ليکڪ پاران
ادب جي تاريخ ۾ ناول کي وڏي اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته ناول ئي آهي جيڪو مڪمل سماجي ۽ ملڪي حالتن کي پاڻ ۾ سمائي ٿو. اڄ به ادب جا اڪثر نوبل انعام کڻندڙ ناول نگار آهن. سنڌي ادب ۾ ان جي برعڪس ناول ڪاگهڻي ترقي نه ڪئي آهي.سنڌي ادب ۾ ناول جي صنف ڪا گهڻي ترقي ڪري نه سگهي آھي، نتيجتا سنڌي ناول تي تنقيد ۽ تحقيق به گهٽ نظر اچي ٿي. انگريزن جي دور ۾ لکيل اڪثر ناول اڄ وڏين وڏين لائبريرين ۾ به موجود نه آھن. آزاديءَ کانپوءِ وارن شايع ٿيل ناولن ۾ ڪن مشھور ناولن کانسواءِ ٻيا ناول اڻ لڀ آھن. ان صورتحال ۾ سنڌي ناول جي مختصر تاريخ لکڻ ۾ به وڏيون ڏکيائون پيش آيون. انگريزن جي دور ۾ سنڌي ناول جي شروعات ڏاڍي سٺي رهي هئي مگر آزاديءَ کان پوءِ ان جي رفتار ۽ ترقي ٿي نه سگهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌي ناول جي تاريخ تي به ڪتاب گهڻا شايع ٿي نه سگهيا آهن، البت ڪجهه ڪتاب پي-ايڇ ڊي يا ايم فل جون سندون وٺڻ لاءِ لکيا ويا آهن. ڪجهه ادب جي همدردن مقالا ۽ مضمون لکيا آهن. مطلب ته سنڌي ناول جي تاريخ تي ڀرپور ڪم ٿي نه سگهيو آهي. هتي ڪجهه ناول جي ادبي تاريخن جو مختصر جائزو ڏجي ٿو:
سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ (ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ)
ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، سنڌي ناول جي ارتقا تي پي-ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪئي. بعد ۾ سندس مقالو ڪتابي صورت ۾ به شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ مانواري محقق انگريزن جي دور تائين ناول جي ارتقا ۽ ترقيءَ جو جائزو ورتو آهي. جيتوڻيڪ هيءَ هڪ ڀرپور تاريخ آهي، مگر ڪتاب جا ٽي حصا ناول، ناولن جي قسمن ۽ ناول جي عنصرن ۾ اچي وڃن ٿا. فقط ڪتاب جو هڪ حصو سنڌي ناول جي تاريخ بابت مختص ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هر سال شايع ٿيل ناولن جون لسٽون ۽ آخر ڪن خاص ناولن جو جائزو ورتو ويو آهي. هي ڪتاب 1982ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو طرفان شايع ٿيو.
ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ناول (فيض جوڻيجو)
سنڌي ناول تي تحقيق جي سلسلي ۾ هڪ مونوگراف فيض جوڻيجي جو لکيل “ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول”، اسان جي سامهون آيو. هن ڪتاب ۾ صرف سراج، آغا سليم ۽ علي بابا جي ناولن جو تنقيدي جائزو ورتو ويو آهي. هي ڪتاب فيئر پرنٽس، ڪراچي، 1995ع ۾ شايع ٿيو.
سنڌي ناول ۾ مالهيءَ جي يگاني دين
هن ڪتاب ۾ ناليواري قلمڪار هولارام هنس، گوبند مالهيءَ جي 25 ناولن جو جائزو ورتو آهي، هن سندس ناولن کي ستن حصن ۾ ورهايو آهي: (1) سنڌي لوڪ ڪهاڻين تي ٻڌل ناول، (2) تخيلاتي (ڪالنيڪ) ناول، (3) تاريخي ناول، (4) جاسوسي ناول، (5) سماجي ناول، (6) خطن وارا ناول ۽ (7) آتم ڪهاڻيءَ جي طرز جا ناول. هي ڪتاب 1998ع ۾ پڌرو ٿيو.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر (ڊاڪٽر نور افروز خواجه)
ڊاڪٽر پٺاڻ جي موضوع کي وڌائيندي ڊاڪٽر نور افروز خواجه ورهاڱي کانپوءِ هند ۽ سنڌ جي ناولن جي اوسر بابت تاريخ لکي پي-ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ عالمي طور هلندڙ تحريڪن جو وڏو اثر رهيو آهي. هن تاريخ جي ڪتاب ۾ انهن ادبي تحريڪن کي سنڌي ناول جي حوالي سان زير بحث آندو ويو آهي. هي ڪتاب 1999ع ۾ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ٿيو. هن ڪتاب جو وڌايل ايڊيشن .... ۾ شايع ٿيو.
سنڌي ناول جي ارتقا (ڊاڪٽر چندو لعل)
ڊاڪٽر چندو لعل جيسنگاڻي خود به وڏو ناول نگار هو، تنهن سنڌي ناول جي ارتقا تي مقالو لکي پي-ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. هن ڪتاب ۾ انگريزن جي دور جي چونڊ ناولن جو موضوع ۽ ملڪي حالتن جي تناظر ۾ جائزو ورتو ويو آهي ۽ آزاديءَ کان پوءِ فقط هند جي چونڊ ناولن جو جائزو پيش ڪيو اٿائين. سندس تحقيق ۾ 80 سيڪڙو حوالا پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي ڪتابن تان کنيل آهن. هي ڪتاب ڪونج پبليڪيشن پاران 2004ع ۾ شايع ٿيو.
سنڌي ناول ڪٽهڙي ۾ (پروفيسر هيرو شيوڪاڻي)
هي ڪتاب، نالي واري نقاد پروفيسر هيرو شيوڪاڻي جي انهن تنقيدي مضمونن جو مجموعو آهي، جيڪي هن وقت به وقت مختلف ناولن ۽ ناول جي بابت لکيا هئا. هن ڪتاب ۾ گهڻو ڪري هندستاني سنڌي ناولن ۽ ناول نگارن تي تنقيد ملي ٿي. هي ڪتاب 2012ع ۾ شايع ٿيل آهي.
سنڌي ناول جي مختصر تاريخ (مختيار احمد ملاح)
هي سنڌي ناول بابت نصابي تاريخ آهي. هن تاريخ ۾ گهڻي ۾ گهڻا ناول ۽ ناول نگار متعارف ڪرايا ويا آهن. هي ڪتاب 2011ع تائين شايع ٿيل سڀني ناولن جي معلومات مهيا ڪري ٿو. ان کان علاوه سنڌ جي ناولن تي الڳ ۽ هند جي ناولن کي الڳ الڳ تاريخ وار بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ طبعزاد ناولن، ترجمو ٿيل ناولن، ٻاراڻن ناولن، عورتن جي لکيل ناولن کي الڳ باب ٺاهي پيش ڪيو ويو. ڪوشش ڪري ناولن ۾ آيل موضوع ۽ پلاٽ کي فوڪس ڪيو ويو آهي ۽ تنقيدي راءِ کان پاسو ڪيوويو آهي. مطلب ته هي ڪتاب نصابي مقصدن کان ويندي معلومات تائين وڏي اهميت رکي ٿو. هي ڪتاب ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران 2012ع ۾ شايع ٿيو آهي.
سنڌي ناول جي اوسر (ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي)
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جو هي ڪتاب 2018ع ۾ ويڻا پبليڪيشن، الهاس نگر مان شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ آزاديءَ کان اڳ جي چند ناولن ۽ پوءِ جي هندستان ۾ شايع ٿيل ڪجهه چونڊ ناولن جي تنقيدي ڪٿ ڪيل آهي.
Woman in Sindhi novel ) Rukmaṇī Sundar Cainani)
”سنڌي ناول ۾ عورت جي روپ“ جي عنوان سان هندستان ۾ پروفيسر رخمني سندر چئنراءَ پي.ايڇ.ڊي ڪئي آهي، جيڪا 1990ع ۾ شايع ٿيل آهي. هن مختصر ڪتاب ۾، مختصرنموني سنڌناول ۾ عورت جي ڪردار کي چتيو ويو آهي.
سنڌي ناول ۾عورت جي خودمختياريءَ جي تصور (حسين مسرت )
حسين مسرت شاهه، سنڌي ٻوليءَ جي نالي واري اديب ۽ سماج سڌارڪ آهي. هن سنڌي ناول ۾ عورت جي خودمختياري (The Concept of the independence in Sindhi Novel, an analytical study) جي عنوان سان پي.ايڇ.ڊي ٿيسز لکي، جيڪا اڃا شايع نه ٿي آهي. هن ٿيسز ۾ مختلف ناولن ۾ عورت جي چٽيل ڪردار جو اڀياس ڏنو ويو آهي.
سنڌي ناول جو سفر (ممتاز بخاري)
ممتاز بخاري، سنڌي ٻوليءَ جو نالي وارو ڪهاڻيڪار، ناول نگار، صحافي ۽ مترجم آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. ناول هن جي پسند جي صنف آهي. هن سنڌي ناولن جي اشاعت جي سلسلي ۾ ٿيل غلطين جي به نشاندهي ڪئي ته مغربي، روسي ، بنگالي ناولن جو سنڌي ادب تي اثر جي حساب به جائزو ورتو آهي. هيءُ ڪتاب 2020ع ۾ سنڌيڪا اڪيدمي پاران شايع ٿيل آهي.
سنڌي ۽ سرائڪي ناول نگاريءَ ۾موضوعي ۽ فني هڪجهڙايون (ڊاڪٽر منصور ٿلهو)
ڊاڪٽر منصور ٿلهو، ناميارو اديب ۽ ناول نگار آهي، سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. هيءُ ڪتاب سندس پي.ايڇ.ڊيءَ جي ٿيسز آهي، جيڪو 2021ع ۾ سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾سنڌي ۽ سرائڪي ناولن جو تقابلي جائزو ورتل آهي.
اهڙي طرح، مختلف ادبي تاريخن ۾ پڻ ناول جي صنف تي الڳ باب لکيل آهن، ان سلسلي ۾ ايم سڳن ۽ ڦتن پرسواڻيءَ جو ”سنڌي ناول جو دور“، هڪ اهم مقالو آهي، جيڪو ساهت سڳنڌ پاران 1959ع ۾ شايع ٿيو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ءَ جو ”سنڌي نثر جي تاريخ“، محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو ”چار مقالا“ ، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ پي-ايڇ ڊيءَ لاءِ لکيل ٿيسز ” آزادي کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“1982ع ۾ سنڌالاجي ڄامشورو پاران شايع ٿيو. هيءُ ڪتاب آهي. عرساڻي صاحب هن تحقيق ۾ آزاديءَ کان پوءِ واري ڪهاڻي جي تاريخ کي ادبي لاڙن سميت اهم ڪهاڻيڪارن سان گڏوگڏ سهيڙيو آهي. پر هن ڪتاب ۾ هڪ اهم باب سنڌي ناول جي باري ۾ به آهي. ٻيا به ڪيترائي ڪتاب آهن. اهڙي طرح، مختلف رسالن ۾ به ڪيترائي مضمون ۽ مقالا شايع ٿيل آهن. خاص طور تي اڪبر لغاري، ممتاز بخاري، ڪليم ٻٽ، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، ۽ ڪن ٻين مضمون ۽ آرٽيڪل لکيا آهن.
ھن ڪتاب جي باري ۾ عرض آهي ته هيءُ ڪتاب اڳ 2012ع ۾ شايع ٿيل آهي ۽ هاڻي مارڪيٽ مان غائب هو. ان ڪري ضرورت محسوس ٿي ته هن ڪتاب کي ٿورو گهڻو وڌائي ۽ اپ ڊئيٽ ڪري ٻيهر آڻجي. جيتوڻيڪ، ڪتاب جي هن ايڊيشن کي مڪمل طور تي روائيز ڪرڻ جي ضرورت هئي، پر وقت نه هجڻ ڪري اهو ممڪن ٿي نه سگهيو، پر ڪنهن حد تائين تبديليون آنديون ويون آهن.هن ايڊيشن ۾ ڪوشش ڪري، وڌ ۾ وڌ ناول ۽ ناول نگار متعارف ڪرايا ويا آھن، ڀلي انهن جا ناول اصلوڪا هجن يا ترجمو هجن. هن ڪتاب ۾، انگريزن جي دور جي ناولن جي تمام گهڻي معلومات ڏني وئي آهي، جيڪا اڳ ۾ منظر عام تي آيل نه هئي. ناول نگارن جي ناولن جو تعارف سان گڏوگو سندن حياتيءَ جي به مختصر معلومات ڏني وئي آهي. ان کان علاوه، انگريزن جي دور ۾ ناول جا جيڪي خاص موضوع ، لاڙا ۽ رجحان هئا، انهن تي مثالن سان روشني وڌي وئي آهي. گذريل ڏهن سالن کان سنڌي ناول جي لکجڻ ۾ ڪافي اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي ۽ ڪيترائي نوجوان ناول لکي رهيا آهن. افسوس ته هن ايڊيشن ۾ مان موجوده دور جي ناول تي ڪا روشني وجهي نه سگهيو آهيان. انهن ناولن تي لکڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ الڳ باب جي ضرورت آهي. پر خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي موجوده دور جي ناول تي ڪافي مواد موجود آهي.
آزادي کانپوءِ ھند ۽ سنڌ ۾ ناول جهڙي نموني مختلف فڪري رجحانن کان لکيا ويا آھن، ان حوالي سان به ھن تحقيقي ڪتاب ۾ مواد شامل ڪيو ويو آھي. ناول کي مختلف دؤرن ۾ ورھايو ويو آھي. ڪوشش اھا ڪئي وئي آھي ته ناول ۾ موجود ڪھاڻي ۽ خوبين کي نروار ڪيو وڃي. ھن ڪتاب ۾ طبعزاد ۽ ترجمو ٿيل ناولن ۽ ناول نگارن کي گڏوگڏ بيان ڪيو ويو آھي. ڇو جو ترجمو به ادبي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. جيتوڻيڪ آزادي کانپوءِ ھندستان ۾ سنڌي ناول سنڌ جي ڀيٽ ۾ گهڻو لکيو ويو آھي، پر ان جو اوترو جائزو وٺي نه سگهيو آھيان، ڇو جو ان تي ھڪ الڳ تحقيقي ڪتاب لکڻ جي ضرورت آھي. پر ان جي باوجود ڪجهه مشھور ناول نگارن ۽ سندن ناولن جو مختصر جائزو ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي. ان کان علاوه ھڪ ڳالهه سنڌي ناول جي تاريخ لکڻ دوران منھنجي سامھون آئي، اھا آھي ته کوڙ سارن اديبن سان ھٿرادو ناول منسوب ڪيا ويا آھن. ادبي تاريخدانن شاعري، مضمون ۽ افسانن جي ڪتابن کي ناول ڪري پيش ڪيو آھي ۽ ادبي تاريخن ۾ غلط روايتن کي شامل ڪيو آھي. مان ڪوشش ڪري ھن ڪتاب ۾ اھڙن ڪتابن جو ذڪر ھن ادبي تاريخ ۾ نه آندو آھي. ڪوشش ڪري ناول نگارن جو مختصر تعارف ڏنو ويو آھي، ته جيئن ناول نگاري سان گڏوگڏ سندن حياتي ۽ ادبي خدمتن جي به خبر پئجي سگهي. ان جي باوجود ڪن تي الڳ بحث ڪيو اٿم ته ڪن کي گڏيل بحث ۾ آندو اٿم.
ڪتاب جي ٻئي ايڊيشن جي اشاعت لاءِ مان سليمان وساڻ جو شڪرگذار آهيان، جنهن اڳ به منهنجي ڪتابن کي پنهنجي ويب سائيٽ تي شايع ڪيو آهي ۽ هن ڪتاب کي به عام ڪري توهان تائين پهچايو آهي، جنهن لاءِ مان سندس دل جي گهراين سان شڪرگذار آهيان.
مختيار احمد
ڪراچي