برطانوي دور جي سنڌي ناول جي اوسر ۽ موضوع
سڀ کان پهرين ناول جو سنڌي ترجمو ڪيو ويو اهو هو ڊاڪٽر سيموئل جانسن جو لکيل ”راسيلاس“ (Rasselass) جنهن جو ترجمو ديوان اڌارام ۽ ساڌو نولراءِ گڏجي 1870ع ۾ ڪيو . هن ناول جي ترجمي نگارن کي وڏا انعام اڪرام ڏنا ويا. ترجمن جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم ناول ، ”طلسم“ (Talisman) آهي. هي ناول جڳ مشهور ناول نگار سر والٽر اسڪاٽ جو لکيل هو. هن ناول لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جون شروعاتي قسطون ساڌو هيرانند ترجمو ڪري “سرسوتي” ۾ شايع ڪرايون . بعد ۾ سندس اوچتي ديهانت ڪري، ڀيرو مل مهرچند مڪمل ترجمو ڪري ڇپرايو. سنڌي ادب ۾ طبعزاد ناول لکڻ جو سهرو مرزا قليچ بيگ ڏانهن وڃي ٿو. هن 1888ع ۾“دلارام” نالي پهريون طبعزاد ناول لکيو. هن ناول تي به داستان جو رنگ غالب آهي، ڇو جو ڪهاڻيءَ جو پلاٽ قديم دؤر جي بادشاهن جي قصي تي مبني آهي ۽ انساني زندگيءَ جي برعڪس مافوق الفطرت ڳالهيون شامل ڪيون ويون آهن. هي ناول دراصل اصلاحي فڪر ۾ ڏنو ويو آهي، سنڌي ادب ۾ داستان کان ناول طرف هي پهريون قدم هو. مرزا قليچ بيگ جو ٻيو ناول “زينت” 1890ع سنڌي ادب ۾ جديد ناول نگاريءَ جو پهريون مثال آهي. هن ناول جديد ناول جي پوري ٽيڪنڪ استعمال ڪئي ويئي. ناول جي اصل مقصد تحت زندگيءَ جي ڀرپور عڪاسي ڪئي ويئي. هن ناول ۾ مرزا قليچ بيگ انساني زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي روشني وڌي آهي. ٺيٺ سنڌي ماحول پيش ڪندي، رسمن ۽ رواجن جي خامين کي خوب ننديو آهي. 1892ع ۾ ديوان پريتم داس ”عجيب ڀيٽ“ لکيو، جيتوڻيڪه هن ناول ۾ به سماجي حقيقت نگاري موجودآهي پر پوءِ به ناول تي داستاني رنگ پڻ حاوي آهي.ان کان علاوه هريسنگهه ڊنگو مل جو ”عشق تماچا “(1890ع) ، ڪيولرام جو “عجيب الغنچه”، احمد خان جلباڻيءَ جو “نينهن نڀائڻ يا سچي سڪ“ (1891ع)، بولچند ڪوڏومل جو ”واندڪائيءَ جي وندر“ (1895ع)، ليکومل جو ترجمو “فسانه عجيب” وغيره به هن دؤر ۾ لکيا ويا.
ان کان پوءِ مرزا قليچ بيگ ”گلن جي ٽوڪري“، ”ٽي گهر“، ”جولئن ھوم“،”غلامي کان مٿي چڙھو“ جهڙا ناول ترجمو ڪري سنڌي ناولن ۾ سماجي حقيقت نگاري کي رائج ڪيو. اھڙي طرح لعلچند امر ڏني مل جا ”چوٿ جو چنڊ“، ڪاڪي ڀيرومل ”آنند سندريڪا“ ۽ ”وريل نعمت“ لکي داستان گوئي جو خاتمو آندو. بنگال جي ورھاڱي سان سنڌي ادب ۾ به قومي ۽ سياسي حالتن جو رد عمل شروع ٿي چڪو ھو. ان سلسلي ۾ سنڌي اديبن بنڪم چندر چئٽرجي، رابندرناٿ ٽئگور (1861-1941ع) شرٽ چندر جا ڪيترائي ناول سنڌي ۾ ترجمو ڪيا. اھڙي طرح سنڌي ادب ۾ رومانوي، نفسياتي، ڊرامائي، تاريخي، عصري، جاسوسي وغيره ناول لکجڻ شروع ٿيا.
ناول لکندڙن ۾ ھندو ۽ مسلمان اديبن جو گڏيل سھڪار ھو، پر ھندو اديبن جو ڪردار اڳرو ھو. مسلم ناول نگارن ۾ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ گهڻي ۾ گهڻا ناول لکيا. جنھن کانپوءِ محمد عثمان ڏيپلائي، مير علي نواز خان، غلام احمد نظامي، قاضي عبدالرزاق مورائي ، محمد صديق ميمڻ، محمد صديق مسافر، لطف الله بدوي ۽ ڪي ٻيا شامل ھئا. ھندو ناول نگارن ۾ ديوان پريتم داس، ديوان ڪوڙومل، لعلچند امر ڏنومل، ڀيرومل مھر چند، صاحب سنگهه چنداسنگهھ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، نانڪرام ڌرمداس، شيوڪ ڀوڄراج، ڄيٺانند ٿڌومل، پرمانند ميوارام، پروفيسر موٽومل، تولارام گدواڻي، ميلا رام واسواڻي، پروفيسر نارائڻ ڀمڀاڻي، سڳن آھوجا، پروفيسر رام پنجواڻي، ڄيٺا نند لعلواڻي، آسانند مامتوراءِ، ديو سڀاڻي، گلي سدار نگاڻي، ليلارام ولايتراءِ، گوبند مالهي، جڳت آڏواڻي، ايم.آر مائيداساڻي، چوھڙمل، اندراھميراڻي ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آھن.
انگريز دور جي ناول ۾ مذھب، معاشرت، تعليم، سياست، تاريخي موضوع، معاشي ۽ معاشرتي حالتون به آھن ته ادبي تحريڪن جو اثر به آھي، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مطابق ”انگريزي اقتدار کان وٺي ننڍي کنڊ جي ورھاڱي تائين لڳ ڀڳ ھڪ صديءَ جي وڇوٽي آھي، ان زماني ۾ سنڌي ناول جو ھڪ وڏو ذخيرو ميسر ٿيو. ليڪن دراصل انھن ۾ زيادهه ترجمي جي گهڻائي آھي ۽ طبعزاد ناول ته ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس ملندا. ليڪن طبعزاد ناول ۾ به ڪن ٿورن ۾ اصليت جو عنصر يا فني اجتھاد ڪارفرمان آھي“.(2)
جيئن انگريزي ادب ۾” ايلزبٿ دور “(1500- 1600ع) ڊرامي جو دور ھو، تيئن سنڌي ادب جي تاريخ ۾ انگريزن جو دور ”ناول جو دور“ آھي. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکي ٿو ته” ھن دور ۾ ترجما گهڻي انداز ۾ ڪيا ويا ۽ طبعزاد ناول تمام گهٽ لکيا ويا. ھن دور جي ناولن جا موضوع ھئا آزادي ۽ بيداري واري سياسي تحريڪ ۽ قومي اصلاح، جنھن تي خاص توجهه ڏنو ويندو ھو. ھن دور ۾ تاريخي ناول تمام گهڻي انداز ۾ لکيا ويا، جن ۾ غلط روايتون ۽ واقعا بيان ڪيا ويا، جنھن ڪري اھڙن ناولن جي اھميت پڙھندڙن وٽ وقتي رھي ناول نگارن ھن دور ۾ معاشرتي، ماحول جي حالتن، معاشي ۽ سياسي حالتن کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ ۾ ڪافي مدد ڪئي. جن ناولن جو خاص موضوع اٽي لٽي ۽ اجهي تي ٻڌل ھو. انھن ۾ ملڪي، اقتصادي حالتن تي چڱي طرح نڪتئھ چيني ٿيل آھي. اھڙي طرح ھن دور ۾ سنڌي ناول نگارن سنڌي زبان جي ھر ڪنھن موضوع ۽ تحريڪ کي پنھنجو مقصد بڻائي قوم کي جهالت ۽ انڌيري مان ٻاھر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي“.(3)
شهنشاهي پرچارڪ ۽ ”خدائي حق“ وارو فلسفو
حاڪم قومون هميشه محڪوم قومن کي اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته سندن حڪومت هنن مٿان خدا طرفان مقرر ٿيل آهي. سنڌ ۾ جيڪي به حڪمران آيا انهن سنڌ مٿان نه صرف پنهنجي ٻوليءَ کي نافذ ڪيو، مگر اسڪول، تعليم، ادب، سرڪاري ڪاروبار لاءِ هنن پنهنجي ٻوليءَ کي زبردستيءَ سان مڙهيو. آرين کان ويندي فارسيدانن تائين هنن نه صرف پنهنجي ٻولي مڙهي، پر پنهنجو ادب، تعليم، فلسفو، ثقافتي قدر ۽ معاشرتي اثر به زبردستي مرتب ڪرايا. پر، انگريز سرڪار ان جي برعڪس عمل ڪيو. اپريل 1848ع ۾ بمبئي جي گورنر جارج ڪلرڪ اعلان ڪيو ته سنڌ ۾ سرڪاري زبان سنڌي ھوندي، ھن سمورن آفيسرن کي ھدايت ڪئي ته ھو ارڙھن مھينن ۾ سنڌي سکي وٺن“. مطلب ته انگريزن ، مٿي ذڪر ڪيل قومن جي برعڪس پنهنجي انگريزي ٻولي مڙهڻ بجاءِ مقامي ٻولي (سنڌي) کي ترجيح ڏني. هنن کي پوري هندستان ۾ سرڪاري ڪاروبار هلائڻ لاءِ سرڪاري ملازم گهربل هئا، ان ڪري هنن مقامي ٻولين کي ترجيح ڏني. سنڌي زبان ۾ لغتون تيار ڪيون، گرامر لکيا. سنڌ ۾ رهندڙ انگريز اهلڪارن پنهنجي ذاتي وندر لاءِ ناٽڪ منڊليون قائم ڪيون. هنن عام ماڻهن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ سماجي، تعليمي ، ادبي ۽ معاشي اصلاحات آندا. هنن ان ڏس ۾ انگريزن ڪي قصا، ناول، ڪهاڻيون، ناٽڪ ، مضمون، تاريخ جا ڪتاب ۽ پڌرناما لکرايا يا ترجمو ڪرايا، جن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته سنڌ جو عوام سندن بعيت ڪري ۽ دنگي ۽ فساد کان پاسو ڪري ۽ آرام سان ترقي ڪري، ڇوجو انهن ۾ ئي سندس ڀلو هوندو. مخالفت ڪندڙن کي هنن سخت سزائون ڏنيون. هندو ۽ مسلمانن کي هنن ورهايو ۽ حڪومت ڪيو جي بنياد تي ورهائي ڇڏيو. هنن خاص ادب تخليق ڪرايو يا ترجمو ڪرايو، جن ۾ وفاداري، تابيداري ۽ بعيت وارو لاڙو هو، انهن ڪتابن جي ليکڪن ۽ مترجمن کي خاص معاوضا ڏنا ويندا هئا. اصلوڪي ڪم جو اعزازيو الڳ هو ته ترجمي جو الڳ . ڪجهه خاص ڪمن لاءِ صلاحڪار مقرر ڪيا ويندا هئا ۽ غير سنڌي ليکڪن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون هيون. خاص ڪتابن ۽ ترجمن لاءِ انعام ڏنا ويندا هئا.
انگريزن پنهنجي ٻولي مڙهن جي بجاءِ نئين چال تحت سنڌي ٻوليءَ کي هٿي ڏني، پر فلسفو پنهنجو مڙهيو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکي ٿو ته ”حاڪم قومون هميشه محڪوم قومن کي اها ڳالهه سمهجائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته هيءَ شهنشاهت سندن مٿان خدا طرفان مقرر ڪيل آهي. انگريزن به هتان جي عوام کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ چاهي ته سنڌ وارن تي هنن زوريءَ حڪومت نه آندي آهي، بلڪه قدرت سندن ڀلي لاءِ کين موڪليو آهي. حڪومت سان وفادريءَ ۾ سندن ڀلو آهي“.(4) ناميارو ڪهاڻيڪار امرجليل لکي ٿو ته ”فاتح قومون ٻين قومن جي ملڪ کي طاقت سان يا ٺاهه ٺڳيءَ سان هٿ ڪرڻ کان پوءِ، سڀ کان اڳ ان قوم جي ٻولي ۽ تمدن کي تباهه ڪرڻ جو منصوبو رٿينديون آهن. انگريز سامراجين سنڌ تي مڪمل قبضي ڪرڻ کان پوءِ، معمول جي خلاف، سنڌي ٻوليءَ تي وار نه ڪيو. انگريزن جي ان چالبازيءَ جا ڳڻ اڄ تائين ڳايا وڃن ٿا ۽ اسڪولن کان يونيورسٽيءَ تائين ساراهيا وڃن ٿا. سامراجين، رٿيل منصوبي مطابق، سنڌ جي عظيم ترين شاعر لطيف سائينءَ ۽ سنڌ جي لافاني ۽ لاثاني باغي شاعر سچل سرمست جي ڪلام، ڪلام جي پرچار، پيغام ۽ حق جي آواز کي صوفي ازم جو ليبل هڻي ٻنهي جي هٿ ۾ يڪتارو ڏيئي ڇڏيوـ هڪڙي کان چوايائون ”پيرين پوندي سان، نه چوندي سان، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾“، ۽ ٻئي کان چوايائون، ”جنهن دل پيتا عشق دا جام سو دل مست و مست مدام“. جابر ۽ ٺڳ قومون، جيڪي ويسا گهاتيءَ سان ٻين جي ملڪ تي قبضو ڪنديون آهن، سي اُن مفتوح قوم جي ادب مان باغي رجحانن کي ڪوري ڪڍڻ جي ترڪيب استعمال ڪنديون آهن“.(5)
انگريز حاڪمن پوري هندستان سميت سنڌ ۾ به اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندن پاران آندل شهنشاهت خدا طرفان مقرر ٿيل آهي.ان نئين فلسفي هيٺ ، هنن سنڌي ادب ۾ ناول نويسي ۽ ڪهاڻي نويسيءَ جي شروعات ڪرائي، جنهن ۾ اهڙو ماحول ڏنو ويو، جنهن سان شهنشاهت جي پرچار ٿئي. هڪ ڊگهي آکاڻي (ناليٽ نما) ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ 1854ع ۾ غلام حسين قريشيءَ ترجمو ڪئي. البت آکاڻيءَ کي ديسي رنگ ۽ ڍنگ ۾ آڻڻ لاءِ ماڻهن ۽ ڳوٺن جا نالا مٽائي ٻيا وڌائين. ڪهاڻي نويسيءَ ۾ ان جي انهيءَ ترجمي کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. آکاڻي ۾ زمينداري نظام جي حمايت ڪيل آهي. آکاڻي لاءِ آغا سليم لکي ٿو ته “غلام حسين قريشيءَ ان ڪهاڻي کي اهڙو ته مقامي رنگ ڏنو هو جو، اها ڪهاڻي نج سنڌي ڪهاڻي ٿي پئي هئي. ڪهاڻيءَ جي مقامي (ميرپور ماٿيلو ۽ ڏهرڪي،) ڪردارن جا نالا ڀنڀو ۽ اوڀايو ۽ مسئلو زمين جو جهيڙو هو، جيڪو اڄ به سنڌ جي زرعي سماج جو وڏو مسئلو آهي“.(6)
هڪ ٻي ڊگهي آکاڻي (ناوليٽ نما)”سُڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه“سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۾ نهايت سهڻو نثري قصو آهي، جنهن کي 1855ع ۾سيد ميران محمد شاهه هندي ٻوليءَ ۾ پنڊت بنسي ڌر “سبودي ڪبودي” تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن آکاڻي ۾ ٻن ڪردارن کي چٽيو ويو آهي. مگر ماڻهن جا نالا سنڌ جا ڪم آيل آهن. هن آکاڻي جي ٻن اهم ڪردارن ۾ سڌاتورو اسڪول وڃي، ٿورڙن ڏينهن ۾، بابنامو پڙهي ۽ ٻيا ڪتاب ڏسي، پاڻيهي سُرت وارو ٿي وڄي ٿو. آخوند ۽ ٻين ماڻهن چيو ته هيءُ ڇوڪر ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ لکپڙهه ۾ ڀَڙُ ٿي ويندو. هوشيارپ جي ڪري تپيداري جي نوڪري مليس ٿي. محنت ۽ ايمانداري جي ڪري نامور مختيار ٿئي ٿو. ٻئي طرف ڪڌاتورو به گهڻا ڌڪا کائي پڙهي منشي بڻجي ٿو. مگر بي ايمان ۽ رشوت خور ٿئي ٿو. هڪ دفعي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿئي ٿو ۽ سخت پورهي سان ٽيپ کائي ٿو. “سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري” جي ڳالهه ۾ آفيسر شاهي واري ذهنيت جو پرچار ڪرڻ ۽ وقت جي حاڪم جي قوت کي به تسليم ڪرائڻو هو. آکاڻي ۾ بنيادي نقطو انگريز راڄ ۽ سردار سان سهڪار ڪرڻ هو.
سڀ کان پهرين ناول جو سنڌي ترجمو ڪيو ويو. راسيلاس دراصل انگريزي ادب جي مشهور نثر نويس ڊاڪٽر جانسن جو لکيل آهي. هن ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي اشتهار ڪڍيو، ته جيڪو انهيءَ ڪتاب جو صاف سنڌي ۾ ترجمو ڪندو، تنهن کي سرڪار 300 روپيا انعام ڏيندي.هي اشتهار ٻه ٽي سال لاڳاتار هلايو ويو. ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي سنڌ مترجمن قسمت آزمائي، پر قبول نه ٿي پيا. ڇو جو سرڪار کي هڪ اهڙي ترجمي جي ضرورت هئي، جنهن ۾ انگريز برتريءَ جو روح سمايل هجي. اهو ڪم اڌارام ٿانورداس ۽ ساڌونولراءِ گڏجي آسان ڪري ترجمو ڪيو.”هن ڪتاب ۾انسان ذات جي دماغي ۽ دلي طاقت ۽ خواهشن جون حقيقتون ۽ مثال، انسان ذات جي غم ۽ خوشيءَ جا سبب ۽ نتيجا، ۽ انسان ذات جي زندگيءَ جون منزلون ۽ مقصد ، هڪڙي دلچسپ آکاڻيءَ جي صورت ۾ بيان ڪيا ويا آهن.هن ناول جو ٻيو موضوع آهي تلاش ۽ کوجنا. ناول ۾ حبش جو شهزادو راسيلاس ۽ سندس ڀيڻ نيڪايا ۽ عملاڪ نالي هڪ سائنسدان جي سنگ اچي شهزادن واري يڪطرفي زندگيءَ مان ڪڪ ٿي، مائٽن کي اطلاع ڏيڻ بنا لڪ چوريءَ نڪري دنيا جو سير ڪري وڏو تجربو حاصل ڪن ٿا. هن ناول ۾سائنس ۽ ايجاد جي وسيلي هوا ۾ اڏامڻ جي اڳڪٿي پڻ ڪئي ويئي آهي“.(7) هن ناول ذريعي شهنشاهيت جي پرچار ۽ خدائي خوف جو درس ڏنو ويو. هن ناول جي ڪهاڻي حبش جي شهزادي جي آهي جيڪو دنيا جي آزمودي پرائڻ لاءِ انسان ذات جي سک جي ڳولا لاءِ ٻاهر نڪري ٿو. هن ناول ۾اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته يورپ جا سڄي دنيا ۾ ذهين ۽ سورهيه آهن.
“شهزادي چيو ته اهو ڇا آهي جنهن جي ڪرڻ کان يورپ جا ماڻهو اهڙا سورهيه ۽ سگهارا ٿين ٿا؟
عملاڪ؛ سائين هو وڌيڪ طاقتور ۽ سورهيه هن ڪري آهن جو هو وڌيڪ سياڻا آهن. جيئن انسان ٻين جانورن تي پنهنجو عمل هلائي ٿو، تيئن پڙهيل ۽ سياڻو ماڻهو اڻ پڙهيلن ۽ اياڻن تي عمل هلائي ٿو. پر انهن ۾ دانش اسان جي دانش کان ڇو وڌيڪ آهي، تنهنڪري جو ڪو سبب آئون ڏئي نٿو سگهان پر ڄاڻجي ٿو ته اها خدا جي خواهش آهي“.(8)
هي ڪتاب، جيستائين انگريز سرڪار سنڌ ۾ رهي، اهو مختلف ڪلاسن جي ڪورس ۾ لازمي رهيو. ترجمن جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم ناول ، ”طلسم“ (Talisman) آهي. هي ناول جڳ مشهور ناول نگار سر والٽر اسڪاٽ جو لکيل هو. هن ناول لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جون شروعاتي قسطون بولچند ڪوڏو مل ترجمو ڪري “سرسوتي” ۾ شايع ڪرايون . بعد ۾ سندس اوچتي ديهانت ڪري، ڀيرو مل مهرچند مڪمل ترجمو ڪري ڇپرايو. عيسائي حڪمران رچرڊ ۽ سلطان صلاح الدين ايوبيءَ جا معرڪا، رچرڊ جي بيماري ۽ ٻيون سازشون ھن ناول جي ڪھاڻي بنائين ٿيون. ٻيا ڪردار راڻي، ضحاڪ شيدي، ايڊٿ ۽ سر ڪينٿ آھن. هي ناول عيسائين ۽ مسلمانن جي صليبي جنگين تي ٻڌل هو ۽ عيسائيت ۽ عيسائين جي ڪاميابين وڌائي چڙهائي پيش ڪيو ويو.
مرزا قليچ بيگ جو ناول “زينت” 1890ع سنڌي ادب ۾ جديد ناول نگاريءَ جو پهريون مثال آهي. هن ناول جديد ناول جي پوري ٽيڪنڪ استعمال ڪئي ويئي. ناول جي اصل مقصد تحت زندگيءَ جي ڀرپور عڪاسي ڪئي ويئي. حقيقت اها آهي ته هي ناول به سرڪاري فرمائش تي لکيل آهي. 1875ع ۾ پهريون دفعو، سنڌ جي تعليم کاتي اعلان ڪيو ته اسان کي هڪ اهڙي سنڌي ناول جي تلاش آهي، جنهن ۾ سنڌ جي سماجي زندگي، خاص طور تي عورتن جي حوالي سان هجي. ان اشتهار ۾ ڄاڻايو ويو ته:
“A novel descriptive of the present domestic and social life, with particular reference to the condition of women in this Province, the main object being to expose the social prejudices and evil customs that have been detrimental to the true interests of the people “.(9)
هن ناول ۾ مرزا قليچ بيگ انساني زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي روشني وڌي آهي. ٺيٺ سنڌي ماحول پيش ڪندي، رسمن ۽ رواجن جي خامين کي خوب ننديو آهي. جارج شرٽ (1886-1843ع) برطانوي مشنري مبلغ هو. هو 1873ع تائين حيدرآباد ۾ رهيو ۽ سنڌي ٻولي لکڻ، پڙهڻ ۽ ان بابت تحقيق ڪرڻ ۾ خاص دلچسپي ورتائين. حيدرآباد ۾ هو مشن سوسائٽي سان لاڳاپيل هو ۽ 1874ع ۾ واپس برطانيا هليو ويو. ٻن سالن کان پوءِ وري سنڌ واپس آيو ۽ ڪراچي مشن سوسائٽيءَ سان وابسته ٿيو. هن دفعي هن تمام گهڻو لکڻ جو ڪم ڪيو، جنهن ۾ سنڌي-انگريزي ڊڪشنريءَ جو ڪم به شامل هو“.(10)حيدرآباد ۾ هن بائيبل جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. جارج شرٽ، سنڌ جي اينگلو ورنيڪيولر اسڪولن جي شاگرد جي ڪورس تي رکيل جان بنيان جي ڪتاب ”دي پلگرمس پروگريس“ (The Pilgrim's Progress)جو ترجمو ”مسيحي مسافر جو احوال“ ٻن ڀاڱن ۾ 1877ع ۾ ڪيو. هي ڪتاب، سنڌ جي اسڪولن ۾ ڪورس جي رکيل هو ۽ انگريزن طرفان مشنري سرگرمين جو حصو هو. هن ڪتاب کي اصلي نالن ۽ ماڳن سان پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ اها ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته انگريز معاشرو سڌريل ۽ سندن مذهبي تعليم سڀني کان بهتر آهي. هن ڪتاب جو هڪ ٻيو ترجمو پرڀداس ڀيرومل (مرتيو 1943ع) ولد ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ”سالڪ جو سفر“ جي نالي سان ڪيو هو.
مرزا قليچ بيگ، جوناٿن سُئفٽ جي جڳ مشهور ڪتاب Gulliver’s Travels جو ترجمو 1920ع ۾ ”گليور جو سفر “ جي نالي سان ڪيو. هي ڪتاب ارڙهين صدي جي ادب جو هڪ شهڪار آهي. اصل ڪتاب چئن ڀاڱن ۾آهي، پر مرزا صاحب صرف ٻن ڀاڱن جو ترجمو ڪيو آهي.گليور جو سفر“ به هڪ طنزيه تصنيف آهي، جنهن سئفٽ جي طنز جو دائرو تمام وسيع آهي. سئفٽ ان تصنيف ۾ سڄي انسانيت جي حماقتن بڇڙائين ۽ اخلاقي ڪمزورين تي سخت چوٽون ڪري ٿو.”گليور جي سير ۽ سفر“ تصوراتي يا خيالي دنيا جوڙي، حقيقي ڪردارن وسيلي ڪهاڻيءَ کي بيان ڪيو آهي. مرزا قليچ صاحب، ڪيل ٻن ڀاڱن جي ترجمي ۾ اهي حصا ترجمو نه ڪيا آهن، جن ۾ انگريزن جي سياسي ۽ سماجي بڇڙاين تي تنقيد ٿيل آهي.
انگريزي جي سموري دور جي ادب تي انگريزن جي عظيم قوم وارو فلسفو، سنڌي ادب تي غالب رهيو ۽ هنن هو ادب تخليق يا ترجمو ڪرائيندا رهيا ، جن مان سندن حڪومت کي اخلاقي ۽ قانوني جواز ڏنل هجي. سنڌ ڪيترن ئي اديبن ان ڏس ۾ سندن شان ۾ ناول، ناٽڪ، مضمون، شعر لکيا ۽ چيا. اڳتي هلي سنڌي ادب ۾ تمام گهڻي وسعت پيدا ٿي، ترجمن سان سنڌي ادب جي سگهه ۾ واڌارو ٿيو ۽ نوان اديب ميدان ۾ اچي ويا، سياسي ۽ سماجي تنطيمن جي اجراع ٿيو، تعليم جي ڦهلاع ٿيو، ادب ۾ سماجي حقيقت نگاري جو رجحان وڌڻ لڳو، تڏهن سنڌ جي عام ماڻهن جي سوچ ۾ به ڦيرو آيو ۽ انگريز سرڪار جي خلاف نفرت ۽ حقن جي ڳالهه شروع ٿي ۽ انگريزن جي زوري مڙهيل ”خدائي حق“ واري فلسفي مان سنڌي ادب آزاد ٿيڻ لڳو. ان فلسفي جو دائرو گهڻو ڪري درسي ڪتابن جي ترجمن تائين محدود هو، عوام ۾ ان جون پاڙون ڪو نه هيون. ان کان علاوه عام سنڌي عالم نثر جي ڀيٽ ۾ شاعري جي وڌيڪ ويجهو هو، جنهن جو اساس سنڌي قصن ۽ ڪهاڻين جي مظبوط قدرن تي بيٺل هو. جڏهن سنڌي نثري ادب ۾ معياري ترجمن سان گڏو گڏ طبعزاد ناول، ناٽڪ ۽ افسان لکجڻ شروع ٿيا ته انگريزن جي ”خدائي حق“ وارو فلسفو به ختم ٿي ويو.
قصصي ناولن جو رجحان
19 صديءَ جي اختتام ۽ 20 صديءَ جي شروعات ۾، هندو سماج، تعليم جي ميدان ۾ ڪافي اڳتي اچي چڪو هو ۽ ڪيتريون علمي، ادبي، سماجي ۽ ڌرمي سوسائٽيون، منڊل ۽ تنظيمون جوڙيون ويون، جن جو هڪ مقصد هندو سماج سڌارڪ موضوعن ۽ مسئلن تي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ان سلسلي آريا سماج، برهمو سماج، سناتن ڌرم، سنڌ هندو سڀا وغيره سرگرم تنظيمون هيون. 1901ع ۾ سنڌي اديبن جو هڪ مشرڪه سيمينار ٿيو هو، جنهن ۾ ناول جي وڌندڙ شهرت جي ڪري اديبن فيصلو ڪيو ته ناول جي صنف کي مڪمل سماجي ۽ اصلاحي ڪيو ويندو. اهو ئي سبب آهي ته 1901ع کان سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا قصصي ناول لکيا ويا، جن ۾ هندو سماج جي پنگتي مسئلن ۽ انهن جي اوڻاين کي پيش ڪرڻ شروع ڪيو ويو ۽ ناول نما قصن جو دور ڪافي وقت هلندو رهيو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ لکيو آهي ته ”هن دور ۾ ادب جي اشاعت ۽ ناولن جي ڇپائڻ جو سلسلو سڀ کان اول سماج سڌار ۽ پبلڪ ادارن طرفان شروع ٿيو، جن جو مقصد هندو سماج مان بڇڙين رسمن کي تڙي ڪڍڻو هو. جيئن معاشرو صحتمند بنجي ۽ قوم جي اصلاح ٿي سگهي. ان کان سواءِ، نئين زماني جي روشني ڦهلائڻ ۽ نون سڌارن ۽ ترقيءَ جي آگاهي ڏيڻ، جيئن قوم ان مان مستفيض ٿئي. سناتن ڌرم سڀا، سک ٽرئڪٽ سوسائٽي، سنڌ جو جووينائيل سوسائٽي ۽ چند ٻيا ادار اڳ ۾ ئي اهڙي مشن کڻي ادبي ميدان تي پڌرا ٿيا ۽ پنهنجي مقصدن جي برصوابيءَ لاءِ اشاعت جو اهتمام ڪيو ۽ اهڙي طرح رسالن ۽ جريدن ۾ پهريون ڀيرو سلسليوار ناولن جي پذيرائي ٿي. اذنسواءِ ساڳئي وقت ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ شڪارپور ۾ وڏا پبلشنگ ادارا تجارتي بنيادن تي قائم ٿيا، جن هر قسم جو ادب شايع ڪيو، جن ۾ اوائلي طور ڇپجندڙ ڪتابن ۾ ساين ئي سماجي قصن ۽ ناولن جي ڀرمار هئي. ان باري ۾ مٿي ذڪر ڪيل سڀا طرفان ”سناتن ڌرم پرچارڪ پتر“ جاري ڪيو ويو، جنهن هن دور ۾ سڀ کان وڌيڪ پنگتي قصا شايع ڪيا“.(11)
سناتن ڌرم وارن تمام گهڻا قصصي ناول شايع ڪياج جن ۾ ”دک روپ سنسار“، ”راج لڪشمي عرف پريم ليلا“ ، ”ستي لڪشمي“، ”رما لڪشمي“، سشيلا وڌواه“، ”شيلا جمنا“، ”بگڙيءَ جو سڌار، ”ويشيا ناٽڪ“، ”نٽئو عرف چنڊالن جي چوڪڙي“، ”آدرش ڌمپتي“ ، ”لتا ۽ للتا“ ، ”نقلي منڊم“، ”گنگا جو ڪٽنب“ ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. هن قسم جي قصن جو بنياد ڪوڙيمل چندن مل، بنگالي قصن کي ترجمو ڪري وڌو هو، جنهن ”ٽي منڊيون“ ، ”کير جو کير“ جهڙا قصصي ناول لکيا. هتي
تيجو شرما ( 1873- 1947ع) جو جنم ڪراچي ۾ ٿيو. هو “سناتن ڌرم” جي پرچارڪ پتر جو ايڊيٽر هو. سناتن ڌرم کي زور وٺرائڻ لاءِ سستو سنڌي ساهتيه” برپا ڪيائين. ان منصوبي تحت ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ تيجو شرما ڪيترائي قصا ۽ ڪهاڻيون ترجمو ڪيون“.(12)تيجو شرما .هندو سنسار“ (گجراتي تان)، ”نول لڪشمي“ (گجراتي تان)، .ڇڙواڳ رما“ (هندي تان)، ”پروبس سندري“ (هنديءَ تان)، انهيءَ کان سواءِ ”چندالن جي چوڪڙي“، ”نقلي ميم“، ”لتا ۽ للتا“ ،”رام لڪشمي“ ، ”سهاڳڻ“ ،”پتو رتي ناري“ ، “ستي ساوتري”، “منورما”، “آنندپون” وغيره اهم آهن. هنن ۾ ”نول لڪشمي“ ۾ ڪيترن ئي ڳالهين جو يتن ڪيل آهي، ليکڪ ٻڌائي ٿو ته ”جيئن پاپ، ڪرم ڪرڻ ۾ ڪونهي پر انتهه ڪرڻ ۾ آهي. هڪڙي هندو وڌوا کي هر ڪنهن حالت ۾ سنجم ڪرڻ جي ڏاڍي ضرورت آهي ۽ حياتيءَ جي پوين گهڙيءَ تائين کيس پنهنجي پتيءَ کي سنمک سمجهي جيئري رهڻ جي ضرورت آهي“.(13)
مهراج تيجورام شرما کان پوءِ، جيٺانند رتني هو جنهن سناتن ڌرم جي پليٽ فارم تان ڪيترائي قصصي ناول لکيا، جن ۾ ”آدرش آتمارام“، ”پتورت ليلا“ وغيرهه. ناول ”هندو ڪٽنب“ جو هنديءَ ۾ لکيل ناول ”هندو گرهسٿ“ تان ورتل هو، ۽ جنهن ۾ وئشيا ناچ جي ڪرم جا نقصان ڏيکاريل هئا، سو اهڙو لوڪ پسند پيو جو انجو ٽيون ڇاپو 1922ع ۾ نڪتو هو، ۽ ”شيل جمنا“ جو ٽيون ڇاپو 1924ع ۾. ”هندو ڪٽنب“ مان جيٺانند رتنيءَ جي رومانوي ناٽڪي لکڻي جو هيءَ حوالو آهي:
”بس! پوءِ ته سيٺ جو حڪم ٻڌي هڪدم ڳائڻ شروع ٿيو. نيڻونءَ تي هڪ ٻئي پٺيان برهه جون بڻڇيون اُڇليندي هوءَ ڪيترائي غزل ۽ ڪافيون چوڻ لڳي جن مان نموني طور هڪ ڪافي هن ريت آهي:
اڄ آءٌ منهنجا مٺا، ڀاڳ ڀلائي ڀانيان،
ڀاڳ ڀلائي ڀايان، باس پيرن جي وراهيان.
شڪاريءَ جي ٻاڻ کان جئن هرڻ گهائل ٿي اتي ئي ٿم ٿي پوندو آهي، تيئن اسان جي نيڻونءَ جو به معشوق جان جي ڪافين ۽ غزلن اهڙوئي حال ڪيو. هنجي پيار ۾ هو ديوانو ٿي ويو. جيڏانهن ٿي اک کنيائين اوڏانهن معشوق جان ئي معشوق جان ٿي ڏٺائين ۽ ٻيو ڪجهه به نه. جڏهن دل کي قابو نه رکي سگهيو تڏهن هنريت پڪاري چيائين ته پياري معشوق! دلدار معشوق!! تنهنجي اکين مان جادوءَ جي برسات پئي رهي آهي. بس! مون کي ته پنهنجو نوڪر کڻي بڻاءِ. پڙهڻ لکڻ سان منهنجو هاڻي ڪو ضرور ڪونهي. مان نه پڙهندس! نه پڙهندس!! ۽ نه پڙهندس!!!، معشوق جان- پيارا بس! مان جنهن جي تلاش ۾ هيس سو اڄ مون کي ملي ويو. جنهن جي ڳولا ۾ وڏن وڏن سيٺين کي مون ڪين جهيڙو ٿي ليکيو، سو ئي جانب اڄ ملي ويم. بس يار! مون کي گلي سان لڳاءِ، ٻيو ڪجهه به نه گهرجيم“.(14)
روچيرام گنگارام سڏاڻي (1901-1968ع) جو جنم ڪراچي ۾ ٿيو. اين. جي. وي هاءِ اسڪول ۾ استاد هو. ڪيترين ئي علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو. ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾ ناولن جا ‘درگاوتي’، ‘گوري’، ‘آزاد خيال زالون’ ۽ ‘عمر مارئي’ شامل آهن. سندس سڀني ناولن ۾ ‘آزاد خيال زالون’، ڏاڍو مشهور ٿيو، جنهن ۾ هن نئين اڀرندڙ سماج جي قدرن تي طنز ڪئي آهي. هن ناول لاءِ ملڪاڻي صاحب لکيو آهي ته “هي ناول وڌواهه جي فائدي ۾ ۽ ڏيتي ليتيءَ جي خلاف هو. سڏاڻي صاحب جي عبارت سٺي ۽ پختي هئي.
منو تولارام گدواڻي (1911 – 1981ع) جو جنم ڳوٺ بوبڪ، تعلقي سيوهڻ ۽ ضلعي ڄامشوري ۾ ٿيو. پاڻ شاعر، مضمون نگار، ناول نگار ڪهاڻيڪار، ۽ ٻوليائي ماهر هو. هن ڪيترائي قصصي ناو هندو جيوت سنسار بابت لکيا. ان سلسلي ۾ سندس ناولن ۾ ”واڻڪو وهنوار“”وڌوا جي وارتا“ ، ”خونخوار خنجر“ (جاسوسي ناول) ، سندس اهم ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جو اتهاس“ (1968ع) ۽ ڪي اهم مضمون مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيل آهن. سندس ناول ”وڌوا جي وارتا“ ۾ هڪ بيوه جي معاشرتي زندگي ڏيکاري وئي آهي ته هي سماج کيس ڪهڙين نظرين سان ڏسي ٿو. سندس هڪ ناوليٽ ”پريم جو چوڪنڊو“ آڪٽوبر 1967ع جي ڪونج رسالي ۾ شايع ٿيو هو. هن قسم جي ٻين ليکڪن ۾ ويرومل ملاڻيءَ جا ”ليلا“ (گجراتيءَ تان)، ۽ ”گنگا جو ڪٽنب“ (گجراتيءَ تان)، ديودت ڪندرام جو ”آنند مٺ“، منوهرداس ڪوڙيمل جو ”سروجني“ (بنگالي تان 1930ع)، دروڪا پرشاد شرما جا ”راجپوتي تلوار“ (هندي تان 1926ع)، ۽ ”ويرڪماري“ (هنديءَ تان 1932ع) وغيره اهم آهن.
ناول ۾ تاريخي واقعا نگاري
انگريزن جي دور جي ناول تي تاريخي واقعن جو لاڙو غالب نظر اچي ٿو. تاريخي ناولن ۾ ماضي يا ان دور جي حالتن ۽ واقعن کي تاريخوار سھيڙي انساني جذبن ۽ احساسن جي پوشاڪ ۾ ڍڪي ڪنهن ناول ۾ اھڙيءَ طرح ڪهاڻيءَ کي پيش ڪيو وڃي جو ائين محسوس ٿئي تھ ڄڻ پڙھندڙ پاڻ اتي موجود ھو. اھڙن ناولن ۾ ضروري آھي تھ ڪردارن جا نالا تاريخي ھجن، پر وقت، جڳھون ۽ واقعات بھ حقيقي ھجن تاريخي ناول کي ان حساب سان ڪڏھن ڪڏھن افسانويت کان الڳ به سمھجبو اھي. انگريزي ادب ۾ سر والٽر اسڪاٽ (1771-1832ع)خاص طور تي تاريخي ناولن جي ڪري سڃاتو ويندو اھي. سندس ڪتاب Talisman صليبي لڙاين ۾ غازي صلاح الدين جي ڪردار تي ٻڌل آهي. انگريزن جي دور ۾، سنڌي تاريخي ناول تي مذهبي رنگ وڌيڪ ڇانيل هو ۽ ان جوش ۾ غلط روايتون به شامل ڪيون وينديون هيون. هندو اديب، خاص طور تي هندستاني حڪمرانن جي معاملن ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندا هئا، ۽ ان دلچسپيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن انهن جي اخلاقي ۽ گهريلو معاملن کي به ناڪاري انداز ۾ پيش ڪندا هئا. ٻئي طرفان مسلمان اديب، مسلمان سورمن، غازين جي باري ۾ ناول لکندا هئا. ٻنهي قسمن جي ناولن ۾ ”سنڌ جي تاريخ “ غائب هوندي هئي. ان جو هڪ سبب اهو به هوندو هو جو اڪثر ناول ترجمو هوندا هئا، ان ڪري مقاميت نگاري جي لاڙي کان به خالي هوندا هئا.
تاريخي ناولن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ميلارام وسواڻي قابل ذڪر ناول نگار آھن. سنڌي ناول نگار ٻن گروپن ۾ ورھائجي ويا. مذھبي نظرياتي اختلافن تحت ھنن مسلم ۽ ھندو تاريخي قصن کي غير معمولي اھميت سان پيش ڪيو، پنھنجن پنھنجن سورھين ۽ جوڌن جي ڪارنامن کي وڌائي پيش ڪيو. محمد عثمان ڏيپلائي جا ”فتح فلسطين“، ”محمد بن قاسم“، ”ڪارا ڪافر“ وغيره، ٻئي طرف ميلارام وسواڻي جا ”راجا اشوڪ“، ”راجا چندر“، ”نند ڪماري کي ڦاسي“، ”رتنا“، ”چندر پال“ اھم ناول آھن. ھنن ناولن سان مذھبي ڪٽرپڻي ۾ اضافو ٿيو ۽ غير حقيقي واقعا سنڌي ادب ۾ شامل ٿيا. اھڙي طرح ٻيا به ڪيترائي تاريخي موضوعن تي ناول لکيا ويا جن ۾ خليق مورائي جو نالو سر فھرست آھي. سندس ”سندري“، ”ستيءَ جي سٿ“، ”عبرت“ وغيره اھم ناول آھن. نالي واري عالم هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ مغلن جي زندگيءَ تي ”نورجهان“ لکيو، جيڪو ڏاڍو مقبول ٿيو.
غلام احمد نظامي (1895-1951ع)، سنڌي زبان جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. گهڻو ڪري قومي شعر چيو اٿس، ۽ مسلمانن جي عظمت رفت جو ذڪر ڪري، برصغير پاڪ وهند جي مسلمانن کي غفلت جي ننڊ مان بيدار ٿيڻ لاءِ وڏي واڪي سڏيو اٿس. سيپٽمبر 1945ع کان ڊسمبر 1949ع تائين ماهوار رسالي ”اديب سنڌ“ جو ايڊيٽر ٿي رهيو، جيڪو ”جمعيت الشعراءِ سنڌ“ جي سهاري هيٺ لاڙڪاڻي مان نڪرندو هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. ھن اسلامي تاريخ تي ”حور دمشق“ جي نالي ھڪ ناول لکيو، جيڪو 1929ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول جي ديباچي ۾ لکيو اٿس ته ”اسلامي تاريخ جو سونو ورق ”حور دمشق“ جنھن ۾ خليفھ اول حضرت ابوبڪررضھ جي عھد خلافت جا واقعا، حضرت خالد بن وليد جا حيرت انگيز ڪارناما، نمازين جي شجاعت، ھمت ۽ توحيد جو مقابلو، اسلام ۽ نصريت جا محرڪ، عشق، محبت، ھجر ۽ وصال جا دلفريب نظارا آھن“.(15)
علي نواز خان مرزا (1874-1972ع) مرزا جو تعلق حيدرآباد سان هو. بنيادي طور اسلامي تاريخ تي ڪيترائي ڪتاب لکيائين. هن جي اسلامي تاريخ جي ناولن ۾ ”انتقام“ (1928ع) ۽ ”سرفراز خا“ (1931ع)، ”ناصر سوداگر“ ۽ ”سرفراز ۽ رعنا“ اهم آهن. ”انتقام“ ۾ امامن جي جنگ جو ذڪر آهي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي تاريخي واقعن تي ناول لکيا ويا يا ترجمو ٿيا.
محمد صديق ”مسافر“ (1879- 1961ع) مسافر ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. ادبي دنيا ۾ شاعر، نقاد، محقق، مترجم، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ نصابي ڪتاب لکندڙ هو. محمد صديق مسافر ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون ڪهاڻيون لکيون، جيڪي الڳ ڪتابي صورت ۾ نه اچڻ ڪري گمنام ٿي ويون آهن. هن نه صرف ڪهاڻيون لکيون، پر ڪي تاريخي ناول ۽ قصا پڻ ترجمو ڪيا، جن ۾ ”سپاهي زاده“، ”گلبدن“ ، ”مهربانو“ ۽ ”ممتاز دمساز“، ”شريف شھزادو“ ۽ ”جڙتو شھزادو“ اھم آھن.
جاسوسي ناول جي مشهوري
جاسوسي ادب جي پنهنجي عجيب ۽ انوکي دنيا هوندي آهي. ماڻهو انهن کي پڙهي ٿو ته جهٽ گهڙي زندگيءَ جي مشڪلاتن ۽ مايوسين کان پري ٿي وڃي ٿو. جاسوسي ادب ۾ ڊراما لطف به اندوز ٿيندا آهن، ۽ فلمون به جڙنديون آهن، ڊرامن ۾ مڪاري، فريب، قتل، گناھه، پراسراريت، خوف وغيره جا موضوع ھوندا اھن. جڏهن ته جاسوسي ناول وڌيڪ مقبول هوندا آهن. ناولن جو بنياد سر هيو والپول(1884-1941ع) وڌو، جاسوسي ناول وقت گذاريءَ ۽ لطف اندوز ٿيڻ لاءِ بھترين ذريعو اھن. ھنن ناولن ۾ مڪاري، فريب، قتل، گناھه، پراسراريت، خوفناڪ عمل وغيره جا موضوع ھوندا اھن. جاسوسي ناولن دنيا جي ادب ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪئي، پنھنجي پڙھندڙن جو وڏو حلقو پيدا ڪيو. ”اها حقيقت عالم آشڪار آهي ته انگريزي ادب، شيڪسپيئر جي ادب ۽ شاعريءَ کان وڌيڪ جاسوسي ادب ذريعي ترقي ڪئي. ساڳيءَ طرح هندوستان ۾ اردوزبان جي ترقيءَ جون راهون به جاسوسي ادب کوليون. لکنؤ ۾ نولڪشور پبلشر ۽ بڪ سيلر گهڻي کان گهڻا جاسوسي ناول ڇپايا. اهي ناميارن انگريز مصنفن جي ناولن جا ترجما هئا. اردوءَ ۾ ڪجهه جاسوسي ناول طبعزاد به لکيا ويا، جن جون پراسرار، ڪهاڻيون نوابن ۽ جاگيردارن جي محلن جي ڀرپاسي ۽ اندرين ڪمرن، تهخانن ۽ مندرن جي غفائن تائين گهمن ڦرن ٿيون ۽ وڪڙ ۽ چڪر ڏيئي آخرڪار ڳجهارت وانگر کلن ٿيون“.(16)
دنيا جي مشهور جاسوسي ليکڪن ۾ آرٿرڪانن ڊائل، رائيڊرهيگرڊ، سئڪس روهمر، ڊئنس وهيٽلي، اگاٿا ڪرسٽي، جان ليڪار، ارل اسٽينلي گارڊنر، اي اي فيئر، رچرڊ ايس آٿر، جان ڊي ميڪڊونالڊ، جان ڊڪسن ڪار، مڪي اسپلين، ڪارٽر برائون، جان ڪريزي ۽ڊان بيلاني وغيره کي پيار سان پڙهيو ويندو آهي . انهن ناولن ۾ گهڻو ڪري هي ڪردار مشهور هئا: جاسوسن ۾ شرلاڪ هومز ۽ بلئڪ جاسوس، ڏوهارين ۾ آرسين لوپن ۽رائمرڪيو ڊاڪو ۽ ايمليا ڪارٽر ڊاڪوءَ جي ساٿڻ وغيره. ”شرلاڪ هومز، انتهائي مقبوليت ماڻيندڙ جاسوسي ڪردار، جيڪو برطانوي ليکڪ سر آرٿر ڪونئن ڊوئل تخليق ڪيو. هيءُ ڪردار پهريون ڀيرو 1887ع ڌاري هڪ افساني A Study in Scarlet ذريعي ڇپيل صورت ۾ منظرعام تي آيو، جڏهن ته ڪردار جي باقاعده مقبوليت جو آغاز 1891ع ڌاري، The Strand Magazine ۾ A Scandal in Bohemia نالي افساني ذريعي ٿيو، جيڪو 1927ع تائين جاري رهيو، جنهن دوران هـن ڪـردار تـي ڪـونـئـن ڊوئـل لڳ ڀڳ چـار نـاول ۽ 56 افـسـانا لکـيـا. هن ڪردار جي اتساهه بابت چيو وڃي ٿو ته هي ڪردار، ايڊگر ايلن پوءَ جي افسانوي جاسوس ڪردار سي. آگسٽي ڊيوپن تان کنيو ويو، جڏهن ته خود ڪونئن ڊوئل جو چوڻ هو ته شرلاڪ هومز جو ڪردار، ايڊنبرگ جي هڪ حقيقي ڪردار کان متاثر ٿي تخليق ڪيو ويو، جنهن سان سندس ملاقات 1877ع ۾ ٿي هئي“.(17)
لنڊن ۾ شرلاڪ هومز ۽ بلئڪ جاسوس جا گهر (فرضي) بيڪر اسٽريٽ ۾ هئا. بيڪر اسٽريٽ اڄ به اتي موجود آهي ۽ شرلاڪ هومز ۽ بلئڪ جاسوس جي فرضي ڪردارن جي ڪري مشهور آهي. انهن جاسوسن جي يادگار طور اُتي جاسوسي ناولن جا اشاعتي ادارا هئا. جهڙوڪ سيڪسٽن بلئڪ لائبرري‘. ان نالي سان جاسوسي ناول ماهوار شڪل ۾ شايع ٿيندو هو، سنڌي زبان ۾ انهن جاسوسن جي موت کان پوءِ جي فرضي ڪردارن وارا جاسوسي ناول، جن ناميارن اديبن ۽ ليکڪن ترجما ڪيا. ”اُردو ۾ جاسوسي ادب جو خانو به سٺو ڀريل آهي. ابن صفي، اڪرم الهه آبادي، ايڇ اقبال، ايم اي راحت، مظهر ڪليم، اظهر ڪليم، ايم. ايس. قادري ۽ اثر نعماني وغيره پاڻ ملهايو آهي. ابن صفي صاحب جو ”عمران سيريز“ ناول لکين ماڻهو پڙهندا هيا. هر مهيني هن جو ناول ايندو هو ۽ ماڻهو شدت سان انتظار ڪندا هيا. اردو ۾ جاسوسي ادب جي مقبول سيريز ۾ :عمران سيريز، فريدي حميد سيريز، انسپيڪٽر جميشيد سيريز،شرلاڪ هولمز سيريز، جيمز بانڊ سيريز، پرمور سيريز وغيره اهم آهن“.(18)
انگريزن جي دؤر۾ سنڌي نثر جي باقاعده شروعات ٿي، ناول، ڊراما، افسانا ۽ وغيره سنڌي ادب ۾ انگريزي اثر جي معرفت جاري ٿيا. هن ئي دور ۾ جاسوسي ادب جي نه صرف شروعات ٿي پر پنھنجي عروج تي پھتل نظر آيو. هن دور جي ناول، ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن وٽ وڏي اهميت رکندا هئا.ڪيترائي جاسوسي ناول ۽ ڊراما لکيا ويا ۽ شايع ٿيا. جن جو ذڪر پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ ڪيو آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ جو ذڪر صرف محمد بخش جوهر پنهنجي مضمون ”سنڌي زبان ۾ جاسوسي ادب“ ۾ ڪيو آهي. ان دور ۾ ڪي خاص ادارا هئا، ڪيتريون اخبارون ۽ رسالا قسطوار جاسوسي ناول شايع ڪندا هئا ۽ ڪجھھ ادارا بھ جاسوسي ادب جي فروغ جي سلسلي ۾ کليل ھئا.
سنڌي ۾ سڀ کان اول احمد خان جلباڻي ولد تڳيو خان جلباڻي، ڀرين جي ڀرسان جلباڻين جي ڳوٺ جو ويٺل هو، تنهن رينالڊس جي مشهور ناول ( Mysteries of the Court of London) جي هڪ حصي جوترجمو ”نينهن نڀائڻ“ جي نالي سان 1890ع ۾ ترجمو ڪيو. اصل ناول 1844ع ۾ 52 ڀاڱن ۾ شايع ٿيو ، جنهن جو هن ناول ۾ لنڊن شهر جي هيٺئين ڪلاس ۾ فحاشي ۽ سماجي اقربا پروري ۽ ڪرپشن جا داستان لکيل هئا. هن ناول ۾ رينالڊس لنڊن جي انتهائي اندروني ۽ خفيه رازن کي فاش ڪيو آهي، جنهن ۾ ان دور جي نوابن ۽ اميرن جا ڪرتوت ظاهر ٿيل هئا“.(19) پر سنڌي ادب ۾ جاسوسي ادب جي باقاعده شروعات 1910ع کان شروع ٿي، جڏهن مکي سيرومل کيئلداس سنگراڻيءَ قسطوار ناول ترجمو ڪيا. پر جاسوسي ادب جو عروج 1914ع کان باقاعده نظر اچڻ لڳو. ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون جاسوسي ادب شايع ڪرڻ لڳيون. ”هفيتوار ناول اخبار“ ، ڪراچي، مهاوار جاسوسي چڪر، شڪارپور، ماهوارا جاسوسي دنيا ڇوٽڪي گهٽي، حيدرآباد وغيره اهم هئا. هفتيوار ’ناول اخبار ‘ ، ’مسٽريز آف سنڌ‘ به شايع ڪيو هو، جيڪو ناول ڇهن ڀاڱن ۾ هو. ڏنو مل بصر مل حيدرآباد جو ھڪ مشھور ۽ آڳاٽو ڪتب فروش ھيو ھن ڪيترائي جاسوسي ناول ڇپرايا . هن ٻارن لاءِ هفتيوار ”ڪرانتي“ ۽ جاسوسي ادب لاءِ ماهوار ”پوشيده“خزانو“ ڪراچي مان جاري ڪيا. هن جي جاسوسي ناولن ۾ ”ٺڳن جو بادشاهه“ (1916ع)، ”نقاب پوش عورت“، ”شيطان خوني“، ”بدمعاشن جي پارليامينٽ“،” پردي ۾ لڪل راز“ ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. سندس باري ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ٿو ته: ”ماهوار اخبار ”پوشيده غيبي خزانو“ ، جنوري 1934ع کان وٺي مهاراج نارائڻ داس بصر مل شرما جي ايڊيٽريءَ هيٺ جاري ٿي. اخبار جو مئنيجنگ پروپرائيٽر هيمنداس ايسرداس ڀاڳناڙي ۽ مئنيجر نيڀداس ايسرداس ڀاڳناڙي هو. اخبار جي آفيس ڊينسو هال جي ڀرسان بندر روڊ ڪراچيءَ تي هوندي هئي. هيءَ ماهوار اخبار ڪي. جي. آڏواڻيءَ جي پايونيئر پرنٽنگ پريس ، حيدرآباد مان ڇپبي هئي“.(20)
1914 ع ۾ مرزا قربان علي بيگ ۽ مرزا مدد علي بيگ جو “ مسٽريز آف حيدرآباد عرف ڪامل عيار“ جي عنوان سان جاسوسي ناول ڇپرايو. ھن ڪتب فروش ٻيا به جاسوسي ناول ڇپرايا جن مان “حيرت انگيز عرف شھزادو“ ، “ طلسم حيرت “ ۽ “عقل چرخ بھادر جاسوس“ ذڪر لائق آھن. انهي ئي ڪتب فروش جنوري 1919 کان وٺي “ جاسوسي ناولس اخبار“ شروع ڪئي جيڪا نالي ۾ ته اخبار ھي پر دراصل اھو لڳ ڀڳ 32 صفحن وارو رسالو ھيو جنهن ۾ قسط وار جاسوسي ناولن کان سواءِ مضمون، خبرون ۽ لطيفه پڻ ڏنا ويندا ھئا. 1915ع ۾ ڪاڪي ڀيرومل هڪ جاسوسي ناول ”وريل ۽ نعمت“ لکيو. هن ناول لاءِ هيري ٺڪر لکيو آهي ته ”هن ۾ هڪ ديسي جاسوس وريل مل جو ڪردار خلقيو آهي. نعمت يا نعمتراءِ هن جو دوست آهي. هن قصي ۾ ڀيرومل صاحب حسيه، رومانچ ۽ انتظاري وارا عناصر خوبيءَ سان آندا آهن. هڪ خون جو معاملو پيش ڪري، ان پٺيان راز کي ٺهه پهه کوليو آهي“.(21)منو تولارام جو جاسوسي ناول ”خونخوار خنجر“ (1927ع) به ڏاڍو مشهور ٿيو. 1921ع ۾ خوشيرام موٽومل هيراننداڻي حيدرآباد مان هڪ ماهوار ”ناولس“ اخبار ڪڍي هئي، جنهن سان جاسوي ناولن کي ترقي ملي. .“ مسٽريز آف دي ڪورٽ آف لنڊن“ جھڙو جاسوسي ناول جيڪو ماستر ھاسومل پيسو مل ليلا راماڻيءَ جو ترجمو ٿيل ھيو اھو 1923 واري سال ۾ ھن “ماھوار ناول اخبار “ ۾ شايع ڪيو. مئي 1937 ۾ ڪراچي منجهان “ سنسار چڪر“ جي نالي سان رسالو شايع ٿيو جنهن جو پبلشر ھوندراءِ پھلاجراءِ ھيو. ھن رسالي ۾ انگريزي ۾ لکيل جاسوسي ناولن جو ترجمو ڏنو ويندو ھيو پر اصلي ليکڪن جو نالو ڪو نه ڏنو ويندو ھيو. جن مترجمن اھي ناول ترجمو ڪيا انهن منجهان ھاسو مل پيسو مل ناٿاڻي، ھيرانند طالب، محمد بخش سڪايل ۽ دولترام ڪلياڻي جا نالا ذڪر لائق آھن.
ماهوار ”سنسار چڪر“ جي لاءِ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ٿو ته:”1927ع ۾ بوڪ سيلر ۽ پبلشر هوندراج پهلاجراءِ اينڊ سنز طرفان ”ماهوار سنسار چڪر“، هڪ جاسوسي رسالو جاري ٿيو. هي رسالو هر مهيني جي پنجين تاريخ تي شايع ٿيندو هو. ان جو هندستانين لاءِ ششماهي چندو اڍائي روپيا ۽ ٻاهرين لاءِ ٽي رپيا هوندو هو. نئين گراهڪ کي هڪ ڊائري ۽ ٽن روپين وارو جي قيمت وارو هڪ ناول مفت ۾ ڏنو ويندو هو. ان کان سواءِ خريدارن کي هر چهين مهيني هڪ ناول مفت ڏنو ويندو هو.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته: هن ماهوار رسالي ۾ نج جاسوسي ناول پوهندا هئا، جن مان گهڻا ترجمو ٿيل هوندا هئا، مگر اڪثر ڪري ليکڪن جا نالا نه ڏنا ويندا هئا. ماستر هاسومل ناٿاڻي هن ماهوار جو مکيه ليکڪ هوندو هو“.(22)سنسار چڪر“ ۾ کوڙ سارا جاسوسي ناول شايع ٿيا انهن منجهان ڪجهه نالا ھي آهن: “ لعل چٺي“ “ موت جو تجلو“ “ ڀيانڪ وڇون“ “ خون جو پياسي“ “ خون جي تلاش“ “ سفيد ڀوت“ “ خوني اک“ “ ڀيانڪ بدمعاش“ “ ٽرين ۾ خون“ “ غئبي خون“ “ دشمن“، “ شيطان جي کوپڙي“ “ رازداري خوني“ “ شريف شيطان“ “ ڪرامتي انسان“ “ خوني تلوار“ “ قھري تلوار“ “قاتل ڏينڀو“ “ ڦاسي“ “ نقاب پوش“ “ طوفان“ “ زھري تير“ “ موتمار بجلي“ “ زھري زخم“ “ دغا“ “ خوني بدلو“ ۽ ٻيا شامل آهن.
اڳتي هلي جاسوسي ادب جي وڌيڪ ترقي ٿي. ان سلسلي ۾ محمد بخش جوهر لکيو آهي ته:”1935ع کان سنه 1946ع تائين وارو دور سنڌي ۾ جاسوسي ادب جو گهڻي کان گهڻو ترقيءَ وارو دور ليکيو وڃي ٿو. هڪڙي پاسي عام بوڪ سيلرن وڏي تعداد ۾ جاسوسي ناولن جا ترجما شايع ڪيا ٻئي پاسي مختلف نالن سان ماهوار جاسوسي ناول، اخبارون، رسالا هڪ سوء يا ان کان مٿي به صفحن تي مشتمل رائل سائيز ۾ ناول جي صورت ۾ شايع ٿينديون هيون. چٽاڀيٽي چوٽ تي چڙهيل هئي. اهي ادارا پيسا ڏئي جاسوسي ناول ترجمو ڪرائيندا هئا ۽ خريدارن جي ڪمي ڪا نه هوندي هئي. ناول هٿو هٿ وڪامي ويندا هئا“.(23)سکر ۾ هري سنگهه سنس ڪتب خاني ۽ ڇاپخاني سوين جاسوسي ناول ڇپرايا هئا. سندس ڇپايل جاسوسي ناولن جي هڪ فهرست ۾ آرسين لوپن ڊاڪو ۽ بلئڪ جاسوس جا ڪجهه ناول هيٺ ڄاڻائجن ٿا:
آرسين لوپن ڊاڪو جا ناول: (1) نوجوان جاسوس، (2) غيبي خزانو، (3) چورن مٿان مور، (4) جهاز ۾ ڊاڪو، (5)جاسوس ۽ ڊاڪو، (6) ڪرامتي نيلم، (7) ولايتي ڊاڪو، (8) شريف ڊاڪو، (9) فرينچ ڊاڪو، (10) امير ڊاڪو، (11) جنٽلمئن ڊاڪو، (12) ڪنيا جو قاتل، (13) ريشمي رومال، (14) عجيب شادي، (15) خون بيگناهه، (16) خوني ڄار، (17) عجيب خوني، (18) طلسمي دلپاڪ، (19) زهري خنجر، (20) عجيب چوري، (21) ٻهروپي ڊاڪو.
بلئڪ جاسوس جا ناول:(1) پهاڙي وڇون، (2) عجيب ڌاڙيل، (3) هئبت ناڪ ڊاڪو، (4) وچتر ڊاڪو، (5) دغاباز دولتمند، (6) خوفناڪ ليڊي، (7) انسانن جي چوري، (8) چورن جي چاچي، (9) خوني بدلو، (10) ٻيٽ جي راڻي، (11) خوني شهزادو، (12) ڊبل ڊاڪو، (13) هوائي جهاز، (14) هينري گورک ڊاڪو، (15) دل جو دوست، (16) ڏکايل راڻي، (17) طوفان محبت، (18) نازنين يورپ، (19) خوني پستول. ڄيٺمل کيئو مل بڪ سيلر، حيدرآباد جا ڇپرايل جاسوسي ناول: ڊبـل لاش، خـوني ڀـائٽيـو، معشـوق ڄـار، پستـول باز معشوق، زبردست ڊاڪو، طلسمي تهخانو، ڪاري جو يڪو (2 ڀاڱا) ، خوني ڪتو (2 ڀاڱا). ان کان علاوه شڪارپور جي پبلشر منشي پوڪرداس ٻاهران ڪجهه جاسوسي ناول ترجمو ڪري ڇپرايا.هتي ڪجهه مشهور جاسوسي اديبن جو جائزو ڏجي ٿو:
منشي خوشيرام (مرتيو 1919) ولد موٽومل هيراننداڻي لينڊ روينيو کاتي ۾ملازم هو. نوڪري کان علاوه ڪتابت ڪندو هو، 19 صدي جا ڪيترائي نثري ڪتاب هن جي هٿن سا لکيل آهن“.(24) ڪيترائي قصا ۽ ڪهاڻيون لکيائين.”1921ع ۾ خوشيرام موٽومل هيراننداڻي حيدرآباد مان هڪ ماهوار ”ناولس“ اخبار ڪڍي هئي، جيڪا جاسوي ناولن کي ترقي ڏيارڻ لاءِ مقصود هئي. هن اخبار جي ڪري سنڌي زبان ۾ ڪيترن ئي ناولن جو اضافو ٿيو“.(25) ”هن اداري نامياري انگريزناول نويس رينالڊ جي ناول جوزف ولمٽ جو ترجمو پندرهن ڀاڱن ۾ شايع ڪيو. جاسوسي ناولاخبار جو ٻيو ناول ’لوز آف دي حرم‘ هو. جنهن جو ترجمو ’برقعي ۾ سرڪو‘ جي نالي سان ڪيو ويو. اهو ناول پنجن ڀاڱن ۾ ڇپيو. هن اداري جو ترجمو ڪرايل ٽيون ناول ’ميري پرائيس‘ هو، اهو به رينالڊ جو لکيل هو.ان ناول جا اٺ ڀاڱا هئا، جنهن جي قيمت 15 رپيا رکي وئي. جاسوسي ناول اخبار جا ٻيا ترجما ڪرايل ناول: گونگو دوست، دکياري، پراسرار جاسوسي ناول، ڳروبدمعاش،بناوتي ڊبل خون، ڪلجڳي سمي جي وارتا (چار ڀاڱا)، مسٽريز آف دي ڪورٽ آف لنڊن (ڏهه ڀاڱا)، رابرٽ مڪاير (ڏهه ڀاڱا) ۽ ٻيا ڪيترائي ناول هئا. هن اداري هڪ سنڌي مصنف جو سماجي موضوع تي لکيل ناول ’مسٽريز آف سنڌ‘ به شايع ڪيو هو، جيڪو ناول ڇهن ڀاڱن ۾ هو“.(26)
واڌو مل مولچند سڀ کان اول مشهور شاعر ساميءَ جي ڇهن سؤن کان مٿي سلوڪ چوندي انهن کي ٻائيتاليهن مضمونن ۾ ورڇيو ۽ اهو ”ساميءَ جا سلوڪ“، چونڊيل واڌو مل مولچند، ڪؤڙومل سنڌي ساهتيه منڊل، حيدرآباد، 1946ع شايع ٿيو. واڌو مل مولچند ”ساڌو هيرانند جو جيون چرتر“ (1933ع) ۽ ”ديوان موتيرام شوقيرام جو جيون چرتر“ (1946ع) لکيا. سندس جاسوسي ناولن ۾ ”خـوني انـتـقـام“،”شيطان ڊاڪو“،”چڪردار چوري“،”آنرري جاسوس“ شامل آهن. دولترام ڏيئلداس موٽواڻي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ جاسوسي ناول ”رهزن ٽولي“،”هرفن مولا“، ”هئلر“،”رت جو سگنل“، ”شيطاني پڪچر“ شامل آهن. انگريزي جاسوسي ناولن جي ترجمن ۾ ٻيا به هندو ليکڪ شامل رهيا، جو هندو ڪتب فروشن ۽ ادارن، ناميارن مترجمن ۽ مصنفن کي ان ڪري ترجيح ٿي ڏني، جو انهن مترجمن جي چونڊ ٻين کان وڌيڪ بهتر هوندي هئي. مرزا قليچ بيگ، مرزا مدد علي سيرومل شاگراڻي سميت ٻيا به ڪيترائي ناول نگار هئا، جن جاسوسي ناول لکيا.
هندو مسلم جي سياسي نفاق جو ناول تي اثر
سنڌ جي مسلمانن توڙي، هندن جيڪي شروع ۾ ناول لکيا، انهن ۾ پنگتي، گهرو ماحول، سماجي مسئلا ۽ ٻيا اهم موضوع هوندا هئا. مثال طور: مرزا قليچ بيگ جو طبعزاد ناول ”زينت“ 1890ع ۾ ڇپيو. هي جو پهريون مثال آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جي ڀرپور عڪاسي ڪندي سنڌي ماحول ڏيکاريل ۽ مدي خارج رسمن جي نندا ٿيل آهي. ڀيرو مل مهرچند جو طبعزاد ناول ‘آنند سُندريڪا’ 1910ع ۾ ڇپيو. ان کانپوءِ 1917ع ۾ سندس سُک انت ناول ‘موهني ٻائي’ ڇپيو، جنهن ۾ هندو طرز زندگي ۽ سماجي مسئلا کنيا ويا هئا. 1915ع ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو ناول ‘نورجهان’ ڇپيو، جيڪو سنڌيءَ جو پهريون طبعزاد تاريخي ناول آهي. اهڙي طرح، هندو ڌرمي ناول به تمام گهڻا شايع ٿيا ته مسلم زندگيءَ بابت به ڪافي تاريخي ناول شايع ٿيندا رهيا، جن ڪو به تضاد ۽ اٽڪاءُ ڪو نه هو. پر اڳتي هلي، سياسي پارٽيون وڌنديون ويون ۽ صحافتي دنيا ڦهلجندي وئي، جنهن سان ٻنهي ڌرين ۾ هڪ اهڙو حلقو پيدا ٿي پيو، جن صدين جي صوفين جي ڌرتيءَ جي مذهبي بنيادن تي سياست ۽ نفاق پيدا ڪري وڌا، جنهن جو اثر سنڌي ناول تي به نمايا نظر آيو. هن قسم جي ناولن ۾ هيٺيان موضوع شامل هئا:
1. مذهبي عقيدن تي طنز
2. تاريخي واقعن کي وڌائي ۽ گهٽائي پيش ڪرڻ
3. مذهبي رهبرن تي ذاتي حيثيت ۾ تنقيد ڪرڻ
4. بادشاهن ۽ سپرسالارن کي گهٽ ڪري پيش ڪرڻ ۽ سندن شان کي گهٽ ڪري پيش ڪرڻ
5. هندو ڇوڪرن جي مسلمان ڇوڪري سان شادي ۽ مسلمان چوڪريءَ جي هندو ڇوڪري سان شادي
جيئن جيئن ملڪ ۾ سياسي حالات سنگين ٿيندا هئا، تيئن تيئن ، هن قسم جي ناولن جي اشاعت ۾ تيزي ايندي هئي. پر، هڪ ٽي ڌر به هئي، جيڪا هميشه اتحاد، محبت ۽ ڀائيچاري وارا ناول لکندي هئي. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ٿو ته:”1922ع تائين سنڌ جي ڌرتي، هندو مسلم نفاق سان پر ٿي چڪي هئي. غير مسلم ليکڪن طرفان مسلمانن جي مذهبي ۽ تاريخي اڳواڻن ۽ ڪردارن کي ٽوڙي موڙي پيش ڪيو ويو. مسلمان ليکن به ردعمل ۾ قلمي ڪاروائي ڪئي“.(27)ناول ۾ سڀ کان وڏو رد عمل حڪيم عبدالخالق مورائي جي ناولن ۾ آيو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر ڊاڪٽر غلام حيسن پٺاڻ لکي ٿو ته:”سنه 1923ع تائين حڪيم عبدالخالق مورائي جا ٽي ناول شايع ٿي چڪا هئا، اهي ٽئي تاريخي ناول هئا، جن جا نالا آهن: ”سندري“، چترپتي“ ۽ ”ستيءَ جي ستيا“. اهي ٽئي ناول سنڌ جي آڳاٽي تاريخ جي پسمنظر ۾ لکيل آهن، جن ۾ راجا ڏاهر ۽ راجا چچ جو دور ڏيکاريو ويو آهي. هي ناول انهيءَ وقت جي لکيل هندن جي ناولن جي جواب ۾ لکيا ويا هئا، جن ۾ هنن مسلمانن جي لاءِ سخت ڪلامي ڪئي هئي“.(28)پروفيسر صاحب سنگهه چندا سنگهه ڪراچيءَ جي ڊي.جي ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر هو. پروفيسر صاحب سنگهه، ٿامس هارڊي جي مشهور ناول The Mayor of Caster Bridge تان ”بلو کوکر“ کي سڌي طرح ترجمي ڪرڻ جي بجاءِ الٿو ڪيو. هن ناول ۾ مرڪزي ڪردار ”بلو کوکر“ جي باري ۾ مترجم ٻڌايو آهي ته ”پهرين هن وٽ هاري هو ۽ پوءِ ڪمدار ٿيو. ناول جي ڪهاڻي لفظ به لفظ انگريزي جو ترجمو آهي .”مون جڏهن هارڊيءَ جي ناول ”ميئر آف ڪاسٽربرج“ پڙهي ڏٺم ته زال جي وڪري جي ڳالهه جا ان ڪتاب ۾ ڏنل آهي، سا بلو کوکر جي زندگيءَ سان مشابهت ٿي رکي“.(29)هن ناول کي الٿو ڪرڻ دوران، مترجم ڪيترن ئي جاين تي اهڙا لفظ ۽ جملا استعمال ڪيا، جن سان مسلمانن جي دل آزاري ٿي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام حيسن پٺاڻ لکي ٿو ته: ”هن ناول جي ڪردارن کي مسلمانن جا نالا ڏيئي مصنف پنهنجي آريه سماجي ذهنيت جو مظاهرو ڪيو آهي، ۽ انهيءَ مقصد مان هندو مسلمانن جي نفاق کي ظاهر ڪيو ويو آهي“.(30)
1931ع کان 1947ع دوران، سنڌ جو سياسي شعور عروج تي پهتل هو ۽ سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي سياسي پليٽ فارمن تان سياست جو مظاهرو ڪري رهيون هيون. مسلم ليگ، ڪانگريس ۽ ٻيون ننڍيو پارٽيون پڻ پنهنجي زور ۽ شور سان ملڪي سياست ۾ موجود هيون . اهي پارٽيون ڪنهن به هڪ ايجنڊا تي ڪو نه هيون. ڪي نفرت ته ڪي محبت جو درس ڏئي رهيون هيون. ڪانگريس اکنڊ هندستان ته مسلم ليگ پاڪستان زنده آباد جي نعري تي ساست ڪري رهيون هيون، اهڙي سياسي حالتن جو سنڌي ناول تي هاڪاري اثر پيو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام حيسن پٺاڻ لکي ٿو ته: ”هن دور جا ناول ٻن موضوعن جي ڪري مقبول ٿيا. پهريون ته معاشري جي براين کي نروار ڪيائون، ان لاءِ ته معاشري جي اخلاقي اصلاح ٿئي. ٻيو موضوع هو هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ اختلاف کي وڌائڻ. اهو هڪ طرف مذهبي ته ٻئي طرف سياسي، جنهن ڪري هر ڪنهن اديب پنهنجن خيالن جو پرچار ڪيو. انهيءَ هلچل ۾ فرقيوارڻه رجحان ظاهر ٿيا ۽ ڪيترائي تاريخي ناول ادبي دنيا ۾ اچڻ لڳا. اديبن پنهنجي فرقي جي واکاڻ، بهادري ۽ شان شوڪت کي نروار ڪندي ڪيترائي غلط واقعا ۽ روايتون تاريخي ناولن ۾ شامل ڪيون “. هو وڌيڪ لکي ٿو ته: ”جيئن ته ان زماني ۾ غلاميءَ جون ڪڙيون تنگ ٿي چڪيون هيون ۽ هر ڪنهن انهن جي مصيبت کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ رٿون پئي رٿيون، تنهن ڪري هر ڪنهن اديب انهيءَ راهه ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ نفاق هڪ وڏي رڪاوٽ پيدا ڪئي هئي. انهيءَ رڪاوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ وري ٽيون موضوع ”اتحاد“ پيدا ٿيو هو“.(31)
ان دور جي سياسي هلچل ۾ ميلارام واسواڻي اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي پويان ناول لکيا ۽ ترجمو ڪيا. سندس اڪثر ترجما ، بنگالي ادب تان ٿيل هوندا هئا. هن جي ترجمن جي خاص ڳالهه اها هوندي هئي ته هن هندو سماج جي تاريخي واقعن ۽ پسمنظرن کي بنياد بڻائي ۽ وڌائي پيش ڪندو هو ۽ انهن مان ڪيترن جاين تي مسلمانن جي هيروز تي حملا ٿيل هوندا هئا. سندس ناولن جي ترجمن ۾ ”آگري جي ٻانهي“ (رميش چندر دت جي Slave Girl of Agrah جو ترجمو 1936ع)، ”ڪمل ڪماري“ (رميش چندر دت جي Slave Girl of Agrah جو ٻيو حصو 1937ع)، ”رتنا (هندي 1939ع)، سنجوتي“ (هندي 1939ع)،”سماجڪ بلوو (شرٽ چندر چئٽرجي 1941ع)، ”چندرپال“ (پريمچند 1945ع)، ”پتي ڀڳتي“ (هندي 1941ع)، ”نند ڪمار کي ڦاسي“(چندي چرن سين ١٩٤٣)، تنهن کانسواءِ ميلارام صاحب ڪيترائي پنگتي ناول ترجمو ڪيا، جي گهڻو ڪري، نئين جڳ جي هندي افساني نويسيءَ جي بانيءَ، منشي پريمچند جا لکيل هئا، جن مان مکيه هئا: ”نرملا“ (1931)، ”خوني سماج“ (1934) جو ”سيوا سدن“ تان سنڌي جيوت ۾ آندل هو،”سکدار“، ”منوراما“، ”ڪرم ڀومي“(1940)، ”مايا چار“ (1940)، ”چندر چڪور“،”هاري جيت“(1943ع)، ”سنسار ليل“ (1945ع)، ”قرباني“ (1944ع)،”شيواجي“ (1944ع)، ”رٺل راڻي“ (1945ع)، ”چندن منزل“ (1945ع)، ”رنگ مچل“ ، ”شيش محل“ (1938ع) ۽ ٻيا ترجما شامل آهن. سندس ناولن لاءِ ڊاڪٽر غلام حيسن پٺاڻ لکي ٿو ته: ”ميلارام واسواڻيءَ جا به تاريخي ناول ملن ٿا، جن ۾ هندو سورمن کي ساراهڻ لاءِ ڪيتريون ئي فرضي ڳالهيون تاريخي ناولن ۾ شامل ڪيون ۽ مسلمانن جي خلاف نفرت پيدا ڪرڻ کي ڀڙڪايو. انهيءَ جدوجهد ۾ هندن جي پنهنجن سورمن کي واکاڻيو ۽ ملسلمانن پنهنجي غازين ۽ بهادرن جي بيباڪيءَ کي عوام جي اڳيان آندو. انهيءَ چٽاڀيٽيءَ ۾ ڪيتريون ئي غلط روايتون ۽ واقعا پڙهندڙن جي ذهن تي آندا ويا“.(32)
مسلمانن طرفان، محمد عثمان ڏيپلائي انهيءَ ساڳي نفاق هيٺ تاريخي ناول لکيا. ان دور جي ڏيپلائيءَ جي ناولن ۾ گلستان حسن، حور بغداد، ڪتي جو ....، سبڪتگين ۽ جئه پال، سومناٿ جي سندري ۽ ٻيا شامل هئا. ان دور جو مشهور ترين ناول ’رنگ محل ڏاهري رنگ محل‘ هو، جيڪو ميلارام واسواڻيءَ جي ناول ’مغل رنگ محل‘ جي جواب ۾ لکيو ويو هو. هي ٻئي ناول فرقي پرستيءَ جي خدشي کي مدنظر رکي انگريز سرڪار پاران ضبط ڪيا ويا. ان ناول جي جواب ۾ محمد عثمان ڏيپلائي ”ڏاهري رنگ محل‘ لکيو. هي ٻئي ناول فرقي پرستيءَ جي خدشي کي مدنظر رکي انگريز سرڪار پاران ضبط ڪيا ويا. ڏيپلائي صاحب جو ناول ”ڪتي جو .....“ ، جنهن جو پورو سرو ”ڪتي جو پٽ“ هو، جيڪو شيواجي تي لکيل هو. اهو ناول به هندن جي انهن ڪتابن جي ردعمل ۾ لکيل هو، جيڪي مسلمانن جي اخلاق ۽ ڪردار خلاف لکيل هئا.
ٻئي طرف، اتحاد جا پيروڪار ناول نگار هئا. ان سلسلي ۾ گُلي سدارنگاڻيءَ ۽ ٻين اهڙا ناول لکيا، جن ۾ اتحاد جي ڳالهه هئي. گُلي سدارنگاڻيءَ 1941ع ۾ ناول ‘اتحاد’ ڇپيو، جنهن ۾ هندو مسلم اتحاد جي جذبي کي اجاگر ڪرڻ ۽ مذهبي متڀيد کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هي ناول ان دور جي سياسي هلچل جي پسمنظر ۾ لکيل هو، جنهن تي ڪٽر پنگتي اڳواڻن گوڙ به ڪيو. هن ناول ۾ هڪ هندو ڇوڪريءَ جي هڪ مسلمان ڇوڪري سان شادي ڏيکاريل آهي. هن ناول ۾ پهريون ڀيرو راڄنيتي، آزاديءَ بابت انقلابي خيال، بردباريءَ سان ظاهر ڪيا ويا هئا.
حوالا:
1. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (جلد ٽيون)، سنڌي لئيگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2000 ع، ص 10
2. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي: آزادي کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ اوسر اشاعتاڻو، حيدرآباد، 2009ع، ص 97-98
3. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ:”سنڌي ناول جي ارتقا“،انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1986ع، ص 194، 195
4. ساڳيو حوالو، ص 151، 152
5. امر جليل: “لهندڙ سج جي لام“ ، ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي، 2010ع، ص 15
6. آغا سليم: “سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سنڌيت”، (سنڌي ڪهاڻي، ترتيب ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي)، ڊپارٽمينٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي، 2000ع
7. مختيار احمد ملاح: ” سنڌي ناول جي تاريخ “ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2010ع، ص 49
8. منشي اڌارام ٿانور داس ۽ ساڌونولراءِ : ” راسيلاس “،سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
9. Mukhtiar Ahmed Mallah: “Educational Progress in Sindh during 19th Century” (Compilation of Reports) , - under publication
10. مختيار احمد ملاح: ”مغربي سنڌ شناس“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2013ع، ص 296
11. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي: ”سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ“، اوسر اشاعتاڻو، حيدرآباد، 2009ع، ص 76
12. ڊاڪٽر در محمد، پٺاڻ: “ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب ۾ حصو” (پي ايڇ ڊي ٿيسز” (قلمي)
13. تيجو شرما: ”نول لڪشمي“،سناتن ڌرم پتر، ...
14. جيٺانند رتني: ”هندو ڪٽنب“، 1924ع
15. غلام احمد نظامي: ”حور دمشق“
16. محمد بخش جوهر: ”سنڌي زبان ۾ جاسوسي ادب“ ماهوار نئين زندگي، اپريل 1990ع
17. انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون،: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ، حيدرآباد، 2011ع، ص 404
18. آن لائين انسائڪلو پيڊيا ، وڪيپيڊيا (اردو)
19. مختيار احمد ملاح: ” سنڌي ناول جي تاريخ “ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2010ع، ص 50، 51
20. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ڪجهه پراڻا رسالا“، گل حيات انسٽيوٽ جي ويب سائيٽ تان کنيل
21. هيرو ٺڪر:”مهر چند آڏواڻي“،فيونڪس بوڪس، حيدرآباد, 2007ع، ص 52
22. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ڪجهه پراڻا رسالا“، گل حيات انسٽيوٽ جي ويب سائيٽ تان کنيل
23. محمد بخش جوهر: ”سنڌي زبان ۾ جاسوسي ادب“ ماهوار نئين زندگي، اپريل 1990ع
24. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي:” اڻوينهن صديءَ جو جائزو“، ماهوار پيغام، ڊسمبر ، 1988ع
25. ڊاڪٽر خان محمد پنهور: ” ٻري جن جي ٻاري“،سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1995ع
26. محمد بخش جوهر: ”سنڌي زبان ۾ جاسوسي ادب“ ماهوار نئين زندگي، اپريل 1990ع
27. ڊاڪٽر در محمد پٺان :”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“، ص 147
28. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ ، ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“ ، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1986ع، ص 165، 166
29. صاحب سنگهه، پروفيسر: ”بلو کوکر“، سنڌي ادبي بورڊ (ڇاپو ڇوٿون) 1972ع، ص 2
30. پٺاڻ ، غلام حسين، ڊاڪٽر: ”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“ ، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1986ع، ص 168
31. ساڳيو حوالو، ص 175
32. ساڳيو حوالو، ص 180