان سان گڏ ھو مظلوم ۽ بيڪس طبقي جي مسئلن جي نشاندھي ڪرڻ سان گڏ مثبت سوچ ۽ راهه عمل به ڏئي ٿو. سندس ناول جا ڪردار گهڻو ڪري عام ماڻھو آھن، پر اھي عام ماڻھو پنھنجي جدوجهد سبب خاص بڻجي وڃن ٿا. سندس ڪردار گهڻو ڪري پنھنجي عمل ۾ آزادي پسند ھوندا آھن. ۽ امن، آزادي ۽ آجپي لاءِ جدوجهد ڪندا نظر ايندا آھن. ڊاڪٽر صاحب ھڪڙي ئي مقصديت لاءِ لکي ٿو. سندس مقصد شخصي توڙي، قومي آزادي آھي ھو پرماريت خلاف لکي ٿو. مذھبي جنون خلاف لکي ٿو. ھو ٻولي ۽ ڌرتيءَ جي بقا لاءِ لکي ٿو ۽ ھو غير طبقاتي سماج لاءِ لکي ٿو مطلب ته سندس لکڻين جو محور سماجي، سياسي ۽ معاشي انقلاب آھي“.(29)

سراج ميمڻ (1933-2013ع)
سراج الحق ميمڻ جو سنڌي ادب ۾ تمام وڏو مقام آهي، خاص ڪري سنڌي ادب ۾ معياري ناول لکندڙن ۾ هن جو نالو سر فهرست آهي. سراج سنڌي زبان جو اهو بيباڪ ليکڪ هو، جنهن جي نس نس ۾ سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي زبان لاءِ اجهل ڇڪ، پيار ۽ اڪير موجود هئي. سراج جا ناول سنڌ جي تاريخي، سماجي، معاشي ۽ رومانوي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿا. سندس ناولن ۾ ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘ (ترجمو 1952ع)، ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ (1970ع)، ’مرڻ مون سين آءُ‘ (1988ع)، ۽ ناولن جي ٽريالاجي ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘ (1988ع)، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ (1989ع) ۽ ’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘ (1990ع) شامل آهن، جيڪا ٽريالاجي گڏيل صورت ۾ ’پياسي ڌرتي، رمندا بادل‘ نالي سان ڇپجي چڪي آهي. ان کان سواءِ سراج صاحب جا ٻيا ڪتاب، ڪهاڻيون، اقتصاديات، لسانيات وغيره جي موضوعن تي ڇپجي چڪا آهن. هو روزاني هلال پاڪستان اخبار جو به ڪيترا سال ايڊيٽر رهي چڪو آهي. هتي آءٌ سراج جي ناولن جو مختصر جائزو پيش ڪريان ٿو:
1952ع ۾ سراج ڀارت جي مهان اديب ڪرشن چندر جي ناول ’جب صبح هوتي هي‘ جو ترجمو ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘ جي عنوان سان ڪيو. هي سراج جو پهريون (ترجمو ٿيل) ناول هو، جيڪو محمد عثمان ڏيپلائي صاحب ڇيپو هو. هن ناول جو ٻيو ڇاپو، سچائي اشاعت گهر دڙي طرفان 1984ع ۾ شايع ٿيو. هن ناول جو موضوع انگريز دور ۾ انقلابي ۽ ان دور جي ملڪي سياسي حالتن جي پسمنظر ۾ آهي. ناول جو ترجمو شاندار آهي. هڪ هنڌ ليکڪ جي خيالن جو سنڌي ترجمو مطالعو ڪريو.
”اڄ ٽريچور اسٽيشن تي خوب پيهه هئي. اٽڪل ڏيڍ سؤ والنٽيئر ڳاڙها ٻلا لڳائي بيٺا هئا. ڪن ماڻهن مون کي سڃاڻي ورتو ۽ منهنجي اچڻ جي خوشيءَ ۾ نعرا لڳايائون. فضا ۾ هر طرف ’انقلاب زنده باد‘ جي صدا گونجڻ لڳي. هيٺ لهندي مون پنهنجي هم سفر امير سائينءَ ڏانهن هڪ دفعو نهاريو، جنهن هينئر مون ڏانهن تمام حيرت وچان پئي نهاريو. هيٺ لهندي لهندي مون ٻڌو، ننڍو ڀاءُ وڏي ڀاءُ کي چئي رهيو هو: ”هي به انهن مان ئي آهي!“ ائين چئي هنن گاڏيءَ جي ڳڙکي بند ڪري ڇڏي ۽ اسان ڏانهن پٺ ڏيئي ويهي رهيا. مگر انقلابي نعرا طوفاني جهٽڪن مثل برابر گاڏيءَ اندر پهچندا رهيا.
’انقلاب زنده باد!‘
’انجمن ترقي پسند مصنفين زنده باد!‘
’مزدورن ۽ اديبن جو اتحاد زنده باد! “.(30)
سڄو ناول انقلاب ۽ آزاديءَ جي موضوع تي آهي. ان کان سواءِ ناول مان هندستان ۾ مزدورن ۽ اديبن جي جدوجهد جي بهترين ڄاڻ ملي ٿي.
سراج جو پهريون اصلوڪو ناول، ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار ۽ تاريخي ناول آهي، جيڪو 1970ع ۾ شايع ٿيو. ناول جو تعارف لکندي رسول بخش پليجو لکي ٿو ته: ”تازو سراج جو ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ شايع ٿيو آهي. اهو ناول سنڌي ٻوليءَ جي ادب جو هڪڙو بيمثال شاهڪار آهي ۽ سنڌي قوم جو عظيم الشان قوميداستان آهي. اهڙو ناول فقط سراج جهڙو هر فن مولا، انقلابي وطن دوست سنڌي اديب ئي لکي سگهي ٿو، جيڪو ساڳئي وقت ڪهاڻي، شاعريءَ، ناٽڪ، ٻوليءَ جي علم ۽ تاريخي تحقيق جي علم جي ميدانن جو مهندار آهي. هن داستان لکڻ لاءِ انهن سڀني ڄاڻن ۽ هنرمندن جون گهرجون هيون، جي هن ڀليءَ ڀت پوريون ڪيون آهن. ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ سنڌي ٻوليءَ ۽ قوم جي حبدارن جي دليلن ۽ دماغن ۾ هڪڙي نئين ڄاڻ، نئين سمجهه، نئين احساس، نئين جذبي ۽ نئين تڙپ جي لاٽ روشن ڪريو ڇڏي“.(31)
’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ناول ۾، سنڌ ۾ ترخانن جي دور جي ظلمن ۽ سنڌ جي جوڌن جي بهادريءَ کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ناول جي پسمنظر ۾ اسان ڏسي سگهون ٿا ته سموريءَ سنڌ ۾ هڪ طرف ظلم، زبردستي ۽ ڏاڍ مڙسي عروج تي هئي ته ٻئي طرف حاڪمن جي فوج جا گهوڙا ٺٽي کان سکر تائين ۽ شڪارپور کان ٿرپارڪر جي وارياسن پٽن تائين سجاڳ سنڌين کي پنهنجي مضبوط ۽ ڳرن سُنبن هيٺ لتاڙيندا ۽ چيڀاٽيندا رهيا. سراج صاحب سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ موجوده حالتن جو گهرو مطالعو ڪري، پوءِ هي ناول لکيو آهي ۽ ان ذريعي ان دور جي هر پهلوءَ کي ڪاميابيءَ سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڳوٺاڻي ڪچهري هجي يا ترخاني حاڪمن جون ذاتي محفلون، مڪتب جا ميڙ هجن يا ڪردارن جون انفرادي ڪيفيتون، ترخانن جا حملا هجن يا سنڌين جا راتاها، ليکڪ هر واقعي ۽ ڪيفيت کي فنڪاراڻي انداز ۽ اثرائتن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي.
هن ناول ۾ ڪيترائي تاريخي ڪردار تخليق ڪيا ويا آهن، جن ۾ سوڍل، سنگهار، دادن، جانڻ اهم آهن. جڏهن ته آخوند صالح ۽ آخوند نور محمد انهن جا ڀرجهلو ڪردار آهن. ٻئي طرف امير خان ۽ مرزا باقي خان مکيه ڪردار آهن. ناول جو گهڻو حصو ڌارين جي ظلم ۽ سنڌ جي جوڌن جي وچ ۾ معرڪن تي مبني آهي. سنڌي جوانن کي غلاميءَ جي زندگيءَ کان عزت جو موت بهتر ٿو لڳي. اهي ان وقت ائين نٿا چون ته ٻيا ساٿ نٿا ڏين، پوءِ اسين ڇو پنهنجو سڀ ڪجهه وڃايون؟ هو سمجهن ٿا ته مهاڏو فقط اُهي اٽڪائيندا، جن کي ٻين لاءِ جيئڻو آهي. سراج ميمڻ اهڙن ئي سورمن ۽ سورمين جي تاريخ جا اڻ مٽندڙ نقش چٽيا آهن. سراج جي نظر ماضيءَ جي ڪيترن صدين تائين وڃي پهتي آهي.
ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جي پڄاڻيءَ ۾ ايترو زور نه آهي، جهڙو شروعات ۾ آهي. ناول تي تنقيدي راءِ ڏيندي غلام حسين پٺاڻ، ششماهي ’سنڌي ادب‘ ۾ پنهنجي مقالي ’ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جو مختصر جائزو‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سراج جي تاريخي ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۾ ترخانن جي زماني جي تاريخي واقعن کي اهڙي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جو پڙهندڙ ناول پڙهندي جوش ۾ اچيو وڃي. ناول جي منظر نگاري تمام خوبصورت بيان ڪئي وئي آهي، پر سندس ڪردار ائين لڳن ٿا، جهڙا هر من يا رستم پهلوان، ناول جو خاتمو اهڙو ڇرڪائيندڙ ظاهر نه ڪيو ويو آهي، جهڙو ڪهاڻيءَ جي شروعات ۾ حالتن کي ڏيکاريو ويو آهي. بهرحال هي ناول جذبات نگاريءَ جو بهترين شاهڪار چئي سگهجي ٿو“.(32)
سراج صاحب جو ”مرڻ مون سين آءُ“ ناول، 1988ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد طرفان شايع ٿيو. هي ناول درحقيقت ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جو ٻيو حصو آهي. هن ناول ۾ به ارغونن جي ظلم ۽ بربريت سان گڏوگڏ مغلن جي ظلمن جو داستان موجود آهي. ’مرڻ مون سين آءُ‘ جو مرڪزي ڪردار به اهو ئي آهي، جيڪو ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۾ سوڍل، سنگهار ۽ دادن جو ڀائيٽو هو، جنهن کي سانول سڏيندا هئا، پر هن ناول ۾ کيس سانوڻ جي نالي سان متعارف ڪرايو ويو آهي.
هن ناول جي ڪهاڻي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ سانوڻ جي سنڌ ۽ سنڌين سان محبت آهي. هو ڌاڙا هڻي ٿو يا ڪو ٻيو ڪم ڪري ٿو، اهو سڀ سنڌ لاءِ ڪري ٿو. هو پنهنجي ساٿين سان گڏجي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ راهه هموار ڪري ٿو. ٻئي طرف سنڌ جي ڪنيز نوريءَ جي ڪهاڻي آهي، جيڪا غلام بڻجي حڪمرانن جي محل ۾ رهي ٿي. وريام، جيڪو ناول جو ٻيو اهم ڪردار آهي، ان کي اتي ڏسي ٿو ۽ ساڻس عشق ڪري ويهي ٿو. هو پنهنجي ساٿين سان گڏجي ان کي آزاد ڪرائي ٿو، پر ڪنيز زهر کائي مري وڃي ٿي. هن ناول ۾ ان دور جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي عڪاسي بهترين نموني ڪئي ويئي آهي. ڌارين جون يلغارون، ظلم، ستم، مذهبي استحصال، معاشي قتل جا انيڪ مثال، هن ناول ۾ موجود آهن.
جيئن ته هي ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جي ٻي ڪڙي آهي، ان ڪري هن ناول ۾ به اهي ئي خوبيون آهن. ناول منظر نگاري، جذبات نگاري، سهڻي ٻولي ۽ مڪالمن سان ڀرپور آهي. هي ناول به سنڌي ناول جي تاريخ ۾ اهم ناول آهي.

پياسي ڌرتي رمندا بادل (ٽرائلاجي)
هي سراج صاحب جي ناولن جي ٽرائلاجي آهي. هي ٽئي ناول نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدراباد طرفان هڪ ٻئي پٺيان شايع ٿيا. ٽئي ناول مختلف دورن ۾ سنڌ جي سياسي، تاريخي ۽ سماجي حالتن جي نمائندگي ڪن ٿا. اڳين ناولن ’مرڻ مون سين آءُ‘ ۽ ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ وانگر سراج صاحب هن ٽرائلاجيءَ ۾ به هيروز ٺاهڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي آهي، جن وٽ پنهنجي سماجي ۽ تاريخي روايتن جو شعور موجود آهي ۽ جن جي اندر ۾ موجود سماجي ٻنڌڻن ۽ ڏاڍ خلاف بغاوت جي چڻنگ دکندي ۽ ڌڳندي رهي ٿي. هن ٽرائلاجيءَ ۾ سنڌ جي نيم تاريخي حالتن جا ڪيئي اهم پهلو بحث هيٺ آيل آهن. جيتوڻيڪ هنن ٽنهي ناولن ۾ ٽيڪنڪ تي موضوع حاوي نظر اچي ٿو.
(i) منهنجي دنيا هيڪل وياڪل (1988): هي ٽرائلاجيءَ جو پهريون حصو ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘ آهي. هي هڪ سماجي ۽ معاشي مسئلن تي مشتمل ناول آهي. هن ناول ۾ ’نورل‘ جي اهم ڪردار ۾ جنهن سماجي مسئلي کي کنيو ويو آهي. اهو آهي، پورهيت کان سندس پورهيي جي ڦرلٽ سان گڏ سندس عزت جي عدم سلامتي. هن ناول ۾ ’مهرو‘ جي ڪردار ۾ مظلوم ۽ شريف ۽ قدرت طرفان هڪ خوبصورت ڇوڪري ڏيکاري وئي آهي.
هن ناول لاءِ فيض جوڻيجي لکيو آهي ته: ”هن ناول ۾ ناول نگار، جنهن سماجي مسئلي کي کنيو آهي. اهو پورهيت کان سندس پورهيو ته وڏيرو ڦريو ٿي وڃي، پر هن مسڪين جي عزت به محفوظ نه آهي. جيڪڏهن هو پنهنجي نياڻين کي ظلم کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته هي ظالم هن کان اها عزت به ڦري ٿا وڃن، پر وچ ۾ ڪا رڪاوٽ اچي ٿي ته هو اُن جو سر به ڪپي ٿا وڃن. مطلب ته هن سماج ۾ لوڪن جي سر جي قيمت سستي آهي ۽ لوفر لفنگي جو مان مٿاهون آهي. پوليس به انهن جي پاسي آهي. اهو مسئلو هن ناول جو مکيه موضوع آهي“.(33)
(ii) تنهنجي دنيا سـڀ رنـگ ســانول (1989): ٽـرائلاجيءَ جو ٻـيو حصو ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ آهي. هن ناول جا مرڪزي ڪردار انور ۽ مهرو ئي آهن. هي ناول ڳوٺ کان وڌيڪ شهري ماحول جي عڪاسي ڪري ٿو. هن ناول ۾ پروفيسر رشيد جي ڪردار ۾ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف رومانيت جو عنصر به هن ناول ۾ غالب آهي. هن ناول لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه لکيو آهي ته: ”هن ناول جي منظر نگاري ۽ ڪردار نگاري، اسلوب بيان ۽ ٻولي وغيره شاندار طريقي سان پيش ڪيل آهن. ناول جي هن حصي جو مرڪزي ڪردار انور وڏيري گلڻ جو پٽ آهي. هو پيءَ جي نسبت پڙهيل ۽ قوم پرست آهي. پروفيسر رشيد جو ساٿ ڏئي ٿو، جيڪو سنڌ جي مسئلن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس ڪردار جو ٻيو پاسو اهو آهي ته مهرو جيڪا نورل جي محبت هئي، ان کي پيءُ جي قيد مان آزاد ڪرائي خود شادي ڪري ويهي ٿو“.(34)
(iii) منهنجي دنيا مرگهه ترشنا (1990): هي ٽرائلاجيءَ جو ٽيون حصو ’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘ آهي. هن ناول ۾ انور مرڪزي ڪردار ۾ نمودار ٿئي ٿو. هي ناول سنڌ جي شهري ماحول جي پسمنظر ۾ آهي، جنهن ۾ مافيا ۽ انهن جي ڪرتوتن کي موضوع بنايو ويو آهي.
هن ناول ۾ به سنڌ جون موجوده حالتون بيان ڪيل آهن. هن ناول ۾ سنڌي قوم جي حالت، سنڌ جي وڏيرن جي عياشين، فضول خرچين، علم جي گهٽتائي، شعور جي ڪمي، اٻوجهائي ۽ سادگيءَ جي حالت بيان ڪيل آهي. ناول جو هيرو انور آهي. هو ڳوٺ مان شهر اچي ٿو. جڏهن انور شهر آيو ته اتي اچي ڪجهه گينگسٽرن جي ور چڙهي وڃي ٿو ۽ وڏو بدمعاش ٿئي ٿو. هن ڪردار ذريعي ناول نگار شهرن ۾ ٿيندڙ ڦرين، چورين، دهشتگردين، ڌاڙن، قتلن، مافيا جي ڪمن ۽ رازن، ملڪي دشمنن جي حرڪتن وغيره کي بي نقاب ڪيو آهي.
ناول جي پڄاڻي ڇرڪائيندڙ آهي. ٽنهي ناولن جي ڪردارن کي پاڻ ۾ ملايو ويو آهي. ”سامهون ئي سامهون هن جي ماءُ جي ڪلهن ۾ ٻانهن وجهي، مسٽر انور، رئيس انور کيس سنڀاليندو پئي آيو. هن جي ماءُ جون اکيون پري هوندي به هن کي پنهنجي دل وانگر بيابان لڳيون ۽ پري هجڻ ڪري انهن جي پٺيان مسز انور مهرو هئي، جنهن سان گڏ چترڪار سليم هو. ائين پئي ڀانيو ڄڻ ته مسز انور، انسان نه هئي. سليم جي ڪا پينٽنگ هئي، جنهن م ساهه پئجي ويو هو يا ائين به ٿي سگهيو ته خود سليم مسز انور جي تخليق جو ڪو پاڇو هو! ۽ سڀ کان آخر ۾ هن پروفيسر رشيد کي ڏٺو، جنهن سان گڏ سورٺ هئي!“
سراج جي ناولن جي مقصديت لاءِ اڪبر لغاري لکي ٿو ته: ”سراج صاحب ادب براءِ ادب جو قائل نه آهي، هو واضح مقصد تحت قلم کڻي ٿو. مقصديت سندس ناولن تي ايترو ته حاوي آهي، جو ڪٿي ڪٿي اسلوب ۾ جذباتيت به اچي ٿي وڃي ۽ ناول نگار فني نقطن کي مدنظر نٿو رکي. اهو مقصد آهي ’سنڌ‘. هو سنڌ لاءِ ئي سڀ ڪجهه لکي ٿو. سنڌين جي بهادري، شجاعت ۽ ڏاهپ کان علاوه انهن جي مسئلن ۽ نفسياتي پهلوئن کي زير بحث آڻي ٿو. هو سنڌ سان ٿيندڙ هر زيادتيءَ تي لکڻ چاهي ٿو“.(35)
سراج جي ناولن جي خاص خوبي اها آهي ته انهن جي ٻولي، اسلوب، رواني ۽ عڪاسي بهترين هوندي آهي. هن جي ناولن جا موضوع پنهنجو مٽ پاڻ هوندا آهن. ناول پڙهندي ئي پڙهندڙن تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ۽ پڙهندڙ پوريءَ طرح پاڻ کي ناول جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي. سراج پنهنجي ناولن ۾ سنڌ جي اوائلي تاريخ کي اجاگر ڪيو آهي. هن اهو ڏيکاريو آهي ته جڏهن ڌارين سنڌ تي يلغارون ڪيون هيون ته ڪيئن سنڌي جوڌن، انهن سان مقابلو ڪيو هو. هن انهن مسئلن جي نه صرف نشاندهي ڪئي آهي، بلڪ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڏس به ڏنا آهن.
سراج جي سڀني ناولن ۾ جذبات نگاريءَ جو عنصر غالب آهي. هو پڙهندڙ جي جذبات کي به اڀاري ٿو. هو ائين محسوس ٿا ڪن ته سندن ئي جذبن جي عڪاسي ٿي رهي آهي. سندس ناولن جي ٻولي، رواني توڙي وسعت جي لحاظ کان اعليٰ درجي جي آهي، هو جيڪو به خيال بين تائين پهچائڻ چاهي ٿو، ٻولي سندس ڀرپور ساٿ ڏئي ٿي. سندس ٻولي پڙهڻ سان پڙهندڙ جي جمالياتي ذوق کي ڀرپور تسڪين به ڏئي ٿي.

آغا سليم (1935-2016ع)
آغا خالد سليم پٺاڻ جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو. سنڌي ادب ۾ سندس سڃاڻپ تمام گهڻي آھي. رومانوي ڪھاڻي لکڻ جو ڏانءُ ته ڪو آغا سليم کان سکي. سندس ڪھاڻين جي مجموعن ۾ ”چنڊ جا تمنائي“ (1962ع)، ”ڌرتي روشن آھي“ (1985ع) شامل آھن. آغا سليم جي ناولن ۾ ”اونداھي ڌرتي روشن ھٿ“ (1978ع)، ”روشني جي تلاش“ (1984ع)، ”ھمھ اوست“ (1985ع)، ”اڻ پورو انسان“ (1985ع) شامل آھن. آغا سليم سنڌي ناول نگاري ۾ جديديت جو رجحان متعارف ڪرايو آھي. سندس ناول قوميت جي رنگ ۾ رنگيل آھن. سندس ناولن پڙھڻ کان پوءِ ٽن موضوعن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پھريون ”رومانيت“، ٻيو ”سنڌ سان محبت“، جنھن ۾ تاريخي، تهذيبي، قومي، مادي سوچ يا عنصر شامل آھن، ۽ ٽيون” وحدت الوجود جو فڪر“ اچي وڃن ٿا.
آغا سليم جا موضوع نوان آھن. ھن پنھنجي موضوعن ۾ تهذيبي قدرن جو زوال شاندار نموني سان پيش ڪيو آھي. آغا سليم پنھنجي ناولن ۾ ھڪ نئين نفسياتي رخ ”شعور جو وھڪرو“ (Stream of Conciousness) کي اھميت ڏني آھي. ھي پھريون سنڌي اديب آھي، جنھن افسانوي ادب ۾ جديد رجحان متعارف ڪرايو. ھن رومانيت کي به نئون رنگ ڏيئي ان ۾ وسعت آندي آھي. ھن فرد جي تنھائي، محرومي ۽ سنڌي تهذيبي قدرن جي احساس کي منفرد انداز ۾ پيش ڪيو آھي. ھو پنھنجي انقلابي رومانيت لاءِ لکي ٿو ته ”مون وٽ انقلاب جو تصور رومانوي آھي. منھنجي آڏو رومانيت کان سواءِ فن اڻ پورو آھي. منھنجي ذھن ۾ انقلاب جو تصور ڳاڙھا جهنڊا، لڙڪيل لاش يا رت جو نديون کڻي اچڻ وارو ڪونھي. . . مون لاءِ انقلاب جو تصور پرين جي روپ ۾ اچي ٿو ۽ مان ان لاءِ ائين چوان ته منھنجو پرين ايندو، جنھن جي پيشاني پرهه جهڙي آھي. مون وٽ انقلاب اھڙو ئي رومانوي تصور آھي ۽ سچ ته رومانيت کان سواءِ لکڻ جو تصور به ڪري نٿو سگهان“.(36)
آغا سليم جو ناول ”اونداھي ڌرتي روشن ھٿ“ 1984ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول سنڌ جي تاريخ جي مختلف دورن مان سچائي جي سفر جي لازوال داستان آھي. سندس ٻولي، اسلوب واقعن جو تسلسل ۽ ڪردارن جي نفيساتي ڪشمش پڙھندڙ کي مڪمل طرح سان پنھنجي گرفت ۾ وٺي ڇڏي ٿي.آغا صاحب پنھنجي ڪتاب کي تاريخي دورن جي لحاظ کان ڪيترن ئي حصن ۾ ورھايو آھي. پر انھن سڀني ۾ مرڪزي ڪردار ساڳيا ئي آھن. سارنگ جيڪو سچائي، فن ۽ علم جي علامت آھي اھو ھر دور ۾ پنھنجو تاريخي فرض نڀائيندي نظر اچي ٿو. ھن ناول ۾ سنڌي ثقافت ۽ تهذيب موھن جي دڙي کان وٺي پاڪستان جي قيام تائين سفر ڪري ٿي. ھن ناول جا مرڪزي ڪردار سارنگ، سنڌو ۽ ماڻڪ تاريخ جي ھر دور ۾ فڪر ۽ جذباتي احساسن سان نمودار ٿين ٿا.
ھن ناول جو پھريون حصو جنھن ۾ موھن جي دڙي واري عھد، پنھنجي سمورين خصوصيتن سان ڄڻ ته زندهه بڻجي پيو آھي. ناول جو ٻيو دور سومري ۽ سلطان ڀونگر راءِ جي زماني ۾ شروع ٿئي ٿو، ۾ دودي چنيسر جي گهرو لڙائي ۽ تاتارين جي ڪاھن تي ختم ٿئي ٿي. ان کان پوءِ، ميرن، انگريزن ۽ قيام پاڪستان واري دور ۾ شعوري ڳانڍاپو ۽ سلسلو مليل آھي.ھن ناول جي پھرين حصي جي باري ۾ اڪبر لغاري لکي ٿو ته ”ناول جي ھن حصي کي پڙھي، پڙھندڙ ھيٺيان تاثر ٿو وٺي:
١- فن، محبت کان سواءِ نامڪمل آھي.
٢- محبت، مھا پوڄارڻ جهڙي مقدس ھستي سان به ڪري سگهجي ٿي.
٣- محبت ايتري طاقتور شيءِ آھي، جو مھا پوڄارڻ سڀ ليڪا لتاڙي، لوڪ کان لاپرواهه ٿي سارنگ وٽ ھلي ايندي آھي.
٤- ھميشھ وانگر مذھبي پيشوا، محبت تي پابنديون ٿو وجهي ۽ محبت واري فنڪار جون آڱريون ٿو ڪپي.
٥- سنڌ ھميشھ وانگر، موھن جي دڙي واري دور ۾ به سکي ستابي ھئي.
6- سنڌي عوام ان وقت به مذھبي رھنمائن اڳيان بيوس ھو وغيره وغيره“.(37)
ناول جي ٻئي حصي ۾ سارنگ سومرن جي دور ۾ اچي ٿو. ھو برھمڻ آھي، ھو فنڪار طور ظاھر ٿئي ٿو ۽ سرندو وڄائي ٿو، ھن دور ۾ سنڌو ھڪڙي وئشيا آھي. ٻنھي جي پاڻ ۾ محبت ٿي وڃي ٿي. سنڌو کي ھڪ برھمڻ سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نيڪالي ڏني وڃي ٿي. آخري حصو پاڪستان ٺھڻ تي ختم ٿئي ٿو.
ھن ناول ۾ آغا سليم جون فنڪارانھ صلاحيتون نقطھ عروج تي پھتل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ھن ناول ۾ سندس اسلوب بيان، طرز تحرير ۽ منظر نگاري نھايت ئي شاندار طريقي سان پيش ڪيل آھي. ھن ناول جي خاص ڳالهه سندس ٽيڪنڪ آھي. ھي ناول شعور جي وھڪري (Stream of Conscioucness) ۾ لکيل آھي. ھن ناول ۾ رومانيت کي نئون رنگ ڏنو ويو آھي. آغا سليم فرد جي تنھائي، محرومي ۽ سنڌي تهذيبي قدرن جي احساس کي منفرد انداز ۾ پيش ڪيو آھي.
آغا سليم جو ناول ”ھمھ اوست“نيو فيلڊس وارن شايع ڪيو. ھي ناول شاهه عنايت شھيد جي دور جي پس منظر ۾ لکيل ناول آھي، جيڪو ان دور جي مزاج ۽ وحدت الوجود جي فلسفي جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. تصوف جي پسمنظر ۾ لکيل ھن ناول ۾ ٽن مختلف ڪردارن جي اپٽار ڪري ٿو. جن ۾ سارنگ مسلمان، ماڻڪ ھندو ۽ الفانسو عيسائي آھن. ناول جو مرڪزي ڪردار سارنگ آھي، جيڪو سنڌي مسلمان آھي. ھو بھادر ھجڻ سان گڏوگڏ انتھائي ذھين، سلجهيل ۽ عالم آھي. سندس مسئلو اھو آھي ته ھو ھڪ طرف سنڌ سان بيحد عشق ڪري ٿو ته ٻئي طرف مغلن وٽ نوڪري ڪندي سنڌي ماڻھن کي ماري ۽ ايذائي ٿو. ماڻڪ جيتوڻيڪ ھندو آھي، پر ھو ھميشھ روحانيت جي تلاش ۾ آھي. روحاني تلاش ۾ شادي به ڪري ٿو پر سندس ان تڙپ جو علاج نٿو ٿئي. آخر دنيا کي تياڳ ڪري ۽ سفر ڪندو سڌو صوفي شاهه عنايت جي درگاهه تي پھچي ٿو، جتي ھو پاڻ کي مطمئن محسوس ڪري ٿو. اھڙي طرح الفانسو جو ڪردار وڏي اھميت وارو آھي. ھن ناول ۾ ٽن مذھبن جي ماڻھن کي پيش ڪرڻ جو پھريون تجربو آغا سليم ڪيو. جيڪي تصوف جي جذبي سان ڀرپور آھن.
ھي ناول ارغون دور جي پڄاڻي ۽ مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دورن جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آھي. ٻيو ته ھي ناول ان وقت سنڌ ۾ رائج تصوف جي بنيادن تي روشني وجهي ٿو. ھن ۾ ھندو ڌرم، اسلام ۽ عيسائين جي مذھب ۾ ان عنصر کي موجود ڏيکاريو ويو آھي ته انسانيت ھڪ ئي، بين الاقوامي مذھب آھي. ھن ناول ۾ بيان ڪيل ٽيون نقطو سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي مختلف رنگن روپن جي منظر ڪشي آھي ۽ چوٿون نقطو اھو آھي ته ھن ۾ سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه لطيف جي شعر ۽ شاهه عنايت شھيد جي تصوف جي نقطي جي اپٽار ڪيل آھي.
ناول شروع ڪرڻ سان جن ڪردارن سان واقفيت ٿئي ٿي، سي اڪثر پنهنجي چوڌاري هڪ مخصوص خول ۾ قيد آهن، جهڙوڪ سارنگ، سنڌو، علي، نواب لطف علي، ماڻڪ، گوپي، گيتا ۽ پدمڻي وغيره. هنن ڪردارن جي مدد سان هڪ ڪهاڻي اُڻي ويئي آهي، جنهن کي هڪ تسلسل به آهي. ڪهاڻيءَ جو سلسلو هلندي ناول نگار ڪي نُڪتا مختلف مذهبن جي اصولن جي حوالن ۽ ڪن شعرن جي مدد سان واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. بياني سلسلي ۾ به ليکڪ پنهنجا خيال ڪٿي ڪٿي ڪنهن ڊگهي ڊائلاگ وانگر ظاهر ڪري ٿو. ناول جي ڪهاڻي جيئن پکڙجي، وڌي ويجهي ٿي تيئن ختم نٿي ٿئي. تڪميل ڏي ايندي ڪهاڻي شاهه عنايت شهيد ڏي تيزيءَ سان اچي ٿي ۽ شهادت تي ختم ٿي ٿئي. تاريخ جو شاگرد ڄاڻي ٿو ته نواب لطف عليءَ کان جيڪا ڪهاڻي شروع ٿي، تنهن جو خاتمو شاهه عنايت شهيد تي ٿيڻو آهي. ٿوري ئي بياني سلسلي ۽ مڪالمن تي ايئن ٿئي ٿو.
ھمھ اوست ناول ۾ ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون آھن، جيڪي ھن ناول جي اھم خوبين ۾ شمار ڪيون وڃن ٿيون. پھرين ته ھي ناول (Third Person) جي صورت ۾ لکيل آھي. ٻيو اھو ته ھي ناول، نيم تاريخي پسمنظر ۾ لکيل آھي ۽ ٽين اھم خوبي اھا آھي ته ھي ناول رومانوي ڪيفيت ۾ لکيو اٿس. ھن ناول ۾ موضوع جي نواڻ سان گڏ پختي ڪردارنگاري، سيرت نگاري ۽ اسلوب بيان پڻ شامل آھن.
سندس ناول ”اڻ پورو انسان“ در اصل ناوليٽ آھي، جنھن ۾ مٿئين طبقي (Upper Social Class) جي فردن جي کوکلي پن کي چٽيو اٿس. ھي ھڪ اھڙي ڪردار جي ڪھاڻي آھي، جنھن وٽ عيش و آرام، لذتون، دولت ۽ اختيار ھر طرح موجود آھن، ليڪن ان ھوندي به سندس اندر، سڪون ۽ آسودگي غير موجود آھي.
سندس ناوليٽ ”روشني جي تلاش“ جو موضوع به لڳ ڀڳ ”اڻ پورو انسان“ وارو آھي. ھن ناول ۾ ناول نگار جنھن مسئلي کي کنيو آھي. اھو آھي جنس جو مسئلو. ھن ناول ۾ آغا سليم ھڪ نئين ٽيڪنڪ خود ڪلامي (Monologue) ۾ کنيو آھي. ھن ناول جو ڪردار نعيم پنھنجي ڪھاڻي پاڻ بيان ڪري ٿو. ھو يادگيريءَ مان احوال ڏيندو ۽ احساسات بيان ڪندو ھلي ٿو.
آغا سليم ”برف پنکڙيون ۽ چنڊ“ سفرنامو ڪري شايع ڪرايو آھي، جڏھن ته اھو ناول جون سڀ تقاضائون پوريون ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ ليکڪ ناول ۽ سفرنامي جي ادبي صنفن جو گڏ مزو ورتو آھي. ھن ڪتاب جو جهڙي طرح نالو رومانٽڪ آھي تهڙي طرح پورو ناول رومانوي فضا ۾ سفر ڪندڙ سرزمين، معاشي حالتن، سماجي قدرن جي سياحتي انداز ۾ ڄاڻ مھيا ڪري ٿو.
آغا سليم جي ناولن جي پلاٽ لاءِ اڪبر لغاري لکي ٿو ته ”سندس ناولن ۾ پلاٽ ڪنھن خارجي واقعي تي ٻڌل نه ھوندو آھي، بلڪ ڪردارن جي داخلي ڪشمڪش کي ظاھر ڪندو آھي. ھو تهذيب جي اعليٰ قدرن کي پنھنجي ناولن جو مقصد بنائي ٿو نيڪي ۽ بدي جي ٽڪراءَ سبب، نيڪي جي وقتي شڪست کي سندس لازوال فتح ۾ تبديل ڪري ٿو ڇڏي. ھو آغا سليم جي ناولن جي ڪردارنگاري لاءِ لکي ٿو ته آغا سليم جي ناول جا ڪردار عام ماڻھو ھوندي به عام نه آھن. اھي اعليٰ آدرشي انسان آھن، جيڪي اعليٰ انساني قدرن جا رکوالا آھن. سندس پيغام محبت آھي، امن آھي، فن آھي ۽ علم آھي. آغا صاحب سماجي مسئلن جي لکڻ بجاءِ انسان جي ازلي مسئلن تي لکيو آھي“.(38)

منير احمد ”ماڻڪ“ (1943- 1982ع)
منير احمد ”ماڻڪ“، سنڌي افسانوي ادب ۾ وڌو مقام رکي ٿو. هن پهرين منير سنڌي ۽ پوءِ ماڻڪ جي نالي سان لکيو. هو ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نويس ، شاعر، صحافي ۽ مضمون نگار هو. هو سنڌي ادب ۾ جديديت وارن لاڙن جو اهم ليکڪ هو. هن انهن لاڙن کي مثبت رخ سان پيش ڪيو. ماڻڪ پنهنجي ڪهاڻين جي شروعات ون يونٽ واري زماني ۾ ڪئي. منير احمد ”ماڻڪ“ هڪ ذهين ليکڪ هو ۽ سنڌ جي پسمنده طبقي سان تعلق رکندڙ هو. ماڻڪ جي تعليم ايم اي، ايم ايڊ ۽ ايل ايل بي هئي. پيٽ گذر لاءِ شروع ۾ ماستري، پوءِ ڪلارڪي، صحافت روسي ايمبيسي ۾ نوڪري ۽ آخر ۾ وڪالت پڻ ڪيائين. منير احمد ”ماڻڪ“ ڪهاڻيءَ کان علاوه ناول ۽ ناولٽ به لکيا، جن ۾ سندس انداز بيان منفرد ۽ اڇوتي آهي. هن شعور جي وهڪري ۾ وجودي فڪر تي مبني ناول لکيا. سندس ناولن ۾ ”لڙهندڙ نسل“، ”پاتال ۾ بغاوت“، ”رڃ ۽ پڙاڏا“۽”پڇتاءُ“ (2014ع) شامل آهن. هن جا ناول ۽ ڪهاڻيون ون يونٽ جي ٽٽڻ کان پوءِ واري مايوسي جي تصوير ڪشي جو بهترين نمونو آهن.ممتاز مهر ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ واري صورتحال لاءِ لکي ٿو ته ”سنڌ ٻيهر بحال ته ٿي پر سنڌ جي ماڻهن جي مسئلن ۾ ڪو ڦيرو نه آيو. سواءِ ڪن نوجوانن کي نوڪرين ملڻ جي، سي به وڏيرن، ڪامورن جي سفارشن سان. تنهن ڪري عام نوجوانن ۾ مايوسي جي هڪ لهر اچي ويئي ۽ منير احمد ماڻڪ بڻجي ون يونٽ جي ڊهڻ جي ستت پوءِ واري دور جي سنڌي نوجوانن جي ذهني ڪيفيت کي حساس نوجوان جي حوالي سان پنهنجي ناوليٽ “لڙهندڙ نسل” ۾ چٽيو. اهو نوجوان پنهنجي زندگيءَ کي ڪا معنى ڏيڻ چاهي ٿو، پر لاحاصل“.(39)
سندس باري ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته “ماڻڪ، سنڌي ڪهاڻي ۾ منفرد طرز جو ليکڪ آهي. سندس تحريرن جو وڏو حصو ان پيڙا جو پڙلاءُ آهي، جنهن هن سماج ۾ جيڪو ظلم ڏٺو، ان خلاف لکيائين. “سمجهه جي مار” وارن کيس ئي کڻي چؤ کنڀو ٻڌو-چي بد اخلاقي ٿو پکيڙي، جنسياتي مرض ۾ ورتل آهي. ماڻڪ جي ڊگهي ڪهاڻي/ناوليٽ “رڃ ۽ پڙاڏا” ۾ شبو جي پيڙا، هر نوجوان جي پيڙا آهي، جيڪو نابرابري ۽ ظلم جو شڪار آهي، جذبن وهيڻو آهي، پر بيوسيءَ جي اهڙي ڄار ۾ ڦاٿل آهي، جنهن مان هڪڙو نسل پاڻ ڇڏائي نٿو سگهي“.(40)سندس ناولن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو:
ماڻڪ جو ناولٽ ”لڙهندڙ نسل“ جي ڪهاڻي هر نوجوان جي ڪهاڻي آهي، جيڪو پنهنجي زندگي کي ڪا معنى ڏيڻ چاهي ٿو، پنهنجي وجود جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿو. هي ڪتاب پهريون دفعو 1972ع ۾ شايع ٿيو هو. هي ناولٽ هڪ بي روزگار نوجوان جي ڪهاڻي آهي، جنهن نوڪريءَ جو آسرو هميشه لاهي ڇڏيو آهي. هو ڀاءُ ۽ ڀاڄائي سان گڏ رهي ٿو. ڀاءُ کيس هميشه ماني لاءِ به طعنا هڻي ٿو:
”بک نه هجيئي ته جهلي ويندو ڪر، ٽيهه روپيا مڻ اٽو آهي، خان صاحب“.
هن ناولٽ جا ڪردار اڃ به اسان جي هن سماج ۾پنهنجن پنهنجن طبقن سان موجود آهن، ان ڪري ماڻڪ جون چيل ڳالهيون صحيح معلوم ٿين ٿيون. ماڻڪ جو هي ناولٽ دراصل ان دور جي نمائندگي ڪري ٿو، جڏهن يحييٰ خان ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي هئي ۽ ٻئي طرف بنگالي هڪ نئين راهه جا متلاشي هئا ۽ سنڌ جا نوجوان پهريون دفعو پڙهڻ خاطر ڳوٺ ڇڏي شهرن ۾ تعليم خاطر اچي رهيا هئا. هي ناولٽ وجود فڪر جي پسمنظر ۾ اقتصادي، سياسي، سماجي، ۽ انساني پستيءَ جي به نمائندگي ڪري ٿو. هڪ هنڌ ماڻڪ لکي ٿو ته:
”بيچيني ڀيانڪ انجام، ڀيانڪ انديشي ۾ بي مقصد زندگيءَ جي ونڊيندڙ احساس هيٺ ڀوڳيندڙ وجود“
ماڻڪ جو هي ناولٽ ” رڃ ۽ پڙاڏا“ پهريون دفعو 1976ع ۾ شايع ٿيو. ماڻڪ پهريون سنڌي اديب آهي، جنهن مڪمل طور تي وجودي فڪر جي دائري ۾ ڪهاڻيون ۽ ناول لکيا آهن. هن وٽ انساني رشتن جي گروهه ۾ رهي ڌاريو هئڻ، احساس زندگي، چونڊ جي اختيار، بي وسي ۽ بي معنائيءَ جهڙا وجودي عنصر موجود آهن. هو پنهنجي طويل ڪهاڻي “رڃ ۽ پڙاڏا” ۾ بار بار اهو ورجائي ٿو ته:
“زندگي جو هي سفر به ڪيڏو ڀوائتو آهي. زندگيءَ جو سفر اڪيلو اڪيلو، ڪيڏو اڻانگو، خاموش، زندگيءَ جو احساس ڪيڏو نه پيڙا ڀريو آهي “اذيت ناڪ“.(41)
عبد الوحيد جتوئيءَ هن ناولٽ لکيو آهي ته:” رڄ ۽ پڙاڏا“ ۾ ماڻڪ ان ڳالهه کي واضح ڪري چڪو آهي ته انسان آزاد آهي، ته پوءِ اهو مرد هجي يا عورت، اخلاقيات جو ڪو به جڙتو قانون، ان سان لاڳو ڪري نه ٿو ڪري سگهي. هڪ انسان جو ٻئي انسان تي جبر ڪرڻ ۽ ان کي ڪنهن به اختياري عمل کان روڪمجو، ڪو به حق نه ٿو پهچي. هو جنهنن۾ ڀلو سمجهندو اهو اختيار ڪندو. ماڻڪ پنهنجي ڪردار عاشيءَ جي ڀڄي وڃڻ تي، سندس ڀاءُ بشير جي لاءِ عمل کي ظاهر ڪندي لکي ٿو ته:
”نه مون کي اهو چوڻ جو ڪو حق نه ٿو پهچي ته هوءَ ڀڄي وئي، هوءَ منهنجي ٻانهي نه هئي (هئڻ گهرجي) هن کي پنهنجي زندگي بابت فيصلي ڪرڻ ۽ واٽ جي چونڊ جو مڪمل اختيار هو (هئڻ گهرجي) “.(42)
پاڪيٽ سائيز ۾ ڇپيل ننڍو ناولٽ ”پاتال ۾ بغاوت“ پهريون ڇاپو 1977ع ۾ آگم پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو. 80 صفحن تي مشتمل هو، هن ناولٽ ۾ انسان جي اهم مسئلن کي فلسفياڻي انداز ۾ کنيو ويو آهي. هن ناولٽ جي ڪهاڻيءَ ۾ جيڪا اهم ڳالهه آهي، اها آهي ’مزاحمت‘. هي ناولٽ يوناني ڏند ڪٿائي قصي کي علامتي طور پيش ڪيو ويو آهي، جن م پروميٿيس (Promothyhysus) ۽ سيسفس (Sisyphus) شامل آهن. اهي ٻئي ڪردار انسان دوستيءَ جي ڪري مشهور آهن ۽ زيوس ديوتا وٽ يرغمال آهن.
’پاتال ۾ بغاوت‘ جا ٻه ’ڀاڱا‘ آهن. پهريون ڀاڱو ، ’سسيفس جي ناڪار‘ هڪ طرح جو مهاڳ آهي، جنهن ۾ ماڻڪ هِن ’دائمي ڦٽڪاريل ۽ ننديل‘ ڪردار بابت پنهنجي نظريو اپٽاري آهي: ’سسيفس، ڪامؤ پاران مڙهيل وجود کان مٿانهون آهي. گهڻو مٿانهون. ڇاڪاڻ ته هو اختيار جو ننديل آهي ۽ ڦٽڪاريل. سندس وڏائي انهيءَ ۾ آهي ته، هو سدائين، هر ويل، اختيار کي چوي ٿو: نه- جو ڪجهه مٿس مڙهيو ويو آهي، اختيار پاران، جنهن وٽ سگهه آهي. سسيفس ان کي ٿڏي ٿو. نابري واري ٿو. نه؛ ۽ انهيءَ ”نه“ - جي حد کان ”پاڻ هجڻ“، جي اظهار جي سرحد شروع ٿئي ٿي.
ٻيو ڀاڱو، ۾ اصل Story بيان ڪيل آهي جاءِ واردات پاتال/ موت گهر، هاديس (ماڻڪ موجب: هيڊز) ۽ ديوتائن جي درٻار، اولمپوس، آهي. هاديس ۾ ديوتائن جي ٻين ’ڦٽڪاريل، دائمي سزا ڀوڳيندڙن‘ سان گڏ سسيفس به پنهنجي اڻ کٽ سزا جو عتاب ڀوڳي رهيو آهي۽ سلسلو جڳن کان هلندو اچي ٿو اصل قصي جي شروعات تڏهن ئي ٿي، جڏهن هڪ لڱا اوچتو سسيفس ڇَپَ کي ريڙهڻ بند ڪري، ان مٿان ويهي رهي ٿو، ۽ پهرين پاتال (موت گهر) جي واليءَ، هاديس، جي هڪل تي پوءِ مها ديوتا، زيوس جي پيغمبر، هرمز جي چوڻ تي به پٿر ريڙهي چوٽيءَ تي پڄائڻ کان ناڪار ڪري ٿو. تنهن تي کيس اولمپوس ڏانهن نيو وڃي ٿو، جتي هو زيوس سان مهاڏو اٽڪائي ٿو. اُتان هو وري پاتال ڏانهن موٽايو وڃي ٿو، انهيءَ حڪم سان ته سندس سزا جو چڪر ايترو ته تِکو ڪيو وڃي، جو منجهس سوچ لاءِ ڪا وٿي نه بچي، سندس سونجهه جا سمورا ڳڙکڙا بند ٿي وڃن، پر سندس ’پيڙا جي سيرت‘ ۽ ’بيوسيءَ جي ڄاڻ‘ جيئن جو تيئن رهي. سرورق تي جو ڪارڊ جو آهي، هڪ هيڻي انسان جو چٽ آهي، جنهن جا هٿ (Larger than life ) يعني زندگي کان به وسيع آهن ۽ چوڌاري ڇانيل اوندهه جون ڪڙيون، سندس هڪ ئي مُڪ سان ڇيهون ڇيهون ٿي رهيون آهن.
منير احمد ماڻڪ جو ناول ”ساهه مٺ ۾“ پهريون دفعو 1986ع ۾ هندستان مان شايع ٿيو. هي ناول هڪ دور جي تاريخ آهي ۽ ون يونٽ جي پسمنظر ۽ ان ۾ پيدا ٿيل ثورتحال ۾ لکيل آهي. هن ناول ۾ هڪ غلام قوم جي ساڃاهه وند فرد جي خوف، عدم تحفظ جي احساس، پنهنجي ڌرتيءَ تي اوپرائپ ڀري ماحول مان پيدا ٿيندڙ انيدشن جي مڪمل عڪاسي ڪئي وئي آهي. سڄي ناول ۾ ٻه ڪردار آهن. هڪ سنڌي جو ليڪچرار ۽ ٻي سندس زال. هنن وٽ مايوسي به آهي ته ٿڪ به آهي. ساڳي وقت زندگيءَ جي بي مقصدگي جو احساس به آهي.
هن ناول لاءِ پروفيسر هيرو شيوڪاڻيءَ لکيو آهي ته:”ٻن سوء صفحن جي سر ورق تي لکيل سنڌ ۾ ملٽري حڪومت جي پسمنظر ۾ لکيل ناول جو واقعا تي آڌار ڇڊو پاڊو آهي. سنڌي زبان جو ليڪچرار ائين محسوس ڪرڻ لڳ ته لڪل طاقت سندس پيچو ڪري رهي آهي، ڪو سندس ڪڍ آهي. پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي غير سلامتيءَ جو احساس، نوڪري کسجڻ جو ڊپ ، مسلمان هوندي به سنڌي هجڻ جو اڊڪو هن کي پيڙهي رهيو آهي. ناول جي ان ڇڊي پاڊي واقعاتي اڻت ۾ ليکڪ سنڌ جي موجوده صورتحال کي آمريت جبريت ۽ پنهنجين ئي وڏيرا شاهيءَ ۾ ساهه مٺ ۾ کڻي هلندڙ سنڌ کي ڪن علامتن سان مڪمل وضاحت ۽ بي باڪيءَ سان چٽيل آهي“.(43)ناول ۾ سنڌي ماڻهن جي اٻوجهائپ لاءِ لکيو اٿائي ته: ” نيٺ سنڌ جو ڇا ٿيندو ؟ بنگالي ته جان ڇڏائي ويا، قربانيون سو عظيم ڏنائون، چوي ٿو .
ڇا ٿيندو؟ ڪجهه به نه ٿيندو ، پاڻ واري جي..ايم..سيد جون ڳالهيون ڀليون ، پر آهي رڳو وڏيرن جي پٺِان ، ڀٽو پنجاب جي مفادن سان غداري ڪرڻ نٿو چاهي ، ڪميونسٽ ؛ هڪڙا پناهگيرن جا پٺو ، جن جون ناڪيليون ڪراچي جي ڪالونين ۾ ويٺل پناهگير ڪامريڊن جي هٿن ۾، ٻيا ، ڏينهن جو سياسي لائنون هلائين ، منجهند جو سرمائيدارن ۽ وڏيرن سان ڳجهيون ڪچهريون ڪن تہ رات جو ڌرتي جي ڌڃاڻين تي محنت ڪن ، ڇا ٿيندو منهنجا ڀاءُ ، ڪجهه به نه“
2014ع ۾ ماڻڪ گهر ۾ رکيل هڪ بريف ڪيس مان سندس ڪجهه اڻ ڇپيل مواد هٿ آيو، جن کي ”ماڻڪ جي بريف ڪيس مان“ جي نالي سان شايع ڪرايو ويو، جنهن ۾ سندس اڻ لڀ ناولٽ “پڇتاءُ” به شامل هو.هن ناولٽ ۾ ۾ مکيه ڪردار هڪ وئيشيا جو آهي ۽ موضوع ان جو قتل آهي. ناولٽ ۾ هڪ هنڌ ان عورت لاءِ لکي ٿو ته:
”غضب جي عورت هئي عورت نه ، نينگري جوانڙي ، مون کي هينئر سندس ٻڌايل واقعو ذهن تي پيو تري ، انجو تصور ڪيڏو نه دل ڏاريندڙ آهي، انسان جيڪڏهن ڪجھ به ڪرن تي اچي ته ڇا نٿو ڪري سگهي ، اسين پاڻ ۾ ڪافي گهرا ٿي ويا هئا سين ، هيڪ ڀيري مون کائنس ڀوڳ ۾ پڇيو ، “ اهو ڪهڙو ڀاڳن وارو هو .؟ جنهن سائين جن جي ڪنوارپ جو . . . . ؟ مو اڃان سوال پورو ئي نه ڪيو هو ته ڏٺم سندس منهن جو رنگ اُڏامي ويو آهي ۽ چپ ڪاراٽجي ويا اٿس ، مان پنهنجي ليکي ڏاڍو ششدر ٿيس. سوچيم شايد اهو سوال اڻوڻندڙ لڳو آهي ، ڀڇتائڻ واري انداز ۾ چيم ، مون کي معاف ڪج،. اهڙي قسم جو ڪريل سوال مون کي نه ڪرڻ کپندو هو“.(44)
ماڻڪ سنڌي افسانوي ادب جو هڪ تمام وڏو نالو هو، جنهن نه رڳو سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول جي فارم، ٻولي ۽ اسلوب ۾ تبديلي آندي، پر نهايت ڇرڪائيندڙ موضوع ۽ لاڙا پڻ متعارف ڪرايا.

رشيد ڀٽي (1933- 1988ع)
رشيد ڀٽي جتي شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار، مزاح نگار، نقاد ھو، اتي اعليٰ مترجم به ھو. ڪيترائي ترجما ڪيائين، جن ۾ ھر قسم جا موضوع شامل آھن. پر ناول جي سنڌي ادب ۾ ڪمي ڏسي، ھن ڪيترائي ناول ترجمو ڪيا.سندس ترجما انوکا، وڻندڙ ۽ شاھڪار آھن. رشيد ڀٽي پنهنجي ترجمو ڪيل ناول ناول ”پاپ ۽ پيڙا “جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته”سن 1957ع ۾ مون کي مشھور روسي ناول نويس فيودور دوستو وسڪيءَ کي پڙھڻ جو موقعو مليو پوئر فوڪ، اڊيٽ، بردرس ڪراماروف، دي ڊيولس، دي گئمبلر ۽ ڪرائيم ائنڊ پنشمينٽ وغيره وغيره. انھن سڀني ناولن ۾ دوستو وسڪيءَ گهڻو ڪري ان وقت جي سماجي ستم ظريفين ۽ ڪردارن جي عڪاسي ڪئي آھي. اھو دور اھو ھيو جو جاگيرداري ختم ٿي رھي ھئي ۽ ان جي جاءِ تي سرمائيداري سماج اسري رھيو ھو ۽ شھر ۾ وچولو طبقو جاءِ وٺي رھيو ھو. جڏھين مون ھن جو ناول ”ڪرائيم ۽ پنشمينٽ“ پڙھيو ته نه رڳو ان جو ماحول ۽ موضوع مون کي ھن وقت جي پنھنجي دور سان ٺھڪندڙ لڳو. پر ڪردار به اھڙا نظر آيا، جي مون آڏو ھن سماج ۾ گهميا ڦريا پئي. ساڳيائي مسئلا، ساڳيائي مونجهارا، ۽ ساڳيائي زندگيءَ جا بدلجندڙ قدر ۽ نوان اسرندڙ قدر ۽ انھن جا تضاد ۽ نتيجا! مون ان ناول کي سنڌيءَ ۾ ائڊاپٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو“.(45)
”پاپ ۽ پيڙا“ ۾ اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ته ڏوهه دراصل سرمائيدارنھ سماج ۽ انساني ورتاءُ ۽ وھنوار آھي. ھن ناول ۾ اھو به ٻڌايو ويو آھي ته اڻ برابري واري سماج ۾ رشتا به پنھنجو وجود وڃائي ويٺا آھن.
رشيد ڀٽي ناول ويٽنامي زبان جي ليکڪ آنهه ڊڪ (Anh Duk) جي مشھور ناول ”ھان ڊئٽ“ (Handat) جي انگريزي ترجمي مان سنڌي ۾ ترجمو”ويرن جي وسندي“ ڪيو ويو آھي ۽ عظمت اڪيڊمي طرفان 1986ع ۾ شايع ڪيو ويو. ”ھان ڊئٽ “ دنيا جي عظيم حريت پسند ۽ مجاھد قوم، ويٽنامي قوم جي جنگ آزاديءَ جو داستان آھي. ويٽنامين ساندهه ڏهه سال دنيا جي وڏي ۾ وڏي سامراجي قوت آمريڪا جي ارهه زوراين جو مقابلو ڪيو ۽ آخرڪار کيس ڳوڏا کوڙڻ ۽ ذلت آميز شڪست تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪيو. ھن ڪتاب ۾ انھيءَ سموري جدوجهد آزادي کي بيان ڪيو ويو آھي. آمريڪا، جديد ترين ۽ خطرناڪ ھٿيارن جو مالڪ آھي ۽ فوجي طاقت جي معاملي ۾ سندس مقابلو صرف روس ڪري سگهي ٿو، پر ويٽنامين وٽ صرف جذبو ھو. صرف انھيءَ جذبي جي سچائيءَ کين سرخرو ڪيو ۽ سندن آزاديءَ جي لاءِ ڪيل جدوجهد سموري دنيا جو آزاديءَ پسندن لاءِ مشعل راهه جي حيثيت رکي ٿي.
ناول ۾ نه رڳو ويٽنام جي سماجي، سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي زندگي جي ڀرپور جهلڪ ڏنل آھي، نازڪ ۽ حساس جذبن ۽ ڪيفيتن ۽ نفيساتي پھلوئن جي عڪاسي پڻ ڪيل آھي، پر انساني ۽ انسان جي اندر جي سونھن سان گڏوگڏ ملڪ جي سونھن ۽ سرسبزيءَ جو سڀاويڪ ۽ قدرتي اظھار ملي ٿو ۽ ويٽنامي قوم جي نفسيات ۽ انساني، سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ کي به پياري ۽ دلڪش نموني پيش ڪيو ويو آھي.
رشيد ڀٽي ڀڳوتي چرن ورما (1903-1981) جي ناول ”چترليکا“ جو ترجمو 1983ع ۾ ڪيو ۽ ھي ناول زندگي پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ٿيو. ھندي ٻولي جي ھن عظيم ناول ۾ خاص طور تي اخلاقيات متعلق فڪر ۽ عمل تي موضوع بنايو ويو آھي. پاپ ۽ پڇتاءُ، گناهه ۽ ثواب ۽ ضبط و نظم جي لحاظ کان انساني عقل ڪڏھن به پوري طرح ممطئن نه رھيو آھي ۽ ان بابت ان تي وڏا وڏا سوال پئي اٿيا آھن ۽ وقت جي قبوليل ۽ چالو اھڙن سچن مانڊاڻن کي ان وري وري ۽ يڪسر پئي قبوليو ۽ رد ڪيو آھي ۽ ظاھريت کان باغي بڻجي ۽ دستور جا ليڪا ڊاھي انھن ڪئي آھي. اھڙي ئي دانھن، پڪار تي ٻڌل ھي ناول آھي.
رشيد ڀٽي ھن جو ڏاڍو خوبصورت نموني ترجمو ڪيو آھي. چتر ليکا ۾ نه رڳو گناهه ۽ ثواب جي موضوع تي لکيو آھي پر گڏوگڏ زندگيءَ جي مستقل قدر، پيار ۽ انساني سڀا؛ تي به ويچار ڏنل آھن. ناول جا ٽي مکيھ ڪردار آھن: چتر ليکا، بيج گپت ۽ ڪمار گري. چتر ليکا پاتيلپتر جي مشھور ناچڻي آھي. چتر ليکا رڳو ھڪ خيالي ڪھاڻي نه پر انکي تاررريخ جو پسمنظر به ڏنو ويو آھي. جنھنجي ڪري ھن کي تاريخي ناول به چئي سگهجي ٿو. ناول جو وقت ھندوستان جي مشھور موريا گهراڻي جي نامياري مھراج چندر گپت موريا جو دؤر حڪومت جو آھي، ھندوستان جي تاريخ جو اھو دؤر مذھبي ويچار سبب تمام اھم ليکيو وڃي ٿو. ”چتر ليکا“ ۾ ڀڳوتي چرن شرما لکيو ھو:
”اسان ته پاپ ڪيون ٿا ۽ نه پڃ., اسان ته صرف اھو ئي ڪجهه ڪيون ٿا جيڪو اسان کي ڪرڻو ٿو پوي.“
رشيد ڀٽي جو ھي ناول ”ڀلاري ڀونءِ“ 1995 ۾ شايع ٿيو. دراصل ھن ناول جي ترجمي جو ڪم ڀٽي صاحب شروع ڪيو ھو پر زندگي ساڻس وفا نه ڪئي ۽ ان جو رھيل حصو محترم لکا ڏنو ”ڪلال“ خاصخيلي ڪيو. ھي ناول آمريڪي نوبل انعام يافتھ ناول نگار پرل ايس بڪ جو لکيل آھي ۽ چين جي زرعي پسمنظر ۾ لکيل The Good Earth جو ترجمو آھي. ھن ناول جا ٻين ليکڪن به سنڌي ۾ ترجما ڪيا آھن جن ۾ عمر ميمڻ جو ”سون ورني ڌرتي“ پڻ شامل آھي.
”ڀلاري ڀونءِ“ ناول جو مرڪزي ڪردار چين جو ھڪ اڻ پڙھيل ننڍڙو ڪڙمي ”وانگ لنگ“ آھي، جيڪو پنھنجي زمين جي ننڍڙي ٽڪر سان بي انت پيار ڪري ٿو. ناول جو ٻيو اھم ڪردار ”اولان“ آھي. جيڪا ڏڪار دوران وڪامجي وڃي ٿي. اڳتي ھلي سندس شادي وانگ لنگ سان ٿئي ٿي. وانگ لنگ زمين سان تمام گهڻي محبت ڪري ٿو ۽ سخت محنت ڪري ٿو. اڳتي ھو خود وڏو زميندار بڻجي وڃي ٿو. ان وچ، تر ۾وڏو ڏڪار اچي وڃي ٿو، ٻوڏ اچي ٿي، ماڪڙ حملو ڪري ٿي، جنگ لڳي ٿي ۽ انقلاب اچي وڃي ٿو. اولان جي سڄي زندگي ۾ وڏي اٿل پٿل اچي وڃي ٿي، پر تڏھن به زمين سان پيار جي محنت نه ٿي اجهامي. چين جي پسمنظر ۾ ھي ناول سنڌي ماحول جي به ڪيترن ئي پھلوئن جي ترجماني ڪري ٿو.
رشيد ڀٽيءَ جا ترجما ڄڻ اصلوڪا ھوندا آھن. ھو بنيادي طور تي تخليقي اديب آھي، انڪري سندس ترجمن ۾ به مضبوط عبارت، ٺيٺ سنڌي لفظ ۽ سنڌي ماحول ترجمن کي به طبعزاد ۽ اصلوڪو ڪري ڇڏيندو آھي.

غلام نبي مغل (12 آڪٽوبر 1944ع)
غلام نبي مغل افسانوي ادب ۾ حقيقت پسندي (Realism) وارو اديب طور ليکيو وڃي ٿو. جنس، بشني بازي ۽ شھري رولاڪي جا سچا پچا عڪس غلام نبي مغل اڀاريا. ھن جي ناولن جا به موضوع سندس ڪھاڻين وانگر سنڌ جا مسئلا آھن. سندس ڪھاڻين ۽ ناولن جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آھن. ڪھاڻين جي مجموعن ۾ ”نئون شھر“،”رات جا نيڻ“،”رات منھنجي روح ۾“ ۽ ”سٺ ستر اسي“ شامل آھن. سندس ڇپيل ناولن ۾ ”عورت ۽ پيار“ (1965ع) ”اوڙاھھ“ (1984ع) ۽ ”مون کي ساهه کڻڻ ڏيو“ (1999ع)، ”وطن واويلا“ (2008ع) شامل آھن. سنڌي ناول ۾ غلام نبي مغل پنھنجي خاص انداز سان معروضي حالتن جو اڀياس ڪندي سماجي حالتن جي عڪاسي ڪئي آھي.
عورت ۽ پيار: سندس پھريون ناول ”عورت ۽ پيار“ فرانسي ليکڪ پيري لوئي (1850-1923) جي ناول (Woman and the Puppet) جو ترجمو آھي. پيري لوئي جا اڪثر ناول سفر نامن جي طرز تي لکيل ھوندا آھن. ھي ناول به اسپين جي سرزمين ثقافت، معاشي حالتن، سماجي قدرن جي لحاظ کان بھترين سياحتي انداز جو ناول آھي. غلام نبي مغل صاحب تمام بھترين انداز ۾ ناول جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آھي.
ناول جي ڪھاڻي بنيادي طور تي مسٽر دان ميٽيو جي سچي محبت ۽ ڪيپسئين پريزڊي گارشيا جي دغا تي ٻڌل آھي. مسٽر ميٽيو سچي دل سان کيس چاھي ٿو ۽ پنھنجو سڀ ڪجهه مٿس قربان ڪري ڇڏي ٿو. ھوءَ ھر دفعي کيس ڪوڙي محبت جو يقين ڏياري، لٽي ڦري ٺڪرائي ڇڏي ٿي. ناول ۾ مرد جي سچي محبت ۽ عورت جي فريب واري رخ کي ڏيکاريو ويو آھي. ٻين لفظن ۾ مرد عورت جي فريب جي ڪري رانديڪو ٿي پيو آھي.
سندس ناول”اوڙاھھ“ 1984ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول فني طور تي ھڪ مڪمل ناول آھي. پر ان سان گڏوگڏ اھو تاريخ ۽ سماجيات جي جيئري جاڳندي تصوير پڻ آھي. گذريل ساڍن چئن سؤ سالن جي عرصي ۾ سنڌ ۾ جيڪي ڏاڍ ۽ ڏوجهرا ٿيا. انھن جا اثر ۽ سماجي اٿل پٿل جا احوال اسان کي ھن ناول ۾ نظر اچن ٿا. هن ناول جو بنيادي پسمنظر بيان ڪندي خود ليکڪ لکي ٿو ته ”سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته سنڌين جو شهرن ۾ هيٺيون وچولو ڪلاس ۽ وچولو ڪلاس صدين کان وجود ۾ نه رهيو آهي ۽ هاڻي اڄڪلهه جڏهن سنڌ جي وجود جي بقا جي جنگ وڙهجي پئي ته اسين سنڌي شهري وچولي ڪلاس جي نه هئڻ ڪري ، بقا جي ويڙهه ۾ هڪ اهڙي عذاب ، اوريڪ ۽ ”اوڙاهه“ منجهه اڙجي ويا آهيون ، جو لڳي ائين پيو ته شايد تاريخ جي پنن تان ميسارجي نه وڃون . سمن جي بادشاهت جي خاتمي سان گڏ سنڌ شعوري طور ديهي شهري علائقن ۾ ورهائجي وئي يا ڏاڍ ۽ جبر جي استعمال سان ائين ڪيو ويو“.(46)
ناول ”اوڙاھھ“ جيڪو دراصل ارغونن، ترخانن ۽ مغلن کان وٺي، موجوده دور تائين جو سفر طئي ٿو ڪرائي ۽ منجهس خاص طور سنڌ جي سياسي حالتن جو تجزبو ڪندي، ان کي درپيش تڪليفن جا بنياد تلاشڻ جو ڪافي حد تائين ڪامياب ڪوشش ڪئي وئي آھي. ناول ”اوڙاهه“ ان سموري تاريخي جاکوڙ بابت آهي. جنهن ۾ سنڌ جي چئن سئو سالن جي سوشيو پوليٽيڪل تاريخ بيان ٿيل آهي. ڪن نقادن ناول ۾ هندو وچولي ڪلاس بابت ڏنل ڄاڻ سان اختلاف ڏيکاريو آهي، پر هي ناول سنڌ جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي تاريخ تي پهريون مڪمل ناول آهي. سنڌي نوجوانن جي ھڪ اھم مسئلي کي ناول نگار بخوبي پيش ڪيو آھي، جنھن تحت اسان جا نوجوان ڌارين نارين جي نازن ۽ چمڪ دمڪ تي مفتون ٿي پنھنجا سڱ ڇڏي سيڻ مٽائڻ شروع ڪيا آھن پر اصلاحي نقطھ نظر کان ناول نگار سنڌي نوجوانن کي واپس ورڻ جو درس ڏئي ھڪ چڱو ڪم ڪيو آھي. مغل صاحب سندن سماج جي بگاڙ واري ڪردار جي به نشاندھي ڪئي آھي، جنھن تحت ھنن ھمراھن سماج کي سنوارڻ بجاءِ بگاڙڻ کي ترجيح ڏني آھي.”اوڙاھھ“ ۾ ڪم آيل ٻولي ان جي رواني، ميٺاڄ ۽ تاڃي پيٽي جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ آھي. تحرير ۾ محاورا ۽ پھاڪا به موقعي جي مناسبت سان اھڙا ڏنا آھن، جيڪي سٽن ۾ سونھن ٿا. چند محاورا ھن ريت آھن: ”ڊاٻو ڪڍڻ“، ”نيڻ نھار تائين“، ”سنڌ جي پوتر مٽيءَ جو مان“، ”ٽاھو وجهڻ“، ”ڏونڪو ڦيرڻ“، ”پنھنجا ڪک ڇڏڻ“، ”ماڻھن جي اکين ۾ بگهڙن جا تارا“ ۽ ”ڌر بڻجن“ وغيره.
سندس ھي ناول” قيدي“پنجابي زبان جي مشھور ليکڪ فخر زمان جي ناول ”بنديوان“ جو ترجمو آھي. خالد حسن انھيءَ ناول کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ۽ ترجمو ٿيل ناول ”دي پرزنر“ جي نالي سان نيو دھليءَ منجهان 1984ع ۾ ڇپيو. پوءِ ھن ناول جا اردو، ھندي، بنگالي ترجما به آيا ۽ ناول جي مقبوليت ڪري روسي زبان کان علاوه ٻين يورپي ٻولين ۾ به ناول ”بنديوان“ ڇپيو آھي. ھي ناول ذوالفقار علي ڀٽي جي سياسي جدوجهد تي لکيل آھي. سندس جمھوريت لاءِ خدمتون، جيل ۽ آخر ۾ ڦاسي ۽ شھادت، ھن ناول جو حصو آھن. ملڪ ۾ جنرل ضياءَ جي دؤر حڪومت ۾ رياستي جبر ۽ ڏاڍ ته جولاءِ 1977ع کان شروع ٿي چڪو ھو پر 1979ع ۾ اھو جبر ۽ ڏمر جو دؤر پنھنجي عروج تي ھو. سر عام ڦاسيون، ڦٽڪا ۽ ھٿرادو ٺاھيل عدالتن جا فيصلا، پوري ملڪ جي شھر شھر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ نظر اچڻ لڳا. ھڪ طرف جمھوري حڪومت جو خاتمو ڪيو ويو ھو ته ٻئي طرف ملڪ جي معروف ليڊرکي ڦاسيءَ چاڙھيو ويو. سچ ڳالهائڻ ۽ لکڻ يا سچ متعلق سوچڻ تي به سرڪاري پابنديون ۽ قانون نافذ ھئا. ماڻھن جا ذھن ۽ زبانون زنجيرن ۾ جڪڙيل ھيون. انھيءَ دور ۾ فخر زمان، پنھنجي ٻوليءَ ۾ ھڪ ناول ”بنديوان“ لکيو ته انھيءَ ڪتاب جي صفحن ۾ سچ لکيل ھو، آمريت جا وکا پڌرا ٿيل ھئا.
غلام نبي مغل جو ناول ”مون کي ساهه کڻڻ ڏيو“، موجوده سنڌ جي ھڪ اھم مسئلي تي لکيو ويو آھي، يعني ڪاروڪاريءَ جي مسئلي تي. سندس ناول ”مون کي ساهه کڻڻ ڏيو“ ۾ موجوده سنڌ جي وڏن شھرن اندرن سنڌي ماڻھن سان ٿيندڙ سانحن ۽ مٿن گذرندڙ قيامتن کي موضوع بڻايو ويو آھي. ھي ناول ھڪ عورت ۽ مرد جي قتل جي پسمنظر ۾ ڏيکاريو ويو آھي، جن پسند جي شادي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. جيتوڻيڪ ھن ناول جا ڪردار ڪراچي شھر ۾ ڏيکاريا ويا آھن، پر اھم ڪردار سونا ۽ سندس مڙس جو پسمنظر زمينداري ماحول سان تعلق رکي ٿو.
ڏسڻ ۾ ھيءَ ھڪ ننڍڙي ڪھاڻي آھي ته مڙس پنھنجي زال کي ڪات سان ڪاسائين وانگر ڪٺو. ڀاءُ پنھنجي ڀيڻ کي ڪلاشنڪوف جي برسٽ سان رت ۾ ريٽو ڪيو. سبب اھو ئي ته ”ڪارو-ڪاري“.ناول جي انھن سمورن واقعن کي ھڪ دانشور يا ڪھاڻيڪار به ڏسي پيو جنھن ۾ ھڪ ٽنگ ۾ فريڪچر آھي ۽ ھو چڱي ريت ھلي نٿو سگهي پر چڱيءَ ريت سوچي سمجهي سگهي ٿو. دانشور ۽ ڪھاڻيڪار انھن واقعن کي عام نٿو سمجهي پر سندس ذھن ۾ اھو اثر ضرور جنم وٺي ٿو ته عورت کي ائين مارڻ صحيح ناھي ۽ اھو وحشي جيوت جو حصو آھي.
سندس ناول ”دونھاٽيل راتيون ۽ رولاڪ“ موضوع ۽ فن جي لحاظ کان بھترين ناول آھي. ھن ناول ۾ سماجي حقيقت نگاري جي چٽي تصوير ڏني ويئي آھي. ھي ناول 1996ع ۾ نيو فيلڊس پبلڪيشن حيدرآباد طرفان شايع ٿيو. ھي ناول پڻ سنڌ جي سياسي توڙي تاريخي پسمنظر جي عڪاسي ڪري ٿو. ھن ناول لاءِ خود مغل صاحب لکيو آھي ته”سنڌ جي سياسي توڙي تهذيبي سماج ۾ تبديليون ورھاڱي ٿيڻ سان ئي محسوس ٿي رھيون ھيون، پر 1970ع کان پوءِ تبديليءَ جا اھڃاڻ، واضح طور تي وجود ۾ ايند رھيا ۽ اڃا تائين سنڌ، تبديلين جي بحران ۾ نظر اچي ٿي، انھيءَ دؤر جي ڪجهه ڪردارن ۽ واقعن جي تسلسل جي آڌار تي ھن ناول جا تاڃي پيٽا اڻيل آھن، جن ۾ سجاڳ ۽ ساڃاهه رکندڙ نوجوانن جي ذھنن ۾ پيھي ويندڙ بي چيني جي وڌندڙ بي پاڙي ولين جو اڻ کٽ ڦھلاءَ به آھي ته ٻئي پاسي وڏيرڪي سماج جي اڏجندڙ گهڻ پاسائتي اھا عمارت به صاف نظر اچي پيئي، جنھن جي بنياد ۾ ويھين صدي جي آخري چوٿائي جي سنڌ جي عوام جي ووٽن جي سگهه ۽ ساٿ موجوده آھي، جيڪا حيرت جهڙي ڳالهه به آھي. موجوده حالتن ۾ لڳي ائين پيو ته نئين دؤر جي Neo-Wadersion سنڌ جي عوام جي جمھوري طور تي ورتل ووٽن ۽ وڏيرن جي اوطاقن ۾ واڙيل عام ماڻھن جي عددي ڳڻپ ۽ قومي ويچارگي جي ٽياس تي تعمير ٿي رھي آھي“.(47)
ھي ناول پوڙھي امام بخش جي ۽ سندس پٽ جي قيد تي مبني ڪھاڻي آھي. سڄو ناول سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو ته ڪيئن عام ماڻھوءَ جي چوءَ طرف سازشن، بدمعاشين ۽ عام اخلاقي قدرن جي خاتمي جا ڄار اڻجي رھيا آھن. اسان جي نمائندن وٽ نوجوانن کي دونھاٽيل راتين ۽ اونداھين مان ڪڍڻ جو ڪو پروگرام ئي نه آھي. ھي پورو سرشتو دولاب تي ٻڌل آھي، پوءِ به پوڙھي امام بخش کي نوجوانن جي ھڪ مختصر گروهه جي جاکوڙ جا ڪرڻا نظر اچن ٿا، جيڪا ڳالهه خوش (Optimism) جي نشاني آھي. مغل صاحب جو پورو ناول ڀوڳنائن جو ناول آھي. ناول جي ٻولي شاندار ۽ عام فھم آھي.
سندس ناول ”وطن واويلا“ 2008ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول سنڌ جي شھيد راڻي بينظير ڀٽو کي ارپيل آھي. غلام نبي مغل جي ٻين ناول وانگر ھي ناولن به سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي پسمنظر ۾ لکيل آھي. ھو پاڻ چوي ٿو ته ھن ناول ۾ غربت ۾ رھندڙ انسانن بابت اشارا آھن. پيٽ جو خال ڀرڻ لاءِ ھڪ عام پورھيت پنھنجو ھڪ گهر وڪڻي پنھنجي حالتن کي سڌارڻ چاھي ٿو ته به نٿو ٿي سگهي“.(48)
ناول جو ھڪ وڏو موضوع ملڪ ۾ غربت جو مسئلو به آھي، جنھن ۾ ڪيترائي خاندان غربت جي ليڪ ھيٺان رھن ٿا، غربت جي خاتمي واري سلسلي ۾ ناول نگار ھڪ ھنڌ طنزيھ چوي ٿو ته”ملڪ جي گادي واري شھر منجهان ملڪ جي مرد اول جي سيڪريٽريٽ مان جواب آيو ته حڪومت ڪوشش ڪري پئي ته غربت جي سطح کي گهٽ ڪري. ھن ملڪ جا نوجوان ۽ باقي رعيت جلدي محسوس ڪندي ته اڪنامڪ حالتون بھتر ٿينديون ۽ روزگار جا موقعا وڌندا.“
مطلب ته ھن معاشي بدنظمي جا سبب به لکيا آھن ته انھن جا حل به ڏنا آھن. سببن ۾ سياستدان، وڏيرو ڪامورو، غير جمھوري قوتون اقرباپروري ڪلاس سسٽم وغيره ٻڌايا ويا آھن. ناول نگار مطابق جمھوريت جا پيداوار وڏيرا طاقت ۽ سالياني بجيٽ ۽ ڊونر ايجنسين جي ڪروڙين ڊالرس جي آڌار تي حرفتي ڪامورڪو ذھن، سياسي ۽ جمھوري آٽوڪريسي ۽ ٻين مسئلن سان گڏ، سنڌ کي اڏوھي وانگر لڳل آھي. ناول ۾ گلاب نالي ڇوڪري جي ڪردار ۾ مغل صاحب ھمٿ، بھادري، سنڌيت، سجاڳي، شعور جي سڏ ڏنو آھي. مجموعي طور تي سڄي ناول ۾ ھمعصر سنڌ جو معروضي نموني اڀياس ڪيو ويو آھي.
سندس شايع ٿيل آخري ناول ”همئه منصور هزار“ آهي. هن ناول جو مک ڪردار عبدالرحمان خان، هڪ اهڙو باشعور زميندار آهي جنهن پنهنجي ڪجه زمين هارين ۾ ورهائي ڇڏي آهي ۽ ڪجه وڪڻي شهر ۾ هڪ ڪاروبار ۾ لڳائي آهي. کيس وڏو زميندار يا وڏيرو ٿيڻ جو ڪو شوق ڪونهي. هو سنڌ جي تاريخ تي دسترس رکي ٿو ۽ کيس سنڌ سان ويساه گهاتين ڪندڙن سان سخت نفرت آهي. کيس پنهنجي زال زيب سان بي پناه محبت آهي. سندس عمر پنجاه سال ٿيڻ واري آهي ۽ هو پنهنجي پنجاهين سالگره تي پنهنجي زندگي جو خاتمو آڻڻ چاهي ٿو جنهن جو سبب هو اهو ٿو ٻڌائي ته جيئن ته سنڌ جا منافق اڳواڻ منفي سوچ رکندڙ آهن ۽ اهي سنڌ جي زوال پذير حالت کي بهتر بنائڻ جي ڪا ڪوشش نٿا ڪن تنهنڪري هو انتهائي حساس طبيعت هئڻ سبب سنڌ جي اها حالت نٿو ڏسي سگهي ۽ زندگي جا وڌيڪ عذاب سهڻ نٿو چاهي. غلام نبي مغل بنا ڪنھن شڪ جي سنڌ جي نالي وارن ناول نگارن مان آھي، جنھن وٽ تاريخي پسمنظر به آھي ته سياسي شعور به آھي. ھن جي ناولن ۾ فني خوبيون به آھن ته فڪري خوبيون به آھن.

قاضي خادم (11 نومبر 1945ع)
ڊاڪٽر پروفيسر قاضي خادم حسين ولد لائق قريشي جو جنم ڳوٺ الهداد چنڊ ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو پاڻ مشھور ناول نگار، ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس، مترجم، نقاد ۽ محقق آھي. سنڌي ادب ۽ انگريزي ادب ۾ ايم اي ٿيل اٿس. سنڌ يونيورسٽي مان پي-ايڇ-ڊي جي سند حاصل ڪيائين. قاضي صاحب ڪجهه سال اڳ سنڌي شعبي ۾ يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو مان رٽائرمينٽ ڪئي آھي. اڄڪلهه اتي ئي ”علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر“ جو ڊائريڪٽر آھي. انگريزي، اردو ۽ سنڌي ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن.
پروفيسر قاضي نه صرف طبعزاد ناول لکيا آھن پر ڪجهه مشھور يورپي ناولن جا ترجما به ڪيا اٿس. سندس شايع ٿيل ناول ۾”پيار ۽ سپنا“ (1977ع)، ”درد جي خوشبو“ (1981ع)، ”جواري“ (ترجمو) ”سونھن جي ديوي“ (ترجمو)، ”زوال“ (ترجمو) ۽ ”پيار“ (ترجمو) ۽ ٻيا ناول شامل آھن.ڊاڪٽر قاضي خادم جي وڏي خوبي اھا آھي ته ھو ھڪ ئي وقت سنڌي ادب ۽ انگريزي ادب جو شاگرد ۽ ڄاڻو آھي. ان ڪري دنيا جي سطح تي ادب ۾ آيل تحريڪن کان پوري طرح واقف آھي. اھو ئي سبب آھي جو موجوده دور جي ناول نگارن ۾ سندس نالو نمايان آھي. قاضي خادم سڀ کان پھريون ناول 1962ع ۾ اردو زبان ۾ لکيو ھو، جنھن جو نالو ھو ”شمع ھر رنگ ۾ جلتي رھي“، ھي ھڪ رومانوي ناول آھي.
سندس ناول ”زوال“1968ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول وجودي فڪر جي فرانسيسي ناول نگار البرٽ ڪامئو جي The Fall جو ترجمو آھي. پروفيسر قاضي خادم ھي ناول ترجمو ڪري جديد دور مطابق پلاٽ ليس (Plotless) ناول کي سنڌي ناول ۾ شامل ڪيو آھي.
ھن ناول ۾ وجودي فڪر جي ترجماني ڪئي وئي آهي. البرٽ ڪامئو پنھنجي لکڻين ۾ Absurdity and Existentialism جي نظريي پيش ڪرڻ ڪري اھميت حاصل ڪئي. ان نظريي تحت اھا زندگي جيڪا ماڻھوءَ تي زوري مڙھي وئي آھي. انھيءَ زندگي جو ڪو مقصد ئي ڪونھي. اھا زندگي واھيات ۽ بي مقصد آھي، جيڪا حالتن جي وس آھي. ماڻھو جو ان ۾ ڪو به عمل دخل ڪونھي، ڪوبھ وس ڪونھي. اھو ماڻھو ائين آھي. جيئن سمنڊ ۾ ڪک وھندو آھي. ھو سمنڊ جي ڇولين جي مرضيءَ سان ھيڏانھن ھوڏانھن وھندو رھندو آھي، پر سندس ڪا به مرضي يا دخل نه ھوندو آھي. ھن ناول ۾ هڪ جاءِ تي، هو چوي ٿو ته:
”انسان اهڙو ئي ٿيندو آهي، منهنجا سائين! سندس ٻه روپ آهن: هو پنهنجو پاڻ سان محبت کان سواءِ، ٻئي ڪنهن سان به محبت نٿو ڪري سگهي. اوهين جنهن عمارت ۾ رهو ٿا، تنهن ۾ ڪو قضيو ٿي پوي ته پنهنجن پاڙيسرين کي غور سان ڏسو. هو سڀ هميشه وانگي ستا پيا هئا ته اوچتو، مثال طور، چوڪيدار گذر ڪري ويو. هڪدم هو سجاڳ ٿيا، ڪيئن به ڪري بستري جي پچر ڇڏيائون، خبر چار ڪڍيائون، ۽ ڏک ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيائون. تازو هڪڙو ماڻهو مئو، ۽ آخر هڪڙو تماشو شروع ٿيو. انهن سڀني کي ڪنهن دکدائڪ واقعي جي ضرورت آهي؛ اها سندن هڪڙي ننڍي ’ماورائيت‘ آهي، يا دوا جي اها گوري سمجهو، جيڪا بک کي وڌائيندي آهي. ڇا، مون مثال لاءِ چوڪيدار جو ذڪر ائين ئي اتفاقي طرح ڪيو آهي؟ دراصل منهنجو هڪڙو چوڪيدار هو نهايت بدتميز، ڪميڻو، هٺيلو، هوڏي اندر جو کوٽو، بدصورت، بڇڙو، جنهن جي مهانڊي کي ڏسي چڪر فراسسڪو جو راهب به پنهنجو منهن ڦيرائي ڇڏي، ۽ مون ته ساڻس ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنو هو. هڪڙي ڏينهن اُهو مري ويو، ۽ آءُ ان جي جنازي ۾ وڃي شريڪ ٿيس. اوهين ٻڌائي سگهو ٿا ته ڇو؟“.(49)
اھڙي طرح قاضي صاحب جو ھڪ ٻئي وجودي فڪر جي بانيڪار فرانسي اديب جان پال سارتر جي ناول جو ترجمو ”پيار“ جي عنوان سان 1968ع ۾ شايع ٿيو. ناوليٽ ”پيار“، سارتر (1980-1905ع) جي “Intimacy” جو ترجمو آھي. قاضي صاحب ھي ڪتاب ١٩٦٨ع ۾ شايع ڪرايو. ھن ناوليٽ ۾ به وجودي فڪر جي پرچار ٿيل آھي. بنيادي طور تي “Intimacy” جو مطلب ھوندو آھي ته ماڻھن جي وچ ۾”لاڳاپو“، ڀلي پوءِ اھو محبت جو لاڳاپو ھجي. پر ھن ناوليٽ ۾ ٻن شادي شده جوڙن جي نجي زندگي ۽ انھن جي احساسن جي ڪھاڻي ڏيکاري ويئي آھي.
سندس ناول ”سونھن جي ديوي“ فرانسي ليکڪ پيري لوئي (1850-1923) جي ناول”ايفروڊائيٽ“(Aphrodite) جو ترجمو آھي، جيڪو 1969ع ۾ شايع ٿيو. ايفروڊائيٽ يوناني ٻولي جو لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي ”سونهن جي ديوي“. ناول ۾ پهرئين صدي جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ناول جو هيرو ڊيمٽيريز هڪ مشهور آرٽسٽ آهي، اليگزنڊريا ۾ جنگ شروع ٿيڻ واري هئي، جو هن جو سونهن جي ديوي سان سندس عشق ٿي پيو . هوءَ هن جي محبت کي آزمائڻ لاءِ هن کي ٽي گناهه ڪرڻ لاءِ چوي ٿي، جيڪي هو قبول ڪري وٺي ٿو.
هي هڪ اهڙو ناول آهي، جنهن جو موضوع اهڙن ڪردارن سان واسطو رکي ٿو. جن جو سماجي واسطي سان سٺو ڪردار ڪونهي. سونهن جي ديوي جو مک ڪردار چتر ليکا وانگر هڪ اهڙي عورت جو ڪردار آهي، جيڪا وئشيا آهي، پر انهيءَ کي ان دور جي مذهبي توڙي قانوني سرپرستي حاصل هئي.
مشھور روسي ناول نگار دوستو وسڪي جي ناول The Gambler جو ترجمو ”جواري“ جي نالي سان 1977ع ۾ ڪيائين. ”جواري“ ھڪ اھڙي شخص جي ڪھاڻي آھي، جيڪو جوئا کان توبهه ڪري چڪو آھي، پر پنھنجي محبوبھ جي خاطر پنھنجو قسم ٽوڙي ٿو ۽ جوئا جي ميز تي پھچيو وڃي. ھن کي پڪ آھي ته جيڪڏھن ھو پاڻ کان سواءِ ڪنھن به ٻئي لاءِ کيڏندو ته ضرور کٽندو ۽ ھو واقعي ٻين کان کٽي به ٿو. ليڪن جڏھن سندس دل جو وارو ٿو اچي ته ھارائي ٿو ويھي. ھن کي ڪڏھن به اھا خبر نه پئجي سگهي ته جنھن واقعي کي ھو پنھنجي شڪست سمجهي پنھنجي محبوبھ کي ڇڏي چڪو آھي سو غلط آھي. بلڪھ جنھن کي ھو ڇڏي آيو آھي سا حقيقت ۾ سندس نالي کي پوڄيندي آھي. پر ھاڻ ان واقعي کي گهڻي دير ٿي چڪي ھئي. ھو بازي ھارائي چڪو ھو. ھاڻ ھو وري ڪنھن نئين داءَ لاءِ سوچي ٿو ڪو نئون داءُ-اميدن ۽ آسرن تي ٻڌل نئون داءُ.
سندس ناول ”پيار ۽ سپنا“ (1969ع) ھڪ رومانوي ناول آھي ۽ قاضي صاحب جو طبعزاد ناول آھي. ھن ناول ۾ ٻن انسانن جي محبت جو ذڪر ڪيل آھي ۽ ان سان گڏوگڏ ھن ناول ۾ سماج جي ريتن رسمن ڏاڍن جي ظلمن جو ذڪر پڻ ڪيل آھي. ھن ناول تي تبصرو ڪندي ڊاڪٽر نجم عباسيءَ پنھنجي مضمون ۾ لکيو ھو ته ”ھن ناول مان ھڪڙو نتيجو، جيڪو گذريل صدين دوران لکيل ھر ترقي پسند قصي، داستان ۽ ڪھاڻي جي پڙھڻ مان به ڪڍي سگهبو آھي، سو ھي آھي ته انسانن جي وچ ۾ بدترين رشتو ”شادي“ جو رشتو آھي، شادي سان انساني حياتي جا وڏي ۾ وڏا ڏک ڳنڍيل آھي ۽ شادي، پيار جي وڏي ۾وڏي دشمن آھي“.(50)
سندس ٻيو طبعزاد ناول ”درد جي خوشبو“ (1981ع) آھي، جيڪو نيوفيلڊس پبليڪيشن وارن شايع ڪيو. ھي ھڪ سماجي ۽ اصلاحي ناول آھي. ليکڪ چوي ٿو منهنجو خيال اهو آهي ته زندگي وڏن واقعن يا حادثن جو نالو ناهي. پر زندگيءَ جو اصل مزو ننڍن ننڍن مسئلن ۽ مختصر واقعن جي گڏيل تاثر ۾ آهي. پوءِ ڪڏهن اهي خوشيون آڻين ٿيون ته ڪڏهن ڏک ۽ تڪليفون. پر ڪي ڏک ۽ سور اهڙا به ٿيندا آهن، جو ماڻهو چاهيندو آهي ته پنهنجون خوشيون انهن تي گهوري ڇڏي.هي ناول به اهڙن ئي ڪردارن ۽ واقعن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هر ڪردار پنهنجي اندر جي پيڙا ڀوڳي ٿو، پر انهيءَ ۾ ڪنهن ٻئي کي ڀاڱي ڀائيوار نٿو بڻائي“.(51)
ھن ناول ۾ اھڙا واقعا ۽ ڪردار پيش ڪيل آھن، جيڪي پنھنجي اندر جي پيڙا پاڻ ڀوڳين ٿا، پر انھيءَ سان ٻئي ڪنھن کي به شامل نٿا ڪن. ھن ناول ۾ ڊاڪٽر قاضي خادم جيڪي اھم نڪتا کڻي، ھي ناول لکيو آھي. انھن ۾ خاص طور زندگيءَ جي وڏن حادثن مان ننڍن واقعن جي ميلاپ مان رنگ حاصل ڪرڻ ھڪ نوجوان جو محبت جي جذبي سان پھريون ٽڪر، ھڪ خوبصورت عورت جو پھرئين پيار جو تجوبو، ھڪ زندهه دل شخص جو پھريون ڏک جو واسطو، ھڪ انسان جو پھريون موت جو ذائقو، انساني سڀاءُ ۾ لڪل لطيف جذبا جيڪي ھر گذرندڙ پل کي امر بڻائي ٿا ڇڏين، انھن جو نالو ”درد جي خوشبو“ آھي.
پروفيسر قاضي خادم جا ناول ”زندگيءَ جي معمولي واقعن ۽ حالات جي اپٽار ڪن ٿا. سندس ناولن جي ٻي اھم خوبي اھا آھي ته ھو ڪھاڻي سان گڏ حسن بياني ۽ منظر نگاري ۽ سھڻي عبارت استعمال ڪري ٿو. پروفيسر قاضي خادم سنڌي ناول جي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ھڪ طرف اصلوڪا ته ٻئي طرف ترجما ڪري سنڌي ادب ۾ ناولن جي کوٽ کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن جا ترجمو ٿيل ناول به اھم آھن. ھڪ ته اھي ادب ۾ نون لاڙن ۽ رجحانن جي حوالي سان اھم مقام رکن ٿا ته ٻئي طرف اھي نالي وارن يورپي ناول نگارن جا لکيل آھن، جن جي سڃاڻپ دنيا جي ھر ٻوليءَ ۾ ٿيل آھي.

ولي رام ولڀ (18 آگسٽ 1941ع)
ولي رام ولڀ ولد ڪيول رام جو جنم ٿر جي مشھور شھر مٺي ۾ ٿيو. ولي رام ولڀ جو شمار سنڌ جي تمام وڏن ترجمي نگارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ترجما اصلوڪا ۽ تخليقي لڳندا آھن. پاڻ سنڌي، انگريزي، سنسڪرت، ھندي، اردو، گجراتي، پنجابي ۽ ڍاٽڪي زبانن جو ڄائيندڙ آھي، اھو ئي سبب آھي جو سندس ترجما گهڻين ٻولين تان ٿيل آھن. افسانوي ادب جي ترجمن ۾ سندن اعليٰ مقام آھي.
”بند دورازو“ (امرتا پريتم جي پنجابي ناول جو ترجمو 1978ع)، ”سيتا ھرڻ“ (قرت العين جي ناول جو ترجمو 1968ع)، ”ڌرايو“ (فرانسيس ناول نگار البرٽ ڪاميو جو ناول جو ترجمو) ”ڪارو ڪتاب“ (عابد سورتي جي گجراتي ناول جو ترجمو) ”سمھيل پاڻي“ (سرويشر ديال جي ھندي ناول جو ترجمو)، ”ڇتن ڪتن جو مسيحا“ (سرويشر دياج جي ھندي ناول جو ترجمو)،”پوئين پھر جا پانڌيئڙا (قرت العين جي ناول جو ترجمو 2000ع)، ”آئنا ڪرينا“، (ليوٽالسٽاءِ جي روسي ناول جو ترجمو)، ”ڪھاڻي ھنن جي“ (امرتا پريتم جي ناول جو ترجمو)، شامل آھن.
سندس ترجمن ۾ گهڻا ڪتاب ناولن جا آھن. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ان صنف جي سنڌي ادب ۾ گهڻي ترقي نه ھئڻ ڪري ان تي گهڻو ڪم ڪيو آھي، جيئن ناول ۾ ادب جا جهول ڀري سگهجن. ولي رام ولڀ گهڻ مطالعي وارو ۽ تخليقي ليکڪ آھي. ان ڪري سندس ترجما تخليق کي وڌيڪ ويجهو آھن.
سندس ناول ”غدار، اردو ۽ ھنديءَ جو نامور ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ڪرشن چندر(1977-1914) جي مشھور ناول ”غدار“ جو ترجمو ڪيو آھي، جيڪو ولي رام ولڀ 1968ع ۾ شايع ڪرايو. ھي ناول 1947ع جي ورھاڱي جي پس منظر ۾ لکيل آھي. ورھاڱي جي زماني ۾ لڏ پلاڻ وقت، خونريزي، قتل و غارت ٿي ھئي ۽ دين ڌرم جي نالي ۾ جيڪو انسانيت جون خون ڪيو ويو ھو، ھن ناول ۾ انھن سڀني واقعن جو ذڪر ملي ٿو. ناول جا ڪردار ھيٺين طبقي جا ڏتڙيل عام فرد آھن جن جو پيار، حب الوطني، انسانيت پسندي جو ورھاڱو ۽ خون ڪري ٿو. ھن ناول ۾ ھڪ ڪتي جو ڪردار آھي جنھن کي انسان سان ڀيٽ ڪندي ليکڪ چوي ٿو:
”شڪر ڪر تون ڪتو آھين تو کي ڪھڙو ڊپ، تون انسان ٿوري آھين جو تو کي جان جو خوف ھجي، ھي ته سڀ تهذيب جون ڳالهيون آھن، وڏن مذھبن ۽ اخلاقن جا جهڳڙا آھن، شڪر ڪر ته تو بي مذھب، جاھل ۽ بي اخلاق آھين“.(52)
”ڌاريو“ وليرام ولڀ، فرانس جي مشھور وجودي فڪر جي ليکڪ البرٽ ڪامئئو جي ناول “Stranger” تان ترجمو ڪيو. ھي ناول به وجودي فڪر جي ترجماني ڪري ٿو. جنھن ۾ زندگي جي بي مقصديت کي پيش ڪيو ويو آھي. ھن ناول ۾”ميرسو“ ھڪ نوجوان ڪلارڪ آھي. ھو ھڪ فرينچ، الجيريائي پنھنجي ننڍي فلئٽ ۾، پنھنجي محبوبھ سان گڏ گذاريندي، فلمون ڏسندي، بسر ڪري ٿو. پر سماج جي نظرن ۾ اھو غلط آھي. ھو ٻاھران کان زندگي، موت ۽ جنس جي حقيقتن جو مشاھدو ڪري ٿو.
ھن ناول لاءِ ڊاڪٽر نور افروز خواجه لکي ٿي ته”ھن ناول ۾ زندگي جو نظريو بھترين طريقي سان سمجهايو ويو آھي. ”ميرسو“ ھڪ اھو شخص آھي، جنھن کي اھو احساس آھي ته ھو جيئن زندگي ۾ پل پل جيئي ٿو. تيئن وٽس ورلي يادون آھن ۽ توقعات نه آھن. ھو نه ٻين کي ڪجهه ڏيڻ پسند ڪري ٿو ۽ نه ئي ٻين کان ڪجهه گهري ٿو. ھن جو وڏو گڻ سندس ايمانداري آھي، جيتوڻيڪ سندس زندگي داءَ تي آھي پر ھو باوجود انھن احساسن ۽ آدرشن جي، جيڪي وٽس ناھن، ڍونگ نه ٿو رچائي“.(53)
وليرام ولب جو ناول ”بند دروازو“ هند جي نامياري پنجابي/هندي ليکڪا ۽ شاعره امرتا پريتم (1919-2005) جو لکيل آهي، جنهن جو هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ولي رام ولڀ ڪيو. هن ناول جي سنڌي ترجمي جو پهريون ڇاپو 1978ع ۾ آگم پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران 1991ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ھيءُ ناول ’ ڪملا ‘ نالي ڪردار جي محبت تي ٻَڌل هڪ سماجي ناول آهي. هن ناول ۾ نج ڳوٺاڻي زندگي آھي، جنھن جي ڪري ناول پڙھندي ڪائي اجنبيت محسوس نٿي ٿئي. ”بند دروازو“ ۾ ھڪ محبت ۽ سچايون رکندڙ عورت، موٽ ۾ انتھائي نفرتون ۽ ڌڪار وٺندڙ اديبا، دنيا ۾ غمناڪ ۽ ڀيانڪ، تجربن ماڻڻ کانپوءِ به مايوس ڪندڙ ناھي ۽ ڏاڍي ڏکاري ۽ دل ڀڄائيندڙ ڪھاڻي کانپوءِ بھ، ان مان ھڪڙو رستو ۽ راهه ضرور ملي ٿي ۽ مظلوم ۽ مجبور عورت کي گهڻيون روشنايون ٿي بخشي.
ولي رام ولڀ، قرت العين الحيدر جي ناوليٽ جو ترجمو ”سيتا ھرڻ“ جي عنوان سان ڪيو، جيڪو 1968ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول جو موضوع ”رامائڻ“ مان اخذ ڪيل آھي. (سيتاھرڻ) پنھنجي وطن مان لڏڻ جي تجربي جي جذبي تحت لکيو ويو آھي. تهذيبن جو مٽجڻ، لکين ماڻھن جو ڏتڙجي جلاوطن ٿي بي گهر ٿيڻ، خوبصورت عورت جي محبت جي ڏکائيندڙ ڪلائمڪس ۾ انسان پرستي خاص موضوع آھن.
ناولٽ جو مرڪزي ڪردار، سيتا ميرچنداڻي، هڪ پڙهيل لکيل عورت آهي پروگريسو سوچ جي حامي ۽ پرچارڪ آهي. ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ”هندستان جي سماجي انقلاب“ جي موضوع تي ريسرچ ڪري پي ايڇ- ڊي جي ڊگري ورتي اٿس. هوءَ مذهب، سياست، زندگي، موت ۽ دنيا جي هر شيءِ جي باري ۾ سوچي ٿي ۽ بحث ڪري ٿي. هندو آهي، پر سندس پهرين محبت ۽ پوءِ شادي جميل نالي اڙدو ڳالهائيندڙ هڪ مسلمان سان ٿئي ٿي، جيڪو فيض آباد (هندستان) جو رهاڪو آهي، پر نوڪريءَ سانگي آمريڪا ۾ رهي ٿو. هوءَ پاڻ اصل ۾ سنڌي ۽ حيدرآباد جي رهاڪو آهي. سندس ننڍپڻ سنڌ ۾ گذريو آهي. سندس پيءُ ڪراچيءَ ۾ عامل ڪالونيءَ ۾ ميڊيڪل پرئڪٽس ڪندو آهي، پر ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي ٿو وڃي.
ناولٽ جي شروعات، جميل جي ٻي شاديءَ جي خبر سان ٿئي ٿي، سيتا علمي، ادبي ۽ ثقافتي قسمن جي گڏجاڻين ۾ مشغول رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. سندس دوستيءَ جي دائري ۾ مٿئين طبقي جي امير پڙهيل لکيل نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي دنيا آهي، جيڪا بيحد ذهين، خوبصورت ۽ آزاد آهي. سندس دلچسپيون، گفتگوءَ جا موضوع، ماحول ۽ گڏجاڻيون- سڀ هڪ جهڙا آهن. زندگي انهن لاءِ خوشيءَ جي کيڏ آهي، چهچٽو آهي، پر زندگيءَ جي دک جو ايذاءُ کيس چُڀيندو ۽ ڪُرائيندو رهي ٿو. ننڍڙي پٽ راهُل جي ياد ۾ جميل لاءِ محبت جي ڇڪ، انهن ٻنهي ڪارڻن ڪري، زندگي کيس خالي ۽ فضول لڳي ٿي. پوءِ هوءَ هيڪلائي جي شديد احساس هيٺ حالتن جي بيرحم ۽ تکين لهرن ۾ بيوس بنجي اڳيان لڙهندي وڃي ٿي ۽ خبر نٿي پويس ته نيٺ انهيءَ جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو. پر زندگيءَ جي دکن سکن مان گذرندي سندس بنيادي احساس پڻ وڌيڪ گهرو ٿيندو وڃي ٿو ۽ ڏوهه جو احساس ڇاتيءَ تي بار بنجي بيهي ٿو وڃيس. انهيءَ بار کي جهڪو ڪرڻ لاءِ، آسائش جون پناهگاهون ڳولي ٿي. پڇاڙيءَ ۾ عرفان، جيڪو سندس آخري پناهه گاهه آهي، جي بيوفائيءَ کان ته سيتا جي دل بلڪل وساميو وڃي ٿي ۽ زندگي هيڪاري وڌيڪ اونداهي ٿي وڃيس ٿي. تمام شديد گهرو احساس سندس دل ۾ روح تي حاوي پئجي ٿو وڃيس.
سيتا جي جذباتي محرومي، هن ناولٽ جي دل آهي. اها محرومي هڪ ماءُ جي محرومي آهي، هڪ زال جي محرومي آهي ۽ ساڳئي وقت پنهنجي جنم ڀوميءَ کان به محرومي آهي، جيڪا ليکڪا پنهنجو وطن ڇڏي پرڏيهه ۾ اچي محسوس ڪئي هئي ۽ سيتا جي ڪردار ۾ سموئي، تاريخي فريم ۾ رکي، موضوع ۾ وسعت ۽ گهرائي پيدا ڪئي اٿس.
ھن ناوليٽ ۾، ھندستان جي مسلمانن ۽ ھندن جي ھڪ ئي ثقافت جا حامي ڏيکاريل آھن. ھندن ۽ مسلمانن جي عبادت جي طور طريقن، ريتن، رسمن ۽ اھم ڏينهن ۾ ظاھري تعاون ڏيکاريل آھي، پر سندن بنياد اصل ۾ ھڪ ئي ھو.
هن قرت العين حيدر جي ناول جو ترجمو آھي. ”پوئين پھر جا پانڌيڙا“ ھڪ تاريخي دستاويز آھي. ھي ناول 1939ع کان شروع ٿي 1977ع ۾ ختم ٿئي ٿو، ھن ناول ۾ گڏيل بنگال ۾ شروع ٿيل انگريزن خلاف دھشت بند ھلچل جو ذڪر آھي، پاڪستان ۽ ھندستان جي علحيدگيءَ بابت جدوجهد جو به ذڪر آھي.
ھن ناول ۾ ڪردارن جو ھڪ وڏو ھجوم آھي. انھن ڪردارن وٽ وري پنھنجون پنھنجون ڪھاڻيون آھن.، خواب آھن، آدرش آھن، ھر ڪردار ٻئي ڪردار کان مختلف آھي. ھر ڪردار جا پنھنجا حالات، واقعا ۽ ماضيءَ جا سفر آھن. ڪيترا ڪردار آھن، ڪميونسٽ نوجوان ريحان احمد ۽ بعد ۾ ڍاڪا جا نواب صاحب. سنگر ۽ ڪميونسٽ ورڪر ديپالي سرڪار ۽ آخر ۾ بورڊ آف اسپين جي دولتمند مس سين، پادري بيئنرجي ۽ سندس ڪميونسٽ ڌيءَ روزي جيڪا دھشت بند ھل چل دوران پنھنجي ساٿين سان ٿاڻي تي ھينڊ گرينڊ اڇلائي ٿي. پوليس جي لٺين ۾ زخمي ٿئي ٿي. جيل ۾ تڪليفون سھي آزاد ٿي مذھب مٽائي شادي ڪري دولتمند شريم تي راڌيڪا بڻجي وڃي ٿي. دولتمند پيءُ جي ڌيءُ ڪميونسٽ خيالن واري ريحان احمد ۽ ديپالي سرڪار جي چاھت تي جيليسي به آھي. جيڪا پھرين ته لا مذھب ھئي پر پيري ۾ مذھبي ٿي وئي.
سنڌي زبان جي پڙھندڙن، ولي رام ولڀ جي ناولن کي ڏاڍو پسند ڪندا آھن. سندس ترجمو ٿيل ناولن جي خاص ڳالهه اھا آھي ته اھي ترقي پسند لاڙن جي ترجماني ڪن ٿا. ھو پنھنجن ترجمن لاءِ چوي ٿو ته ”مون جيڪو به ترجمو ڪيو آھي، مون کي لڳندو آھي، ڄڻ مون تخليق ڪيو آھي. مان ان ساڳي درد، ڪرب ۽ پيڙا مان گذرندو آھيان. جنھن مان اصل ليکڪ گذريو ھوندو“.(54)

طارق اشرف (1940-1992ع)
سيد اشرف علي شاهه ”طارق اشرف“ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس ادبي خدمتون تمام وسيع آھن، جن کي ٽن حصن ۾ ورھائي سگهجي ٿو. ھن 1960ع کان ماھوار ”سھڻي“ رسالو جاري ڪيو، جيڪو سنڌي ادب جو بيمثال رسالو ھو. ٻيو ھو تمام وڏو صحافي ھو. ٽيون، ھن جون ذاتي ادبي ڪاوشون.
طارق اشرف جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آھن. ھو بنيادي طور تي افسانوي اديب ھو. سندس ڪھاڻين جي ڪتابن ۾ ”سونھن پٿر ۽ پيار“، ”زندگيءَ جو تنھا مسافر“ (1978ع)، ”درد جا ڏينهن درد جون راتيون“ ۽ ھڪ ناول ”ميرو ڌاڙيل“ (1980ع) اھم آھن.
سندس ناول ”ميرو ڌاڙيل“۾ وڏيرڪي سماجي روايتن ۽ غير انساني حرڪتن کي پيش ڪيو ويو آھي. ھي ناول ميرو ڌاڙيل جي آتم ڪھاڻي آھي جيڪا خود ميري طارق اشرف کي جيل ۾ رھڻ دوران ٻڌائي ھئي. طارق اشرف ھن واقعي کي سميٽي ناول جو روپ ڏنو، جنھن جي باري ۾ خود ليکڪ جو مھاڳ ۾ چوڻ آھي ته”ميرو ھڪ سچار بھادر ۽ ھر ظلم جو مقابلو ڪندڙ ھو انھي ڪري کيس سنڌي وڏيري، پنھنجي رستي تان ھٽائڻ لاءِ ايتريون تڪليفون ۽ اذيتون ڏياريون، پوليس کان بنا ڏوهه جي گرفتار ڪرائي کيس مار کارائي، انھي ڪري ميرو ڌاڙيل بنجي ويو.“
ناول ۾ اھا ڳالهه واضع ٿئي پئي ته ڌاڙيل ڪو ماءَ جي پيٽ مان پيدا ڪونھ ٿيندو آھي، بلڪ طبقاتي سماج جي گهٽ وڌائي، وڏيرن، اميرن جو غير انساني سلوڪ ماڻھو کي مجبور ڪري ٿو ته ھو بغاوت ڪري، ڌاڙيل بڻجن بغاوت جو منفي پھلو آھي. ھن ناول ۾ اھا ڳالهه به ڏيکاري ويئي آھي ته ڌاڙيل صرف ھڪ وحشي جانوراڻي صفت وارو ماڻھو ناھي، بلڪ ھن جي دل ۾ به انساني جذبا ۽ احساس موجود آھن. ھو به محبت جهڙي جذبي کان عاري ناھي.

حليم بروهي (2010ع– 2019ع)
حليم بروهي نه رڳو اُهو اديب آهي ، جنهن سنڌيءَ ۾ مزاحيه ادب کي نئون موڙ ڏنو .هن 1975ع واري ڏهاڪي ۾ ”اوڙاهه“ نالي سان ناول لکيو ، جيڪو ڪرائون سائيز ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو هو.ن اول ”اوڙاھھ“ جنسياتي، نفسياتي الجهنن تي اڌمن جو ھڪ سٺو مثال آھي. ھي ناول ھڪ اھڙي ماڻھوءَ جي ڪھاڻيءَ تي بيٺل آھي، جيڪو چري ٿيڻ جي ويجهو آھي. ھو پنھنجي نفسياتي ڇيد ڪرڻ لاءِ ماضيءَ ۾ جهاتي پائي ٿو۽ پوءِ ماضيءَ جون ڪڙيون کلنديون وڃن ٿيون. جنھن ۾ ھن جي ذھني ڪينواس تي ڪيترائي ڪردار خاص طور تي عورتون اچي وڃن ٿيون، جيڪي سندس زندگيءَ ۾ آيل آھن. ايستائين جو هن پهريون ڀيرو جنهن عورت سان ننڍي ڄمار ۾ جنسي عمل ڪيو هو، ان جي يادگيري به کيس چڱي ريت آهي. هڪ ئي سيٽ تي بيان ڪيل ناول ۾ ڪردار ئي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندو رهي ٿو. پر جيئن ته هو اڪيلائي جو شڪار ٿي ويو آهي، تنهنڪري هو نفسياتي طور پاڻ کي ڪمزور به محسوس ڪري ٿو. سنڌي ۾ اهڙي ٽيڪنيڪ تي شايد ئي اهڙا ناول لکيل هجن. هو جن جن عورتن سان جنسي لاڳاپا رکي ٿو، انهن سمورين جا قصا بيان ڪيا آهن. ناول ۾ نه فقط جنسياتي نه پر نفسياتي پاسن کي به چڱي ريت بيان ڪيو ويو آهي. آخر ۾ ڪردار نيٺ انهي پاڳل خاني ڏانهن هليو ٿو وڃي، جنهن جي حوالي سان هو ناول ۾ ذڪر ڪندو رهندو آهي.
ھي ناول فرائڊ جي نظرئي جي پرچار ڪري ٿو. ناول جو مکيھ ڪردار اھڙو ايبنارمل انسان آھي، جيڪو نشي جي ريچڪ لهڻ سان ڪجهه ياد ڪري ٿو وٺي ۽ ڊائري ۾ لکندو ٿو وڃي.

امر جليل (8 نومبر 1936ع)
قاضي عبدالجليل، ”امر جليل“ جو جنم روھڙي شھر ۾ ٿيو. امر جليل بنيادي طور تي ڪھاڻيڪار آھي. ان کان علاوه ھن ڪيترائي ڊراما ۽ ڪالم به لکيا آھن. سندس ڪيترائي ڪتاب پڻ شايع ٿيل آھن. امر جليل سڀ کان پھرين ناول ”جڏھن مان نه ھوندس“ لکيو ھو. ان جي ھن پاڻ ئي وضاحت ڪندي لکيو ھو ته ” ڏهه سال اڳ منھنجي افسانن جو مجموعو شايع ٿيو ھيو، جنھن جو نالو جڏھن مان نه ھوندس. اصل جڏھن مان نه ھوندس 1968 کان 1970ع واري دور جي پسمنظر ۾ لکيل ناول ھو، جڏھن سنڌ ڀرپور تحريڪ ھلائي ون يونٽ ٽوڙايو ھو. مون کي چيو ويو ته حالتون سازگار نه آھن. ناول مان گهڻو ڪجهه ڪڍڻو پيو. نيٺ طويل افساني جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو“.(55)
امر جليل جو ٻيو ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ 1994ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول ھمعصر ملڪي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو. خاص طور تي شھيد بينظير ڀٽو جي 1988ع واري حڪومت جو دور اچي وڃي ٿو. ھن ناول ۾ سنڌين کي دھشگرد ثابت ڪرڻ ۾ خفيھ ايجنسن جي ھٿ جي نشاندھي ڪئي وئي آھي. ان کان علاوه افغان مھاجرن جي ھٿان سنڌين کي ھٿيارن سمگل ڪرڻ ۽ نتيجي ۾ اندروني سنڌ ۾ وڌندڙ ڌاڙيل ڪلچر کي فروغ ملڻ ۽ منشيات جي عام استعمال کي به پيش ڪيو ويو آھي.
ھن ناول لاءِ ڊاڪٽر نور افروز خواجه لکي ٿي ته ”امر جليل جي ھن ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ جو موضوع نھايت ئي اھم آھي، يعني ھن ناول ۾ رياست ان جا گماشتا، مظلوم بي دريافتا سنڌي ماڻھو، جن جو اسلام آباد ۾ڪير به ٻڌڻ وارو ڪونھي، سرڪاري گماشتا، جيئن چاھين، جڏھن به چاھين، تيئن ان سان ڪري سگهن ٿا. سنڌ مان اسلام آباد آيل گلاب گونگي ۽ جوڳي کي دھشتگرد ۽ ھندستان جو ايجنٽ قرار ڏيئي، اخبارن ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي خلاف اھڙي نفرت پکيڙين ٿا، جو گلاب گونگي ۽ جوڳي جي سچائيءَ تي سندس مائٽن کي به اعتبار نٿو اچي، حالانڪ حقيقت ھيءَ آھي ته گلاب گونگي ۽ جوڳي جو نه ڪو سياست سان واسطو آھي ۽ نه ئي کين ملڪي سياست جي باري ۾ ڪا ڄاڻ آھي“.(56)
ھن ناول جو مرڪزي خيال ٻن حصن ۾ ورھايل آھي. ھڪ ته علامتي طور لفظ ”اسلام“ کي نالي ۾ استعمال ڪيو ويو آھي. ٻيو سنڌي ماڻھوءَ کي پوري ملڪ ۾ مٿئين طبقي جي سمورن باشندن جي نظر ۾ دھشتگرد، ملڪ جي وجود جو انڪاري، ملڪ جو غدار وغيره وغيره. پورو ناول سياسي چالبازين، دھشتگردن جي خفيھ حرڪتن خفيھ ايجنسن جي ڪردار ۽ سنڌ جي معاشي سياسي حالتن جو نقشو پيش ڪري ٿو.
امر جليل ھن ناول ۾ روايتي طور شاندار تشبيھون ڏنيون آھن مثال طور:”پريشاني سندس چھري تي پوسٽر وانگر چنبڙيل ھئي“، ”اندر ۾ فرد جو سيمينار ٿيندو رھيو.“ چاھڻ ۽ نه چاھڻ جي وچواري مرحلي ۾ انسان بي يقيني جي صليب تي لٽڪي پوندو آھي. مان بي يقينيءَ جي صليب تي لٽڪيل آھيان.“

ماھتاب محبوب (14 جولاءِ 1946ع)
ماھتاب محبوب، جو جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيو. پنھنجي ھمعصر ليکڪن ۾ ھن وڏو نالو ڪڍيو آھي. ھن ڪھاڻيڪار، ناول نگار، سفرنامھ نويس، مضمون نگار، ڊراما نگار، ڪالم نگار ۽ شاعريءَ ۾ پنھنجو ھڪ مقام حاصل ڪيو آھي. مھتاب محبوب لکڻ جي شروعات ٻالڪپڻي ادب سان ۽ ڪھاڻين جي ترجمن سان ڪئي. ھوءَ 1960ع کان باقاعده لکندي پئي اچي. سندس ناولن ۾ ”خواب خوشبو ۽ ڇوڪري“ ۽ ”پيار پناھون ڇانورا“ شامل آھن. ان کان علاوه سندس ڪھاڻين، مضمونن، سفرنامن ۽ ڪالمن جا به ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آھن.
سندس ناول ”خواب، خوشبو ۽ ڇوڪري“ (1996ع) ۾ شايع ٿيو. ناول جو موضوع مٿئين طبقي جي خاندان تي اڻيل آھي ھن ناول جي ڪھاڻي Teenage ڇوڪري صنم تي ٻڌل آھي. جيڪا اسڪول ۾ پڙھندڙ نئين زماني جي ڇوڪري آھي. فھد نالي ڇوڪري سان سندس پھرين محبت ٿئي ٿي. ھوءَ فھد سان ملي ٿي ۽ سنجوڳ به ٿئي ٿو ۽ اھا خبر مائٽن ۽ گهر ۾ پئي ٿي ۽ سندس وري شادي وڏي عمر جي ھمراهه عرفان سان ڪرائي وڃيس ٿي، جيڪو دبئيءَ ۾ گاڏين جو مستري آھي، عمرين جي فرق ۽ مڙس جي گهڻي مصروفيت سبب زال ۽ مڙس جي وچ ۾ ھوريان ھوريان اختلاف ڪر کڻڻ لڳن ٿا ۽ نيٺ ھن رشتي جو اختتام روايتي ڪھاڻين وانگر طلاق تي ٿئي ٿو، پر ڪھاڻي اتي ختم نٿي ٿئي بلڪ اتان ئي اھو ڀيانڪ موڙ اختيار ڪري ٿي، جيڪو ڪھاڻيءَ جو اصل موضوع آھي. ٻھ ٻار ٿينس ٿا. صنم مطمئن ناھي. خاص طور ھو ڀڳل ڀريل آھي. جيئن پھاڪو آھي ته:
”منھنجو مڙس منھنجي ٻارن جو پيءُ ته آھي پر منھنجي سر جو سائين ناھي.“
وري فھد مليس ٿو. جنھن سان چوريءَ سنڀوڳ ڪري ٿي. مڙس پڪڙيس ٿو. رسي وڃي ٿي پنھنجي گهر وري پرچاءَ، ملڪ کان ٻاھر دبئيءَ روانگي، دبئي ۾ صنم جي زندگي ۾ سندس مڙس جو ماسات داخل ٿئي ٿو. جيڪو ھن کي استعمال ڪري ٿو. عرفان جي صنم جي زندگيءَ ۾ خلا صنم جي زندگي جو موت بڻجي ٿي. صنم کي طلاق ٿئي ٿي. پوءِ رلي وڃي ٿي. طلاق بعد ھوءَ ڪن واقفڪارن جي سھاري شوبز جي رنگين ۽ پرفريب دنيا ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ پوءِ چاھيندي نه چاھيندي وک وک تي ڪنھن شيءَ وانگر استعمال ٿيڻ لڳي ٿي ۽ جڏھن منجهس ان جو شدت سان احساس اڀري ٿو، تيستائين ڪئي تباھيون ھن جي زندگيءَ جو حصو بڻجي وڃن ٿيون ۽ مٿس محبتن ۽ دوستين جي اصل ۽ مصنوعي صورت به کلي پوي ٿي. اھڙي بي راهه رويءَ جو اختتام ايڊز ۽ ڪردار جي اڪيلائين جي اوندهه حوالي ٿيڻ تي ڪيو ويو آھي، جيڪو ھن ڪھاڻيءَ جي اصل ۽ خاص نڪتو يا ڪلائيمڪس آھي.
ھن ناول متعلق ليکڪا جي ھمعصر نقاد تنوير جوڻيجو لکي ٿي ”ھيءَ ڪھاڻي ھڪ طرف بدلجندڙ ثقافتي طرزن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن جي به ڪھاڻيءَ آھي ۽ ٻئي طرف بدلجندڙ ثقافتي طرزن جي نتيجي ۾، ٻن متضاد روين باعث ثقافتي ويڇي جو جنم ۽ فرد جي اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ اڄ جي دور ۾ سماج کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي چڪا آھن. انھن جي عڪاسي به ھن ناول ۾ ڪئي وئي آھي“.(57)
ماھتاب محبوب جو ”پيار پناھون ڇانورا“ ناول نيو فيلڊس پبلڪيشن حيدرآباد طرفان 2001ع ۾ شايع ٿيو. ناول جي مقصديت تي تبصرو ڪندي خود ليکڪ لکيو آھي ته ”اسان جي معاشري تي ڏينهون ڏينهن حاوي ٿيندڙ ٻاھران آيل ماڊرن قدرن ۽ پراڻين ريتن روايتن وچ ۾ جيڪو ٽڪراءُ شروع ٿي ويو آھي ان سان ذھنن ۾ جيڪي بي اختيار سوچون ۽ تڪڙيون تبديليون آيون آھن، ھي ناول انھن جي ترجماني ڪرڻ جي ھڪڙي ننڍڙي ڪوشش آھي.“
ھي ناول ھڪ گهريلو زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو. جنھن ۾ اپرمڊل ڪلاس جي فيملي جا مسئلا بيان ڪيل آھن. سس ۽ ننھن جو جهيڙو، مڙس ۽ زال ۾ ھم آھنگي نه ھجڻ، روز گهر ۾ ٻارن تان، گهر جي ڪم ڪار تان ۽ ننڍڙن مسئلن تان زال کي مڙس طرفان ۽ سس طرفان طلاق جا دڙڪا ڏيڻ وغيره به ھن ناول جو موضوع آھن. ٻئي طرف ھي ناول مس رمل جي ڪھاڻي آھي، جيڪا ھڪ پبليڪشن اداري ۾ صحافي طور خدمتون سرانجام ڏئي رھي آھي. ھوءَ پنھنجي ڀيڻ انعم وانگر شادي ڪري پنھنجي آزاد زندگي کي جنجال بنائڻ نه پئي چاھي. اھو خود ھن ناول جو وڏو اشو آھي. اھڙي طرح ھي ناول بيوس ۽ مجبور ۽ ظلم ۾ پيڙجندڙ عورتن کي حوصلو به بخشي ٿو ته بغاوت جو درس به ڏئي ٿو.
ھن ناول ۾ شادي جي نالي ۾ عورت سان جيڪي زيادتيون ٿين ٿيون. ۽ ٻئي طرف آزاد رھڻ لاءِ سوچون جنم وٺن ٿيون. انھن ۾ ٽڪراءُ ڏيکاريو ويو آھي. ھن ناول جي ھيروئن رمل ڪجهه اھڙن تضادن جو شڪار آھي. ھوءَ ھڪ ھنڌ چوي ٿي ته :”مان جڏھن رضا خوشي سان توھان سان گڏ رھڻ لاءِ تيار آھيان. ته باقي اوھان کي ڪھڙو اعتراض ڇو نٿا سمجهو ته نڪاح جي نالي ۾ غلامي ڀريل ذلت آميز زندگي جو سودو حق واري ظلم ستي ٿي مرڻ واري ستم يا ڪاري ٿي مرڻ واري قھر کان ڪنھن به ريت گهٽ نه آھي.“ پر عرفات جي دليلن کيس قائل ڪري ڇڏيو ته رسڻ، جهيڙو ڪرڻ، پرچڻ، اھو ئي پيار آھي.
مطلب ته ناول ”پيار پناھون ڇانورا“ اسان جي معاشري ۾ ايندڙ تبديلين جي صحيح عڪاسي ڪري ٿو.

مراد علي مرزا (2011-1929)
مراد علي مرزا جو جنم ٽنڊو آغا اسماعيل شاهه ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. ھو ريڊيو پاڪستان سان به وابستھ رھيو آھي. ھو شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊرامانويس، مترجم ۽ نقاد آھي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آھن. سندس ناولن جي سلسلي ۾ گئبريل گارشيا مارڪيئنر جي ناول جو ترجمو ”اڪيلائي جا ھڪ سؤ سال“ (2000ع) ۽ ”سامي سج وڙاءُ“ (ناول) شايع ٿيل آھن. سندس ناوليٽ ”رت ورني رات“، نئين زندگي: 1965ع ۾ قسطوار شايع ٿيو ھو. ھي ناوليٽ گهريلو زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو.
مرزا صاحب ھي ناول 1972ع ۾ نوبل انعام کٽندڙ ھسپانوي ٻوليءَ جي مشھور ناول نويس ۽ ڪھاڻيڪار گيبئريل گارشيا جي شاھڪار ناول “Lion anosde solded” جو سنڌي ۾ ترجمو ”اڪيلائي جا ھڪ سؤ سال“ سان ڪيو. ھي ناول سنڌيڪا اڪيڊمي طرفان 2000ع شايع ٿيو. مراد علي مرزا صاحب بنا ڪنھن ڦيرڦار جي ناول جو شاندار ترجمو ڪيو ۽ ھڪ شاھڪار ناول جو سنڌي ادب ۾ اضافو ڪيو آھي.
ناول جي ڪھاڻي مطابق بوئند يا خاندان ماڪوندو جو ڳوٺ اچي ٿو وسائي. شروع ۾ اھو ڳوٺ ترقي ڪندو سکيو ستابو ٿئي ٿو. پر پوءِ اجتماعي بي حسي، بنانا ڪمپني، موتمار مينهن ۽ پر اسراسر ۽ ناجائز جنسي لاڳاپن جي ڪري ڳوٺ ڦٽي جهنگ ٿي پوي ٿو. ڪردارن جي بي حسيءَ جو ھڪ مثال ھيءُ آھي ته ناول جي خوبصورت ۽ باعصمت ”ريميديوس بوئنديا“ جڏھن ھنڌن جون چادرون ويڙھيندي اوچتو چادرن سميت آسمان ڏانھن اڏامي وڃي ٿي ته سندس نڻان بيزار ٿيندي ڀڻڪي ٿي ته ”چادرون به ھمشيھ ھميشھ لاءِ ھليون ويون.“
ناول ۾ لوڪ ادب ۾ رومن ڪيٿولڪ ازم گڏجي ھڪ ٿي ويا آھن، مزاح ۽ ڏند ڪٿا ۾ تصادم آھي ۽ ڪرامتون عام ڳالهين تي اثر انداز ٿين ٿيون. حقيقت ۽ غير حقيقت ڄڻ ته ھڪ ئي سڪي جا ٻھ پاسا آھن، جيڪي ھڪ ٻئي جي پٺيان ٿين ٿا. ان جو اسلوب جادو جهڙي حقيقت پسنديءَ وانگر آھي جنھن ۾ واقعن ۽ شين جي خارجي صفتن ۽ انساني ذھن تي ٿيندڙ انھن واقعن جي اندروني اثرن ۾ فاصلا ختم ٿي وڃن ٿا، ايتري قدر جو واقعا پنھنجي مڪمل روپ ۾ پنھنجي وجود ۽ انساني تجربن سميت اڀري نروار ٿين ٿا.
مراد علي مرزا جو ناول ”سامي سڄ وڙاءُ“سڀ کان پھرين رسالي ۾ ڪجهه قسطوار شايع ٿيو، ان بعد 2008ع ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو. ھي ناول شاهه عبد اللطيف ڀٽائي جي حياتيءَ جو ڪٿائي ناول (Biographical Novel) آھي. ھتي واضح ھجي ته شاهه جي حياتي بابت ناول لکڻ جو ڪوشش گهڻن ليکڪن ڪئي ھئي، پر ڪوبھ ان ڪم کي وڌائي نه سگهيو. ڀٽائي ٻي ناول لڳڻ تو ٽواب ثيٽ اياز تو به هو. ڀٽائي تي ڱردار ڳي مٽٻپر ڄريحي ٺان آچا ٺليم به پنهنتي ناول هم اوٺٻ ۾ به پيث ڱيو هو.
ھي ناول شاهه لطيف سائين تي تحقيق ڪيل ڪتابن جهڙوڪ مرزا قليچ بيگ ”احوال شاهه لطيف ڀٽائي“، ”ڀيرومل جو ” لطيفي سئر “، ڪلياڻ آڏواڻي جو ”شاهه جو رسالو“ وغيره جي آڌار تي لکيو ويو آھي. ھن ناول ۾ شاهه جي حياتي، شاعري، شاهه جو عشق، شاهه جي روحانيت، سفر، دلچسپ واقعا، افسانوي انداز ۾ پيش ڪيا ويا آھن. ناول ۾ شاهه جو جيئرو جاڳندو، نماڻو، ڳنڀير، بيحد حساس، جذباتي ۽ شاعراڻو روپ چٽيو ويو آھي. ناول جي ٻولي شاندار، رٿا ۽ سٽاءُ ۽ پيشڪش عمدگيءَ سان ڏني ويئي آھي.

علي بابا (1945-2016ع)
علي بابا جو اصل نالو علي محمد بلوچ ولد محمد رمضان بلوچ آھي. سندس جنم ڪوٽڙي شھر ۾ ٿيو. علي بابا ڪھاڻيڪار، ڊرامانويس ۽ ناول نگار طور مشھور آھي. سندس ڪيترائي ڊراما ايوارڊ ماڻي چڪا آھن. سندس ڪتابن ۾ ڌرتي ڌڪاڻا (ڪھاڻيون) آيل اولاڻا (ڪھاڻيون 1984ع) منھنجون ڪھاڻيون، موھن جو دڙو (ناول) ۽ سند باد جو سفر (ناول) شايع ٿيل اٿس.
علي بابا جو ناول ”موھن جو دڙو“ ڀاڱو پھريون 1985ع ۾ اسان جي سامھون آيو آھي. جنھن جو بنيادي پسمنظر قديم سنڌ جي تاريخي ماڳ موھن جو دڙو آھي، جيڪو سندس نالي مان ظاھر آھي، ھي مڪمل ناول نه پر ھڪ حصو آھي. ھن ناول جي ڪھاڻي اھا آھي ته سونمياڻي جو آتم تارا سنبارا قبيلي جي شيوا سان شادي ڪري ٿو ۽ ھي قبيلو امن ۽ سڪون جو پوڄاري آھي پر جڏھن آرين جي مھا ويد اگني جڏھن بيمار ٿي ته اھا ھن علائقي ۾ علاج لاءِ اچي ٿي. جنھن ڪري ھن علائقي جو سڪون برباد ٿي وڃي ٿو ۽ سونمياڻيءَ جا نوجوان اگني ديوي جي اچڻ خلاف آواز اٿارين ٿا جن ۾ تلڪ سنڌو اڳڀرو ٿي نڪري اچي ٿو ۽ نوجوانن جي طرفان پنھنجي علائقي جي درٻار ۾ وڪالت ڪري ٿو ۽ ثابت ڪري ڏيکاري ٿو ته اسان اگني ديوي جو علاج ڪري پنھنجي پير تي ڪھاڙو ھنيو آھي، جو اڄ آريا لوڪ اسان جي راجائن کي پاڻ ۾ ويڙھائي علائقي تي قبضو ڪري ويا آھن.
مطلب ته سنڌ جي قديم تهذيب طرف وڃڻ ۾ علي بابا وڏو ڪردار ادا ڪيو. سندس ھي ناول ان جو وڏو مثال آھي. ھن ناول ۾ پنج ھزار سال پراڻي تهذيب کي اھڙي ته خوبصورت منظرنگاري سان پيش ڪيو آھي جو اسان کي جي اکين اڳيان موھن جو دڙو اصل صورت ۾ اچيو وڃي.
سندس ٻيو ناول ”سنڌ باد جو سفر“ 1993ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول ٻارن لاءِ لکيو ويو آھي. ھن ناول ۾ سند باد کي سنڌي ڏيکاريو ويو آھي. ۽ ٻيا سڀ ڪردار اصلوڪا سنڌي آھن. مثال طور ھوٿل پري، گوڪل ديو، پاراشررشي وغيره. ھن ناول ۾ تصويرون به ڏنيون ويون آھن. سڄي ناول ۾ دلچسپ قصو بيان ڪيو ويو آھي. پيئڻ بلا کي باز جي ھٿان مارايو ويو آھي. ”موھن جو دڙو“ ناول وانگر ھي به دراصل تهذيبي ۽ تاريخي ناول آھي. جنھن ۾ قديم سنڌ جو پسمنظر اچي وڃي ٿو.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو (1935-2011ع)
ڊاڪٽر عبدالجبار ولد سلطان احمد جوڻيجو ڳوٺ پير فتح محمد شاهه ضلعي بدين ۾ جنم ورتو، ادبي دنيا ۾ ھڪ معروف ھستي آھي. ھو بنيادي طور تي محقق ۽ نقاد آھي پر شاعري ۽ افسانوي ادب جي ميدان ۾ به ھن پنھنجا جوھر ڏيکاريا آھن. ڏاڱٽر ڃبدالتبار توڻيتو پڻ ناول تي پنڇ ۾ پاڻ ملهايو. سندس ناولن ۾ ”سوري آسينگار“ (1963ع),اڪيلي (ترجمو: 1974ع) ”شڪار“(2001) ۽ ”مڌوبالا“(2011) شامل آھن.
ڊاڪٽر صاحب پنھنجي پھرين ناول ”سوري آسينگار“ لاءِ لکيو آھي ته ”سوري آسينگار“ منھنجو ناول آھي جو 1956ع ڌاري لکيو ھوم پر 1963ع ۾ ڇپيو. ھن ۾ پنھنجي ويھن سالن جي عمر جون خواھشون ڪاغذ جا ڪبوتر ٺاھي اڏايون ھيم. ڄڻ ڪا دوشيزه منھنجو ڪنھن سفر ۾ انتظار ڪندي ھوندي!“ (سنڌي ادب جي تاريخ جلد ٽيون) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو ناول ”اڪيلي“ 1974ع ۾ آسٽريلوي ٻوليءَ جي مشھور ناول نويس Charles Herbert Shaw (1900 - 1955) جي ناول جو سنڌي ۾ترجمو آھي.سندس بھترين ناوليٽ ”شڪار“ھمعصر سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. جڏهن ته ”مڌوبالا“ سندس ھڪ رومانوي ناوليٽ آھي. ھي ناول آٽو بايوگرافيڪل آھي.

ڄام ساقي (1944-2018ع)
ڄام ساقي جو اصل نالو محمد ڄام ولد سچيڏنو آھي. پاڻ ڇاڇري شھر ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي ئي تعليم پرايائين. سندس وڏي سڃاڻپ سياست ۽ صحافت آھي.ڄام ساقي جو ھڪڙو ناول ”کاھوڙي کجن“ ملي ٿو، جيڪو 1973ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول سنڌ جي سياسي، سماجي معاشرتي مسئلي جي نمائندگي ڪري ٿو. ھي ناول روسي ترقي پسند ناولن وانگر لکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي. ھن ناول جو پلاٽ تمام وڏو آھي پر ليکڪ انھي کي مختصر ناوليٽ جي صورت ۾ لکيو آھي.
ناول ۾ جانب علي نالي ھڪ ترقي پسند ڪميونسٽ ڪردار آھي، جيڪو مارشل لا، سرمائيداري نظام ۽ جاگيرداريءَ خلاف جدوجهد ڪندڙ پارٽي جو ميمبر آھي پر حڪومت طرفان ھن خلاف وارنٽ نڪتل آھن ۽ گرفتاري لاءِ انعام پڻ رکيل آھي. گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ ھو شھر ۾ ھڪ بنگلي تي نوڪر ٿي روپوشي جي زندگي گذاري ٿو، جتي ننڍي سانئڻ شھناز کي سندس اصليت جي خبر پئجي وڃي ٿي. پر اھا الٽو مدد ڪري ٿي ۽ سندس جدوجهد جي حمايت پڻ ڪري ٿي. ھي سڄو ناول يحييٰ خان جي مارشلا، بنگالين جي جدوجهد ۽ پ پ پ جي اقتدار ۾ اچڻ ۽ انھن جي ترقي پسندن ڏانھن رويي تي رکيل آھي. ھن ناول جو ھڪ پاسو رومانوي به آھي جنھن ۾ زير زميندار ڪامريڊ جانب جو شھناز سان عشق وارو پھلو به ناول ۾ جدوجهد جي ڪٿا تي مبني آھي.

ڪاظم علي ”ڪاظمي“ (16 مارچ 1938)
ڪاظم علي ولد لطف علي ڪھيري جو تعلق تلهار ضلعي بدين سان آھي. سندس والد پڻ وڏي علم ادب وارو شخص ھو. سندس ناولن ۾ ”عصمت“ (1964ع)، اندر ۾ ابليس“ (1987ع) ۽ جڏھن جنھگلي جاڳيا (اڻڇپيل) اھم آھن.
سندس ھي ناول ”عصمت“ ھڪ گهريلو سماجي ناول آھي. ھن ناول ۾ ڏي وٺ جا مسئلا ۽ اميري غريبي جا مسئلا ڏيکاريل آھن. ھن ناول ۾ ڪوڙي شان جي ڪوٽ جا قيدي اھي والدين جيڪي پنھنجي خواھشن جي تڪميل لاءِ پنھنجي اولاد تي ڪيل سيڙپ وياج سميت واپس وٺڻ لاءِ شفقت پدري، رت جي رشتن ۽ روحاني ناتن جي لتاڙ ڪندا آھن. ھي ناول ھڪ منفرد ڪھاڻي پيش ڪري ٿو. ھن ناول ۾ سماجي ڏمر، حريص نظرن ۽ ھٿرادو گهڙيل خانداني وقار جي راڪاسن گڏجي سڪ ۽ سونھن جي مجمسي کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو.
سندس ٻيو ناول ”اندر ۾ ابليس“ ۾ سماج جي ھڪ اھڙي اھم ڪردار کي وائکو ڪيو ويو آھي، جيڪو دوستي جي روپ ۾ ڪمال ڪاريگري سان ھڪ مخلص دوست جي حقن تي ڌاڙو ھڻي ٿو، محبت جي معاملن ۾ سندس رقيب ٿي رھي ٿو. وک وک تي ڪنڊا پکيڙي ٿو، حالات جي ستم ظريفي اھا جو ھو ته غدار يار کي وفادار يار سمجهندو اچي ٿو ، اندر جي ابليس کي موسيٰ جهڙو پاڪ ۽ پوتر سمجهندو اچي ٿوٿو ھو مٺي زھر کي درد جو درمان سمجهندو اچي ٿو ھڪ رقيب کي محبت جي مورتي جو محافظ سمجهندو اچي ٿو پر پوءِ؟ پوءِ ازل کان آباد محبت جي ڪرشمھ ساز قوت ٻن نادان دلين کي پنھنجي آغوش ۾ پنھان ڪري ڏکن جو دريا لتاڙي پار پوي ٿي ۽ پويان ڪڍ پيل فرعون صفت دوست پنھنجي جاڳايل فتنن جي شور و غل ۾ گم ٿي پنھنجي ٻاريل باهه جي پاڻ بک ٿي وڃي ٿي.

قبول ابڙو (1 جولاءِ 1948ع)
قبول محمد ابڙي جو جنم تعلقي ڳڙھي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. قبول ابڙو سنڌي ادب ۾ نالي وارن اديبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ھن جي ڪھاڻين ۽ ناولن جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن. قبول ابڙي جا پنج ناول شايع ٿي چڪا آھن، جن ۾ ”ڊنل اکين جا خواب“ (1978ع)، ”ڌرتيءَ جي جنگ“ (1978ع) ”جيون جيون سڏڪا سڏڪا“، ”ٽڪنڊو“ (1993ع) ۽ ”پنھنجي گهر ۾ اجنبي“ (2010)شامل آھن.
سماجي مسئلن کي ناول جي روپ ۾ پيش ڪرڻ ۾ منڍ کان آخر تائين تسلسل ۽ دلچسپي کي برقرار رکڻ ۾ قبول ابڙو کي خاص مھارت حاصل آھي، سندس ناول جا اڪثر موضوع سنڌي سماج جا مسئلا ۽ رومانوي پھلو آھن. سندس ناول ”ڊنل اکين جا خواب“ بنگالي ماڻھن جي جدوجهد جي پسمنظر ۾ لکيل آھي. ھن جي ناول جا موضوع طبقاتي ۽ قومي استحصال آھن. درحقيقت قبول ابڙي بنگال جي ورھاڱي جي پسمنظر ۾ سنڌ ڌرتي ۽ ان وقت ٿيندڙ ڏاڍ، جبر، پابندين ۽ حالتن جي سچي عڪاسي ڪئي آھي. رشيد ڀٽي ھن ناول جي باري ۾ لکي ٿو ته”دنيا ۾ جيئن طبقا به استحصال جو شڪار ٿيندڙ آھن. اھڙيءَ ريت قومون به ٻن درجن ۾ ورھايل آھن. ظالم ۽ مظلوم، حاڪم ۽ محڪوم، ڦريندڙ ۽ ڦرجندڙ، فاتح ۽ مفتوح، قومن جيان، مظلوم ۽ معصوم قومن جي به تاريخ، نفسيات، سورن جي سھپ ۽ ان خلاف جدوجهد جو داستان ساڳيو ھوندو آھي. پيڙا، ڦرمار، ڏاڍ ۽ جبر انھن کي ھڪ لڙھيءَ ۾ پوئي ڇڏيندا آھن. اسان جي ھن ملڪ پاڪستان ۾ ننڍين قومن ۽ بنگال جي سورن، سختين ۽ پيڙائن جي پچار ۾ ساڳي ئي ھڪجهڙائي آھي. بنگال ۾ جيڪي ٿيو، ان موضوع تي سياسي لحاظ کان گهڻو ڪجهه ئي لکيو ويو، پر افسانوي انداز، دلچسپ ۽ دلڪش نموني ۾ قبول ابڙي لکيو آھي“.(58)
قبول ابڙي صاحب جو ٻيو ناول ”ڌرتي جي جنگ“ آھي، جيڪو ڪلاڪار پبليڪيش لاڙڪاڻي طرفان 1978ع ۾ شايع ٿيو ھو. ھي انگريزن جي دور تي لکيل ناول آھي. انگريزن جي دور ۾ سنڌين سان تمام گهڻا ظلم ڪيا ويا ھئا. ڪيترا ماڻھو ماريا ويا، ڪيترا ڦاھي تي چاڙھيا ويا ۽ ڪيترائي ڳوٺ ساڙيا ويا. انگريزن جي نظر ۾ ھر سنڌي غدار ھو. انھيءَ ڪري سنڌي ماڻھن، انھن سان بغاوت شروع ڪئي. ڪيترائي مرد ۽ عورتون گڏجي انھيءَ غلاميءَ جي خلاف جدوجهد ۾ شريڪ ٿيا. ھنن پنھجيون جانيون، عزت ۽ مال قربان ڪري پنھنجي وطن کي آزاد ڪرايو. انھن ۾ نه صرف حر تحريڪ قابل ذڪر ھلچل ھئي، پر سنڌ جو ھر ننڍو خواهه وڏو ٻار توڙي پوڙھو دانشور، اديب سياستدان ۽ عالم وغيره سڀ ڌار ڌار تحريڪن ۾ شامل ھئا.
قبول ابڙي صاحب جي ھن ناول (ڌرتيءَ جي جنگ) جو خاص موضوع پنھنجي وطن يعني سنڌ سان وفاداري. سنڌ جي ماڻھن سان جيڪي ظلم ۽ قھر ٿيا تن جي خلاف آواز اٿارڻ، سنڌي ماڻھن ۾ شعور پيدا ڪرڻ، سنڌين سان ٿيندڙ ڏاڍاين جو منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ سنڌين کي متحد ڪرڻ ۽ انھن ۾ بھادري پيدا ڪرڻ جهڙا مسئلا وغيره آھن.
سندس ”جيون جيون سڏڪ سڏڪا“ پڻ سندس بھترين ناول آھي. ھي ناول ھمعصر سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. ھن ناول ۾ پيڙا، درد ۽ ڀوڳنائون آھن، جنھن ۾ سڄي حياتي درد ۽ سڙڪن ۾ گذري ٿي. ناول ”ٽڪنڊو“ (1993ع) ۾ شايع ٿيو. ھي ناول ھمعصر سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جي بھترين عڪاسي ڪري ٿو. ھن ناول ۾ ڏيکاريو ويو آھي ته ھڪ بي روزگار بک ۽ افلاس کان مجبور ٿي ڪيئن ڌاڙيل بڻجي ٿو. ھن ناول جي شروعات ۾ ليکڪ تعارف ھئين ڪرائي ٿو ”اڄ مان وڏو خوني ۽ رھزن ڌاڙيل ٿو سڏجان پر مان آھيان ڪونھ حالتن کڻي مون کي ان حد تائين پھچايو آھي. خيال ھئم، بي-اي پاس ڪندي منھنجي لاءِ پنھنجي ملڪ اندر نوڪريءَ جا ھزارين موقعا پيدا ٿي پوندا. پر ائين ڪونھ ٿيو. منھنجي لاءِ نوڪريءَ جا سڀ دروازا ڄڻ اصل کان ئي بند پيا ھئا. جتي به ويم سکڻا ڌڪا کائي واپس ٿي موٽيس. انھيءَ ڌڪن ۾ رڳو مان اڪيلو ڪونھ ھيس پر مون جهڙا غريب، بک، بيروزگاري ۽ بي عزتي جهول ۾ ڀري مون جيان رلندا ئي رھيا.“
ھن ناول ۾ ٻڌايو ويو آھي ته سنڌ جي نوجوانن لاءِ اھڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون آھن، جنھن ۾ نوجوانن کي مايوسي، بي چيني ملي آھي. سنڌ جو وڏيرو ۽ پوليس ڌاڙيلن جي دوست بڻيل آھي. سنڌ جا ڪامورا پنھنجي بيحسي ۾ مشغول آھن.
قبول ابڙي جو ”پنھنجي گهر ۾ اجنبي“ شاندار ناول 2010 ۾ شايع ٿيو. ھي ناول ھڪ دفعو ٻيھر ليکڪ جي اڳين ناولن وانگي سنڌ جي سياسي ماحول ۽ منظر جي نمائندگي ڪندي 1983ع ۾ ھلايل MRD تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيل آھي. Movement for Restoration of Democracy دراصل جنرل ضياءِ الحق طرفان نافذ ڪيل مارشل لا جي خلاف ھئي، جيڪا ھن 1977ع ۾ ھئني ھئي. ھن تحريڪ ۾ وڌ ۾ وڌ اثر سنڌ صوبي ۾ نظر آيو. سنڌ جي ماڻھن جمھوريت جي بحالي لاءِ احتجاج ڪيا، هڙٻالون ڱيائون، گوليون کاڌيون، سوليءَ چڙھيا ۽ تمام وڏيون وڏيون قربانيون ڏنيون. ان دور تي ٺنڍ تو چم ۽ چپي تو ڃڱٺ هن ناول ۾ موتود آهي.
قبول ابڙي جي سڀني ناولن تي نظر وجهندي خبر پوي ٿي اھي سنڌ جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ تاريخي حالتن جي پٽاندڙ آھن. انھن ناولن ۾ باريڪبيني سان حالتن جي عڪاسي ڪيل آھي. سنڌ صرف ئي صرف سنڌ آھي. سندس لکڻيءَ جي خوبي اھا آھي ته ھو اجايو ڊيگهه بي تڪا ڊائلاگ استعمال نٿو ڪري، بلڪھ سادي سودي ٻوليءَ ئي پڙھندڙن وٽ مقبول آھي.

عمر ميمڻ
محترم عمر ميمڻ جو شمار سنڌي ادب جي انھن اديبن ۾ ٿئي ٿو جن ترجما ڪري سنڌي ادب جا مٽ ڀريا آھن، پر ناول جي ترجمي جي سلسلي ۾ سندس خدمتون وسيع آھن. سندس ترجمو ٿيل ناولن جي خاص خوبي اھا آھي ته اھي سياسي، سماجي، انقلابي ۽ ترقي پسند لاڙن جي ترجماني ڪن ٿا. عمر ميمڻ ڪيترائي سال ”عظمت پبليڪيشن“، حيدرآباد جي پليٽ فارم تان پنھنجا ۽ ٻين جا بھترين ڪتاب شايع ڪيا.
پرل ايس بڪ آمريڪي خاتون، جنھن جي زندگيءَ جو گهڻو حصو چين جي سر زمين تي بسر ٿيو ۽ جنھن کي ادب ۾ نوبل انعام به مليل آھي، تنھن جو لکيل آھي. ھن ھي ڪتاب The Good Earth جو ترجمو ”سون ورني ڌرتيءَ“ (1989ع) جي نالي سان ڪيو.
وينگ ھڪ چيني ھاريءَ جي زندگيءَ جو . . . جيسين ھو ھاري آھي، سندس زندگي گهڻي ڀاڱي سنڌي ھاريءَ جي زندگي سان ملي ٿي. ھن ناول جو ليکڪ ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته:
”سخت محنت جي نتيجي ۾ سٺن فصلن ”وينگ“ کي انھيءَ قابل بڻايو جيئن ھو ٻي زمين به خريد ڪري سگهي . . . آھستي آھستي جو وڏو زميندار ٿو بڻجيو وڃي، جيڪا ڳالهه سنڌي ھاريءَ جي معاملي ۾ ناممڪن آھي ڇو ته اسان جو سنڌي ھاري، زميندار جي استحصال جو شڪار آھي. . . ۽ ڪجهه سندس به ڏوهه آھي جو ھو اجاين ريتن رسمن خلاف بغاوت نٿو ڪري ۽ انھن جي پورائيءَ لاءِ پنھنجو اجهو لٽايو ڇڏي. . . زميندار ٿي وڃڻ کان پوءِ وينگ جون عادتون ۽ خلصتون سنڌي وڏيرن سان مشابهه آھن.
ھن ناول ۾ چين جي خوفناڪ ڏڪار جو به ذڪر آھي ۽ ڊاڪٽر سن يات چين واري انقلاب جي جهلڪ پڻ.“
”جنگ ۽ انسان“ روس جي نامياري اديب شولوخوف (1905-1984) جي مشھور ناوليٽ Fate of a Man جو ترجمو آھي، شولو خوف متعلق صرف ايترو ٻڌائڻ ئي ڪافي آھي ته ھي صاحب Quite Flows Don Virgin Soil جهڙن جڳ مشھور ناولن جو ليکڪ پڻ آھي ۽ ”جنگ ۽ انسان“ سندس عظمت جو روشن ثبوت آھي.
ھن ناول ۾ شولو خوف، ٻي مھاڀاري جنگ ۾ ٿيل تباهه ڪارين جو ذڪر ڪيو آھي ۽ پنھنجي سرحدن جي حفاظت ڪندڙ لکين روسي جوانن مان ھڪ غازيءَ جي واتان، جنگ ۾ پيش ايندڙ واقعن ۽ ٿيل تباهه ڪاري متعلق اسان کي واقف ڪرايو آھي. جنگ جون تباهه ڪاريون، ڪا نئين ڳالهه نه آھن. اصل ڳالهه عزم، ھمت ۽ حوصلو آھي، قومي غيرت آھي ۽ قومي وقار آھي. ”جنگ ۽ انسان“ جي مطالعي مان اسان کي اھو سبق ٿو ملي ته جنگ ۾ کڻي ڪجهه به ڇو نه ٿي پوي. پر وطن جي مٽيءَ کي ھر حال ۾ دشمن کان پاڪ رکڻ نھايت ضروري آھي.
چيڪو سلواڪيا جي نامياري اديب اگنات ھرمين جي ناوليٽ “Childless” جو ترجمو ”بي اولاد“ جي نالي سان ڪيائين، جنھن ۾ مصنف ھڪ بي اولاد شخص جي جذبن جي عڪاسي ڪئي آھي. محمد عمر ميمڻ، ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو ”ان داتا“ جي نالي سان 1984ع ۾ ڪيو. ھي ھڪ تاريخي ناول آھي. جنھن ۾ انگريزن جي دور جو مڪاريون ۽ ڏاڍايون ڏنل آھن. ھن ۾ ناول نگار انگريز حاڪمن جي ذھنيت جو به بھترين ذڪر ڪيو آھي. ھن ۾ ھندستان جي بدترين ڏڪار جي منظر ڪشي ڪئي وئي آھي ته ٻئي طرف ٻن پيار ڀرين دلڙين جي امر پيار جي لازوال ڪھاڻي به بيان ڪيل آھي. ڪرشن چندر جي ھڪ ٻئي ناول جو ترجمو ”اٽو لٽو ۽ اجهو“ نالي سان 1985ع ۾ ڪيائين. ھي ناول ننڍي کنڊ جي معاشي ۽ سياسي مسئلن جي نه صرف چنڊ ڇاڻ ڪري ٿو. بلڪھ ان جا سبب، استحصالي قوتن جون عياشون، آرام، مطلب ته ھر قسم جا اسباب اچي وڃن ٿا.
سندس ناول ”پوڙھو ۽ سمنڊ“ 1977ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول مشھور آمريڪي ناول نگار ارنيسٽ ھيمنگوي (1891-1961ع) جي ناول (Old Man and the Sea) جو ترجمو آھي. ھي ناول جدوجهد يقين محڪم ۽ وجودي فلسفي جو ترجمان آھي. ھن ناول جو بنيادي فڪر اھو آھي ته ”انسان تباهه ته ٿي سگهي ٿو پر شڪست قبول ڪري نٿو سگهي.“ ھيمنگوي کي ھن ناول تي نوبل پرائز مليو ھو. ھي ناول ھڪ ملاح جي ھمٿ تي مبني آھي، جنھن ڪيترن ڏينهن جي ناڪاميءَ کانپوءِ وڏي محنت سان ھڪ تمام وڏي مڇي ماري. اگرچھ ھو ان مڇي کي حاصل ڪري نه سگهيو پر جنھن به مڇي جي ڪنڊن جو پڃرو ٿي ڏٺو، تنھن کان رڙ ٿي نڪري وئي. ڪھڙو نه بھادر ملاح آھي جنھن ھيڏي آفت ماري آھي!
سندس ھي ناول ”رام محمد ڊسيوزا“ 1984ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول علي رضا جي ناول جو ترجمو آھي، جنھن ۾ ٽن مذھبن سان وابستھ ماڻھن جي ڪھاڻي بيان ڪئي وئي آھي. سڄو ناول مذھبي رواداري ۽ صوفي ازم جي فلسفي تي ٻڌل آھي.
مطلب ته عمر ميمڻ ترقي پسند فڪر تي مبني ناولن جي چونڊ ڪري سنڌي ادب جي ان رجحان ۾ ھڪ سٺو ڪردار ادا ڪيو آھي. سندس ناولن جي چونڊ، بھترين آھي. اھي ناول ڪڏھن مڪمل صورت ۾ ڪڏھن اختصار سان پيش ڪيائين. اھڙا ناول سنڌي ادب ۾ اھم مقام رکن ٿا.

بيدل مسرور (11 جولاءِ 1947ع)
بيدل مسرور جو اصل نالو بيدل بخش بدوي آھي. ھن جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو. سندس شخصيت گهڻ رخي آھي. ھو راڳي، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، مترجم، ڊراما نگار، ڪالم نگار ۽ پبلشر طور تي پاڻ مڃرائي چڪو آھي. سندس ڪتابن ۾ ”راڻي“ (ناوليٽ)، ”چاھتن جي ٽھ واٽي تي“ (ناوليٽ)، آءِ لو يو (ناوليٽ)، ”ڀوڳنائن جو سفر“ (ڪھاڻيون) شايع ٿيل آھن. ان کان علاوه ”جندڙي“، ”چند ھنگاما“، ”منزل ايندي ماڳ به ايندا“، ”ڪاتي ھيٺان ڪنڌ“، ”ڪاڪ محل“، ”ساگر جي لهر تي“ مرتب ڪري چڪو آھي.
سندس ناول ”راڻي“محل پبلڪيشن، شڪارپور طرفان 1971ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول جي پيش لفظ ۾ محترم ابراھيم جويو لکي ٿو ته ”ھن ناوليٽ جو مرڪزي موضوع سماجي غير برابري آھي. اسان جي سماجي ۾ ھن درجيوار غير برابريءَ جيڪي ڪلور ڪيا آھن، تن کان ڪير اڻواقف آھي؟ پر اسان مان گهڻن جو انھيءَ اھم مسئلي ڏانھن رد عمل رڳو خاموش تماشائي وارو به نھ، پر بنهه بي توجهيءَ ۽ اڻڄاڻائيءَ وارو رھي ٿو. اھوئي سبب آھي، جو ڪيتريون ئي معصوم زندگيون ھن سماجي ننڍ وڏائيءَ جي اڏيءَ تي ڪسجي، تباهه ۽ برباد ٿي وڃن ٿيون ۽ انھن جو ڪوبھ داد فرياد ڪٿي نه ٿئي ٿو ۽ نه ٻڌجي ۽ اونائجي ٿو.“
ھن ناول جي رٿيل ڪھاڻي جيتوڻيڪ رومانوي آھي ۽ ڪھاڻيءَ جوپلاٽ به سنئون سڌو ۽ سادو آھي، پر مصنف جي پيشڪش، لکڻ جي طرز ۽ ٻوليءَ جي ميٺاڄ ان ۾ رنگيني ۽ دلڪشي پيدا ڪئي آھي. حقيقي زندگيءَ جا دردناڪ پھلو ڪيترائي آھن.
چاھتن جي ٽھ واٽي تي (1999ع) ۾بيدل مسرور جا ٻھ ناوليٽ ھڪ ئي جلد ۾ آھن. ٻيو ناول آھي ”آ لو يو“ (آءُ تو کي پيار ڪريان ٿو) شامل آھي. ناوليٽ ”چاھتن جي ٽھ واٽي تي“رشتن ناتن ۽ چاھتن تي آڌاريل آھي. دراصل ھڪ عورت، خوشبو جي ڪھاڻي آھي. ناوليٽ جو سورمو ٻيجل آھي. ھو زندگي جي نازڪ تجربن مان لنگهي ٿو. ھي مڪالمو جذبات جي انتھائي اڀار واري ڪيفيت کي ظاھر ڪري ٿو:
”زوار تنھنجي لفظن تي رڻ ماتام ڪيو آھي“.
شڪارپور جي ماحول کي نظر ۾ رکي. عورتن جي ھن سماج ۾ بي وسي واري حالت کي سٺي نموني اجاگر ڪيو ويو آھي.
بيدل مسرور جي ناوليٽ ”آ لو يو“ پنھنجي جاءِ تي ھڪ سماجي ۽ نفسياتي ناول آھي، جنھن ۾ جنسي جبلتن جي عڪاسي ڪئي ويئي آھي. ناول ۾ ڪٿي ڪٿي اھا جبلت حاوي ڪري ڏيکاري ويئي آھي. ناوليٽ جي ڪھاڻي ڪٿائي انداز ۾ لکي وئي آھي. ناوليٽ ۾تشبيھن، اشتعارن ۽ تمثيلن جو اکٽ ڀنڊار آھي. جيڪو ڪٿي به کٽندو محسوس نٿو ٿئي. ھي ناول ضمير متڪلم واري سٽاءَ ۾ لکيل آھي.
بيدل مسرور جا ترجمو ٿيل ناول به شايع ٿيل آهن، جن ۾ ”محبت به قيامت به“ ۽ ”قلوپطره“ اهم آهن.

علي محمد ”پرويز“ (2 سيپمٽبر 1945ع)
علي محمد ولد محمد سليمان ميمڻ جو جنم ڳوٺ لاکا تعلقھ مير پور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ ٿيو. ھو بنيادي طور تي ڪھاڻيڪار ۽ مترجم آھي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن. پرويز افسانوي ادب ۾ ھڪ سٺو نالو رکي ٿو. پرويز جو ادبي ۽ سياسي سفر گڏوگڏ ھليو آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھن سياسي ادب ترجمو پڻ ڪيو آھي، ڪيترن ئي سٺن ناولن جو ترجمو ڪيو اٿس.
جان گرفٿ جيڪلينڊ (1876 – 1976ع) آمريڪن ناول نگار، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن هو. سندس ڪيترائي ڪتاب مشهور ٿيا، پر سندس ناول The Call of the Wild هن کي شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. هن ناول جو ترجمو ”اسپارٽيڪس“ جي نالي سان علي محمد پرويز ڪيو آهي. اسپارٽيڪس“ ناول لاءِ لکيو اٿس ته”اھو ئي سبب آھي جو مون اسپارٽيڪس ناول جو ترجمو ڪيو، ته جيئن سنڌ واسين کي اھا ڄاڻ ملي سگهي ته اسين سنڌي ايڪھين صديءَ جي چائنٺ تي پير رکندي به اڍائي ھزار سال اڳ واري غلاميءَ جي دؤر واري زندگي پيا گذاريون. بلڪھ ان کان به بدترين زندگي پيا گذاريون. ڇو ته ان دؤر ۾ ته اسپارٽيڪس ھو، جنھن غلامن کي گڏ ڪري آقائن خلاف جنگ جوٽي ھئي. پر اسان وٽ ته ڪو به اسپارٽيڪس نظر ڪونھ ٿو اچي.“
ھي ناول ٻي مھاڀاري لڙائيءَ ۾ حصو وٺندڙن ۽ متاثر ٿيندڙ ۽ ڪروڙين ماڻھن مان چند ماڻھن جي ڪردارن تي مشتمل آھي جن جو تعلق روس ۽ جرمني سان آھي. جڏھن جرمني جي بري ۽ ھوائي فوجن روس تي حملو ڪيو ھو تڏھن روسي ماڻھن پنھنجي ماتر ڀوميءَ جو، پنھنجن شھرن جو، ڳوٺن، واھڻ ۽ وستين جو ڪيئن بچاءُ ڪيو، انھيءَ جي ھڪڙي جهلڪ آھي. اھي روسي ماڻھو، جيڪي سڌي طرح جنگ جي ميدان ۾ وڙھي رھيا ھئا، تن ڪھڙا ڪارناما سر انجام ڏنا، جن کي تاريخ پنھنجي ورقن ۾ سميٽي پاڻ تي فخر ڪري رھي آھي ۽ روسي ماڻھو جيڪي جنگ جي مورچن پٺيان ھئا، سي پنھنجي وطن جو دفاع ڪھڙي انداز ۾ ڪري رھيا ھئا تن جون پڻ ڪجهه جهلڪيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
سندس ٻيو اھم ترجمو ٿيل ناول ”ڏونگر منجهه ڏيئو“ موضوع جي لحاظ کان شاندار آھي. ناول ”ڏونگر منجهه ڏيئو“ انگريزي ناول Realman Story of جو ترجمو آھي. ناول لاءِ مترجم لکي ٿو ته ”ھي ناول قومي ۽ طبقاتي ڇوٽڪاري (ڇاڪاڻ ته ھن مھل سنڌي مسڪين عوام جي گهڻائي قومي جبر ۽ وڏيرڪي ڦرلٽ جي گهاڻي ۾ پيسجي رھي آھي) لاءِ جهدوجهد جي حوالي سان اھم آھي. سنڌ جي موجوده حالتن ۾ ٻرندڙ مسئلن جي حوالي سان ڏيھي توڙي پرڏيھي دشمنن جي يلغار، تسلط ۽ قبضاگيريءَ جي حوالي سان، ڪاروڪاري، ڌاڙيل ڪلچر، تعليم جي تباھيءَ جي حوالي سان پڻ ڪوڙي قوم پرستيءَ جي آڙ ۾ حقيقي قوم پرستن جي پٺيءَ ۾ ڇرا ھڻڻ واري نعريبازيءَ جي سلسلي ۾ ھن ناول ۾ مواد شامل ڪونھي. ان حساب سان ائين چئي سگهجي ٿو ته ھي ناول موجوده وقت ۽ حالتن جون گهرجون ۽ تقاضائون پوريون ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪا به اھميت نٿو رکي ۽ محض ھڪڙي ناڪام پيار ڪھاڻيءَ تي مشتمل عام رواجي ناول آھي.
”لڙڪن آجا نيڻ“پرويز جو پنھنجو اصلوڪو ناول آھي، جيڪو سچائي اشاعت گهر-دڙو پاران 2006ع ۾ شايع ٿيو. ناول جي ڪھاڻي تمام گهڻي دلچسپ آھي ناول جي ڪھاڻي سنڌ جي لاڙ واري حصي جي پسمنظر ۾ لکي وئي آھي، جنھن ۾ ھڪ طرف سمنڊ رستي ٿيندڙ اسمگلنگ جو ذڪر به آھي ته سماجي جوڙجڪ ۾ رائج ريتن، رسمن جو ذڪر به ٻئي طرف مختلف قومن جي فردن جي ذھنيت، گهڻن چالاڪين، بدمعاشين، سيئلون جي مقامي ماڻھن سان روا رکجندڙ مرون، جنن ڀوتن جي وھمن ۾ وڪوڙيل اٻوجهه سنڌين جي ڦرجڻ جو به ذڪر آھي. سنڌي ماڻھن جو پاڻ ۾ ايڪي ۽ محبت سان رھڻ جو به ذڪر آھي. ھن ناول ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ”اڪرم صاحب بظاھر بنهه شريف سيٽلر آبادگار ھو، جيڪو ھن علائقي ۾ پيل غير آباد زمينون وڏا خرچ ڪري آباد ڪري رھيو ھو ۽ ”ويچارو“ مڇي ماري پنھنجي گذرسفر لاءِ مونا ھڻي رھيو ھو. پر سندس اصل ڌنڌو، جنھن جي ڪنھن کي به خبر ڪانھ ھئي، اسمگلنگ ھو، جيڪو ڪيترن ملڪن سان ھلي رھيو ھو. ناول جي خاص ڳالهه اھا آھي ته ڪونج، جيڪا ڪروڙ پتي اڪرم صاحب جي ڌيءُ آھي، اھا سانوڻ جهڙي اڻپڙھيل سان محبت ڪري ٿي ۽ کيس مجبور ڪري ٿي ته ھن کي ڀڄائي ھلي. سانوڻ جيڪو ھن ناول جو ھيرو آھي ان لاءِ مشھور آھي ته ھو نڀاڳو آھي. ليکڪ به ھر طرح سندس نڀاڳ کي ثابت ڪري ڇڏيو. جڏھن ڄائو ته سندس ماءُ مري ويئي. خواري جي زندگي ۾ جوان ٿيو. ڪونج سان محبت ڪيائين پر ھوءَ به ٻِار کي جنم ڏيندي مري ويئي. ڊيل ھن سان شادي ڪرڻ کان ٿورو اڳ مري ويئي.
مطلب ته پرويز اھڙن ناولن جي چونڊ ڪئي، جيڪي انقلابي، قوميت آزادي ۽ وطنيت جي موضوعن تي مبني ھئا. ھن انھن جو شاندار نموني ترجمو ڪيو. ترجمي دوران اھڙي سولي ۽ پنھنجي ٻولي ڪتب آندي جو ناول اصلوڪا لڳن ٿا. جڏھن ته سندس پنھنجو اصلوڪو ناول به موضوع ۽ اسلوب جي لحاظ کان شاندار آھي.

غلام نبي ”گل“ (10 سيپٽمبر 1932ع)
غلام نبي گل ”ولد وسايو ٻرڙو جو جنم ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ ٿيو. سندس ادبي سفر ڪافي پراڻو آھي. پر سندس ڪتاب 1990ع واري ڏھاڪي ۾ منظر عام تي آيا آھن. غلام نبي گل سنڌي ۽ اردو ۾ شاعري، افسانھ ۽ ناول لکيا آھن سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا. غلام نبي گل جا ھڪٻئي پٺيان ڪيترائي ناول، افساني ۽ شاعري جا ڪتاب شايع ٿيا آھن، جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪيترو تيزي سان لکندڙ اديب آھي.ھن پنھنجي قلم سان سنڌي ادب جي ڀرپور خدمت ڪئي آھي. سندس پھريون ناول ”جيون پياسو سمنڊ“ 1997ع ۾ شايع ٿيو. ھي ھڪ سماجي ناول آھي. ھن ناول ۾ جنسي مسئلي کي سماجي حقيقت نگاريءَ جي روشني ۾ پيش ڪيو ويو آھي. ان حساب سان ھو ماھر نفيساتي ناول نگار پڻ آھي. ھي ھڪ ڪٿائي ناول آھي، جنھن ۾ ڪنھن به شخص جي ڪٿا ٿي سگهي ٿي.
سندس ”نھ راھون ساڻ ھلنديون ھن“ ناول 2001ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول لاءِ خود ناول نگار لکيو آھي ته ”ناول سنڌ جي ٻھراڙي جي پسمنظر جي عڪاسي ڪري ٿو. خاص طور تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺاڻي زندگي جي. ناول جي ٻولي نج ڳوٺاڻي استعمال ٿيل آھي. ناول لاءِ اصغر سنڌي لکيو آھي ته ”ناول ۾ داخليت ۽ داخلي احساسن کي جهڙي ريت خارجي دنيا سان ھم آھنگ ڪيو ويو آھي اتي اھڙي ڪمال ڪاريگري کي شرافت ۽ اخلاقيات جي سائنسي ۽ غير سائنسي لقبن ۽ طعنن کان پري رکڻ واري گذارش ناول جي فني ۽ فڪري ماحول کان اوپري نٿي لڳي“.(59)
غلام نبي گل جو ناول ”جوڳي“ 2003ع ۾ شايع ٿيو. ناول ۾ ھڪ گهرجي ڪھاڻي نه ٻن ٽن گهرن جي ڪھاڻي آھي، ساران ۽ سندس گهر جو ماحول اڄ جي گهڻن گهرن جو الميو آھي. ھيروئن جو نشو واپرائڻ سبب جيڪي مسئلا درپيش اچن ٿا. انھن جو عڪس ھن ناول ۾ بھترين نموني چٽيل آھي. اھڙي ريت مٿئين وچولي طبقي ۾ ٿيندڙ محبتن، بي وفائين ۽ محرومين جو ذڪر به شاندار نموني ڪيل آھي. ناول ۾ ساران ۽ جوڳي جي محبتن جي لازوال ڪٿا آھي. اھڙي ريت نگهت، جوڳي سان ھڪ طرف محبت ڪري ٿي. پر ڪھاڻيءَ جو محور ساران آھي جيڪا امجد جي گهر ۾ نوڪرياڻي آھي. سندس الميو اھو آھي ته BA پاس آھي پر مڙس جي ھيروئني ھئڻ سبب گهر ۾ نوڪري ڪري ٿي. ٻئي طرف امجد ۽ سندس گهر واري جي طبقاتي فرق سبب اڻبت رھي ٿي. جوڳي به ساران سان محبت ڪري ٿو. پر ناول جو ڊراپ سين اتي ٿو ٿئي جڏھن امجد زال کي طلاق ڏيئي پنھنجي نوڪرياڻي ساران سان شادي ڪري ٿو. مطلب ته سڄو ناول دلچسپ آھي.
سندس ناول ”ٽٽل شيشو “ 2006ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول پڻ سماج، معاشرتي ۽ معاشي مسئلن تي لکيو ويو آھي. ھن ناول ۾ سماج ۽ معاشري ڏکندڙ رڳ تي ھٿ رکيو ويو آھي. اگر پنھنجي اردگرد، اوسي پاسي اندر جي اک سان ڏسبو ته اھڙيون کوڙ ڪھاڻيون نظر اينديون جنھن ۾ عورت کي مرد جي جهولي ۾ زبردستي اڇليو ويو آھي. سنڌي سماج ۾اھڙا کوڙ مثال نظر ايندا.
ھن ناول لاءِ پاڻ غلام نبي گل لکيو آھي ته ”ھڪڙي ڳالهه محترمھ عطيھ دائود مسودي پڙھڻ کانپوءِ ڪئي ھئي، جيڪا ھت ڄاڻايان ٿو، ھن چيو ھو ته ”سائين غلام نبي گل، عورت کي مرد جي جهوليءَ ۾ اڇلي ڇڏيو آھي . . . “
مان نئين ڳالهه ڪانھ لکي آھي . . . ازل کان ائين ٿيندو آيو آھي. ڪڏھن عورت مرد جي جهوليءَ ۾ . . . ڪڏھن مرد عورت جي جهوليءَ ۾ . . . .
البت مان جيئن ناول جي ڪردارن کي ڏٺو محسوس ڪيو، ائين لکيو آھي ھي اسان جي پنھنجي معاشري جا ڪردار آھن ان کان اسان انڪار ڪري ڪئين ٿا سگهون اکيون ٻوٽي رکون اھا الڳ ڳالهه آھي . . .
ھي ناول به ڪٿائي ڪھاڻي آھي ۽ ضمير متڪلم واري سٽاءَ ۾ لکيو ويو آھي. ناول جو پلاٽ انتھائي ڪمزور آھي پر ان جي باوجود ٻولي تمام سٺي اٿس. ناول ۾ الفت ۽ ساگر جي اڌوري محبت ۽ الفت ۽ ارمان جي جسماني محبت، خيال جي شاعري سان محبت، ناول جا اھم پھلو آھن.
غلام نبي گل جو پنجون ناول ”فاصلا“ آھي، پر ھي ناول اردو ۾ لکيل آھي ۽ ٢٠٠٤ع ۾ وجاھت پبليڪيشن لاڙڪاڻو طرفان شايع ٿيو. ناول ۾ عام گهريلو ڪھاڻي کي کڻي لکيو ويو آھي، شادي، شادي اھا به والدين جي پسند مطابق. شادي کانپوءِ ذھني ھم آھنگي نه ھئڻ ۽ ان کانپوءِ رسمن رشتن نباھڻ. اھڙا رشتا اھڙيون ڪھاڻيون اسان جي معاشري ۾ بيشمار موجود آھن، ھن ناول ۾ جواد ۽ صفيھ جي شادي به انھن مان ھڪ آھي.
مجموعي طور تي جيڪڏھن اسان غلام نبي گل جي ناولن کي ڏسنداسين ته انھن ۾ عام گهريلو ڪھاڻيون، جن ۾ محبت، نفرت، پابنديون، انھن ڪردارن جا معاشي ۽ معاشرتي مسئلا ۽ نفسياتي پيچيدگيون نظر اينديون. انھن سڀني ۾ سندس انداز بيان شاندار آھي. ھو ٻوليءَ کي ڪردارن مطابق صحيح استعمال ڪري ٿو ۽ پنھنجي ڳالهه عام پڙھندڙ تائين آساني سان پھچائي ٿو.
غلام نبي گل جا ناول سنڌي سماج جي ھمعصر حالتن جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. جيتوڻيڪ ھن جي ناولن ۾ شھري ماحول جو عڪس به جابجا موجود آھي. پرڳوٺاڻو ماحول گهڻو ۽ شاندار نموني ملي ٿو.

رسول ميمڻ (1956-2001ع)
ڊاڪٽر رسول ميمڻ بنيادي طور تي ڪهاڻيڪار آهي، مگر هن موجوده دور ۾ هڪ ٻئي پٺيان ڪهاڻين جا مجموعا ۽ ناول لکيا آهن. سندس ناول تاريخ، سماج ۽ رومانيت جهڙن موضوعن کي ڇهن ٿا. رسول ميمڻ جدت پسند ليکڪ هو، هن منفرد ۽ اڻ ڇهيل موضوعن تي هڪ ٻئي جي پويان شاندار ناول لکيا.
سندس ناول “اڻويهه عورتون” لاءِ شوڪت شوري صاحب لکيو آهي ته: “اڻويهه عورتون” (2012ع) رسول ميمڻ جو تاريخ جي پس منظر ۾ لکيل ناول آهي. قصه گوئي جي انداز ۾ لکيل هن ناول جو مُک ڪردار “ڪهيداس”، راجا ڏاهر جي دور جو هڪ عام رواجي ماڻهو آهي. هن جي محبوبه “هارانسي” برهمڻ آباد جي بتخاني جي اڻويهين داسين مان هڪ آهي. سنڌ تي حملو ڪندڙ عرب فوجي برهمڻ آباد ۾ داخل ٿي مندر جي خزاني کي لٽي، اڻويهن خوبصورت داسين ۽ نوجوانن کي غلام بنائي مال غنيمت طور خليفي کي عراق ۾ موڪلڻ جي لاءِ بحيانيا نالي هڪ ننڍري عرب رياست ڏانهن روانو ڪن ٿا. غلامن ۾ “ڪهيداس” به شامل آهي. ڪهيداس هڪ عقلمند سنڌي ڪردار آهي، جيڪو حڪيم ۽ نجومي پڻ آهي. هو پنهنجي حڪمت ۽ هٿ ريکائن جي ڄاڻ وسيلي موت جي ڪنڌيءَ تي پهتل بيمار بادشاهه ۽ هن جي نامزد وليعهد پٽ جو اعتماد حاصل ڪري پاڻ کي غلامي مان آجو ڪرائي ٿو، اهي کيس ان شرط تي عرب سپاهين جي پهري هيٺ واپس سنڌ وڃڻ جي اجازت ڏين ٿا ته هو اتان جڙيون ٻوٽيون هٿ ڪري بيمار بادشاهه ۽ نامزد وليعهد جو علاج ڪندو.
راجا ڏاهر جي شڪست کان پوءِ ڪهيداس اروڙ ۾ پهچي ٿو ته کيس لڳي ٿو ته اروڙ ۾ ايڏي اداسي هن پهرين ڪڏهن نه ڏٺي هئي. هن کي اروڙ جي خوشحالي ياد اچي ٿي. جڏهن امن ۽ شانتي هئي. پر هاڻي اروڙ جا ماڻهو هيسيل ۽ پريشان نظر اچن ٿا. ڪهيداس کي حاتم طائي ۽ ممتاز دمساز جهڙن قصن جي ڪردارن وانگر مختلف آزمائشن مان گذرڻو پئي ٿو. ايستائين جو اڻويهن عورتن کي ٽن شهزادن ۾ ورهائڻ جهڙي منجهائيندڙ مسئلي جو حل ڳولي هارانسي کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو.”
رسول ميمڻ جو ٻيو ناول “قالو بلا” (2013ع) آهي. هن خوابناڪ ناول جو ڪردار “وارث” تاريخ جي صفحن ۾ پنهنجي مرندڙ زال جي لاءِ شفا ڳوليندو نظر اچي ٿو. موت، حياتي، وڇوڙو، وسوسا ۽ اميدن جا اڻ کٽ قافلا آهن، جن جي پويان وارث سرگردان رهي ٿو.
قالو بلا ناول هڪ اهڙي شادي شده جوڙي جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ عرشنا ڪئنسر جي مريض آهي ۽ پنهنجا آخري پساهه کڻي رهي آهي. سندس مڙس وارث هر حال ۾ کيس بچائڻ چاهي ٿو. هو سندس ٻانهن ۾ هوندي آهي ۽ وارث موت جو ترياق ڳولڻ لاءِ خواب وسيلي دنيا جي انهن هستين سان وڃي ملندو آهي جن ۾ ڏاها، فاتح، اديب، مفڪر، شاعر، ويڙهاڪ، جنگجو ۽ عاشق شامل هوندا آهن. هو انهن سڀني تهذيبن جي آڏو پنهنجي زال جي زندگي جي خيرات گهرڻ ويندو آهي پر موت کي ٽارڻ لاءِ ڪنهن وٽ به ڪو نسخو ناهي هوندو. موت آهستي آهستي عرشنا کي پنهنجي چنبن ۾ جڪڙيندو ويندو آهي پر وارث آخر تائين اهو چاهيندو آهي ته کيس ڪو نه ڪو اهڙو ماڻهو ملي وڃي جيڪو سندس زال کي بچائي وٺي. حضرت عيسى کان وٺي فيثا غورث، هني بال کان وٺي سڪندر اعظم ۽ رومي تهذيب کان ٿيندو هو سنڌو تهذيب جي ماڻهن وٽ پهچي ٿو پر موت جيڪو اڻٽر آهي، انهي لاءِ ڪير به سندس مدد نٿو ڪري سگهي. نيٺ سندس عرشنا مري ٿي وڃي.
“نجومي” (2014ع) رسول ميمڻ جو ٽيون ناول آهي. هي ناول گهڻ رخي بيانيه واري انداز ۾ لکيل آهي. ناول جي مک ڪردار نموني آهي، باقي ٻيا ڪئين راهه ويندڙ پنهنجي قسمت جو حال معلوم ڪندڙ ڪردار آهن. ناول جو پلاٽ ۽ ان جي larger theme انساني ناآسودگي آهي. جنهن جو بنياد فلسفي تي رکيل آهي. ناول جو هر ڪردار پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن مسئلي سبب ناخوش ۽ غير مطمئن آهي. نجومي مختلف مسئلن ۾ ڦاٿل دکي ڪردارن کي طوطي طرفان ڪڍي ڏنل لفافن مان سندن قسمن بابت مبهم لفظن جي وضاحت ڪندي آٿت ڏئي ٿو، هر ڪردار کيس پنهنجي ڪٿا ٻڌائي ٿو. نجومي پاڻ به زندگيءَ ۾ اڪيلو ۽ دکي آهي. هن جو هڪڙو ئي ساٿي آهي طوطو، جيڪو پڻ هن ناول جو هڪ خاموش ڪردار آهي. پڇاڙيءَ ۾ طوطي کي نهوڙي ويتر وڌيڪ اڪيلو بنائي ڇڏي ٿو.
سندس ناول ”اسٽيل جا پنج گلاس“ 2017ع ۾ شايع ٿيو. هن ناول لاءِ رسول ميمڻ لکيو ته ”ناول “اسٽيل جا پنج گلاس” جي باري ۾ ايترو چوندس ته اهو سوانحي يا آتم ڪٿائي ناول نه آهي پر اهو وسري ويل پراسرار يادن جي ناسٽلجيا (Nostalgia) آهي. ان جا ڪردار فرضي آهن. ٿي سگهي ٿو ياد ۾ رهجي ويل اهڙا ڪردار هجن جيڪي اڌمو کائي ٻاهر نڪتا هجن، انهن جو اظهار حقيقت کان پري هڪ اهڙي دنيا آهي جيڪا ناول کي تخليق جو روپ ڏئي ٿي“.(60)
رسول ميمڻ جو ناول ”اک ڇنڀ“ 2019ع م شايع ٿيو. هي ناول انگريز سرڪار جي سنڌ تي قبضي واري دور تي لکيل آهي، ليکڪ هن افسانوي فڪشن ۾ پنهنجي ڏات جا رنگ ڀرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ تخليقي حوالي سان هي سگهارو ناول آهي، جنهن جا علامتي ڪردار عثمان علي، سوڀيا ۽ لزا آهن، جيڪڏهن سنجيدگي سان ڏٺو وڃي عثمان علي سنڌيت جو اهو روح آهي جيڪو هن سڄي ماحول ۾ زخمي ۽ رتوڇاڻ ٿي غلام بڻجي ٿو وڃي، سوڀيا گم ٿي ويل عثمان علي جي ”محبوبا“ آهي، جنهن کي هي ڪرنل مارٽن جي ڌيءُ لزا جي روپ ۾ ڳولهي هٿ ڪري ٿو، هي ناول سنڌ کي تاريخي وطن هئڻ واري مالڪي نه ملڻ جي پسمنظر جو هڪ دستاويز آهي.
رسول ميمڻ جو آخري ناول ”ڪتا“ 2022ع ۾ شايع ٿيو آهي. چيو وڃي ٿو ته ناول ”جديديت پُڄاڻان“ سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين مثال آهي. جديديت بعد جي اڪثر تحريرن جيان، ھِن ناول جو بيانيو ضمير متڪلم ۾ آھي ۽ سمورو ناول ناول نگار جي لاشعوري جهتن سمتن کي سھيڙڻ ۾ خرچ ٿي وڃي ٿو. ناول ”ڪُتا“ ۾ ڏيکاريل آھي ھڪ ڊاڪٽر جو خاندان آھي. ڊاڪٽر کي ٻه پُٽ آھن. ناول جو راوي Narrator ناول نويس پاڻ آھي. ڊاڪٽر ٻُڌائي ٿو ته ھُو پاڻ مَس پنجن سالن جو ھو ته گھر ٻاھران ھڪ ڪُتيءَ جو گُلر کڻي اچي ٿو. سندس ماءُ کيس گُلر کي گھر مان ٻاھر ڪڍڻ جو چَئي ٿي. گُلر جي وارن ۾ به جيت آھن ۽ اُھو ھڪ بيمار گُلر آھي، پر ھُو اُن گُلر کي گھر ۾ رکي سندس خدمت ڪري ٿو. جڏھن ته رات جو گُلر مري وڃي ٿو. سندس ماءُ کيس اڳ ٻُڌايو ھو ته جڏھن ھُو ٻن سالن جو مَس ھو، تڏھن به سندن گھر ۾ ھڪ ڪُتي پاليل ھوندي ھئي. ماءُ کيس وڌيڪ ٻُڌائي ٿي ته ڪائنات ۾ انسان کان اڳ به ڪُتا ھئا. ھُن جي ذھن ۾ سوال اُڀري ٿو ته ڪُتا ھئا ته پوءِ ماڻھن جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟ ماءُ کيس ٻُڌائي ٿي ته اُھا ڪُتي نيٺ گھران ڪڍڻي پئجي وئي، ڇاڪاڻ ته اُھا بار بار ڄَم ڪندي ھئي ۽ روز روز سندس گُلرَ مرندا ھئا. نيٺ تنھنجو ڏاڏو اُھا ڪُتي ٽن پيسن ۾ وڪڻي آيو ھو. ماءُ کيس ٻُڌائي ٿي ته تنھنجي ڏاڏي کي به جوانيءَ ۾ وڏيري جي ڪُتي حملو ڪري شديد زخمي ڪري ورتو ھو. جنھن کان پوءِ، تُنھنجي ڏاڏي کير جو ڪونر ڀَري اُن ڪُتي کي ڏنو ھو ۽ مٿان ڪھاڙيءَ سان مٿس حملو ڪري، ڪُتي جو مَٿو ٻه اڌ ڪري ڇڏيو ھو.

ملڪ آگاڻي (1949-2002ع)
ملڪ آگاڻي جو اصل نالو محمد صفر ھو ۽ ڳوٺ آگاڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ملڪ آگاڻي بھترين ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس ھو. آگاڻي جا ناول ”نيرولي جو ڪن“ (1987ع)، ”سج جا پاڇا“ (2005ع)شايع ٿي چڪا آھن، جڏھن ته ”بغاوت“، ”مون من موھيو“، گمنام سپاھي جي قبر“ ۽ ”راجا اندر جي درٻار“شايع ٿي نه سگهيا آھن. ملڪ ڪافي ٽي وي ناٽڪ به لکيا ۽ سندس ڪھاڻين جو تعداد پنجاهه کان به مٿي آھي. ۽ ان کان علاوه ھڪ ترجمو” ھونات ھاري رپورٽ “(ترجمو) به شايع ٿيل آھي.
ملڪ آگاڻي پنھنجي انقلابي خيالن جي ڪري ادبي دنيا ۾ گهڻو مشھور ھو. سندس ”نيروليءَ جو ڪن“ سنڌي ادب جو شاھڪار ناول آھي. ھي ناول خاص طور تي سنڌي سماج جي معاشي ۽ اقتصادي مسئلن جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. ھن ناول جي ٻي خاص ڳالهه اھا آھي ته ان ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ جي پيشن گوئي ٿيل آھي. ان پسمنظر ۾ ھي ناول اگر ڪنھن يورپي زبان ۾ شايع ٿئي ھا ته شايد انعام حاصل ڪري وٺي ھا.
ھن ناول ۾ ھڪ ھنڌ چوي ٿوتھ ”اسان جيڪڏھن اڄ جي سڌريل انقلابن، ڪميونزم ۽ چنگيزي دورن سان ڀيٽ ڪريون ته آخر ڪھڙو فرق محسوس ٿيندو؟ فرق جي آھي به ته اھو، جو ڪجهه مذھب جي نالي ۾ رت وھيو، اڄ اسٽيٽ جي نالي ۾ ٿا انسان ڪٺا وڃن ته جنھن سچائي جي اسان کي ضرورت ھئي، آھي ۽ جنھن سک شانتي امن سلامتي جي تلاش ۾ انسان صدين کان ڀٽڪيندو رھيو آھي، اھا سچائي اشتراڪيت ۾ به نه ٿي ملي. انسان کي شروع کان ڪنھن اھڙي معاشري جي ضرورت رھي آھي، جنھن ۾ آزادي، امن، شانتي، سک ۽ سلامتي ھجي.“
سندس ٻيو ناول ”سج جا پاڇا“ 2005ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول لاءِ يوسف سنڌي لکي ٿو ته”ناول ڇا آھي؟ ھڪ دور جي ڪھاڻي آھي وڏيرڪي سازش جي خلاف پنھنجي ڳوٺ کي بچائڻ جي ڪھاڻي آھي. جنھن ۾ ناول جي ھيري ”پارس“ ۽ سندس ساٿين جي جدوجهد جهڙوڪر ملڪ آگاڻي ۽ سندس ساٿين جي جدوجهد ۽ سورھيائپ جو داستان آھي. ھڪ اھڙو ناول، جنھن جهڙا ناول اڳ اسين ”پھاڙون ڪي بيٽي“، ”اور ڊان بھتا رھا“، ”جب ڌرتي جاگي”، ”قافله شھيدون ڪا“ ”دار و رسن ڪي آزمائش“ پڙھي انھن ماڻھن جي جدوجهد تي رشڪ ڪرڻ لڳندا ھئاسين ۽ سوچيندا ھئاسين ته اسان جي بھادر ساٿين جي سورھيائي ۽ جدوجهد کي الائجي ڪڏھن افساني ۽ ناول جي صورت ۾ دنيا اڳيان پيش ڪيو ويندو.“
آگاڻي جي ڳوٺ کي ڪنھن دور ۾ چين جي صوبي ”ھونان“ سان تشبيهه ڏني ويندي ھئي. آگاڻي ھڪ اھڙو ڳوٺ ھو جيڪو سنڌ ۾ جدوجهد جي علامت ھو. ناول جو اسلوب داستان گوئي وارو آھي. بلڪل اھڙو جهڙو اڪثر لاطيني جو آھي. آگاڻي صاحب جي ٻولي بابت ڇا چئجي ٻولي ته ڪو آگاڻي کان سکي ٻولي جو رس ۽ چس شاندار آھي.
آگاڻي جا ناول نه فقط ھڪ جديد ناول جو ن سڀ گهرجون پوريون ڪن ٿا، پر سنڌ جي ماضي قريب جي تاريخ جو پسمنظر پڻ آھن ۽ ايندڙ وقت جي محققن لاءِ سنڌ جي ھاڻوڪن سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو صحيح ادراڪ پڻ آھن.

عنايت حسين رند (1 اپريل 1949ع)
عنايت حسين رند ولد گل محمد رند جو تعلق ماتلي، ضلعي بدين سان آھي. افسانوي ادب ۾ ھن ڪيتريون خدمتون سرانجام ڏنيون آھن. خاص طور تي سنڌي ناول جي سلسلي ۾سندس ناول ”فراق“ (1990ع) ۽ ”پرڪٽيل پکي“ (1992ع) وڏي اھميت رکن ٿا.
عنايت حسين رند جو پھريون ناول ”فراق“ موھن جو دڙو پبليڪيشن ھائوس لاڙڪاڻو طرفان 1990ع ۾ شايع ٿيو. منجهس رومان سان گڏوگڏ سماجي مسئلن کي تمام خوش اسلوبي سان بيان ڪيو ويو آھي. خاص نقطھ ٻھراڙي ۽ شھري ماحول جو ٽڪراءُ آھي. ھڪ ٻھراڙي جو مارو ڇوڪرو شھر جي رنگينين ۾ رچي پنھنجي اصل پانڌيئڙن کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو، پوءِ تضاد آھي ماحول جو، اميري، غريبي ۽ اسٽيٽس جو. ايئن ڪھاڻي پنھنجو رخ اختيار ڪري ٿي جيڪا بعد ۾ تمام نازڪ صورت اختيار ڪري وڃي ٿي ۽ وڇوڙي جا وڏا ويڇا پئجيو وڃن. ناول ۾ محبت به آھي ته مذاق بھ، سکن جي سيج به آھي ته ڏکن جا ڏاڍا ڏونگر به آھن.
سندس ”پرڪٽيل پکي“ ناول 1992ع ۾ ھيپي ھوم پبليڪيشن گلشن چوڪ ماتلي طرفان شايع ٿيو. ھي ناول سنڌ جي معاشرتي ۽ معاشي حالتن جي پسمنظر ۾ لکيل آھي، جنھن ۾ جاگيرداري نظام، نياڻين جي شادي ڪرائڻ بدران، حق بخشرائڻ، ملڪيتن مان حصو نه ڏيڻ وغيره اچي وڃن ٿا.
ھڪ ھنڌ ناول نگارن ان ڳالهه کي ھيئن پيش ڪري ٿو:”بلال خان کي ٽي نياڻيون ھيون. وڏي پنجويهه سالن کان مٿي چڙھي ويئي ھئي، ٻي نياڻي ٽيويھن سالن کن جي ھئي. ڇوڪرين جڏھن کان جواني ۾ پير وڌو ته مائٽن مٽن سڱ گهرڻ شروع ڪيا. اھو روز جو معمول ٿي ويو ته ڪونھ ڪو در تي ويٺو ھوندو ھو. بلال خان تر جو بااثر زميندار ھو. اھو براداشت نه ڪري سگهيو ته بکين کي پنھنجيون ڌيون ڏيان. جيڪي ماڻھو سندس جيءَ حضوري ۾ ھجن، انھن سان سڱا بندي ڪري پنھنجي برابري ۾ آڻيان ۽ سڀاڻي اھي مون سان گڏ اچي کٽ تي ويھن. انھي سورن کان تنگ اچي ويو ھو، ٻيو ته جيڪڏھن ڪنھن کي ڇوڪريون پرڻائي ڏيئي ته ظاھر آھي ملڪيت جو به حصيدار ٿئي، تنھن کان ڇوڪرين کي ھڪ رسم ادا ڪري قرآن بخشائي ڇڏيائين. بس انھي ڏينهن کان پوءِ سندس در تي ڪير به لنگهي نه آيو. ٽين ڇوڪري ڪزبانو جڏھن ويھن ۾ پير پائي ٻاوھين سالن تائين پھتي، تڏھن به کائنس ڪزبانو جو ڪير به سڱ گهرڻ نه آيو، ڇو ته سڀني کي خبر پئجي ويئي ته بلال کان سڱ گهرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آھن.“
مطلب ته ”پرڪٽيل پکي“ احساس، حسرتن، ارادن، اضطراب ۽ ڏک سک جو ھڪ مڪمل رومانوي ناول آھي. ھڪ جاگيردار، جيڪو ھيرن جو ھار ڳچي ۾ وجهي، ھن دنيا ۾ جنم وٺي ٿو، پر جڏھن جواني ۾ قدم رکي ٿو ته پاڻ کي سماج جي سنگهرن ۾ ٻڌل ڏسي، تڙپي اٿي ٿو. ھو سماج جي زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ قدم وڌائي ٿو. ڀڄي وڃڻ گهري ٿو، پر پاڻ کي انھي ڪبوتر مثل محسوس ڪري ٿو، جنھن جا پر ڪٽيل آھن.

محمد انور بلوچ (2 اپريل 1952ع)
محمد انور بلوچ جو جنم ڳوٺ محمد حسين بليدي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. انور بلوچ جا ڪيترائي ناول ۽ افساني جا مجموعا شايع ٿي چڪا آھن. سندس ناولن ۾ ”آڪاش کان اڳتي“ (1998ع) ۽”باک ڦٽيءَ جو سوجهرو“ ۽ ”دوزخ مان دري“ شامل آھن.
ناول ”آڪاش کان اڳتي“ ھڪ رومانوي ناول آھي. جنھن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ليکڪ ھڪ تير سان ٻھ شڪار ڪيا آھن، ليکڪ ناول سان گڏ سفر نامي جو به شوق پورو ڪيو آھي. جرمني جي ماحول ۾ڪردارن ۽ انھن جي چرپر چٽي رومانس سان گڏ ولايت جي سير سفر جو مزو پڻ شامل ڪيو اٿائين. آڪاش کان اڳتي، بظاھر سنڌ ۽ جرمنيءَ جي پس منظر ۾ جنم وٺندڙ ھڪ پيار ڪھاڻي آھي، پر حقيقت ۾ سنڌ ۽ جرمني جي وچ ۾، جيڪو فڪري ۽ سفارتي لاڳاپو آھي. ھي ناول ان جو چٽو اظھار آھي. ھن جو ھيرو جميل ھڪ سرڪاري آفيسر آھي، جنھن کي وڌيڪ سکيا لاءِ ڏھن مھينن لاءِ جرمني موڪليو وڃي ٿو. پر ان سان گڏ اصل ۾ ناول جو بنيادي مرڪز سڄي سنڌ، اتان جا ماڻھو، اتي جي ثقافت ۽ لطيف سرڪار آھي.
سندس ناول ”باک ڦٽي جو سوجهرو“ اھڙي ھڪ ناسور تي لکيو ويو آھي، جنھن ۾ سنڌي معاشري جي ڪئي ننڍين وڏين براين جي ڄاڻ سان گڏ، ”ڪارو ڪاري“ جهڙي گندي رسم جي خاتمي جي به ڪوشش ڪئي ويئي آ. ڪھاڻي جو مک ڪردار قاسو، مذھبي گهراڻي ۾ ڄمي به مذھب کان لاتعلق آ، چوريون ڌاڙا ھن جي خاص ڪرت ۽ جيل ۾ اڌ کان وڌ وھي تائين رھائش رھي. اھو ئي شخص ڌيءُ ڄمڻ تي پنھنجا سڀ ڌنڌا ڇڏي صاف زندگي گذارڻ چاھي ٿو ته عياش وڏيري پاران سندس عزت ۾ ھٿ وجهڻ واري اکين ڏٺي عمل تي وري به ڪارين ڪوٺين ۾ بند ٿي وڃي ٿو ۽ سوچڻ جي ڳالهه اھا آھي ته ارڙھن سال جيل ۾ بند پيو رھندڙ اھو شخص ٻاھر ڇڏي ويل پنھنجي ھيڪلي ڌي ”حور“ بابت ڇا سوچيندو ھوندو. زال کي ڪارو ڪري جنب ٽيپ ڪاٽيندڙ قاسو جا پنھنجي جوان ڌي بابت ڪھڙا خيال ھوندا؟ ڇا ھو ٻاھر اچي به ان بابت ھر شڪ کان آجو ٿي ويندو. انھن مڙني سوالن جو جواب ۽ سنڌي سماج کي ڏينهون ڏينهن ڪمزور ڪندڙ ”ڪارو ڪاري“ جي رسم جي خاتمي جي ڪوشش طور ”باک ڦٽي جو سوجهرو“ لکيو ويو آھي.
محمد انور بلوچ جو ناول ”دوزخ مان دري“ سچائي اشاعت گهر-دڙو طرفان 2006ع ۾ شايع ٿيو. ناول جي ڪھاڻي مسٽر علي نواز راڄپر جي ڪھاڻي آھي، جيڪو زراعت کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور پنھنجون خدمتون سر انجام ڏئي رھيو آھي. ناول جو پسمنظر 1990ع کان 2000ع واري ڏھاڪي ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ بيوروڪريسي جي ڪلورن جي پسمنظر ۾آھي. ناول پڙھڻ کانپوءِ اھو محسوس ٿئي ٿو ته اھو ڪٿائي ناول (Biographical Novel) آھي. ناول ۾ علي نواز کي شريف آفيسر ڪري ڏيکاريو ويو آھي ۽ ٻيا راشي آفيسر ھن تي ڪوڙو ڪيس ٺاھي ڦاسائي وجهن ٿا.
ھن پوري ناول ۾ سنڌ جي ڪامورڪي نظام ۾ ٺڳيون، دولاب، رشوت خوري، اقربا پروري، استحصال جي بھترين تصوير ڪشي ڪئي ويئي آھي. جنھن ۾ علي نواز جهڙا ماڻھو شڪار ٿين ٿا. سندس ناولن جا موضوع شھري ماحول ۾ به آھن ته ڳوٺاڻي ماحول ۾. انھن ۾ نفرت به آھي ته محبت بھ. آرام به آھي ته جستجو بھ. ناولن جي ٻولي تمام سادي آھي، ھروڀرو ڊيگهه ڪونھي. ڊاڪٽر نجم عباسي وانگر انھن جو اسلوب به سادو آھي. ناولن ۾ قومي شعور نظرياتي ساڃھھ، انقلابي احساس ۽ ڌرتي جي مسئلن جو ڏک سمايل آھي.

طارق عالم ابڙو (1958-2011ع)
سنڌي ادب جي نوجوان ٽھي جي ھن ڪھاڻيڪار ناول نگار، ڊرامانويس، ڪالم نويس ۽ شاعر جو جنم ضلعي قمبر ائٽ شھداد ڪوٽ ۾ ٿيو. طارق پنھنجي ڪھاڻين جي شروعات 80 واري ڏھاڪي کان اڳ شروع ڪئي ھئي.
طارق عالم جي وڏي ۾ وڏي سڃاڻپ سندس ناول ”رھجي ويل منظر“ آھي جنھن جا ھن وقت تائين ڪيترائي ايڊيشن شايع ٿي چڪا آھن. محترم ولي رام ولڀ ان کي ھر دور جو ناول سڏيو آھي. ھي سنڌ يونيورسٽي جي ماحول ۾ ھڪ رومانوي ناول آھي. ھن ناول ۾ سنجها ۽ پنھون جي اڻپوري داستان آھي. طارق عالم جي ھن ناول جو تاڃي پيٽو سنڌ يونيورسٽي جي ماحول ۾ اڻيل آھي. ناول جي پريم ڪھاڻي ڪا به معنيٰ نه ٿي رکي. لڳي ٿو اھا روئداد ڪٿي به ٿي سگهي ٿي. ڪنھن به ڌرتيءَ تي ٿي سگهي ٿي. ڪھڙي به ماحول جي پسمنظر ۾ ٿي سگهي ٿي.
سنجها ۽ پنهونءَ جي رومانس شروع ٿيڻ کان وٺي ظهير ۽ سنجها جي رومانس تائين ناول کي شاه ڪاريگريءَ سان إإڻيو ويو آهي. ليکڪ ڪٿي به ٿيڙهه کائي ٻئي پاسي ايترو نه هليو ويو آهي، جو مرڪزي لائين غائب ٿيندي محسوس ٿئي، جيتوڻيڪ هي ناول رڳو سنجها ۽ پنهونءَ جي رومانس تائين محدود نه آهي. هن ناول ۾ نصير، ناردمني ٽيلي اسٽار، راحت حسين، صبا، سنجها جي ’ادا‘ پارٽي ۽ چڻن وڪڻڻ وارو ڇوڪرو مرڪزي ڪردارن سان گڏجي ڪئمپس جو هڪ پورو ۽ خاص پهلو پڙهندڙ اڳيان چٽو ڪري ٿا بيهارين. اهي سڀ اهڙا ڪردار آهن، جيڪي ڪئمپس جي ڀرپور نمائندگي ٿا ڪن، منجهن ڪوبه غير معمولي نه آهي ۽ وڏي ڳالهه ته اهي ڪردار پنهنجي تحرڪ سان ڪهاڻيءَ کي مرڪزي نقطي يا مرڪزي لائين تان نه ٿا هٽائين. ايتريقدر جو ناول نويس ڪئمپس مان نڪري ڪراچيءَ ۾ عليءَ جي گهر ٿو اچي ته علي ۽ سندس زال جي جهيڙي ۾ به کيس پنهنجو مستقبل نظر ٿو اچي ۽ عليءَ جي گهر کي هو ناول ۾ ايترو ئي ٿيو آڻي جيترو ان جي ضرورت آهي نه ته عليءَ جي ڪردار ۾ ايڏي ته ڇڪ آهي جو اِهو ڪردار ناول جي مرڪزي فيوز کي وڏي خوشيءَ سان اُڏائي سگهي ٿو.
ھن ناول جي وڏي خوبي ليکڪ جي ٽيڪنڪ آھي. طارق ان ۾ فرسٽ پرسن ۽ سيڪنڊ پرسن جو ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو آھي. ھن ناول جو ھڪ ٽڪرو نموني طور پيش ڪجي ٿو:
”ان زماني ۾ نظر آئي هئينءَ جڏهن شرٽ جا مٿيان بٽڻ بند ڪرڻ سدائين وساري ويهندو هئس. جڏهن مان ’ڪلين شيو‘ هوندو هئس، ۽ جڏهن مون وٽ رڳو ٻه پينٽس ۽ چار شرٽس هونديون هيون.
توکي تنهنجو ڪلاس فيلو ۽ تنهنجي پيءَ جو اسسٽنٽ، فيڪلٽي گهمائي رهيو هو. هن چيو هو:
’هي پوليٽيڪل سائنس جو ڊپارٽمينٽ اٿئي.‘
تنهنجي آڏو اچي ويو هئس؛ ان مهل مون سان نصير به هو. تو ڪنڌ کڻي مون ڏانهن نهاريو هو ۽ مون ڪنڌ جهڪائي. تنهنجين سنهين فريمن واري نظر جي عينڪ پٺيان وشال پر اداس نيڻ منهنجي چهري مٿان ’اسٽاپ فريم‘ ٿي ويا هئا. قد ۾ مون کان ڇهه انچ ننڍي هوندينءَ. تنهنجن ’يو‘ شيپ وارن ۾ بي انت ’ڪروز‘ هئا. مون کي ياد آهي ته توکي سائي رنگ جو پهراڻ پيل هو. جنهن مان تنهنجون ٻانهون ڪلهن تائين ڌنڌليون پئي نظر آيون.
اسان اڳتي هليا ويا هئاسون؛ نصير چيو هو:
’اِها، اُها ئي اٿئي جنهن جو مون توسان ذڪر ڪيو هو. يار ڏاڍي تيز ڇوڪري آهي.‘
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نصير مون کي آرٽس فيڪلٽيءَ جي ٻاهرين ڪينٽين جي ٻاهران نظر آيو هو. تون ان مهل ڊپارٽمينٽ جي شاگردن سان گڏ بيٺي هئينءَ ۽ هو سڀ تنهنجي چوڦير بيٺل هئا. نصير سان وڌي وڃي مليو هئس، ڪنول چيو هُيئي:
’سنجها، هن کي ڏسي توکي ڊارون جي ٿيوري ته ياد نه ٿي اچي!‘ مون ڏانهن ڏٺو هيئي هڪ کن لاءِ ۽ چيو هيئي: ’هِن لاءِ مان ائين نه چونديس؛ ڇو ته مان هن سان فري ناهيان‘ اهي تنهنجا پهريان لفظ هئا مون لاءِ چيل“.(61)
ناول جي ٻي خوبي اھا آھي ته ھن ۾ رومانوي جذبن ۽ خواھشن کي بي ترتيب يا تصوراتي نموني چٽڻ بدران فطري طرح اپٽار ڪيل آھي. اھڙي طرح تمام سٺين تشبيھن وسيلي لفظن جو اظھار ڪيل آھي. مطلب ته ناول جي ٻولي انتھائي دلڪش آھي. مثال طور ”رڙ منھنجي چپن مان ٺڪاءَ تي ڀڙڪو ڏئي اڏامي ويل ڳيري جيئن نڪري وئي پئي.
يا ھمدردي جا پاڇا ھن جي چھري تي پگهر جي ڦڙن جيئن جرڪي پيا ھئا.“ ناول ۾ سنجها ۽ پنھون جي رومانوي قصي ۾ شاندار منظر نگاري اثرائتا مڪالما آئيڊيل فضا ناول جي جان آھن.
مٽي: طارق عالم ابڙي جو ٻيو ناول ”مٽي“ جي پھرين قسط ماھوار ”سنجها“ جي شماري جولاءِ - آگسٽ 2001ع ۾ شايع ٿي. ناول مڪمل شايع ٿي نه سگهيو آھي. ھن ناول جي شروعات ھنن لفظن سان ٿئي ٿي:
”مئي مھيني جي ڪچڙي منجهند، گهر جي اڱڻ کي ڪلئي ڪيل ٿالهه جيئن چمڪائي ڇڏيو ھو. ممتاز، ورانڊي جي سڀ کان وڌيڪ استعمال ۾ ايندڙ محراب مان ظاھر ٿي تيز وکن سان روشن اڱڻ اڪري، ڏاڏيءَ جي گهر ڏانھن غائب ٿي وڃي ٿي. خيام، ٻير جي ڏار مٿان ڀاڻس جي ٺاھيل پيھيءَ تي ليٽي محرابن مان نظر ايندڙ ورانڊي ۾ چتايو. ٿلهن پاون واري قديمي کٽ تان مھرالنساءِ گم ھئي. سندس ڪجهه ٽاڪيل ڪجهه اڻ ٽاڪيل پڙيون، کٽ جي واڏڻ تي ابتيون پيون ھيون. واڏڻ جا ٽي حصا ڪاري تر َ سان اڇي ٽڪ ٽڪيل پڙين ھيٺان غائب ھئا. “

محمود مغل (27 نومبر 1961ع)
ڊاڪٽر محمود الحسن مغل جو جنم سيوھڻ شريف ۾ ٿيو. ھو سنڌي نوجوان اديبن مان آھي. جن ٿوري عرصي ۾ ڪمپيئر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊرامانويس طور پنھنجو نالو ڪڍيو آھي. محمود مغل لکڻ جي شروعات ڪھاڻين سان ڪئي. ڇپيل ڪتابن ۾ ”ڪوھيڙن ۾ ويڙھيل يادون“ (ڪھاڻيون) ”توسنگ توبن ڏينهڙا“ (ڪھاڻيون)، ”محمود مغل جون ڪھاڻيون“، ”ھٿ ريکائن کان خالي“ (ناول)، ”سرءُ“ (ناول) ۽ ”اسين جيئرا آھيون“ (ترجمو ناول) شامل آھن.
محمود مغل جا ناول رومانوي ۽ معاشرتي مسئلن تي ڏاڍي خوبصورتي سان لکيل آھن. ھن جي لکڻين ۾ ھڪ خوبي اھا به آھي ته اھي اسان جي پنھنجي ماحول جي عڪاسي ڪن ٿيون. سندس لکڻيون فن ۽ فڪر جو حسين سنگم آھن.
سندس ناول ”ھٿ ريکائن کان خالي“ ناري پبليڪيشن حيدرآباد طرفان 1991ع ۾ شايع ٿيو. ھي ھڪ رومانوي ناول آھي. ھن ناول جي ڪھاڻي ”ھادي“ جيڪو مرڪزي ڪردار آھي، ان جو احساس محرومين سان شروع ٿئي ٿو. ھڪ ته ھو سڀني کان ننڍو آھي، ۽ ٻيو ته گهر جو ڪو به ڀاتي ھن کي ڀانئي ڪونھ ٿو. ان ڪري ھو ھميشھ احساس ڪمتريءَ جو شڪار رھي ٿو. ھن جو خيال ھو ته ھن جا ھٿ قسمت جي لڪيرن کان خالي آھن. ناول جي ھيروئن جو گهر ٽنڊو ڄام آھي، جنھن جو نالو کڻڻ کانسواءِ ھادي سندس ڪھاڻي ٻڌائيندو رھي ٿو. ناول ۾ ننڍا ننڍا واقعا، اتفاق، ننڍا ننڍا پروگرام، ننڍا ننڍا ڊائلاگ، ننڍيون احساس محروميون، ننڍيون ننڍيون يادون، ٽوڪون، نفرتون، محبتون وغيره ھن ناول جو حصو آھن. ناول جي پڄاڻي شاندار آھي، ھادي، جيڪو سڄي عمر احساس محرومين جو شڪار ھو، ۽ چوندو ھو ”منھنجا ھٿ ريکائن کان بلڪل خالي آھن، اھو چوي ٿو ته ”سڄو مقدر جيڪو اڳ لکيل ڊھي چڪو آ، ائين سمجهه ته مان کڻي ھٿ ڪپرائي چڪو آن.“
سندس زندگي ۾ ڪنھن محبت جا رنگ ڀري ڇڏيا. ھوءَ کيس چوي ٿي ته ”ھي ھٿ خالي آھن ته مان انھن تي ريکائون لکندم ۽ جي نه لکي سگهيم ته پنھنجا ھٿ ڪپرائي، توھان کي ھڻائي ڇڏيندم.
ھن ناول جي سڀ کان اھم خوبي سادي ۽ رومانوي ٻولي آھي، ننڍا ننڍا ڊائلاگ رومانوي ماحول جي ٽيڪنڪ ۾ آھن، جنھن ۾ ھڪ ڪردار پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائي ٿو. سندس ”محبتن جا ٻه ناوليٽ“ (سرءُ ۽ هٿ ريکائن کان خالي) 2015ع ۾ شايع ٿيو. ٻئي ناوليٽ سندس اسٽوڊنٽس لائيف جا رومانوي موضوع تي آهن.
سندس ”اسين جيئرا آھيون“ ناول مشھور انگريزي ناول نگار پيئر پال ريڊ جي مشھور ڪتاب Alive جو ترجمو ڪيو. جيڪو 1992ع ۾ ناري پبليڪشن حيدرآباد طرفان شايع ٿيو. ھيءَ حياتيءَ لاءِ جاکوڙ جي ڪھاڻي آھي. 10 آڪٽوبر 1972ع تي يورا گوئي جا ڪجهه رانديگر، چليءَ ڏانھن راند کيڏڻ لاءِ ھوائي جهاز وسيلي اڏاڻا، پر سندن جهاز کي حادثو پيش آيو. حادثي ۾ ڪجهه مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا. باقي بچيلن، جياپي لاءِ مدد ملڻ جي آسري تي جيئڻ جي ڪوشش شروع ڪئي ۽ آخرڪار مايوس ٿي ڪجهه ھمراھن دنيا جي خطرناڪ ترين رستي کي لتاڙي انساني وستيءَ تائين ورڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪامياب ٿيا. ٻھ مھينا ٻارھن ڏينهن برف ۾ گذارڻ کان پوءِ ھو نيٺ ماڻھن وٽ واپس وري ويا. سندس هڪ ٻيو ترجمو ٿيل ناول ”زندگي محسوس ڪيو“ 2017ع ۾ شايع ٿيل آهي. ان کان علاوه ناول ”محبتن جو شهر ٻڙي ميل“ 2017ع ۾ ۽ ”زيب النساءِ“ 2016ع ۾ شايع ٿيل آهن.

اڪبر سومرو (25 جنوري 1959ع)
اڪبر سومرو ولد عبدالڪريم سومرو جو جنم ٽنڊو الهيار ۾ ٿيو. پاڻ سٺو ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”ڊائري جا پنا“ (1981ع) ”من جي ھن پار“، ”چھرا چھرا شھر“، ”ڪيسو ڦل“ (1990ع شاعري) ۽ ”شھر جي ڳالهھ“ (ناول 1996ع) شامل آھن.
ناول ”شھر جي ڳالهھ“ جو مرڪزي ڪردار علي آھي جيڪو سنڌ جي زميندار ۽ تاريخي پسمنظر رکندڙ خاندان سان واسطو رکي ٿو. ھن جي ڏاڏي انگريزن کان انعام ۾ مليل زمين اھو چئي وٺڻ کان انڪار ڪئي ھئي. ”مون وٽ اڳي ئي خدا جي طرفان ڏنل زمين گهڻي آھي.“ ورھاڱي کانپوءِ ھن خاندان تي به زوال آيو. ان خاندان جو علي سول انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن ڪري اسلام آباد نوڪري جي سلسلي ۾ ويو. جتي ھڪ صحافي ڇوڪري ڪلديپ سان گهرائپ ٿئي ٿي. جنھن سان ھو لاڳاپا رکڻ چاھي ٿو پر ھوءَ انڪار ڪري ٿي. نتيجي ۾ ھو ھڪ پٺاڻ ڇوڪري سان تعلقات رکي ٿو.
ناول ھڪ طرف ھڪ ڪردار جي ذھني فرسٽريشن جي عڪاسي ڪري ٿو ته ٻئي طرف سياسي حالتن تي به ڀرپور روشني وجهي ٿو. ھن ناول ۾ جاندار ڪردار ۽ شاندار ڊائلاگ ڏنل آھن.
اڪبر سومري جو ھڪ ناوليٽ ”کماچ“ ماھوار امرتا ۾ قسطوار شايع ٿيو ۽ بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ آيو. ڪراچي ۾ روز باهه ٻريل هوندي هئي. عماد، ربيعا، مونا، انس، روميسا ۽ زارا جي ڪهاڻين سان ڀرپور هي ناول نه فقط ڪراچي جي صورتحال کي پيش ڪري ٿو پر اتان جي ماڻهن جي نفسياتي پهلوئن ۽ انهن جي سيڪس لائيف کي به بهتر انداز سان پيش ڪري ٿو.

اخلاق انصاري (24 اپريل 1957ع)
اخلاق انصاري جو جنم سنڌ جي نامياري ڪھاڻيڪار انيس انصاري جي گهر ۾ ٿيو. سندس شمار سنڌي ڪھاڻيڪارن جي اھڙي صف ۾ ٿئي ٿو جن سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ موضوع توڙي ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ڪامياب تجربا ڪيا آھن. ھن خود ڪلامي، فينٽيسي، ”سر يئلزم“ ۽ وجودي فڪر جي لاڙن مطابق ڪھاڻيون سرجيون آھن. سندس ڪھاڻين جي مجموعن ۾ ”رڃ ۽ رابيل“ (1976ع) ۽ ”مان ڪائنات آھيان“ (2003ع) ۽ جڏھن ته ناولن ۾ ”اڏوھي“ (2006ع) شامل آھن.
”اڏوھي“ ھڪ علامتي طور استعمال ٿيل آھي. اڏوھي جو مطلب اھو آھي ته اندر ئي اندر سرو لڳڻ يا کوکلو ٿيڻ. ”اڏوھي“ جي مرڪزي ڪردار جي ڀوڳنائن جو ناول آھي. ناول جي مرڪزي ڪردار جيڪو استاد آھي، ھن جون ننڊون ھڪ ويھن ھزارن جي چيڪ جي ڪري حرام آھن. ھو نھايت باضمير شخص آھي. چيڪ سرڪاري پيسن جو آھي. ھو اسان جي سماج جو ڄاتل سڃاتل ”وائيٽ ڪالر“ شخص آھي. ناول اسان جي وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ سماج سان آھي.
اھڙي طرح ناول جي ٻئي پلاٽ ۾ ھو اٿندي ويھندي، ھلندي گهمندي، کائيندي پيئندي، کيس پنھنجو گناهه اندر ئي اندر ۾ کائيندو رھي ٿو، ناول جي صفحي 26 تي، ھن ڪردار جي ڪيفيت ڪجهه ھن طرح بيان ڪئي آھي: ”ھن کي سڀ ڪجهه بڪواس لڳو. جيڪو ڪجهه ڳالهايائين، اھا بڪواس ھئي . . . اگهاڙي ماڻھوءَ کان اڄ جي تهذيب تائين جي سفر ۾ . . . رڙين ۽ اشارن کان اڄ جي وڻندڙ ٻولين تائين . . . غارن کان، گهرن ۾ رھڻ تائين . . . ڪجهه به تبديل نه ٿيو آھي. . . بس جيئن جو تيئن آھي. . . غارن ۾ رھندڙ ماڻھن جيئن اگهاڙو . . . رڙيون ٿو ڪري، ٻولين ھوندي ڪير به ڪنھن کي سمجهي نٿو . . . ساڳيو خوف جو عذاب آھي . . . ۽ ساڳي اڪيلائپ . . . ھن جيڪا يخي ھنئي، زندگي ھن کي يخي لڳي. . . معنيٰ رڳو انھن نڪتل اکين کي ھئي، جن خواب پيدا پئي ڪيو . . . “.(62)
ناول جي ڪردار جي ان روش سان ھن جي سموري حياتي، سموري جستجو، رشتن جو بوجهه ھڪ واحد گهڙيءَ ۾ تبديل ٿيندو ٿو نظر اچي ۽ زندگي، پيار ۽ رشتن جي کوکلائپ چٽيءَ ريت پڌري ٿي پوي ٿي.

اسحاق انصاري (٤ مارچ ١٩٦٠)
ڊاڪٽر اسحاق انصاري ولد انيس انصاري جو جنم لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. اسحاق انصاري گهر ۾ ئي ادبي ماحول ھجڻ ڪري ننڍي ھوندي ئي لکڻ شروع ڪيو. ھن ڪھاڻين سان گڏوگڏ ڊراما ۽ ناول به لکيا آھن. سندس ڪتابن ۾ ”خالي بئنچ“ (ناول،2009ع)،”انيس انصاري فن ۽ شخصيت“ 2008ع، ”پرين ھن پيار جا“ (سفرنامو) شايع ٿيل آھن.
سندس ناول ”خالي بئنچ“، طارق عالم جي ناول ”رھجي ويل منظر“ کان متاثر ٿي لکيل لڳي ٿو. پر اسحاق جو پنھنجو اسلوب آھي. ھي ”شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي پسمنظر ۾ رومانوي ناول آھي. بقول تاج بلوچ جي ”طارق ۽ ايرٽ سيگل (آمريڪي رومانوي ناول نگار) جي جملن جيان، اسحاق به اعليٰ ھنر مندي جو انتھائي سادگي سان مظاھرو ڪيو آھي. ”خالي بئنچ“ ۾ رومانوي ۽ احساسي جذبن جي شدت جي احساس کانسواءِ مختلف معاشي ۽ سماجي مسئلن کي به پيش ڪيو ويو آھي.
سندس ناول ”پيار درياهه“چيڪوسلاواڪيا جي پسمنظر ۾ لکيل هيءُ ناول، مشرف ۽ مغرب جي تهذيبي ارتقا بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائي وڃي ٿو. ساڳئي وقت مشرق جي ماڻهن وٽ جڙيل مفروضا به زخمي ڪري ٿو. يورپي ماڻهوءَ بابت اسان جا رويا هن ناول پڙهڻ کان پوءِ پاڻ ۾ گهڻي تبديلي محسوس ڪن ٿا. خاص طور يورپي ڇوڪري/ عورت بابت، هن ناول جي مرڪزي ڪردار طور آيل ڇوڪري، عائده اهڙي روئي جي نمائندگي ڪندڙ آهي، جيڪو جسم ۽ روح جي وچ ۾ هڪ لڪير ٿي ظاهر ٿيندو آهي.
هن ناول جي دائري ۾ آيل ڪردار الڳ ملڪن جي روين جي نمائندگي ڪندڙ آهن ۽ انهن روين جي مشاهدي طور ناول جي مرڪزي ڪردار آيان (اسحاق) ٻين سڀني ڪردارن سان روشناسي ڪرائي آهي، جيڪي سڀ ڪردار الڳ الڳ ٻولين، مزاجن ۽ ملڪن سان واسطو رکن ٿا. خاص طور سلمه، عائده ۽ اڃا به خاص طور هڪ ننڍڙي اسٽيشن تي ٽڪيٽ ڏيندڙ ڇوڪري سويتلانا، جنهن هڪ اجنبي کي اسٽيشن تي رات رهائي آهي، سيڪس کان وٺي سماج جي هر مسئلي تي ڳالهايو آهي، وائين پيتي آهي ۽ مهمان کي ايترو متاثر ڪيو آهي جو هو اتان جي رواج جي ابتڙ، سندس پير ڇهي ٿو ۽ هوءَ سندس مٿي تي هڪ روشن چمي ڏئي ٿي. جيڪا ان ڪردار کي اڄ به ياد آهي.

ج. ع . منگهاڻي
ج. ع . منگهاڻي جو پورو نالو جنت خاتون آھي. سندس جنم ڪراچي ۾ ٿيو. ستر واري ڏھاڪي کان ادبي دنيا سان وابستھ آھي. ھوءَ شاعره، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ محقق طور پاڻ مڃرائي چڪي آھي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن, ”رڃ“ (ناول 2007ع) شامل آھن. سندس ناول ”ڪڙي منجهه حساب“ روازنھ ھلال پاڪستان ۾ 1982ع ۾ قسطوار پڻ شايع ٿيو .
ناول ”رڃ“ شاهه لطيف جي بيتن جي ڇانو ۾ لکيل آھي ھر مسئلي ھر موقعي کي ڀٽائي جي بيتن جي ھنج ۾ ڪري محبت ڀري ڪھاڻي لکي ويئي آھي. جاني ۽ طارق جي محبت جي منفرد ڪھاڻي آھي. شادي ٻئي ھنڌ ٿيڻ جي باوجود ٻئي روحاني محبت ۾ يقين رکن ٿا. ناول تي تبصرو ڪندي محترم تاج بلوچ لکيو آھي ته ” ناول جو سمورو تاڃي پيٽو سندس ڏات ۽ ٻڌيمانيءَ جو جوھر ۽ ڀٽائي جي شاعري جي آميزش سان نيڻ ڏسائڻ جا منظر پسائي ٿو. ”رڃ“ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدن تي جنم وٺندڙ ھڪ سچي پريم ڪھاڻي آھي. جنھن جا ڪي مکيھ ڪردار اڃا به حال حيات آھن. منگهاڻي ڪمال ڪاريگريءَ سان ھڪ واقعي کي پنھنجي اميجري ۽ لفظيات جي سونھن بخشي، ميدانن ۽ جبلن ۾ ڀٽڪندڙ پريم ڪھاڻي کي ڪاغذ تي پلٽائي ڇڏيو آھي“.(63)

سليم چنا (8 اپريل 1954ع)
محمد سليم چنا ولد نجم الدين چنا پاٽائي جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. پاڻ نالي وارو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار آھي. سندس ڪھاڻين جا مجموعا به شايع ٿيل آھن .جڏھن ته ناولن ”سحر“ (2007ع)، ”برسات“ (2008ع)، ”خوابن ۽ خيالن ۾ گم ٿيل ماڻھو“ (2009ع) ۽ ”کيت خواب جهڙا“ (2009ع) شامل آھن.
سليم چنا ھڪ جاکوڙي اديب آھي، جنھن مسلسل لکيو آھي، ڪھاڻين ۽ ناولن جي دنيا ۾ ھڪ مقام حاصل ڪيو آھي. سندس افسانوي انداز وڻندڙ ۽ دلڪش آھي. نه صرف ايترو، حيدرآباد ۾ ھر ادب جي محفل، پروگرام ۾ ھن يگاني اديب جو ڪونھ ڪو حصو ضرور ھوندو آھي. ھن جي ناولن ۾ سچا ڪردار جيئرا جاڳندا ۽ چرپر ڪندي نظر ايندا آھن. ان کان علاوه ھن جا ناول آتم ڪٿا ئي ھوندا آھن. جنھن ۾ ھو ھمعصر سياسي، سماجي حالتن کان علاوه تاريخي پسمنظر کي ناول جو موضوع بڻائيندو آھي.
سليم چنا جو ناوليٽ ”سحر“ سليم چنا اشاعت گهر حيدرآباد طرفان 2007ع ۾ شايع ٿيو. ھي ھڪ رومانوي ناول آھي، جنھن ۾ ٻھ مکيھ ڪردار آھن، ھڪ ليکڪ ۽ ٻيو سحر. ناول جو رومانيت ڏانھن رويو ڀٽائي جي شعر يعني ”ڳوليان ڳوليان م لهان“ وارو آھي. ناول تي تبصرو ڪندي حفيظ ڪنڀر لکيو آھي ته ”ھن ناول کي پڙھندي لڳي ٿو ته ليکڪ ان شھر ۾ وڃائجي ويل ٻار آھي، جنھن کي پنھنجي گهر جو پتو ٻڌائڻ به نٿو اچي. ھن وٽ عڪس، البم، فوٽوز Painting فارسي، سنڌي، انگريزي ۽ اردو شعر يعني ”چند تصويرن بنام چند حسينون ڪي خط“ آھن، جنھن تي ھن ناول جي ھيڏي ماڙي کڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي. ھن جي ساروڻين جون اھي گليون، گهٽيون آھن، جن ۾ ھو ڊوڙندي پويان ڏسندي، روئيندي، سڏ ڪندي نظر اچي ٿو. سحر جي تلاش ۾ ھلندڙ سدائين ھلندڙ، سليم کي سحر ته ڳوڙھن جي روپ ۾ ملي ٿي پر ھن جي اندر جي Heart boxes ۾ اميد رھجي ٿي وڃي ۽ حقيقت ۾ اھا اميد آھي جيڪا سحر سان ملي، فنا ٿيڻ کانپوءِ لازواليت ڏي وڃي ٿي“.(64)
سندس ناوليٽ ”برسات“ 2008ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناوليٽ به رومانٽڪ آھي ۽ سڄي ناوليٽ ۾ يادون آھن، سوچون آھن ۽ اھي سڀ يادون خوبصورت تشبيھن سان اڻيل آھن. ھن ناوليٽ ۾ عنوان جي لحاظ کان برسات کي فوڪس ڪيو ويو آھي. ھن ۾ بيان ڪيل قصا به برساتي موسم جا آھن. پورو ناول بياني انداز ۾ لکيل آھي، جنھن ۾ ليکڪ ۽ ھن جي دوستن جا ويچار محبت لاءِ ويچار، ليکڪ جون احساس محروميون ڏنل آھن. مطلب ته برساتي موسم ۽ يادن جو بھترين سنگم ڏيکاريو ويو آھي. ناول لاءِ حيات علي شاهه بخاريءَ لکيو آھي ته ”سليم چنا پنھنجي ناول ”برسات“ ۾ مينهوڳي واري مند ۾ دوستن سان گڏجي ڄامشوري وڃي ٿو، ڄڻ ھو ھن قھر جي موسم ۾ اندر ۾ اٿل پٿل ڪندڙيادگيرين کان فرار ٿئي ٿو. ڄامشوري جي خوبصورتي ۽ اتي موجود سونھن ۾ گم ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ٿو، ڇو جوھر ھر کيس سندس ماضي پاڻ ڏي ڇڪي ڏکارو ڪري ٿو، سليم چنا جي ماضي ۽ حال سان اھا ويڙهه سڄي ناول ۾ موجود آھي، سليم چنا تمام وڏي ھمت سان ماضيءَ مان پنھنجي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، پر سندن ماضي سندس جند نٿي ڇڏي. ڪڏھن معصوم ته ڪڏھن تسليم جون يادون ور ور ڪري سندس وجود کي وڪوڙي وڃن ٿيون ۽ سليم چنا جون اکيون برسات جي ڦڙن جي بھاني ٻھ ٽي لڙڪ ڳاڙي ويھن ٿيون.
سندس ”خوابن ۽ خيالن ۾ گم ٿيل ماڻھو“ جيون ڪٿائي ۽ تاريخي ناول سليم چنا اشاعت گهر قاسم آباد حيدرآباد طرفان 2009ع ۾ شايع ٿيو. سليم چنا جو لکيل ھي ناول اصل ۾ خواب جي ڪٿا آھي جنھن ۾ ھڪ حساس ماڻھو ليکڪ جي روپ ۾ پوري ناول ۾ گهمي ٿو .
مثال طور سندس ناول جون ھي سٽون پڙھي ڏسو ”سرسبز زمين غير آباد ٿي وئي، ھنن جي گهوڙن جي سنبن ايترا ته زخمي ۽ مئل انسان جنگ جي ميدان ۾ چيري ڦاڙي لتاڙيا ۽ ماريا جيترا ڳجهن ۽ جهنگلي درندن به نه چيريا ڦاڙيا ۽ ماريا. پوءِ به تاريخ جو درٻاري مؤرخ انھن لاءِ انقلاب لکي ٿو، اليگزينڊر دي گريٽ، پيٽر دي گريٽ، اشوڪ اعظم، خان اعظم، قيصر، فرعون، قبلائي خان، فاتح اعظم، شيردل رچرڊ، صلاح الدين ايوبي، امير تيمورلنگ، گورکان، حضرت صاحبقران يا صاحبقرني جا لقب بابر بادشاهه ۽ ھمايون خان جا لقب، فردوس مڪاني، جنت مڪاني، بادشاهه بابام، محمود غزنوي بت شڪن، مغل اعظم، اڪبر اعظم، ظل الاھي، ظل سبحاني، فاتح سنڌ محمد بن قاسم، نادر شاھھ، مدد خان، نيپولين بونا پارٽ، زارروس،، ھٽلر، ميسوليني، ٽرومين ۽ چرچل، ڊيگال ۽ ٻيا ڪيترائي جنرل ڪرنل ۽ فيلڊ مارشل . . . “
سليم چنا به پنھنجي ھن ناول ”گم ٿيل ماڻھو“ ۾ ھڪ نئون تجربو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. انھيءَ ناول جو مک ڪردار (سليم چنا) موجوده زندگيءَ ۾ جيئندي تاريخ جي ڪن ۾ گهڙي ماضيءَ جي انيڪ اھم جنگي واقعن ۾ پاڻ کي موجود محسوس ڪندي، انھن واقعن تي پنھنجو رد عمل ظاھر ڪندو ٿو وڃي.“
سندس ناول ”کيت جهڙا خواب“سليم چنا اشاعت گهر، حيدرآباد طرفان 2009ع ۾ شايع ٿيو، ھي ناول 1997ع ۾ لکيو ويو ھو. جيڪو ”سنڌ رنگ“ ڊائجيسٽ ۾ 1999ع ۾ پڻ قسطوار شايع ٿيو ھو. ھي سليم چنا جو آتم ڪٿائي ناول آھي، جنھن ۾ به بياني طريقو استعمال ڪيو ويو آھي. ناول ۾ شاندار منظرنگاري ڪيل آھي، ناول نگار ناول جي فني حيثيت لاءِ لکي ٿو ته ”پر ڇا ھي ناول آھي؟ طويل ڪھاڻي آھي؟ ڊائري جو حصو آھي؟ يا منھنجي خيالن جو خاڪو آھي يا ڪجهه به ناھي؟ يا ڊائري نما ناول آھي؟ ھا ھي منھنجي خواھشن، خوابن، خيالن جو ھڪ حصو آھي“.(65)
درحقيقت ھي ناول ڊائري نما ناول آھي، جيڪو زراعت جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائن جي نقصانن کان شروع ٿئي ٿو، پوءِ سياست، ادب، سماج، محبت، آزمائشن کان ٿيندو جاسوسي طريقن ۽ ليکڪ جي ڀوڳنائن تائين پھچي ٿو. ناول نگار ذاتي حيثيت ۾ پنھنجو پنھنجي دوستن ۽ پنھنجي يادن جو ذڪر ڪري ٿو.
مجموعي طور تي سليم چنا جا ناول آتم ڪٿائي آھن. ناولن ۾ اڪثر ھيري کي ”ھو“ يعني Third form ۾ لکي ٿو. ڪٿي ڪٿي وري ”مان“ يعني First form ۾ لکي ٿو ۽ ڪٿي وري پنھنجو نالو سليم چنا به لکي ٿو. ھن جي ناولن ۾ ھيري جي پنھنجي ڪردار کان علاوه ٻيا ڪردار انتھائي ڪمزور محسوس ٿين ٿا. ان جي برعڪس ھو سٺا منظر چٽي ٿو، آسان ٻولي استعمال ڪري ٿو.

منصور ٿلهو (15 جنوري 1959ع)
منصور ٿلهي جو جنم نصير آباد، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. ھو ھڪ سٺو شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس آھي. سندس شاعري ۽ ڪھاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل آھن. ناول تي پي- ايڇ- ڊي جي سلسلي ۾ تحقيق به ڪئي اٿائين.
منصور جو ناول ”جيون ليکا“ 2005ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول سنڌ جي شھري ۽ ٻھراڙي جي سماجي، سياسي ۽ معاشي مسئلن جي پسمنظر ۾ لکيل آھي. ھڪ طرف ڳوٺن ۾ بدامني ۽ ڌاڙيلن جا آراز ٻئي طرف بي روزگاري ۽ زميندارن جو استحصال عام بڻيل آھي. ٻئي طرف وري شھرن ۾ دھشتگري ۽ غنڊن ھٿان عام ماڻھوءَ جي زندگي بليڪ ميل ٿي پئي آھي. ھن ناول ۾ سراج ۽ ثريا مرڪزي ڪردار آھن. سراج ٻھراڙي جي ھيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ آھي ۽ ثريا وچولي طبقي جي نوڪري پيشھ عورت آھي. سو ٻئي پنھنجي پنھنجي محنت، محبت ۽ سڃاڻپ جي تلاش ۾ آھن.
منصور ٿلهي جو ناول ”مٽي ۽ مھاڻا“ سنڌ ساحل، کارو ڇاڻ پبليڪيشن طرفان 2009ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول ٺٽي ضلعي ۾ قديم زماني کان آباد ملاح قوم جي ڌنڌي، اٿڻي ويھڻي، زندگي، سخت محنت واري ماحول وغيره کي شاندار نموني پيش ڪيو آھي. ھي ناول ٺٽي ضلعي جي کاري ڇاڻ ۽ سامونڊي ڪناري جي پسمنظر ۾ آھي.
ناول جو ھيرو سارنگ، کارو ڇاڻ، ڪيٽي بندر، جاتي وغيره جي عروج واري زماني جا قصا، 1999ع واري سامونڊي طوفان جون ڳالهيون ٻڌي، اھي ماڳ مڪان ڏسي، انھن سڀني ڳالهين کي ھن ناول ۾ درج ڪيو آھي. ناول جي ھيروئن مٺي کان ويندي حليمان چٻري تائين سڀ ڪردار دلچسپ آھن.
مھاڻن جي زندگيءَ بابت ناول نگار لکي ٿو ته: ”موت ۽ زندگيءَ جي ٻٽي راند ۾ مھاڻا صدين جي طئھ ڪيل سفر سان گڏوگڏ ھلندا اچن پيا، پر اڄ جڏھن دنيا جديد کان جديد سھولتون ماڻيندي ٿي رھي، پر ساحلي پٽيءَ جي مھاڻن کي ته جديد دنيا جي ڪابه خبر ڪانھي. نه سک نه آرام“.(66)

ممتاز بخاري (1 اپريل 1968ع)
ممتاز بخاري ولد جلال الدين شاهه جو جنم ڳوٺ جهانپور شريف، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو. بطور ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نويس، ڪالم نگار، صحافي ۽ مترجم طور پنهنجي حيثيت مڃرائي چڪو آهي. سندس ناولن ۾ ’کن پل جو ڇانورو‘ (1997ع)، ) ’سوفيءَ جي دنيا‘ (جوسٽين گارڊر جي ڪتاب جو ترجمو)، ”چور ۽ ڪتا“ ( نجيب محفوظ جي ناول جو ترجمو، 2012ع)، ”ڪلاس فور جي محبوبا“ (2013ع) شامل آهن.
’کن پل جو ڇانورو‘، هڪ رومانوي ناول آهي، جڏهن ته ڪلاس فور جي محبوبا ۾ ناول جا ڪردار ريلوي جا ملازم ۽ انهن جا گهر ڀاتي آهن، جڏهن ته ناول جو مک ڪردار ريلوي ملازم رحيمداد جي ڌيءَ شبانه آهي، جيڪا پنهنجي ماءُ جي مرڻ کان پوءِ ملول ۽ ويڳائي ٿي پئي ٿي. هوءَ جيئن سامائجي جوان ٿئي ٿي ته هڪ ڏينهن پاڙيسري جميل سان اکيون چار ڪري ٿي وهي ۽ هن کي اندر جي سمورين سچائين سان چاهڻ لڳي ٿي، پر جميل هن کي مايوس ڪري هن جي زندگيءَ کان هميشه لاءِ تمام ڏور ٿي وڃي ٿو ۽ ويٽنگ ۾ ويٺل سهيل هن کي پنهنجي پيار جو يقين ڏياري، هڪ ڏينهن هن سان ڌوڪو ڪري وهي ٿو. ٻئي طرف شبانه جو پيءُ رحيمداد جيڪو عزت ۽ احساسن کان بنھ عاري آهي ۽ پاڙي جي موالين سان گڏ شراب واپرائيندو ٿو رهي، سو ڌيءَ کي بدفعلي ڪرڻ لاءِ اتساهيندو ٿو رهي، ۽ شبانه نه چاهيندي به مجبور ٿي اهڙو عمل ڪرڻ لڳي ٿي.

انور ابڙو (پهرين جنوري 1965ع)
انور ابڙو ڳوٺ لالي جاڀاڻ، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻو ۾ پيدا ٿيو. هن وقت سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ آفيسر آهي. سندس ڪيتريون ئي تصنيفون مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون ۽ سندس ڪتاب به شايع ٿيل آهن. هن ڪيترائي ناول به لکيا آهن. انور ابڙي جا ٻارن لاءِ لکيل ٻه ناوليٽ شايع ٿي چڪا آهن. جن ۾ پهريون ”ڀڳل رانديڪو“ 2008ع ۾ ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي پاران شايع ٿيو. هي هڪ آٽوبايوگرافيڪل ناوليٽ آهي، جنهن ۾ ملهار جي روپ ۾ ”ڀڳل رانديڪو“ وارو ڪردار اصل ۾ انور ابڙو محسوس ٿئي ٿو. جڏهن ته سندس ٻيو ناوليٽ ”ننڍڙو چنڊ“، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2018ع شايع ٿيو. هن ناول ۾ ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگيءَ جا عڪس ملن ٿا، جيڪي هڪ پيءَ ۽ پٽ جي وچ ۾ علامتي طور به محسوس ڪري سگهجن ٿا.
“هڪ مهمان ڇوڪري” سمورو ناول بظاهر ته اناميڪا ۽ سوڍي جي ڪهاڻي تي اڻيل آهي پر حقيقت ۾ هي درد جو داستان آهي جيڪو ماڻهو کي پاڻ کي ئي ٻڌائڻ ۾ مڪتي ملي ٿي. سوڍو هن ناول جو مک مرڪزي ڪردار آهي جيڪو زندگي ۾ هڪ دفعو پهرين هڪ ڇوڪريءَ چندرا جي پيار ۾ دوکو کائڻ بعد رانگ نمبر ذريعي اناميڪا سان ملي ٿو جيڪا اصل ۾ حيدرآباد جي آهي پر تعليم جي سلسلي ۾ ڪينيڊا ۾ رهي ٿي. اهڙي ريت دوکي جو ڌڪ کائي ڦٿڪندڙ سوڍي کي اناميڪا جي زندگي ۾ داخل ٿيڻ ڪجهه قرار ته مهيا ڪري ٿو پر وري اڳتي هلي رڳو هڪ ملاقات بعد اها به سندس زندگيءَ مان هلي ٿي وڃي ۽ بي معنويت جو مفهوم ذهن ۾ چٽو ٿئي ٿو. ۽ ماڻهو سڄي عمر هن دنيا ۾ ڄڻ ته پاڻ کي زندگي گذاريندي نه پر ڪنهن چيڪلي تي ڦرندي محسوس ڪري ٿو.هي ناول رڳو رومانوي ناول ناهي پر هن ۾ سنڌ، پاڪستان ۽ پوري دنيا جي مسئلن تي ته ناول جي گهرج آهر بحث مباحثو ڪيو ويو آهي، مثال جي طور تي سنڌ ۾ هڪ معصوم نينگريءَ سان ريپ بابت سوڍو اناميڪا کي هڪ اي ميل ۾ تفصيلي معلومات ڏئي ٿو جنهن جي وراڻيءَ ۾ هوءَ سنڌ ۾ ٿيندڙ ريپ جي واقعن تي پريشان ٿيندي کيس جواب ۾ لکي ٿي ته هتي ڪنهن سان ڏاڍائي ٿيندي آهي ته انصاف ملي ويندو آهي پر اسان جي ملڪ ۾ ائين نه ٿي رهيو آهي ۽ هو کيس لکي ٿي ته ان ڇوڪريءَ جي پوري معلومات ۽ ڦوٽو ڏياري موڪل ته آئون ان بابت هتي ڪجهه ڪريان ٿي ۽ بعد ۾ هوءَ کيس لکي ٿي ته هنن ان ڇوڪري سان ڏاڍائي جي خلاف آمريڪا ۾ وڃي وائيٽ هائوس اڳيان مظاهرو به ڪيو آهي ۽ جلد انساني حقن جي تنظيمن کي ميمورنڊم به موڪليو ويندو.

شگفتھ شاهه (24 اپريل 1965ع)
شگفتھ شاهه جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. ھوءَ سٺي ڪھاڻيڪاره، ڊراما نگار، ڪالم نگار ۽ ناول نويس آھي. سندس ٻي وڏي سڃاڻپ چترڪار واري به آھي. سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿي چڪيون آھن. ان کان علاوه سندس ھڪ ناول ”جڏھن ٽڙندا ڳاڙھا گل“ 2008ع ۾ اين ٽي گرافڪس حيدرآباد پاران شايع ٿيو آھي. هيءُ ھڪ رومانوي ناول آھي، جنھن ۾ ھيروئن يونيورسٽيءَ جي استاد ۽ آرٽسٽ آھي. سندس شاديءَ جو تجربو ناڪام ثابت ٿئي ٿو ۽ سندس مڙس پنھنجو ٻار پاڻ ساڻ وٺي لنڊن ھليو وڃي ٿو ۽ ھن کي طلاق ڏئي ڇڏي ٿو. ان کانپوءِ ھوءَ ڊپريشن جو شڪار رھي ۽ آرٽ سان وابستھ دنيا کي به خيرآباد ڪري ڇڏي ٿي.سندس مايوس دنيا ۾ فيضان نالي ھڪ شخص داخل ٿئي ٿو. جيڪو پنھنجي ٺاھيل ٽرسٽ تحت رسالو جاري ڪري ٿو ۽ ھن کان ان ۾ آرٽ واري پيج لاءِ مدد وٺي ٿو. اھو سفر نه صرف ھن کي آرٽ جي دنيا ۾ واپس وٺي وڃي ٿو پر محبت جي ايوانن ۾ به واپس آڻي ٿو. سڄو ناول رومانوي فضا ۾ وڌي ٿو، جتي رسڻ، پرچڻ، محبت ڪرڻ، نفرت ڪرڻ، بيوفائي جو خوف دنيا جا طعنا مھڻا، ڀروسو، اعتماد ۽ وري ان جي ابتڙ خوف به ھن رومانوي ناول جو حصو آھي. ناول جي پڄاڻي شاندار نموني ڪئي ويئي آھي.

نوشاد (6 آڪٽوبر 1971)
نوشاد ولد مزن ڦلپوٽي جو جنم باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. نوجوان شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ صحافي اديب نوشاد جي علمي قابليت ايم- اي صحافت ۽ ايم- اي سنڌي ادب آھي. ھو ٻاراڻي ادب جي ميدان ۾ به ڪافي خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آھي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن ناولن ۾ ”رولو“ (ناوليٽ- ٻالڪ ادب 2002ع)، ”وارڊ نمبر- 13“ (ناول 2003ع)، ”ماسترياڻي“ (ناول)، ٻيڪڙيل اک جي اوٽ ۾“ (ناول) ۽ ”ھڪ چري ڇوڪري جو سينٽ ڪيل ايس- ايم- ايس“ (ناول) شامل آھن.
سندس ناوليٽ ”رولو“ 2002ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناوليٽ آتم ڪٿائي آھي، جنھن جو ھيرو پنھنجي ڪٿا ستن سالن جي ٻاراڻي عمر کان شروع ڪري ٿو. سڄو ناول بياني ٽيڪنڪ ۾ لکيو ويو آھي. ناوليٽ جي ڪھاڻي ليکڪ جي والد جي حادثاتي موت کانپوءِ ھن جي ذھني ڪيفيت کي ظاھر ڪر ي ٿي ۽ ھن ناوليٽ ۾ اھو به ٻڌايو ويو آھي ته ٻار رولو ڪئين ٿئي ٿو، اھي ڪھڙا احساس آھن، جن ڪري ھو اڪيلائي ۽ احساس ڪمتري واري زندگي گذاري ٿو.
ناوليٽ جي ٻولي ڳوٺاڻي۽ شاندار پھاڪن سان ڀريل آھي. مثال طور:
”اسڪول ۾ داخلا کانپوءِ اسڪول سان اھڙو ته ذھني ناتو جوڙيم، جهڙو ميھار مينهن سان جوڙيو ھو“.
گسائڻ ائين عيب سمجهندو ھوس، جيئن ٻھراڙيءَ جي رن زال ٻيو مڙس ڪرڻ، عيب سمجهندي آھي.“
وارڊ نمبر تيرنھن:-نوشاد جو ھي ناول سنڌ رائيٽر پبليڪيشن، باڊهه طرفان ٢٠٠٣ع ۾ شايع ٿيو. نوشاد جو ھي ناول به يادگيرين ۽ ڊائري جي ورقن تي مبني آھي. ھي ناول به آٽو بايوگرافيڪل آھي. ھي ناول ليکڪ جي اھا زندگي چٽي ٿو، جڏھن ھو سلهه جي مرض ۾ مبتلا ٿي جناح اسپتال جي وارڊ نمبر تيرنھن ۾ داخل ٿئي ٿو. پوري ناول ۾ مختلف مريضن جي نفسيات، مسئلا، اذيتون، ڊاڪٽر ۽ نرسن جا ڪم ناول جو موضوع آھن.
ھي پنھنجي نوعيت جو منفرد ناول آھي. ھن قسم جي موضوعن تي تمام گهٽ لکيو ويو آھي، ڇو جو انسان جي نازڪ احساسن، اسپتال جي ڳجهين حالتن، اڄوڪن مسيحائن (ڊاڪٽرن) جي پرڪارن، ادب، الله تعاليٰ ۽ تصوف جي تشريح ھن ناول ۾ ملي ٿي. ناول حيقيت جو عڪس آھي، حيقيتن جو اولڙو آھي.
رفيق سومرو ناول لاءِ لکي ٿو ته ”مانوارا ساٿي سڄڻ- نوشاد جو (ڪتاب وارڊ نمبر تيرنھن ناول) نظر مان گذريو خوب اندر کي اوتيو اٿئي“ جڏھن ته ادل سومرو لکي ٿو ته ”وارڊ نمبر تيرنھن به آٽو بايو گرافيڪل ناول آھي، جيڪو مون فرصت ۾ پڙھيو. تمام سٺو لکو ٿا ۽ متاثر به ڪيو ٿا. پر ڪٿي ڪٿي توھان جذباتي مبلغ به محسوس ٿيو ٿا.“ (ڪتاب جو مھاڳ)

مظھر ابڙو (25 اپريل 1971ع)
مظھر حسين ولد منظور حسين ابڙو جو جنم ڳوٺ ڪولاب جيئل ضلعي خيرپور ۾ ٿيو. ھو بھترين شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار آھي، سندس ڪتابن ۾ ”ڌرتي تي وکريل ٽانڊا“ (1995ع)، ”خواب کوٽا سڪا“ (ڪھاڻيون 1999ع)، ”سرد خاني ۾ رکيل خواب“ (ڪھاڻيون 2001ع) ”درد جي آس پاس“ (شاعري 2001ع) ۽ ”جيون اجاڙ رستا“ (ناول 2000ع) شامل آھن.
سندس ناول ”جيون اجاڙ رستا“ ھڪ رومانوي ناول آھي، ھن ناول ۾ پراڻي عشقيھ موضوع کي ھڪ نئين انداز ۽ شعوري آھنگ سان پيش ڪيو اٿس ۽ مظھر روايتي Love Story بيان ڪندي بھ، معاشري جي مختلف شعبن ۾ رھندڙ ڪردارن جي چرپر ۽ سندن نفسيات جو ڏاڍي خوبصورتي سان تجزيو ڪيو آھي.
ڪھاڻي جي فريم ورڪ ۾ ڪردارن جي چونڊ، انھن جا رويا، نفسيات ۽ خراب يا سٺي سماجي صورتحال ۽ فرسٽريشن کي فطري رنگ ڏنو آھي. خوشبو، مظھر جو اھڙو ڪردار آھي جيڪو مختصر ھوندي به احساساتي سطح تي ذھن ۾ موجود رھندڙ ۽ ککندڙ ڪردار آھي.
جيتوڻيڪ ٻيا به ڪيئي ڪردار آھن، جيڪي منطقي انداز سان ڪھاڻيءَ جي تناظر ۾ موجود آھن، پر نرگس جو ڪردار اختصار جي ھوندي به برگر سوسائٽي جو ھڪ اھڙو بيباڪ ڪردار آھي، جيڪو خواب ۽ تصور جي ڪائنات ۾ رھندڙن کان خيال جاڳائيندڙ ڪردار آھي.
باشي جهڙو مجبور ۽ باخبر ڪردار، نجمھ جهڙو ھمدرد ٻاجهارو ۽ سريئلٽ ڪردار، مسز الماس ۽ مسز سليمان جهڙا بکايل ڪردار، پرھھ، ڊاڪٽر شاھده، صنم (نرس) ۽ چوڪيدار جي ڌيءُ جهڙا بيباڪ، بي ڊپا، جارح ۽ سادا ڪردار ٻيھر خلقي، مظھر انھي معاشري جي کول ڪئي آھي، جيڪو اڃا تائين پنھنجي منطقي انجام کان بي خبر آھي.
مظھر ابڙي جو ٻيو ناول ”درد جي آرپار“ ماھوار سوجهرو“ ۾ قسطوار شايع ٿيو. ھن ناول جي وضاحت ڪندي ناول نگار ماھوار سوجهري ۾ لکيو ته: ”ناول درد آرپار“ مون خالصتن ”شاهه سائين“ جي بيت
مون کي ماءُ مجازي، پڃاريءَ جيئن پڃيو،
ورد، وظيفا وسريا، رھي ڪانھ نماز،
ھينئڙو بحري باز چائي چنبن ۾ ڪيو.
کي سامھون رکي تخيل ۽ تصور جي بنياد تي لکيو آھي. (جيڪو بيت آءُ ناول جي مھڙ ۾ پڻ ڏئي چڪو آھيان.) انھيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائيندي اڄڪلهه آءُ ”لطيف سرڪار“ جي ھڪ ٻئي بيت جي ڪيفيت ”ھئا اڳيئي گڏ ٻڌڻ ۾ ٻھ ٿيا!“ تي ھڪ سوانحي ناول پڻ لکي رھيو آھيان جيڪو پڻ انشاءَ الله تمام جلد پڙھندڙن جي ھٿن تائين پھچندو“.(67)

حيدر دريا (2 فيبروري 1961ِع)
غلام حيدر ولد عرس زئور جو جنم ڳوٺ احمد خان زئور تعلقو مير پور بٺورو ضلع سجاول ٿيو.۔ هو موجوده دور جو هڪ سٺو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. سندس ڪهاڻين جو مجموعو “ڳاڙها لفظ” شايع ٿيل آهي. سندس شايع ٿيل ناولن ۾ “۔لفظن جي خواهش”(2011ع)، “رشتن جي آزادي” (2012ع، “يار”(2014ع) ۽ “امڪان”شامل آهن.
سندس پهريون ناول لفظن جي خواهش 2009ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو رومانوي موضوع تي لکيل آهي. ناول جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهو شعور جي وهڪري ۾ لکيل آهي. سندس ٻيو ناول “ رشتن جي آزادي” (2012) ڇپيو. سنڌي سماج جي بي ترتيب ۽ غير مساوي ورايتن جي پس منظر ۾ لکيل “رشتن جي آزادي” ناول جو هر ڪردار شروع ۾ پنهنجي جاءِ تي اهم آهي، پر پوءِ هر ڪو وارو وڄائي ٿڪي ٽٽي پوڙهائپ ۾ غير اهم بنجي رهجي ٿو وڃي. ناول جي شروعاتي حصي ۾ جان محمد يا جانو پوءِ ڪريمداد ناول جا مرڪزي ڪردار آهن. پر ٻئي ڄڻا بعد ۾ بي پهچ ۽ ويچارا بنجي غير اهم حيثيت وارا ٿي وڃن ٿا. حيدر دريا جو ٽيون ناول “يار” (2013ع) آهي، ليکڪ هن ناول جي ڪردارن وسيلي سنڌ جو سياسي منظر نامو پيش ڪيو آهي. جنهن ۾ قومپرست سياست ۽ پيپلز پارٽي جو سنڌي ماڻهن تي اثر شامل آهي. ناول ۾ تصوف جي اپٽار به گهڻي آهي. ناول جو مرڪزي ڪردار قومپرست ڪارڪن آهي. پر پوءِ عشق جي آڙاهه ۾ پچي صوفي فقير بڻجي وڃي ٿو. سندس ناول “ڳاڙها لفظ” (2017ع) ۾ شايع ٿيو جيڪو هڪ سماجي ۽ معاشرتي ناول آهي.

پرويز ابڙو (11 سيپٽمبر 1972ع)
پرويز ابڙو تمام تيزي سان ڪيتريون ئي بھترين ڪھاڻيون لکيون آھن. سندس ڇپيل ناول پڻ فن ۽ فڪر جي لحاظ کان وڏي اھميت رکن ٿا. پرويز ابڙو مشھور ناول نگار قبول ابڙي جو فرزند آھي. پرويز ابڙي جي ڇپيل ناولن ۾ ”تون ھڪ خواب آھين“ ۽ ”نيريون اکيون سرمئي خواب“ شامل آھن.
سندس ناولن جي خاص ڳالهه رومانيت آھي، ھن جي لکڻين ۾ پيار ۽ وڇوڙي جو موضوع گهڻو ملندو آھي. بقول حبيب ساجد ”پرويز جا ناول فخر سان ويلنٽائن ڊي تي پنھنجي محبوب کي محبت جي گفٽ طور تي ڏئي سگهجن ٿا. جن پيار ڪيو آھي. جن پيار جو سرور ۽ پيار جو سور سٺو آھي ۽ جن به وڇوڙي جا رستا رليا آھن. اھي ھن ليکڪ کي پيار ڪندا.“ )ڪتاب جو تعارف)
سندس پھريون ناول ”تون ھڪ خواب آھين“ 2000ع ۾ سورٺ اڪيڊمي، ڪراچي طرفان شايع ٿيو. ھي رومانوي ناول آھي، جنھن ۾ ناول نگار ٽيڪنڪي تجربا ڪيا آھن ۽ موضوع آکاڻي، ڪردار نگاري تي به سٺو ڌيان ڏنو آھي. ھي ناول ادبي دنيا ۾ سندس سڃاڻپ بڻيو. ناول تمام جلد مارڪيٽ مان ختم ٿي ويو.
ناول لاءِ پرويز ابڙي لکيو آھي ته ”ڪجهه خوابن تي مشتمل ھي ڪتاب اوھان جي ھٿن ۾ آھي جنھن ۾ ڪي خواب ۽ خوابن جا عذاب محفوظ آھن، ھا، اھي ساڳيا ئي خواب ۽ خوابن جا ڏنل عذاب، جيڪي اسان سڀني جي ماڻڪين ۾ ڪنھن اوسيئڙي ڏانھن واجهائي رھيا آھن . . . ۽ اوجاڳن جا صليب اکين ۾ سجائي جيڪي زندگيءَ جي ڪوسيءَ واريءَ تي نٽھڻ اس ۾ پيرين پنڌ ھڪ ڊگهو سفر ڀوڳيندا ٿا رھن“!
ھن ناول جي مھاڳ ۾ محترم امر اقبال، ناول تي مجموعي نظر وجهندي چوي ٿو ته ”امر شھيد ڀڳت ڪنور رام جي رت جي سڳند تي سانڍيو ايندڙ رڪ ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان ھڪ ڳوٺ ”شاهه قلي پور“ جي گهٽين کان وٺي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي خواب- رستن تائين، لياريءَ جي ٻاڪڙا ھوٽلن کان وٺي ماسڪو جي نائيٽ ڪلبس تائين پرويز جيڪا رولاڪي ڪئي آھي، ان جا مختلف شيڊز سندس ھن ناول ۾ جڳهه جڳهه تي نظر اچن ٿا.
پرويز ابڙي جو ٻيو ناول ”نيريون اکيون سرمئي خواب“ نئون نياپو اڪيڊمي طرفان 2001ع ۾ شايع ٿيو.
ھن رومانوي ناول جو پسمنظر ڪراچي ۾ واقع ھڪ اشاعتي ادارو آھي، جنھن ۾ نرگس (جيڪا شاھوڪار گهراڻي سان تعلق رکي ٿي) ۽ ماڻڪ (غريب گهراڻي سان تعلق رکي ٿو) مختلف سيڪشنن ۾ ڪم ڪن ٿا. نرگس ماڻڪ سان محبت ڪري ٿي ۽ ساڻس ملڻ لاءِ مختلف بھانا ڳوليندي رھي ٿي. سندن سفر آخر شادي تي ختم ٿئي ٿو. ناول ۾ جديد ٽيڪنڪ استعمال ٿيل آھي ۽ پرويز مرد بجاءِ عورت جي جذبن جي ترجماني ڪئي آھي. ھن وڏي ڪمال سان ھڪ عورت جي نفسيات ۽ جذبات جي عڪاسي ڪئي آھي. مطلب ته پرويز جا ناول رومانوي فضا جي سڳند سان سرشار آھن، جن ۾ سندس ٽيڪنڪ ضمير حاضر متڪلم، پرڪشش جملا، جذباتي منظر، سادي ٻولي وغيره خاص خوبيون آھن.
پرويز جو ٽيون ناول ”اکيون اڀ ۾ پير پنڌ ۾“ 2019ع ۾ شايع .هن ناول ۾ 12 باب : مشاق، سارنگ، مينهن ڪڻي، پڇتاءُ، واپسي، ٽارچر سيل، جاويد جاني، نئين سوچ ۽ ٻيا شامل آهن.

شبانه سنڌي (20 مارچ 1976ع)
سيده شبانه ڪاظميءَ جو جنم ڳوٺ باجارا، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ ٿيو. شبانه سنڌي نه صرف سٺي ڪهاڻيڪاره آهي. بلڪه ناول نگار به آهي. سندس ڪتابن ۾ “سپنو ساڀيان ساڻ” (ناول 2005ع) ،“هڪڙي هئي نمي” (ناوليٽ 2010ع)، “اداس سانجهي” (ڪهاڻيون - 2009ع) شايع ٿيل آهن. سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل آهن، جن ۾ عورتن جي گهريلو مسئلن کان ويندي رومانوي پهلوئن کي اجاگر ڪيو اٿائين.
شبانھ سنڌي جو ناول ”سپنو ساڀيان ساڻ“ 2005ع ۾ شايع ٿيو. ھي ھڪ رومانوي ناول آھي، جنھن ۾ عاشي، ھارون ۽ صبا اھم ڪردار آھن. سندس ٻيو ناول ”ھڪڙي ھئي نمي“ به سٺو ناول آھي جنھن ۾ ھڪ معصوم عورت جي زندگيءَ جو حال انتھائي دردمندانھ انداز ۾ پيش ڪيو ويو آھي.

منير چانڊيو (8 آڪٽوبر 1983ع)
منير چانڊيي جو جنم قمبر شهر ۾ ٿيو. منير چانڊيو سنڌ جو نوجوان ناول نويس آهي. هُن ناول جي پلاٽ ۾ ٽراءِ لاجي (Trilogy) ناول جو بهترين تجربو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ سندس “ڪيف ڌاران ڪوءِ”... (2010ع)، “تو پڄاڻان” (2011ع) “ ۽”خودڪشيءَ کان اڳ ۾” (2014ع) لکيا آهن. پهريون مڪمل طور يونيورسٽي ۽ ٻيو جزوي طور ورسٽي ناول آهي. جڏهن ته ٽيو ناول يونيورسٽي مان فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ عملي زندگي متعلق آهي.
پهرئين ناول، ” ڪيف ڌاران ڪوءِ “ ۾ منصور، قمبر سان تعلق رکندڙ، سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد آهي جنهن جا گھريلو حالات ٺيڪ ناهن. سندس پيءُ جي ٻي شادي سبب منصور ۽ سندس ماءُ ڏکي زندگي گذارين ٿا. يونيورسٽي ۾ سنڌيا نالي ڇوڪري، منصور جي ڪلاس فيلو آهي جيڪا مارئي هاسٽل ۾ رهي ٿي ۽ سندس تعلق لاڙڪاڻي ضلعي سان آهي. سنڌيا ننڍي هوندي ئي يتيم ٿي ويئي هئي جنهن کي سندس ماءُ پورهيا ڪري پاليو هو. احساسِ محرومي، منصور۽ سنڌيا ۾ هڪ قدرِ مشترڪ آهي. هي ٻيئي آهستي آهستي هڪٻئي جي ايترو ته قريب اچي وڃن ٿا جو هڪٻئي کان سواءِ کين چين نٿو اچي. شام جي وقت ٻيئي ڄڻا ڪئمپس جي ڪنهن لان تي هڪٻئي جي قربت ۾ گذارين ٿا ۽ مستقبل جي منصوبه بندي ڪندي، هر حالت ۾ سڄي زندگي گڏ گذارڻ جو وچن دهرائيندا رهن ٿا.هڪٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ ۽ چميون ڏيڻ جو ڪو به موقعو هٿان نٿا وڃائين. هڪ نشيلي ڪيفيت جهڙو وقت گذاريندي هو آخري سال ۾ پهچن ٿا ته سنڌيا انڪشاف ٿي ڪري ته نوري نالي سندس ڳوٺ جو هڪ ڇوڪرو ڪافي وقت کان هن جي پويان آهي ۽ کيس فون ڪري تنگ ڪري ٿو. هو ساڻس شادي ڪرڻ ٿو چاهي پر سنڌيا جي انڪار تي هن اچي يونيورسٽي ۾ داخلا به ورتي آهي. منصور پريشان ته ٿئي ٿو پر کيس پنهنجي پيار تي پورو يقين آهي. سنڌيا منصور تي زور ٿي ڀري ته هو پنهنجن مائٽن کي راضي ڪري وٺي ۽ سندس رشتو موڪلي، ٻي صورت ۾ سنڌيا جا مائٽ سندس شادي نوري سان ڪرائي ڇڏيندا. منصور وڏي مشڪل سان مائٽن کي راضي ڪري وٺي ٿو پر سنڌيا سندس مٿان اها ڇپ ڪيرائي ٿي وجھي ته نوري سندس مائٽن کي ڏاج جا پئسا ۽ پنهنجي ڀيڻ جو سڱ سنڌيا جي ڀاءُ کي ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي. هوءَ منصور کان پڇي ٿي ته ڇا هو پنهجي ڀيڻ جو سڱ، سندس ڀاءُ کي ڏيئي سگهي ٿو؟ منصور هڪ روشن خيال ماڻهو ۽ ادلي بدلي جي شادي جي سخت خلاف آهي تنهنڪري انڪار ڪري ڇڏي ٿو. پوءِ هر وقت کيس سنڌيا جو فون انگيج ملي ٿو. سنڌيا کي منصور جي غربت ۾ پنهنجو مستقبل تاريڪ نظر اچي ٿو ۽ هوءَ، پيار جا سڀ واعدا وساري، نوري جي ٿي وڃي ٿي. منصور سخت ڊپريشن ۾ اچي وڃي ٿو. اتي پهرئين ناول جو اختتام ٿئي ٿو.
ٻيو ناول، ” تو پڄاڻان..“ دراصل “ڪيف ڌاران ڪوءِ” جو تسلسل يا ان جو ٻيو حصو آهي، هي ناول اتان ئي شروع ٿئي ٿو. جتان “ڪيف ڌاران ڪوءِ” پورو ٿيو هو. پر هن ناول ۾ سنڌيا جو ڪردار سڌي طرح جيتوڻيڪ غير حاضر آهي، پر پوءِ به سڄي ناول ۾ موجود آهي. سڄي جو سڄو منصور جي ڊپريشن متعلق آهي. ايتري تائين جو هو ذهني مريض ٿي وڃي ٿو ۽ گدو جي اسپتال مان علاج ڪرائي ٿو. جيئن تيئن ڪري ايم اي ڪري وٺي ٿو ۽ پنهنجي گھر هليو وڃي ٿو. هر وقت سنڌيا جي يادن ۾ غرق ، هيڏانهن هوڏانهن گھمڻ به وڃي ٿو پر ڊپريشن مان نٿو نڪري سگهي ۽ هر وقت پيڙا مان گذري ٿو.
منصور جي ڊپريشن، ٽئين ناول، ” بري هن ڀنڀور ۾“ پڻ جاري رهي ٿي پر سندس ننڍي هوندي جي سٺي دوست ۽ پاڙيسري ڇوڪري،” شگو“ سندس همٿ ٻڌرائي ڪٿي نوڪري ڳولڻ لاءِ آماده ڪري ٿي. گھڻي ڳولا کان پوءِ ، کيس حيدرآباد جي هڪ پرائيويٽ ڪاليج ۾ ليڪچررشپ ملي ٿي. سندس حالات ڪجهه بهتر ٿيڻ شروع ٿين ٿا ته هو پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي حيدرآباد وٺي اچي ٿو.ساڳئي پرائيويٽ ڪاليج ۾ ”صائمه“ نالي ليڪچرار به پڙهائي ٿي جيڪا آهستي آهستي هن جي قريب ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. نانگ جو کاڌل، نوڙي کان به ڊڄي، تنهنڪري منصور ڏاڍو محتاط رهي ٿو ليڪن صائمه پنهنجي پيش رفت جاري رکي ٿي. منصور نه چاهيندي به هن جي قريب ٿيڻ شروع ٿئي ٿو ۽ آخرڪار، صائمه جي زور ڀرڻ تي هو شادي لاءِ راضي ٿيو وڃي. ان دوران صائمه کي سرڪاري نوڪري به ملي وڃي ٿي.

ڪليم ٻُٽ (4 اپريل 1984ع)
ڪليم ٻُٽ جو جنم سنڌ جي ناليواري تعليمدان، محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ جي گهر ۾ ضلعي دادو جي تعلقي مهيڙ جي ڳوٺ ٻُٽ سرائي ۾ ٿيو. هو موجوده دور جو نالي وارو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. جديديت جي لاڙن تي نه صرف مضمون لکيا اٿائين ۽ پر انهن لاڙن تحت ناول به لکيا اٿائين.ڪليم ٻُٽ هن وقت ميڊيا اسٽڊيز مان ايم فل ڪري رهيو آهي ۽ جنگ جي رپورٽنگ (وار رپورٽنگ) تي ايم فل جي ڊگري لاءِ تحقيقي مقالو لکي رهيو آهي.
ڪليم ٻُٽ لکڻ جي شروعات سال 2006 کان ڪئي، پر سندس پهرئين ڪهاڻي سزاءِ موت سال 2009 ۾ پنڌرهن روزا عبرت ميگزين ۾ ڇپي، ان کانپوءِ سندس لکڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن، سندس ناولن ۾”گمنام ليکڪ“ (2012ع)،”لانگ مارچ“ (2013ع)، ”ڏاهر“ (2015ع)، ” آزادي جي اُپٽار“ (2017ع)، ” مري ٿيا نه مات“ (2017ع)، ”وطن جن وساريو“ (2017ع)،” آخري امتحان“ (2013ع)، ”يوٿيو“ ، ريگل چوڪ (2022ع) جڏهن ته ڪيلم ٻُٽ جا مختلف رسالن ۾ چپيل ناوليٽ هن ريت آهن :ڪنڊن جي سيج (ناوليٽ)، ”عجب زندگي“ (ناوليٽ)،”عاشق زهر پياڪ (ناوليٽ)، ”ڌرتي جو درد (ناوليٽ)، ”سرڳ، سنڌ ۽ سر“ (ناول) ۽ ”ڪراچي تنهنجا ڪيڏا روپ“ (ناول) شامل آهن.
ڪليم ٻٽ جو ناول “ڏاهر” هڪ منفرد انداز ۾ لکيل آهي. هي جاسوسي اسٽائيل ۾ لکيل هڪ ننڍو ناوليٽ آهي. پر هن هڪ دور کي، هڪ تاريخ کي، پروفيسر جي ڪردار جي ذريعي جيڪو هڪ راز جي کوج ۾ هوندو آهي ته عرب دور ۾ سنڌ جي فتح ٿيڻ جا سبب ڪهڙا هئا؟ ۽ اهو سڀ راز هڪ عرب جي لکيل دستاويزن مان ان کي ملي ٿو.
ڪليم ٻٽ، سائنس فڪشن، فينٽيسي تي ڪهاڻيون ، ناول ۽ مضمون به لکيا آهن. سندس ڪتاب ”اسپيس اوڊيسي“ ، ڊاڪٽر اي.آر ٻٽ ٽرسٽ پاران 2014ع ۾ شايع ٿيو. هي سندس سائنسي افسانن جو ترجمو آهي، هي ڪهاڻيون راجيشوري سنگ ۽ برجندرا سنگ جي ڪتاب اسپيس اوڊسي ، جيڪو لرنرز پريس، نيو دلي انگريزي زبان ۾ ڇپرايو آهي جو ترجمو آهي ۽ ان ۾ ٽي سائنسي افسانا ”ٽائيم مشين“، ”ليزر ديوتا جا ٻار“ ۽ ”نيمسس“ شامل آهن.

حبيب ڪانهيو
حبيب ڪانهيو نوجوان اديبن ۾ هڪ سٺو ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. “هئا اڳهين گڏ” کان پوءِ حبيب ڪانهيو جو ٻيو ناول “سگنيچر” (2013ع) شايع ٿيو، جنهن جو مُک ڪردار دارا نالي هڪ ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار آهي. هو وڏيري جو پٽ آهي. وڏيري سان سندس ماءُ پيار جي شادي ڪئي هئي. سندس ماءُ کي ڀاڄوڪڙ سڏيو ويندو هو. دارا سان خاندان جو رويو اهڙو رهيو جو هو اندرئي اندر ۾ ڊهندو رهيو. شهر ۾ اچي اين جي او جي وسيلي دولتمند بڻجي ويو، ناول جو ٻيو مُک ڪردار ردا جو آهي. جيڪا محفلن جي زينت آهي ۽ ماڊلنگ جو ڪم به ڪندي آهي. دارا ۽ ردا شادي جو فيصلو ڪن ٿا. پر آخر ۾ خبر پئي ٿي ته ردا دارا جي ڀيڻ آهي. پلاٽ، بيانيه ۽ فلمي پڇاڙي جون ڪمزوريون پنهنجي جاءِ تي، پر ناول جي ڪردارنگاري ۾ رهجي ويل کوٽ نمايان آهي، جڏهن ته ان ۾ گهڻي گنجائش موجود هئي.

ناشاد رحم علي
ناشان رحم علي بنيادي طور شاعر آهي پر هن تي ناول به لکيا آهن جن ۾ “ري اسٽور ٿيل ماڻهپو” (2017ع) ۾ شايع ٿيو جنهن ۾ ٿر جي موجوده ۽ ائينده ايندڙ صورتحال کي بيان ڪيو آهي. ٿر جي سهڻي ۽ ثقافتي زندگي جي تشبيهن اطعارن خوبصورت ٻولي سميت هن ناول کي بيان ڪيو آهي. سندس ٻيو ناول “هيئڙو ٻه اڌ” (2017ع) هڪڙو رومانوي ناول آهي.

حوالا:
1. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ : ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جو مختصر جائزو“، ششمائي سنڌي ادب ، سنڌي شعبو، يونيورسٽيءَ آف سنڌ ڄامشورو، 1986ع
2. محمد عثمان ڏيپلائي: ”مينا بازار“، ١٩٤٩ع
3. محمد عثمان ڏيپلائي: ”انور پاشا“،اسلاميه دارالاشاعت اسلاميه پرنٽنگ پريس، حيدرآباد، 1949ع
4. محمد عثمان ڏيپلائي: ”سانگهڙ “،شيخ غلام علي اينڊ سنز، 1963ع
5. ساڳيو حوالو،
6. ڪلا پرڪاش: سانگهڙ ناول جو جائزو، انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي، مرتب: تاج جويو، 2003ع
7. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: سنڌي ادب جي تاريخ“،(جلد ٽيون) سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 2003ع، ص، 35-36
8. قاضي فيض محمد: ”ٻاويهه سؤ ٻاويهه“،سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد، 1979ع
9. قاضي فيض محمد: ”جنسار “،سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد، 1979ع
10. قاضي فيض محمد: ” اڻڄاڻ “،سنڌي ساھت گهر، حيدرآباد، 1993ع
11. رحيمھ سيال: ”مورو ۽ خيرپور جو ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب جي فروغ ۾ حصو“،سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 2006ع
12. مختيار احمد ملاح: ”محمد بخش جوهر جو سنڌي جاسوسي ادب جي حوالي سان ڪردار“، ڪلاچي جرنل، شاهه عبداللطيف چيئر، ڪراچي يونيورستي، 2021ع
13. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: سنڌي ادب جي تاريخ“،(جلد ٽيون) سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 2003ع
14. ڊاڪٽر نور افروز خواجه: ورھاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر: پ-ن(357-58
15. شيخ محمد حسين ”ڪنڊياروي“:”پيار جو سودائي“، اداره جديد سنڌي ادب شاھپور چاڪر ،١٩٦٨ع
16. انجم ھالائي:” ڪاروان زندگي“،بزم فردوس هالا،1952ع
17. ماھوار نئين زندگي (آڪٽوبر١٩٨٩ع
18. الله بخش ٽالپر: پرديسيءَ جو پيار“ جامع عربيه پريس، حيدرآباد ، 1952ع
19. ڊاڪٽر نور افروز خواجه؛ ورھاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر: پ –ن(374
20. غلام محمد گرامي: ”مهراڻ جو شاعر نمبر“،1969ع (نمبر 1 ۽ 2)
21. سيد حافظ شاهه حسيني: ” تباھي“ ( مھاڳ)، 1962ع
22. ڊاڪٽر نور افروز خواجه: ”ورھاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر“، گنج بخش ڪتاب گهر، حيدرآباد، ص362
23. گل حسن نصرپوري: ” دريا جي ڪپ تي“، (ديباچو) ١٩٦٠ع
24. فضل احمد بچاڻي:”عاشي“،
25. يوسف سنڌي : ”نجم عباسي فن ۽ شخصيت“ ؛ سچائي اشاعت گهر دڙو، 2003ع، ص44
26. ساڳيو حوالو، ص 46
27. نجم عباسيءَ جو انٽرويو، ماھوار ادب سيپٽمبر 2000ع
28. نجم عباسي: لينن جي انقلابي ڪهاڻي“،سچائي اشاعت گهر دڙو
29. اڪبر لغاري: ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو ، ص 82
30. سراج: ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“، اداره انسانيت، حيدرآباد، 1952ع
31. رسول بخش پليجو : سراج جو نئون ناول“ ، ماهوارن نئين زندگي، مئي: 1971ع
32. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جو مختصر جائزو، ششماهي سنڌي ادب، 1986ع
33. فيض جوڻيجو: ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول“ ،فيئر فين پرنٽرس، ڪراچي، 1995ع، ص 104
34. ڊاڪٽر نور افروز خواجه: ”پائي پٽ ڪڻا“،گنج بخش ڪتاب گهر، حيدرآباد 2005ع، ص 413
35. اڪبر لغاري: ” سنڌي ادب جو مختصر جائزو“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو ، ص 81
36. آغا سليم جو انٽرويو، عبرت ميگزين 15مارچ 1994ع
37. اڪبر لغاري: ” سنڌي ادب جو مختصر جائزو“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو ، ص ٨٤،٨٥
38. اڪبر لغاري: ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو ، ص 82
39. ممتاز مهر: “ويچار” آگم پبلشنگ ايجنسي، حيدرآباد، 1980ع ص 95-96
40. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: “ڏات ۽ ڏانءُ جو ناءُ - ماڻڪ”، (مئل ماڻهو- جيئري پيڙا) سهيڙيندڙ: سحر امداد
41. ماڻڪ: “ٽي ناوليٽ” (رڃ ۽ پڙاڏا، لڙهندڙ نسل ۽ پاتال ۾ بغاوت) روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1992ع
42. عبدالوحيد جتوئي: “وجوديت ۽ سنڌي ادب”، سرڳ پبليڪيشن، حيدرآباد 2001ع ص 68
43. پروفيسر هيرو شيوڪاڻي: ”سنڌي ناول ڪٽگهري ۾“، ص 107
44. ماڻڪ: ”ماڻڪ جي بريف ڪيس مان“ ماءِ پبليڪيشن، 2014ع
45. رشيد ڀٽي: ”پاپ ۽ پيڙا“، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1988ع، ص 2
46. غلام نبي مغل: ”اوڙاھھ“ ، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1984ع
47. غلام نبي مغل: ”دونھاٽيل راتيون ۽ رولاڪ“،نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1996ع
48. غلام نبي مغل: ”وطن واويلا“ ، صادقين پبلشنگ ھائوس حيدرآباد ، ٢٠٠٨ع، ص 4
49. قاضي خادم: ”زوال“، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 1992ع
50. نجم عباسي: مضمون:”پيار جي پچار“، 1977ع
51. قاضي خادم: ”پيار ۽ سپنا“ ، ادبي دنيا پبليڪيشن، حيدرآباد، 1969ع ، ص 3
52. ولي رام ولڀ: ”غدار“، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد
53. ڊاڪٽر نور افروز خواجه: ”ورھاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر“، گنج بخش ڪتاب گهر، حيدرآباد، ص 346
54. حوالو ماھوار سوجهرو :مئي ٢٠٠٤ع
55. امرجليل: ھلال پاڪستان جو ڪالم، ٢٩ اپريل ١٩٨٠
56. ڊاڪٽر نور افروز خواجه: ”پائي پٽ ڪڻا“،گنج بخش ڪتاب گهر، حيدرآباد 2005ع، ص 464-65
57. تنوير جوڻيجو : ”عورت، ڏاڍ ۽ سماج“ پ –ن(196
58. قبول ابڙو : رشيد ڀٽيءَ جو لکيل ناول تي مھاڳ، 1987ع
59. غلام نبي گل : ”نھ راھون ساڻ ھلنديون ھن“ ، 2001ع، ص 4
60. رسول ميمڻ: ”اسٽيل جا پنج گلاس“، ماءِ پبليڪيشن سکر، 2017ع، ص 4
61. طارق عالم ابڙو: ”رھجي ويل منظر“،حسينا سيد پبلشرز صدر، حيدرآباد، 1984ع
62. اخلاق انصاري: ۾ ”اڏوھي“، 2006ع
63. ناول جو مهاڳ تاج بلوچ جو لکيل، 2007ع
64. سليم چنا جو ناوليٽ ”سحر“، سليم چنا اشاعت گهر حيدرآباد ٢٠٠٧ع، ص 2
65. سليم چنا: ”کيت جهڙا خواب“، سليم چنا اشاعت گهر، حيدرآباد طرفان ٢٠٠٩ع
66. منصور ٿلهو : ”مٽي ۽ مھاڻا“ ، سنڌ ساحل، کارو ڇاڻ پبليڪيشن ، ٢٠٠٩ع
67. ماھوار سوجهرو ڊسمبر ٢٠٠٧ع