آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ناول
سنڌي ۾ گهڻا ناول نه شايع ٿيڻ جا سبب
آزاديءَ کان اڄ 2022ع تائين ، سنڌي ناول لاءِ عام طور چيو وڃي ٿو ته ناول گهٽ لکيو ويو آهي. ان جا ڪيترائي سبب آهن. ان سلسلي ۾ ولي رام ولڀ ماھوار ادب ۾ انٽرويو ڏيندي چيو ته ”سنڌ جي سنڌي ادب ۾ اھا حقيقت آھي ته ناول جي صنف ۾ ڪو اميد افزا وڌارو نه ٿيو آھي، جڏھن ته ھند جي سنڌي ادب ۾ ناولن جو چڱو تعداد نظر اچي ٿو. جڏھن ته اتان جي شھري زندگي گذاريندڙ سنڌي اديبن وٽ ناول لکڻ لاءِ گهربل فرصت سنڌ ۾ لکڻ واري اديب کان گهٽ آھي. منھنجي نظر ۾ سنڌ جو سنڌي اديب سھل پسند ھجڻ جي ڪارڻ زندگيءَ جيڏي ڦھليل ڪينواس جهڙي ناول لاءِ ايترو لنوائي ٿو ۽ ڪھاڻي پڙھڻ کان اڳ به صفحا ڳڻي ٿو ته جيئن ھو جلد پڙھي سگهي ۽ ساڳي طرح ڪھاڻي لکڻ مھل به اختصار کان ڪم وٺي ٿو“. مشھور ڪھاڻيڪار رفيق سومري، ان مسئلي لکيو هو ته: ”جڏھن سنڌي اديب ميچوئرٽي جي عمر يا حد کي ڇھن ٿا، تڏھن يا ته لکڻ ڇڏي ٿا ڏين يا وري ڏوڪڙن خاطر ڊرامي لکڻ طرف رخ ٿا ڪن. مغرب ۾ توڙي ھندستان ۾ ناول نگارن کي تمام سٺو معاوضو ملي ٿو. ھت اسان وٽ Incentive ڪونھي شيخ اياز ھڪ ڀيري انٽرويو ۾ چيو ھو ته مان حياتيءَ جي آخري حصي ۾ ناول لکڻ چاھيان ٿو پر سندس اھا خواھش پوري ڪانھ ٿي. ناولن بدران ھن آتم ڪٿا تي اڪتفا ڪيو. ارسڪن ڪالڊ ويل جو مثال ڏيان ٿو. جيڪو “God’s Little Care” جو خالق آھي. ھن سئو کن ڪھاڻيون لکي رسالن کي موڪليون پر اھي ڪٿي به ڇپجي نه سگهيون. اٺ سال ھو ائين لکندو رھيو. پورن اٺن سالن کان پوءِ سندس ھڪ ڪھاڻي ڪنھن پرڏيھي مخزن ۾ ڇپي. تڏھن ھن ڇا ڪيو جو ان وقت تائين لکيل پنھنجون سڀئي ڪھاڻيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ ان ڏينهن کان پوءِ نئين سنئين لکڻ جو آغاز ڪيائين. ھن کوڙ سارا ناول لکيا ۽نالي سان گڏ ”بيسٽ سيلر“ جو لقب به ماڻيائين. اھا جاکوڙ گهربل آھي. ناول لکڻ لاءِ منھنجي ڪٻٽ ۾ سڀ کان گهڻا ناول ۽ ناويلا ارسڪن ڪاليڊ ويل جا ئي آھن“.مشھور ڊرامانويس ۽ ناول نگار محمود مغل چيو ته ”وقت ناھي، پيٽ پالڻ ۾ ادب ڪجهه نٿو ماڻي. شڪر آھي جو ٽيلي ناٽڪ رڌڻو ھلائين ٿا، پر ايترا گهڻا ليکڪ آھن، جيڪي انھن مان لاڀ وٺي سگهن. عبدالقادر، نورالهديٰ، آغا رفيق، محمود مغل ۽ ھاڻي عزيز ڪنگراڻي، حق نواز سمون ۽ رختر رند. ھزارين ليکڪن مان اھي ڇهه ست ماڻھو ادب مان ڪمائين ٿا ته به ناول لکي نه ٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته کين وقت ناھي ۽ شايد مشاھدو به کٽي پوي ٿو“.
اسحاق سميجو پنھنجي مضمون ”سنڌ ۾ سنڌي ناول جي صورتحال“ ۾ لکي ٿو ته ”ناول به ادب جي ھڪ اھڙي ئي صنف آھي، جيڪا اسان جي روايتي نظر اندازيءَ جو ڪجهه وڌيڪ ئي شڪار ٿي آھي ۽ جيڪڏھن سنڌيءَ ۾ اڃا تائين ڪي شاھڪار ته ٺھيو، معيار جي ٻيءَ قطار ۾ بيھارڻ جهڙا ٻھ چار ناول به ناھن لکجي سگهيا، ته ان جو وڏو سبب به اھو ئي آھي. جڏھن ته ٻيو سبب اسان جي علائقي جو اھو مخصوص تخليقي مزاج آھي، جيڪو اختصار پسند ۽ ”ٿوري ۾ سڀ ڪجهه چوڻ“ ۾ يقين رکي ٿو.جيڪڏھن شاعريءَ کي ڏسجي، ته قديم صنفن ۾ ”دوھو“ ۽ جديد صنفن ۾ ”غزل“ ئي اسان جي خطي جي نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿا. جڏھن ته نثر ۾ افساني يا ڪھاڻيءَ جي شھرت ۽ اظھار جي ذريعي طور گهڻي ۾ گهڻو ڪتب اچڻ به ان جي گواھي ڏئي ٿو. اڄ جڏھن دنيا جي اڪثر وڏين ادبي ٻولين جهڙوڪ انگريزي، فرينچ، جرمن، رشين وغيره ۾ ڪھاڻي ٻئي درجي جي حيثيت اختيار ڪري چڪي آھي، تڏھن به اسان وٽ نثر ۾ وڌ ۾ وڌ ڪتاب ڪھاڻين جا ئي منظر عام تي اچي رھيا آھن ۽ ناول اڃا تائين لکندڙ توڙي پڙھندڙ وٽ اھا اھميت پيدا ڪري ناھي سگهيو، جيڪا کيس دنيا جي ٻين وڏين ٻولين جي لکندڙن ۽ پڙھندڙن وٽ حاصل آھي ۽ جيڪا جديد دور جي سڀ کان وڏي گهرج به آھي“.
ھونئن به گذريل سالن کي مثال بڻائجي ته گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان جي اڪثر ٻولين ۾ ناول جي صورتحال ڪا گهڻي بھتر نظر نٿي اچي. مختلف ٻولين ۾ ھر سال ڇپجندڙ ڪتابن ۽ ادبي رسالن جي تعداد کي آڏو رکي، اھا ڳالهه چوڻ بلڪل آسان آھي ته پاڪستان ۾ وڌ ۾ وڌ ادب اردوءَ ۽ ٻئي نمبر تي سنڌيءَ ۾ تخليق ٿئي ٿو، رڳو تعداد جي حوالي سان نھ، معيار جي حوالي سان به اھا ئي ترتيب جڙندي، جو باقي اڪثر ٻولين جهڙوڪ پنجابي، سرائڪي، پشتو، بلوچي، براھوي ۽ ھندڪو وغيره کي پنھنجي لپي به نه آھي، نه ئي انھن وٽ ڪي وڏا پبلشنگ ادارا آھن. زمانن کان پوءِ ھاڻ سرائڪي ۽ پنجابي ٻولين ۾ ڪتابن ڇپجڻ جو ھڪ دور شروع ٿيو آھي، پر اڃا انھن کي سنڌيءَ جي برابري ڪرڻ لاءِ وقت کپندو، ان ڪري ڄاڻايل اڪثر ٻولين جا اديب اردوءَ کي ئي اظھار جو ذريعو بڻائين ٿا. مادري ٻوليءَ کي ڇڏي اردوءَ ۾ لکندڙن وٽ ھڪ سبب اھو به آھي، ته اردوءَ ۾ شھرت ملڻ، ڪتاب ڇپجڻ ۽ کپڻ جا امڪان به ڪجهه وڌيڪ آھن.
آزاديءَ کان پوءِ شايع ٿيل ناولن جي لسٽ
آزاديءَ کان اڄ تائين ڪيترا ناول شايع ٿيا آهن، انهن جي مڪمل لسٽ جوڙي به ٿي سگهجي . هتي هند ۽ سنڌ ۾ شايع ٿيل ناولن هڪ اڻپوري لسٽ ڏجي ٿي، جنهن ۾ اصل ۽ ترجمو ٿيل ناول شامل آهن:
نمبر ناول جو نالو مترجم/ ليکڪ اصل ليکڪ سال
١. سونھري پرڀات ڄيٺانند رگھومل تيرٿ سڀاڻي ١٩٤٧ع
٢. ميواڙ جا موتي بلرام پي. بي. ھيراننداڻي ١٩٤٧ع
٣. ويرداس شري شرت چئٽرجي بھاري لال ڇاٻڙيا ١٩٤٧ع
٤. قسطنطينيھ جي شھزادي
- محمد عثمان ڏيپلائي ١٩٤٧ع
٥. چرتر ھيڻ شري شرت چئٽرجي ديو سڀاڻي ١٩٤٧ع
٦. باغي جوان شري ڪشوھا ڪانت ڄيٺانند ڀاونداس لعلواڻي ١٩٤٧ع
٧. سونھري پشپا تيرٿ سڀاڻي اندرا ھميراجاڻي ١٩٤٧ع
٨. ويرداس چندر سن خوبچنداڻي بھاري لال ڇاٻريا ١٩٤٧ع
٩. اورنگزيب محمد عثمان ڏيپلائي - ١٩٤٧ع
١٠. ٻھ دليون اندرا ھميرا جاڻي - ١٩٤٧ع
١١. ميونسپل ڪائونسلر ڄيٺانند لعلواڻي - ١٩٤٧ع
١٢. حسن جي ھار حڪيم ا بخش - ١٩٤٧ع
١٣. راڻي بي – جي آھوجا - ١٩٤٧ع
١٤. سمارٽ چندر گپت ارجن سامتاڻي ڀڳوان جي تولاڻي ١٩٤٨ع
١٥. سلطان ٽيپو شھيد محمد عثمان ڏيپلائي ١٩٤٨ع
١٦. غازي احمد شاهه ابدالي محمد عثمان ڏيپلائي ١٩٤٩ع
١٧. جلوه اسلام محمد عثمان ڏيپلائي - ١٩٤٩ع
١٨. مسلمان عورت محمد عثمان ڏيپلائي - ١٩٤٩ع
١٩. دکي دنيا - ميلارام منگترام واسواڻي ١٩٤٩ع
٢٠. مھاٿاڻي چند راڻي - ڄيٺانند ڀاونداس ١٩٤٩ع
٢١. شڀدا شري شرت چندر چئٽرجي مھراج ديوت ندرام شرما ١٩٤٩ع
٢٢. مينا بازار محمد عثمان ڏيپلائي - ١٩٤٩ع
٢٣. روم جي راڻي محمد عثمان ڏيپلائي - ١٩٥٠ع
٢٤. ڪومايل ڪلي تارا ميرچنداڻي - ١٩٥٠ع
٢٥. خيبر جون خوبانيون - محمد عثمان ڏيپلائي ١٩٥١ع
٢٦. سمرقند جو صوف - ايضا ١٩٥١ع
٢٧. محبت ۽ فرض محمد طبيب ابڙو - ١٩٥١ع
ماستر ڀڳوان لکاڻي 1951ع
٢٨. ناول بجلي - مولانا علي محمد مهيري ١٩٥٢ع
٢٩. شيطان جي ناني - ايضا ١٩٥٢ع
٣٠. ھاريءَ جي سجاڳي ڪرشن چندر عبدالغفور انصاري ١٩٥٢ع
٣١. زبردستي اردو ناول محمد بخش جوھر ١٩٥٢ع
٣٢. لاش غلام علي الانا - ١٩٥٢ع
٣٣. پرديسيءَ جو پيار الله بخش ٽالپر - ١٩٥٢ع
٣٤. گناهه عبد اللطيف راز بلڙائي - ١٩٥٢ع
٣٥. ڪاروان زندگي انجم ھالائي - ١٩٥٢ع
٣٦. فرعون جو معشوق عبد اللطيف بلڙائي مرزا ھمايون بيگ ١٩٥٢ع
٣٧. شرابي عبد اللطيف بلڙائي - ١٩٥٢ع
٣٨. آنسو گوبند مالهي 1952ع
٣٩. اڙٻنگ ڪماري راڻي ١٩٥٢ع
٤٠. جنسار قاضي فيض محمد ١٩٥٢ع
٤١. باغي محمد بخش جوهر ١٩٥٢ع
٤٢. جيون ساٿي گوبند مالهي 1952ع
٤٣. زندگي يا موت رام پنجواڻي ١٩٥٢ع
٤٤. زندگيءَ جي راهه تي گوبند مالهي 1952ع
٤٥. ڪامنيءَ جو ڪتاب ڪيشو مالتي 1952ع
٤٦. آواره موهن ڪلپنا 1953ع
٤٧ اگمان شري رامناڻي 1953ع
٤٨ پکيئڙا ولر کان وڇڙيا گوبند مالهي 1953ع
٤٩. ھاري قربان علي نقشبندي - ١٩٥٣ع
٥٠. شريف ڊاڪو پير بخش الھداد قريشي - ١٩٥٣ع
٥١ ڪرندڙ ديوارون سندري اتمچنداڻي 1953ع
٥٢. گلبدن راز بلڙائي - ١٩٥٤ع
٥٣. تباھي حافظ شاهه حسيني - ١٩٥٤ع
٥٤. انڌيرو اجالو موتي پرڪاش 1954ع
٥٥. اڀاڳڻ هري همٿاڻي 1954ع
٥٦. چٻون پرم ابيچنداڻي 1954ع
٥٧. چنچل نگاهون گوبند مالهي 1954ع
٥٨. چيخ داس طالب 1954ع
٥٩. لگن موهن ڪلپنا 1954ع
٦٠. زنده دل چندو لعل جئسنگهاڻي 1954ع
٦١. منهنجي شادي چندو لعل جئسنگهاڻي 1954ع
٦٢. مڄو آنند گولاڻي 1954ع
٦٣. آهي نه آهي رام پنجواڻي 1955ع
٦٤. اڃا رات باقي موهن ڪلپنا 1955ع
٦٥. آواره انور هالائي 1955ع
٦٦. گناهه جي پتلي محمد بخش جوهر 1955ع
٦٧. سوني رات هري همٿاڻي 1955ع
٦٨. آشا هري همٿاڻي 1955ع
٦٩. داغ بي داغ ڪماري 1955ع
٧٠. ساهڙي لڇمڻ ساٿي 1955ع
٥٦. لوڪ آهي ٻوڪ گوبند مالهي 1955ع
٥٧. محبت جو تياڳ ايشوري جوتواڻي 1955ع
٥٨. مداري داس طالب 1955ع
٥٩. ٻاويهه سو ٻاويهه قاضي فيض محمد - ١٩٥٦ع
٦٠. عورت موهن ڪلپنا - ١٩٥٦ع
٦١. بيوس بيوي رسول بخش خمار - ١٩٥٦ع
٦٢. ڏکڻ مان ٿو سج اڀري ڪرشن چندر سراج ١٩٥٦ع
٦٣. عورت حافظ شاهه حسيني - ١٩٥٦ع
٦٤. شانت اشانت ڊي جي آهوجا 1956ع
٦٥. گناهن جي رات ڪيرت مهرچنداڻي 1956ع
٦٦. الفت جي آڳ ايشوري جوتواڻي 1956ع
٦٧. ٻهروپي شود رمناڻي 1956ع
٦٨. نرس آنند ٽهلراماڻي 1956ع
٦٩. الفت جي آگ ايشوري جوتواڻي 1957ع
٧٠. سندري ساقي سجاولي - ١٩٥٧ع
٧١. پهاڙي چوٽيون چندو لعل جئسنگهاڻي 1957ع
٧٢. داءُ جارج آرناد ڪرشن راهي 1957ع
٧٣. جواني ديواني ڪيرت مهرچنداڻي 1957ع
٧٤. آس نراس هري همٿاڻي 1957ع
٧٥. واپس گنو سامتاڻي 1957ع
٧٦. هڪ دل هزار ارمان ڪلا پرڪاش 1957ع
٧٧. آپا آنند ٽهلراماڻي 1957ع
٧٨. بولي شيخ محمد حسن ڪنڊياري - ١٩٥٨ع
٧٩. ستونتي ديوي محمد ھاشم سومرو - ١٩٥٨ع
٨٠. ڪنوار جو آئينو عبدالڪريم تراب - ١٩٥٨ع
٨١. پروفيسر هري همٿاڻي ١٩٥٨ع
٨٢. رات ڏينهن ڪيرت مهرچنداڻي 1958ع
٨٣. خوفناڪ ڪتو - محمد بخش جوھر ١٩٥٩ع
٨٤. شرلاڪ ھومز جا جوسوس - ايضا ١٩٥٩ع
٨٥. خوني ميل - نذير حسين ڀٽي ١٩٥٩ع
٨٦. خوني پڃرو محمد بخش جوھر ١٩٥٩ع
٨٧. راتيون جاڳن جي ناصر مورائي - ١٩٥٩ع
٨٨. پتلي گڻو مل دوداڻي 1959ع
٨٩. هٺ يوگي تارا ميرچنداڻي 1959ع
٩٠. پريت ڪئي پيڙا ملي جڳديش هري 1959ع
٩١. سنڌو رام هنڱوراڻي 1959ع
٩٣. وشواس موهن ڪلپنا 1959ع
٩٤. اڏري وڃ ڙي ڪونج لڇمڻ ساٿي 1960ع
٩٥. پيار روئي ڏنو هري همٿاڻي 1960ع
٩٦. حقيقي دوست بيدار مورائي 1960ع
٩٧. شيشي جي دل ڪلا پرڪاش 1960ع
٩٨. ساڌنا جو سپنو گلي سدارنگاڻي 1960ع
٩٩. انساني کوپڙي - نذير حسين ڀٽي ١٩٦٠ع
١٠٠. گردش افلاڪ محمد طبيب ابڙو - ١٩٦٠ع
١٠١. سورج شاخون ڪڍيون محمد علي ڀٽي - ١٩٦٠ع
١٠٢. آسمان جي ھيٺ خدا بخش مغل - ١٩٦٠ع
١٠٣. حسنھ رسول بخش خمار - ١٩٦٠ع
١٠٤. دريا جي ڪپ تي گل نصر پوري - ١٩٦٠ع
١٠٥. عاشي ھينري رائڊر فضل احمد بچاڻي ١٩٦٠ع
١٠٦. مالھڻ الله بخش ٽالپر - ١٩٦٠ع
١٠٧. اديون ڏيو صلاح شوق سنڌي - ١٩٦١ع
١٠٨. ڪاليجي ڪڪي محمد بخش جوھر - ١٩٦١ع
١٠٩. چلولي محمد حافظ شاهه حسيني - ١٩٦١ع
١١٠. ڪفن چور خواجھ احسان پرويز - ١٩٦١ع
١١١. ور وطن ڄائي شعبان بخت - ١٩٦١ع
١١٢. نو قبرون احمد شاهه بچل شاهه رفيق - ١٩٦١ع
١١٣. نجمھ ماستر الهه واريو طارق صديقي - ١٩٦١ع
١١٤. امر پيار ڪرشن کٽواڻي 1961ع
١١٥. وندنا داس طالب 1961
١١٦. حسرتن جي تربت پوپٽي هيراننداڻي 1961
١١٧. عورت ۽ پيار پيري لوئي غلام نبي مغل ١٩٦٢ع
١١٨. شرلاڪ ھومز جو موت سر آرٿر ڪانندائل منظور عرساڻي ١٩٦٢ع
١١٩. بلبل بنگال - محمد ھاشم سومرو ١٩٦٢ع
١٢٠. روح جي ڳولا - گل محمد شاهه ۽ فضل احمد بچاڻي ١٩٦٢ع
١٢١. اداسيءَ جون آھون الله بخش ٽالپر - ١٩٦٢ع
١٢٢. وساريان وسرن عمر الدين بيدار - ١٩٦٢ع
١٢٣. پيار ۽ دوکو لڇمي آميشر 1962ع
١٢٤. پيار روئي ڏنو هري همٿاڻي 1962ع
١٢٥. جهرڻا پرم ابيچنداڻي 1962ع
١٢٦. ساڌنا جو خون چندو لعل جئسنگهاڻي 1962ع
١٢٧. سوري آ سينگار عبدالجبار شام - ١٩٦٣ع
١٢٨. نادره غلام علي کوکر - ١٩٦٣ع
١٢٩. دردن ماري دل وشنو ڀاٽيه ١٩٦٣ع
١٣٠. سپنو ۽ حقيقت ڪيرت مهرچنداڻي ١٩٦٣ع
١٣١. نئون گيت ڪيرت مهرچنداڻي ١٩٦٣ع
١٣٢. مجاھد نسيم حجازي منظور عرساڻي ١٩٦٤ع
١٣٣. جاڙا ضيا الله غلام علي پروفيسر مشتاق علي ١٩٦٤ع
١٣٤. روشني جي تلاش آغا سليم - ١٩٦٤ع
١٣٥. وڇڙيلن جو ميلو سيد حافظ محمد حيات شاھھ - ١٩٦٤ع
١٣٦. عصمت ڪاظم علي ڪاظمي - ١٩٦٤ع
١٣٧. چندا عرف نرتڪي لڪشمي ٽي دينائي جيوتي - ١٩٦٤ع
١٣٨. وطن جي راهه ۾ منصور ويراڳي - ١٩٦٤ع
١٤٠. زخمي دل لڇمي اميشر ١٩٦٤ع
١٤١. قسمت جا رنگ شيام جئسنگهاڻي ١٩٦٤ع
١٤٢. ننگي پنج رنگي چندو لعل جئسنگهاڻي 1964ع
١٤٣. نراس ناري سندر حشمتراءِ 1964ع
١٤٤. هڪ ڄر، ٻه ڄڀون پرم ابيچنداڻي 1964ع
١٤٥. ڀڳل کنڀڙايون خليل جبران محمد نواز محزون ١٩٦٥ع
١٤٦. سلطانھ بيگم سيد حافظ محمد حيات شاهه - ١٩٦٥ع
١٤٧. سوري جنين سيج منصور ويراڳي - ١٩٦٥ع
١٤٨. پريت جي راهه اڻانگي ڪشنچند ناگراڻي 1965ع
١٤٩. جعلي پاسپورٽ چندو لعل جئسنگهاڻي 1965ع
١٥٠. ڪنڊن ڀريون راهون ارجن سڪايل 1965ع
١٥١. ڪچا ڌاڳا شيام جئسنگهاڻي 1965ع
١٥٢. ڀومي گلاب هنڱوراڻي 1965ع
١٥٣. يوئر آنر چندولعل جئسنگهاڻي 1965ع
١٥٤. جوڳيءَ جاڳايوس بيدار مورائي 1965ع
١٥٥. هنديءَ جو حوالو گ. ل. ڏوڏيجا 1966ع
١٥٦. زوال البرٽ ڪاميو قاضي خادم ١٩٦٧ع
١٥٧. شيشي جا گھر گل ھالائي - ١٩٦٧ع
١٥٨. پيار جا سپنا سندر حشمتراءِ - ١٩٦٧ع
١٥٩. سڌريل زمانو، بگڙيل پيار سندر حشمتراءِ - ١٩٦٧ع
١٦٠. خوني ڪير گ. ل. ڏوڏيجا 1967ع
١٦١. اصلي نقلي گ. ل. ڏوڏيجا 1967ع
١٦٢. ساهيڙي لڇمڻ ساٿي 1968ع
١٦٣. هاءِ منهنجي دل لکمي کلاڻي 1968ع
١٦٤. غدار ڪرشن چندر ولي رام ولڀ ١٩٦٨ع
١٦٥. ڪوماڻو ڪنول عبدالقيوم صائب - ١٩٦٨ع
١٦٦. ھن ڌرتي تتي خدا بخش مغل - ١٩٦٨ع
١٦٧. نئين ليکڪا سندر حشمتراءِ 1969ع
١٦٨. ديوتا روئي ڏنو سندر حشمتراءِ ١٩٧٠ع
١٦٩. سورن سندو ساٿ پريم پياسي - ١٩٧٠ع
١٧٠. سونھن جي ديوي پيري لوئي قاضي خادم ١٩٧٠ع
١٧١. روشنيءَ جي تلاش آغا سليم - ١٩٧٠ع
١٧٢. پرديسي مسافر حافظ بدر الدين ابڙو - ١٩٧٠ع
١٧٣. پڙاڏو سوئي سڏ سراج ميمڻ - ١٩٧٠ع
١٧٤. زهريلا ڏنگ بيدار مورائي ١٩٧٠ع
١٧٥. هڪ شخص جي واسنا آنند کيماڻي ١٩٧٠ع
١٧٦. راڻي بيدل مسرور بدوي ١٩٧١ع
١٧٧. ڀن ڀن پن ڀون ۾ چندولعل جئسنگهاڻي 1971ع
١٧٨. لڙھندڙ نسل ماڻڪ - ١٩٧١ع
١٧٩. ڇٻل سندر حشمتراءِ 1972ع
١٨٠. هڪ سپنو سکن جو ڪلا پرڪاش 1972ع
١٨١. جي ماريا نه موت نگوين وان تروئي تنوير عباسي ١٩٧٣ع
١٨٢. پيار يان پال سارتر قاضي خادم ١٩٧٣ع
١٨٣. دشمن دليون سندر حشمتراءِ - ١٩٧٣ع
١٨٤. عبراني محمد سومار شيخ - ١٩٧٣ع
١٠١. کاھوڙي کجن ڄام ساقي - ١٩٧٣ع
١٠٢. انتظار ڪيرت مهرچنداڻي 1974ع
١٠٣. امرت امرت لکمي کلاڻي 1974ع
١٠٤. جوڙجڪ نامديو تاراچنداڻي ١٩٧٤ع
١٠٥. اڪيلي چارلس شا ڊاڪٽر عبدالجبار شام ١٩٧٤ع
١٠٦. پيار ۽ پڇتاءُ گل محمد چنا - ١٩٧٤ع
١٠٧. خزان جا موتي غلام صغران ڀٽي - ١٩٧٥ع
١٠٨. آڙاهه حليم بروھي - ١٩٧٥ع
١٠٩. نارنگي ٽريفڪ لائيٽ تي ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي 1975ع
١١٠. جواري دوستو وسڪي قاضي خادم ١٩٧٦ع
١١١. ڪارو ڪارونڀار عبدالحق عالماڻي - ١٩٧٦ع
١١٢. رڃ ۽ پڙاڏو ماڻڪ - ١٩٧٦ع
١١٣. کاهيءَ جي چوطرف شيام جئسنگهاڻي ١٩٧٧ع
١١٤. پوڙھو ۽ سمنڊ ارنيسٽ ھيمنگوي عمر ميمڻ ١٩٧٧ع
١١٥. رات جون راڻيون سندر حشمتراءِ ١٩٧٧ع
١١٦. رڃ ۽ پاڇا - ماڻڪ ١٩٧٧ع
١١٧. اڻ پورو انسان آغا سليم - ١٩٧٧ع
١١٨. ننگي لاش جو سفر عابد لغاري - ١٩٧٧ع
١١٩. پيار ۽ سپنا ڊاڪٽر قاضي خادم - ١٩٧٧ع
١٢٠. بند دروازو امرتا پريتم ولي رام ولڀ ١٩٧٨ع
١٢١. اونداھي ڌرتي روشن ھٿ آغا سليم - ١٩٧٨ع
١٢٢. سيتا ھرڻ قرت العين ولي رام ولڀ ١٩٧٨ع
١٢٣. جاسوسي جاني رميش جيوتاڻي 1978ع
١٢٤. خون کستوري جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي 1978ع
١٢٥. پريت پراڻي نه ٿئي عبدالله خان سولنگي - ١٩٧٩ع
١٢٦. يتيم جذبا اگناٿ ھرمين نظير احمد راھوجا ١٩٧٩ع
١٢٧. ان داتا ڪرشن چندر - ١٩٨٠ع
١٢٨. دل جو بندر رئورل آئيويس نصير اعجاز ١٩٨٠ع
١٢٩. ميرو ڌاڙيل طارق اشرف - ١٩٨٠ع
١٣٠. پرديسي مسافر حافظ بدر الدين ابڙو - ١٩٨٠ع
١٣١. روشني جي تلاش آغا سليم - ١٩٨٠ع
١٣٢. سپنن جو سنسار ڪلا پرڪاش - ١٩٨١ع
١٣٣. زندگيءَ جا چار ڏينھن گوپ ڪمل - ١٩٨١ع
١٣٤. درد جي خوشبو ڊاڪٽر قاضي خادم - ١٩٨١ع
١٣٥. گل جلن پيا هري همٿاڻي 1981ع
١٣٦. پيار جو آئينو وشنو ڀاٽيه 1981ع
١٣٧. سڌارٿ ھرمن ھيس فضل احمد بچاڻي ١٩٨٢ع
١٣٨. لاکو ڦلاڻي (ٻارن جو ناول) ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي - ١٩٨٢ع
١٤٠. محمد بن قاسم پروفيسر اسد الله ڀٽو - ١٩٨٢ع
١٤١. ٻير جي ڊينگهري رحمت الله ابڙو ١٩٨٢ع
١٤٢. رات جو ٻيو پهر هري همٿاڻي ١٩٨٢ع
١٤٣. تپسيا ٿئي پئي ارجن سڪايل ١٩٨٣ع
١٤٤. سکڻيون سوچون خالي ھٿ پرويز ميمڻ - ١٩٨٣ع
١٤٥. آسيھ ھينري رائڊر فضل احمد بچاڻي ١٩٨٣ع
١٤٦. چتر لکيا ڀگوتي چرن شرما رشيد ڀٽي ١٩٨٣ع
١٤٧. ڪنول الهه ڏنو ڪاڪا - ١٩٨٣ع
١٤٨. تصوير جو خون آسڪرو وائلڊ فضل احمد بچاڻي ١٩٨٣ع
١٤٩. ٿراندر ٿاڪ اي. ايم بچل شاهه - ١٩٨٤ع
١٥٠. حليمان (ٻيو ڇاپو) آسانند مامتوراءِ - ١٩٨٤ع
١٥١. رام محمد ڊيسوزا علي رضا عمر ميمڻ ١٩٨٤ع
١٥٢. بي اولاد اگناٿ ھرمين نصير اعجاز ١٩٨٤ع
١٥٣. نينگرو عشق ۽ بغاوت ڪرسٽو فر ايضا ١٩٨٤ع
١٥٤. ڌرتيءَ ماءُ چنگيز اعتماتوف زيب سنڌي ١٩٨٤ع
١٥٥. ڦاسيءَ جي ڇانو ۾ جولس فوچڪ نور خان ١٩٨٤ع
١٥٦. مس سدا بھار چنبيلي يان پال سارتر الطاف شيخ ١٩٨٤ع
١٥٧. ڪنوار مارگيٽ ارون نور محمد عباسي ١٩٨٤ع
١٥٨. انقلابي سپاھي گوبند مالھي - ١٩٨٤ع
١٥٩. رھجي ويل منظر طارق عالم ابڙو - ١٩٨٤ع
١٦٠. پيار ڪھاڻي نجم عباسي - ١٩٨٤ع
١٦١. بلنديون ايضا - ١٩٨٤ع
١٦٢. اونداھي ڌرتي روشن ھٿ آغا سليم - ١٩٨٤ع
١٦٣. بي داغ ديوتا آنند ٽهلراماڻي ١٩٨٤ع
١٦٤. اٽو لٽو ۽ اجھو ڪرشن چندر عمر ميمڻ ١٩٨٥ع
١٦٥. ھڪ اداس ڇوڪري امرتا پريتم عرفان مھدي ١٩٨٥ع
١٦٦. سون ورني ڌرتي پرل ايس نڪ عمر ميمڻ ١٩٨٥ع
١٦٧. مان زندهه رھندس ڪرشن چندر نظام عباسي سندر چانڊيو ١٩٨٥ع
١٦٨. اڻ پورو انسان آغا سليم - ١٩٨٥ع
١٦٩. ھمھ اوست ايضا - ١٩٨٥ع
١٧٠. وفا جا موتي رستم علي سولنگي - ١٩٨٥ع
١٧١. اگني چندو لعل جئسنگهاڻي ١٩٨٥ع
١٧٢. شمشان گهاٽ وٽان لنگهندي موهن ڪلپنا ١٩٨٥ع
١٧٣. ڪوٺ ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي ١٩٨٥ع
١٧٤. ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ ريٽا شهاڻي ١٩٨٥ع
١٧٥. موھن جو دڙو علي بابا ١٩٨٥ع
١٧٦. رويو وهامي راتڙي نديم قاضي 1986ع
١٧٧. ڪورو دستاويز علي نواز تنيو 1986ع
١٧٨. اجهو هري موٽواڻي 1986ع
١٧٩. هٿ ريکائن کان خالي محمود مغل 1986ع
١٨٠. اندر ۾ ابليس ڪاظم علي ڪاظم 1987ع
١٨١. سج کان چنڊ تائين ريٽا شهاڻي 1987ع
١٨٢. تلاش نجم عباسي 1987ع
١٨٣. ڌرتيءَ جي جنگ قبول ابڙو 1987ع
١٨٤. نيروليءَ جو ڪن ملڪ آگاڻي 1987ع
١٠١. ائين به پرم ابيچنداڻي 1988ع
١٠٢. سورج جي پهرين ڪرن ارا ميرچنداڻي 1988ع
١٠٣. اَبـو هري موٽواڻي 1988ع
١٠٤. منهنجي دنيا هيڪل وياڪل سراج ميمڻ 1988ع
١٠٥. وقت، وٿيون ۽ وڇوٽيون ڪلا پرڪاش 1988ع
١٠٦. زلزلو نجم عباسي 1988ع
١٠٧. ماسترياڻي نجم عباسي 1988ع
١٠٨. تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول سراج ميمڻ 1989ع
١٠٩. درد نه ڄاڻي ڪو محمود يوسفاڻي 1989ع
١١٠. آسمان جي هيٺ خدا بخش مغل 1990ع
١١١. فراق عنايت حسين رند 1990ع
١١٢. منهنجي دنيا مرگهه ترشنا سراج ميمڻ 1990ع
١١٣. اڻ ڄاڻ قاضي فيض محمد 1991ع
١١٤. جنم قيدي يوسف بلوچ 1991ع
١١٥. پرهه جا پياڪ ريٽا شهاڻي 1991ع
١١٦. سنڌ جي زينت نرجن دوداڻي 1991ع
١١٧. ماضيءَ جو ڏنگ هري همٿاڻي 1991ع
١١٨. پيار جو آئينو وشنو ڀاٽيا 1991ع
١١٩. پراوا ڪڪر پنهنجو مينهن رحمت الله ابڙو 1992ع
١٢٠. ساهه مٺ ۾ ماڻڪ 1992ع
١٢١. سيما هري همٿاڻي 1992ع
١٢٢. لهرن جي گونج تارا ميرچنداڻي 1992ع
١٢٣. خوفناڪ سازش ذوالفقار قادري 1993ع
١٢٤. پَر ڪٽيل پکي عنايت حسين رند 1993ع
١٢٥. ساڀيائن کان رٺل سپنا الطاف ملڪاڻي 1993ع
١٢٦. سنڌ باد جو سفر علي بابا 1993ع
١٢٧. ٻالڪ فورس ۽ ڀوت بنگلو طارق قريشي 1993ع
١٢٨. ٽڪنڊو قبول ابڙو 1993ع
١٢٩. ڏکن سکن جي سونهن (ناولٽ) گل ڪونڌر 1993ع
١٣٠. اوڙاهه غلام نبي مغل 1994ع
١٣١. پياسي ڌرتي رمندا بادل (ٽريالاجي) سراج ميمڻ 1994ع
١٣٢. ڪاري رات اڇو ڏينهن حسين بخش لغاري 1994ع
١٣٣. نيٺ گونگي ڳالھايو امر جليل 1994ع
١٣٤. هڪ ڪانئر جو موت امير ابڙو 1995ع
١٣٥. قيدي غلام نبي مغل ١٩٩٥ع
١٣٦. دونهاٽيل راتيون ۽ رولاڪ غلام نبي مغل ١٩٩٦ع
١٣٧. خواب خوشبو ڇوڪري ماھتاب محبوب ١٩٩٦ع
١٣٨. شهر جي ڳالهه اڪبر سومرو 1996ع
١٤٠. عشق ليو ٽالسٽاءِ مصطفيٰ نانگراج 1996ع
١٤١. ٻاهر نڪرڻ جو رستو هري موٽواڻي 1996ع
١٤٢. جيون پياسو سمنڊ غلام نبي گل 1997ع
١٤٣. کن پل جو ڇانورو (ناوليٽ) ممتاز بخاري 1997ع
١٤٤. آڪاش کان اڳتي محمد انور بلوچ 1998ع
١٤٥. بک نٽ همسن يوسف سنڌي ١٩٩٨ع
١٤٦. چاهتن جي ٽه واٽي تي’ ۽ ‘آءِ لو يو’ (ٻه جاڙا ناول) بيدل مسرور بدوي 1999ع
١٤٧. پيار پناھون ڇانورا ماھتاب محبوب ١٩٩٩ع
١٤٨. مون کي ساهه کڻڻ ڏيو غلام نبي مغل ١٩٩٩ع
١٤٩. پکن جي پريت ڪلا پرڪاش ١٩٩٩ع
١٥٠. خالي بينچ اسحاق انصاري
١٥١. باک ڦٽي جو سوجهرو محمد انور بلوچ 2000ع
١٥٢. جيون اجاڙ رستا مظهر ابڙو 2000ع
١٥٣. خالي بئنچ اسحاق انصاري 2000ع
١٥٤. پوئين پھر جا پانڌيئڙا قرة العين حيدر ولي رام ولڀ 2000ع
١٥٥. سڌارٿ هرمان هيسي منير احمد سولنگي 2000ع
١٥٦. اڪيلائي جا ھڪ سؤ سال گارشيا مارڪئيز مراد علي مراز 2000ع
١٥٧. گونگي گگن سان گفتگو ريٽا شهاڻي 2001ع
١٥٨. تون خواب آھين پرويز ابڙو 2001ع
١٥٩. نيريون اکيون سرمئي خواب پرويز ابڙو 2001ع
١٦٠. نه راهون ساڻ هلنديون هن غلام نبي گل 2001ع
١٦١. ياد ۽ سڪون (ناوليٽ) ڊاڪٽر محبت ٻرڙو 2001ع
١٦٢. اڪيلائي جا ھڪ سؤ سال مراد علي مرزا ٢٠٠١ع
١٦٣. پاڻ هرتڙيون مايون گوبند خوشحالاڻي 2002ع
١٦٤. رولو نوشاد 2002ع
١٦٥. ڪاوا ڪاوا خواب امتياز سومرو 2002ع
١٦٦. جوڳي غلام نبي گل 2003ع
١٦٧. مون کي هوائن ۾ ڳولجان طارق خشڪ 2003ع
١٦٨. وارڊ نمبر تيرهن نوشاد 2003ع
١٦٩. رشتن جو ڌنڌ آنند کيماڻي 2003ع
١٧٠. اڻ لتاڙيل پيچرا آنند کيماڻي 2003ع
١٧١. هڪ دفعو وري گوبند خوشحالاڻي 2003ع
١٧٢. ڀنگار هري موٽواڻي 2004ع
١٧٣. آرسي ۽ پيار ڪلا پرڪاش 2004ع
١٧٤. سمنڊ ڪنارو ڪلا پرڪاش 2004ع
١٧٥. مون کي ساهه کڻڻ ڏيو غلام نبي مغل 2004ع
١٧٦. اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ اشتياق انصاري 2004ع
١٧٧. ترڪڻا ترورا ريٽا شهاڻي 2004ع
١٧٨. گلستان غليظ ٿي رهيو آهي گوبند خوشحالاڻي 2004ع
١٧٩. ازابيل ڊاڪٽر هدايت پريم 2005ع
١٨٠. اڪيلا ناهيون موسى منظور 2005ع
١٨١. پنهنجي ڌرتي پنهنجا ساهه (ٻارن لاءِ ناول) اختر جانوري 2005ع
١٨٢. پٿرن جو شهر زاهد گوتم 2005ع
١٨٣. جيون ليکا منصور ٿلهو 2005ع
١٨٤. سپنو ساڀيان ساڻ شبانه سنڌي 2005ع
185 سج اڀرڻ کانپوءِ (ٻارن لاءِ ناول) خالد آزاد 2005ع
186 سج جا پاڇا ملڪ آگاڻي 2005ع
187 موکي امر لغاري 2005ع
188 يونيورسٽي ۾ گم ٿي ويل خواب عبدالرافع شيخ 2005ع
189 ڪرامازوف ڀائر دوستو وسڪي احسان بدوي 2005ع
190 اڏوهي اخلاق انصاري 2006ع
191 جيون ليکا منصور ٿلهو 2006ع
192 پيار ۾ اهم ڪهڙو گوبند خوشحالاڻي 2006ع
193 باک ڦٽيءَ جو سوجهرو انور بلوچ 2006ع
194 دوزخ مان دري انور بلوچ 2006ع
195 رڃ ج.ع منگهاڻي 2006ع
196 لڙڪن آجا نيڻ علي محمد پرويز 2006ع
197 منهنجي چاهتن جي منزل ڪزبانو سنڌو 2006ع
198 نه ته ڇا الينا لالواڻي 2006ع
199 ٽٽل شيشو غلام نبي گل 2006ع
200 پرديسيءَ جو پيار اوليور گولڊ سمٿ احمد محمود ميمڻ 2006ع
201 اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط اوريانا فلاسي فياض لطيف 2006ع
202 زندگي ڀوڳ منصور ٿلهو 2007ع
203 درد جي آرپار مظهر ابڙو 2007ع
204 سحر سليم چنا 2007ع
205 هائوسنگ سوسائٽي قرت العين حيدر منصور ٻرڙو 2007ع
206 برسات سليم چنا 2008ع
207 تو ڇو پيار ڪيو يوسف سنڌي 2008ع
208 جڏهن ٽڙندا ڳاڙها گل شگفته شاهه 2008ع
209 زندگيءَ جو سفر، تون ۽ مان ضراب حيدر 2008ع
210 سامي سڄ وڙاءُ مراد علي مرزا 2008ع
211 ڪويڄن ڪٺي آهيان احمد علي صابر چانڊيو 2008ع
212 مٽي ۽ مهاڻا منصور ٿلهو 2008ع
213 واويلا وڻڪار غلام نبي مغل 2008ع
214 وکريل ماڻهو فاروق سولنگي 2008ع
215 ڀٽڪي ويل سپنا عزيز ڀنڀرو 2008ع
216 خوابن ۽ خيالن ۾ گم ٿيل ماڻهو سليم چنا 2009ع
217 کيت خواب جهڙا سليم چنا 2009ع
218 مٽي ۽ مهاڻا منصور ٿلهو 2009ع
219 اڪٿ ڪهاڻي ڪبير ريٽا شهاڻي 2009ع
220 لفظن جي خواهش حيدر دريا زئور 2009ع
221 نٽهڻ ڇانو الينا لالواڻي 2009ع
222 بي زبان زبان ريٽا شهاڻي 2010ع
223 ڪارونڀار نور زئور 2010ع
224 ڪيف ڌاران ڪوءِ منير چانڊيو 2010ع
225 اوکا پنڌ پيار جا ڪلا پرڪاش 2010ع
226 پنهنجي گهر ۾ اجنبي قبول ابڙو 2010ع
227 تو پڄاڻان منير چانڊيو 2011ع
228 سيتا زينب زيب سنڌي 2011ع
229 فاتح مرڪ جاويد سومرو 2011ع
230 کاٻي اک جو خواب منور سراج 2011ع
231 هڪڙي هئي نمي ۽ سفر جون چاهتون (ناوليٽ) شبانه سنڌي 2011ع
232 انساني تماشا رفيق سومرو 2011ع
233 اوڻويهه عورتون رسول ميمڻ 2012ع
234 رشتن جي آزادي حيدر دريا 2012ع
235 هئا اڳهين گڏ حسيب ڪانهيو 2012ع
236 همھ منصور هزار غلام نبي مغل 2012ع
237 ڳولا رحمت الله ماڄوٽي 2012ع
238 ڪيمياگر پائلو ڪوئلهو احرار يوسف 2012ع
239 معصوم محبت جي ڪٿا فيضان سهرياڻي 2013ع
240 قالو بليٰ رسول ميمڻ 2013ع
241 ڪلاس فور جي محبوبا ممتاز بخاري 2013ع
242 مصافتون ياد جون (ڪوتا ناول) محمد علي پٺاڻ 2013ع
243 يار حيدر دريا 2013ع
244 سنگنيچر حسيب ڪانهيو 2013ع
245 نجومي رسول ميمڻ 2013ع
246 ايلشبا محمد انور بلوچ 2014ع
247 اُساٽ هري همٿاڻي 2014ع
248 ٻه ننڍڙا ناول موتي لال جوتواڻي 2014ع
249 گذري ويئي برسات منظور ٿهيم 2014ع
250 آزاديءَ جي اپٽار ڪليم ٻٽ 2014ع
251 محبتن جا ٻه ناوليٽ (سرءُ ۽ هٿ ريکائن کان خالي) محمود مغل 2015ع
252 ڪو جو ڪهرڪلاچ ۾ زاهد راڄپر 2015ع
253 موکي امر لغاري 2015ع
254 ڳالهيون ڳوٺ جون عبدالغني شر 2015ع
255 مهذب وحشي نور جوڻيجو 2015ع
256 سعي مهراڻ ايوب 2015ع
257 ڌاهر ڪليم ٻٽ 2015ع
258 عڪرا مان مليل مسودو پائلو ڪوئلهو فهميم اختر ميمڻ 2015ع
259 هينڙو ٻه اڌ ناشاد رحم علي 2016ع
260 مکي کان موڪلاڻي شبنم گل 2016ع
261 اُجهاميو ٻران ظفر جوڻيجو 2016ع
262 وڃايل واٽ ايوب کوسو 2016ع
263 چنڊ جهڙي ڪينجهر رشيده رشيد 2016ع
264 بي خوف هوائون اعجاز سمون 2016ع
265 اڻ سڃاتل انور شيخ 2016ع
266 پيار درياهه اشتياق انصاري 2016ع
267 زيب النساءِ محمود مغل 2016ع
268 عشق لامحدود ذاهده تاج ابڙو 2016ع
269 ناٿ ڏنائون نانهه ۾ رشيد ڀٽي 2016ع
270 جانورن جو واڙو جارج آرويل اياز ڀٽو 2016ع
271 ڪيمانگر پائلو ڪوئلهو فهميم اختر ميمڻ 2016ع
272 ڀٽائيءَ جو عشق هوش محمد ڀٽائي 2017ع
273 مري ٿيا نه مات ڪليم ٻٽ 2017ع
274 ري اسٽور ٿيل ماڻهو ناشاد رحم علي 2017ع
275 محبت جي تناهي دليپ دوشي لوهاڻي 2017ع
276 هڪ مهمان ڇوڪري انور ابڙو 2017ع
277 پنهون منظور ٿهيم 2017ع
278 سندرتا ۽ ڪروڌ منظور ٿهيم 2017
279 کماچ اڪبر سومرو 2017ع
280 وطن جو وساريو ڪليم ٻٽ 2017ع
281 لال لهو جي سرگم تي سجاد اختر ٽالپر 2017ع
282 اڌ ماڻهو سڄو سچ مشتاق سعيد 2017ع
283 وري وري وڃايل ناشاد رحم علي 2017ع
284 اسٽيل جا پنج گلاس رسول ميمڻ 2017ع
285 ماڻهو هڪ جهنگل آ علي صفدر 2017ع
286 بري هن ڀنڀور ۾ منير چانڊيو 2017ع
287 دنيا دم دريا دادلو ناصر زهراڻي 2017ع
288 ٽي ناوليٽ (دل جي پٺيان، رت ۽ پونءِ ۽ وهانءُ) روشن علي تنيو 2017ع
289 ڪامريڊ جاويد سومرو 2017ع
290 رشتن جو درد صنم ڪاظمي 2017ع
291 ڪجهه نه ٿيڻ جو حادثو نسيم پارس گاد 2017ع
292 بي انت خوشيِءَ جي مملڪت ارون ڌتي راءِ ڊاڪٽر پارس نواز گهانگهرو 2017ع
293 کجين جي ديس جا ماڻهو ابراهيم کرل 2018ع
294 تنهنجو انتظار ڪرڻو آ ممتاز بخاري 2018ع
295 عشق اونداهو سج عاشق بلوچ 2018ع
296 وڍيو هوئين ته ويهه عزيز ڪيجهراڻي 2018ع
297 دهشتگرد ذاهد راڄپر 2018ع
298 عشق تمام بره تمام سحر گل ڀٽي 2018ع
299 ڪرشيا شهر جو قصو ڪليم ٻٽ 2018ع
300 واڄٽ وڄي وجود ۾ نور راهوجو 2018ع
301 ڪراچي ڏانهن واپسي دودو چانڊيو 2018ع
302 مري جي ڏٺوسين ايوب کوسو 2018ع
303 طوائف سليم جمالي 2018ع
304 پوڙهو ۽ سمنڊ ارنيسٽ هيمنگوري رشيدالله ظهراڻي 2018ع
305 ظاهر پائلو ڪوئهلو اياز ڀٽي 2018ع
306 موت جي منهن ۾ ڊينئل ڊيفو طفيل مگسي 2018ع
307 رشتن جي خانابدوشي ابراهيم کرل 2019ع
308 زيرو پوائنٽ منور سراج 2019ع
309 دوزخ ايوب عمراڻي 2019ع
310 بختاور مکي جي منظور ملاح 2019ع
311 اک ڇنڀ رسول ميمڻ 2019ع
312 محبت رنگين پلصراط زاهدا تاج ابڙو 2019ع
313 سوغات جهان آرا سومرو 2019ع
314 عشق کان اڳتي اصغر شر 2019ع
315 محبت جي زنجير دريا خان شنباڻي 2019ع
316 اڌوري عشق جو الميو دليپ دوشي لوهاڻو 2019ع
317 تون ڪميڻو ڇو ناهين نذير سومرو 2019ع
318 عشق ابليس فياض نانگراج 2019ع
319 اکيون اڀ ۾ پير پنڌ ۾ پرويز 2019ع
320 ڏکويل انسان وڪٽر هيوگو ايس ايم ابراهيم 2019ع
321 اجنبي البير ڪاميو قربان چنا 2019ع
322 تاراس بلبا نڪولائي گوگول افضل شر 2019ع
323 نيل نديءَ تي رولاڪي نجيب محفوظ اياز ڀٽو 2019ع
324 اي پيار توکي الوداع ارنيسٽ هيمنگوي رشيدالله ظهراڻي 2019ع
325 پروفيسر موري ۽ مان مچ البوم قربان چنا 2019ع
326 گورڪ اڪرم قمبراڻي 2020ع
327 ماءُ ميڪسم گورڪي حسين بادشاهه 2020ع
328 طريقت جو سج منظور ڪوهيار 2020ع
329 جرڪندڙ جسم اداس راتيون ابراهيم کرل 2020ع
330 ميرن جو مقام روشن علي تنيون 2020ع
331 وجود ذلفي ذنئور 2020ع
332 داستان ڪربلا عصمت چغتائي منور ٻٽ 2020ع
333 چچريل لاش احمد شاڪر 2021ع
334 ڪووڊ 19 اختر حفيظ 2021ع
335 يوٿوپيا ڪليم ٻٽ 2021ع
336 منهنجي جان ڪوڪو نور راهوجو 2021ع
337 عيوض ۾ عذرا آغا رفيق احمد وقار 2021ع
338 وڃايل چاهت امر ثناءَ 2021ع
339 سنڌ پرينءَ سان در محمد ٻرڙو 2021ع
340 مينهان ۽ نيهان (ٽي ناوليٽ) جهان آرا سومرو 2021ع
341 مري ويل ماڻهوءَ ڏانهن خط مشتاق سعيد 2021ع
342 آراڌني زبيده برواڻي 2021ع
343 ڌاڙيل يا درويش پرويز 2021ع
344 ڪامريڊ زلفي زنئور 2021ع
345 آگم پريت امداد ڪانهيو 2021ع
346 جيئڻو ٿو پوي پروفيسر محمد صديق انڙ 2021ع
347 آخري اسٽيشن رزاق سهتو 2021ع
348 ڪتا رسول ميمڻ 2021ع
349 نئون ماڻهو حيدر دريا 2021ع
350 تو بن اداس من ايس نرگس حق 2021ع
351 هُون تو هيڪلي بانو محبوب جوکيو 2021ع
352 رجيم انور ڪليم 2021ع
353 الف اياز ڀٽو پائلو ڪوئهلو 2022ع
354 اندر جو اوٻر اياز ڀٽو دوستو وسڪي 2022ع
355 ريگل چوڪ ڪليم ٻٽ 2022ع
356 ڪهڪشان کان اڳتي عبدالرافع شيخ 2022ع
357 ڀٽڪيل ماڻهو امر ثنا 2022ع
358 آئون ۽ مان آفتاب راھمون 2022ع
359 مس ڪال عبدالواحد سومرو 2022ع
قسطوار شايع ٿيل ناولن جو جائزو:
سنڌي اديبن جي وڏي بدقسمتي اھا آھي ته ادارن جي سر پرستي نه ھئڻ سبب ڪيترائي ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ ئي گم ٿي ويا. خاص طور تي ناول اھڙي روش جو شڪار ٿيا آھن. ان کان علاوه ڪيترن ئي اديبن جا ناول ڪتابي صورت جي بجاءِ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ قسطوار شايع ٿيا آھن، جيڪي اڄ تائين ڪتابي صورت ۾ اچي نه سگهيا آھن. ان سلسلي ۾ گرداس واڌواڻي مشھور فرانسسي اديب والٽيئر جي ٻن ناولن ”مئيلرو ميٿس“ ۽ ”ھورن“ سنڌي ۾ ترجمو ڪري ھلال پاڪستان جي ادبي ايڊيشن ۾ شايع ڪرايا. شير مھراڻي ڊاڪٽر ڪسم انسل جي ناول جو ترجمو ”تاپسي“ جي عنوان سان ”سوجهرو“ ۾ شايع ڪرايو. انور ڪليم جا به ڪجهه ناول قسطوار مختلف رسالن ۾ شايع ٿيا آھن. ڊاڪٽر رميش لعل نامياري آمريڪي ناول نگار جان ميٽين بيگ جي ناول جو ترجمو ”ڌرتي تي چنڊ“ ھلال پاڪستان ۾ شايع ڪرايو. سليم چني جا ”خوابن ۽ خيالن ۾ گم ٿيل ماڻھو“ (ماھوار سنڌ رنگ ڊائجسٽ، نومبر- ڊسمبر، 1997ع)، برسات (ماھوار سنڌ رنگ ڊائجسٽ، نومبر- ڊسمبر، 1998ع) ۽ کيت خواب جهڙا (ماھوار سنڌ رنگ ڊائجسٽ، نومبر- ڊسمبر، 1999ع) اھڙي طرح ضياءَ شاهه جو ناوليٽ ”اساٽ“ (ٽماھي سارنگا-2؛ 2008ع) وغيره. ھنن ۾ ضياءِ شاهه جو ناوليٽ جائزي وٺڻ جي قابل آھي. سندس ناوليٽ طارق عالم ابڙي جي ناول ”رھجي ويل منظر“ ۽ محمود مغل جي ”ھٿ ريکائن کان خالي“ وانگر يونيورسٽي لائيف جي عام ۽ سادي سودي ڪھاڻيءَ جي چوگرد ڦري ٿو، تڏھن به پنھنجيءَ پيشڪش ۾ ڪافي متاثر ڪندا آھن. خاص طور يونيورسٽيءَ جي ماحول، ڪردارن، ڪلچر، سياست ۽ نوجوانن جي ھڪ ٻئي ڏانھن روين کي ڪافي وڻندڙ انداز ۾ واضح ڪيو ويو آھي.
ھن ناولن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ناول ورھاڱي کان پوءِ لکجي چڪا آھن. رسالن ۾ شايع ٿيل ناول اگر ڪتابي صورت ۾ اچن ته جيڪر چڱو خاصو اضافو ٿي پوي. مطلب ته طبعزاد ناولن جو ھڪ وڏو انگ لکيو ويو آھي، جن ۾ڪچايون ۽ پڪايون به آھن. ڪيترائي ناول نگار پنھنجا ناول لکيو گهرن ۾ سانڊيون ويٺا آھن، مالي حالتن جي ڪري شايع ڪرائي نٿا سگهن. ڪن ادارن جي ضرورت آھي، جيڪي ناول جي کوٽ ختم ڪرائي ۽ سڀئي ناول شايع ڪرائي سگهن. سنڌي زبان ۾ جيڪي شاھڪار طبعزاد ناول لکيا ويا آھن، انھن کي انگريزي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ شايع ڪرائڻ جي به ضرورت آھي.
مددي ڪتاب ۽ رسالا
1. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ: ورھاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جو مختصر جائزو: ششمائي ادب ١٩٨٦
2. ولي رام ولڀ نمبر: ماھوار ادب سيپٽمبر ٢٠٠٤ع
3. رفيق سومرو نمبر: ماھوار ادب مئي ٢٠٠٤ع
4. محمود مغل نمبر : ماھوار ادب اپريل ٢٠٠٢ع
5. اسحاق سميجو: سنڌ ۾ سنڌي ناول جي صورتحال ماھوار پرک: جنوري ٢٠١٠
6. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب تي هڪ نظر“ ، مڪتبه فريدي، اردو بازار ڪراچي، 2021ع