لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ناول جي مختصرتاريخ

ھن ڪتاب ۾ مختيار ملاح ناول جي جدا جدا جزن، ناول جي اوسر، سنڌي ناول جي تاريخ، ناول جي رجحانن، ورھاڱي کان اڳ ۽ ورھاڱي کانپوءِ سنڌ ۽ ھند ۾ لکيل ناولن جو سرسري جائزو ڏنو آھي. 

Title Cover of book سنڌي ناول جي مختصرتاريخ

سنڌي ناول جا اوائلي اھڃاڻ ۽ قصه نويسي

ھر ٻوليءَ جي ادب ۾ ناول جي ارتقا داستان مان ئي ٿي آھي. سنڌي ناول جو به سفر داستان ۽ قصي کان شروع ٿيو آھي. قصا قديم دور کان ھر ٻولي ۾ رائج ھوندا آھن. سندن مقصد اخلاقيات جي تبليغ ۽ بھادرن جا ڪارناما ۽ عشقيھ داستان ھوندا آھن. قصو نثر ۾ به لکي سگهجي ٿو ته نظم ۾ بھ. قصن ۾ انسان پنھنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ بادشاھن، وزيرن، جنن، ديون ۽ پرين جا ڪردار ٺاھيا، قصن داستانن ۾ اصلاحي پھلو به سمايل ھوندو آھي. انسان اذلي جنگ: برائي ۽ ڀلائي جي سلسلي ۾ ھڪ ڪمزور انسان طاقتور جنن ڀوتن، ڏائڻن کي شڪست ڏئي ٿو. شھزادا، بادشاهه ڀلائي جي علامت ھوندا آھن ۽ ديو، ڏائڻيون وغيرھ برائي جون. داستان جو ھيرو ڪنھن اڻ ڏٺل محبوب شيءِ جي تلاش ۾ نڪري پوي ٿو ۽ وڏيون مصيبتون ڪشالا ڪڍي ٿو. پر سندس ارادا مضبوط آھن. نيٺ ھو ڪامياب ٿئي ٿو. جڏھن ته ناول ۾ ڪرداري نگاري ھميشھ اصل ۽ عام زندگيءَ مان ھوندي آھي. قصي جو پلاٽ ناول وانگر منظم ھئڻ بدران پيچجده ۽ منجهيل ھوندو آھي. ليڪن ان پيچيدگي ۾ به دلڪشي ھوندي آھي. ٻئي طرف قصي ۾ ماحول اجنبي ھوندو آھي.قصن ۾ نمودار ٿيندڙ واقعا ھميشھ غير فطري ھوندا آھن
سنڌ ۾ داستان گوئي (ڳالهه کڻڻ) واري روايتون لڳ ڀڳ 1200-1300ع ڌاري سمنگ چارڻ ۽ ڀاڱو ڀان جي چيل ڳاھن کان ملن ٿيون. ٻين لفظن ۾ سنڌ ۾ داستان رچڻ جي روايت تيرھين صدي عيسوي کان به اڳ جي آھي. يعني ان جي عمر لڳ ڀڳ ھزار سال آھي. داستان گوئي جي ابتدائي شڪل نظم واري ھئي. سنڌي داستانن بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ”ڪھاڻيون آڳاٽي دور ۾ اسريون ۽ ڪافي آڳاٽي دور کان رائج ٿيون. اول جن به شخصيتن تي جيڪي ٿي گذريو سو انھن پنھنجي ساٿين سان بيان ڪيو، پوءِ سورمن جا ڪارناما وڏن ننڍن کي ٻڌايا ۽ انھن پنھنجي اولاد کي سڻايا، جيئن وقت وچان پوندو ويو تيئن حقيقتن تي حڪايتن جو رنگ چڙھندو ويو. تان جو حقيقي ڪشالا، ڪارناما، قصا ۽ ڪھاڻيون بڻجي ويا. سنڌي داستان گهڻو ڪري سڀ زباني روايتون آھن، جن کي سيني به سيني سانڍيو ويو. انھن داستانن جي خوبي اھا آھي ته جنھن به ماڻھو کي ڪابه ڪھاڻي ياد آھي ته ان کي پنھنجي زبان ۾ بيان ڪري ٿو ۽ پنھنجي ئي لفظن ۾ ادا ڪري ٿو. صرف داستان جو بنيادي خاڪو ساڳيو آھي، باقي اسلوب ھر راوي جو پنھنجو آھي“.(1)
بھرحال، سومرن، سمن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور جا قصا، داستان ۽ ڪھاڻيون لوڪ ادب ۾ اڪيچار آھن. انھن ڏوھيڙن ۽ بيتن جي بنياد تي ڪيترائي قصا جوڙيا ويا. انھن ۾ سسئي پنھون، عمر مارئي، دودو چنيسر، مومل راڻو، ليلان چنيسر، سھڻي ميھار، سيف الملوڪ، سورٺ راءِ ڏياچ، مورڙو ۽ مانگر مڇ ۽ ٻيا ڪيترائي قصا شامل آھن. اھي بعد ۾ مختلف افسانوي انداز ۾ ڪتابي صورت ۾ به شايع ٿيا. داستان ۽ ناول ۾ اڄ به ڪيتريون ئي ھڪجهڙايون ملن ٿيون. جن ۾ خاص طور تي ڪردار نگاري، گفتگو، زمان ۽ مڪان، وقت ۽ جاءِ منظر نگاري وغيره ٿي سگهن ٿا.
انگريزن جي دور ۾ جڏھن سنڌي زبان ۾ ناول لکڻ جو رواج پيو، تڏھن به ڪيترائي داستان قصا لکيا ويا، جن کي ھو ناول جو نالو ڏيندا ھئا. ان کا علاوه جيترا به ناول لکيا ويا، اھي مڪمل طور تي داستان کان آجا نه ھئا. ناول جي داستان مان اوسر جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر شمس سومرو لکي ٿو ته ”سنڌي زبان ۾ داستان جو مطلب آھي، ڊگهو قصو يا تفصيلي ڪٿا، انھيءَ لحاظ کان جيڪڏھن سنڌي زبان ۾ ناول جي ڌوڙي لفظ طور داستان جو لفظ متبادل طور اختيار ڪيو وڃي ته ان حوالي سان، سنڌي زبان انگريزي ۾ جديد ساھتي دور جي داستان نويسي جي عمر لڳ ڀڳ ڏيڊ سو کن سال جي آھي، جنھن جي ابتدا ڪئپٽن جارج اسٽيڪ جي ڪتاب سنڌي گرامر ۾ ڏنل پنجن سنڌي لوڪ ڪھاڻين سان ٿئي ٿي“.(2)
سنڌي نثر ۾ قصي نويسيءَ جي ابتدا انگريزن جي دور ۾ٿي. مير شفيع احمد علوي لکي ٿوته ” سنڌي نثر ۾ قصي نويسيءَ جو رواج برٽش حڪومت جي اوڻهين صديءَ جي آخر ۾ پيو ، جڏهن ”ونهين ۽ ولهيءَ جي آکاڻي“، ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“، ” سڌاتوري ۽ڪڌاتوري جي ڳالهه“ لکيا ويا، جي سڀ اخلاقي هئا.پوءِ رومانوي افسانا لکيا ويا، جن ۾ بادشاهن ۽ شهزادن جون ڳالهيون ، ديون ۽ پرين جون ڪهاڻيون ۽ جادوءَ جا ناشداني قصا ڏنل آهن. اهڙن افسانن لکڻ ۾ آخوند لطف الله هالائي ، احمد خان جلباڻي، حاجي امام بخش بدوي ، ماسترعلي بخش ۽ محمد حسين چڱو نالو ڪڍيو“.(3)
طوطي نامو اصل ۾ سنسڪرت ۾ لکيو ويو هو، پوءِ ڌار ڌار ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتو. سنڌي ٻولي ۾ هن جو آڳاٽو ترجمو منشي اڌارام ٿانورداس مير چنداڻيءَ جو ڪيل آهي. جيڪو ڪراچي مان سنه 1862ع ۾ شايع ٿيو. ترجمي ۾ نج ٻولي ڪتب آندل آهي. مثال ڏجي ٿو:
جڏهن سج لٿو ۽ چنڊ نڪتو، خجسته کهنبا ويس ڪري، ڳهه ڳٺا پائي، هار سينگار ڪري چتونءَ کان موڪل وٺڻ ويئي ۽ اُن کي اٻاڻڪو ڏسي پڇڻ لڳي ته “اي من رجهائيندڙ اڄ ڇو اٻاڻڪو ٿيو آهين، ۽ ڪوهه ايتري ڳڻتي ٿو ڪرين؟“.(4)
محمد يوسف ڪراچيءَ جو رهواسي هو. ٽالپرن جي دور کان منشي گيري طور خدمتون سرانجام ڏيندو هو. سندس باري ۾ گهڻي معلومات حاصل ٿي نه سگهي آهي. 1836ع ۾ واٿين سنڌي زبان جو پهريون گرامر لکيو. ان گرامر جي ڪتاب ۾ منشي محمد يوسف سندس مدد ڪئي. محمد يوسف بنيادي طور تي درسي ڪتاب وڌيڪ لکيا، مگر هن ڪي قصا پڻ لکيا، جن ۾”دودو چنيسر“ اهم آهي. هي قصو 1893ع ۾ شايع ٿيو. دودي ۽ چنيسر جو قصو سنڌ ۾ آڳاٽي دور کان مشهور آهي. اهو قصو هڪ قسم جو جنگي داستان يا epic آهي. هن داستان ۾ پڳ جي جهيڙي تان ملڪي جنگ لڳي. هن قصي کي محمد يوسف 1893ع ۾ لکيو. هي پهريون قصو هو، جنهن کي ديوناگري خط ۾لکي شايع ڪيو ويو.
عبدالرحيم وفا (1805-1880ع) ، استاد، شاعر، قصه نويس، مرتب، لغت نويس هو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي سندس باري ۾ لکي ٿو ته ” هن ڪراچي ، ڪوهستاني ، لاڙ ۽ وچولي توڙي سري وارن ڀاڱن مان ڪيترائي قلمي نسخا هٿ ڪيا. ازنسواءِ سگهڙن کان به متعدد ۽ مستند صدري روايتون ٻڌي قلمبند ڪيون. پهريون عالم هو، جنهن سگهڙائتي ادب ۽ معياري ۽ معنوي ادب جون صنفون مرتب ڪري انهن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو“.(5) هن نظم سان گڏوگڏ ڪيترائي قصا ۽ آکاڻيون نثر ۾ به لکيون يا مرتب ڪيا، تن مان نثري قصن ۾”قصو سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو“ 1870ع کان پوءِ ٻه ڀيرا ڇپيو. هن ڪتاب ۾ هڪڙو جهونو خيالي قصو آهي، جنهن ۾ جيتوڻيڪ عشق جي تاثير ۽ ديون پرين سان وهنوار جو ذڪر گهڻو آهي، ته به نمڪ حلالي، دل جي شرافت، صبر ۽ تحمل جهڙا اخلاقي سبق به منجهس چڱي طرح سمايل آهن.”قصو دلوراءِ جو“
هي نثري قصو پهريون دفعو سال 1870ع ۾ ڇپيو. ”قصو عمر ماريءَ جو“ 1871ع ۾ حوالن سان لکيو، جنهن ڪري سنڌي جو پهريون تحقيقي ڪتاب پڻ چيو ويندو آهي.هي قصو نظم توڙي نثر ۾ جوڙيل آهي. هي قصو پڻ ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ چونڊيو ۽ ڇپايو. سندس اسلوب جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
“تڏهن عمر سومرو شڪار جي بهاني نڪري ان ڦوڳ سان گڏجي ٿر ۾ آيو. مارئي ڀي سرتين هڪجيڏين سان گڏجي پاڻي ڀرڻ لاءِ کوهه تي آئي هئي، پوءِ جڏهن عمر کي ڏوران ڏٺائين تڏهن ڊڄي ويئي، ته هيءُ ڌاريو ماڻهون نامحرم الاجي ڪير آهي ۽ هيڏي ڇا جي لاءِ ٿو اچي، تڏهن سرتين چيس ته ڀڄڻ ٽهڻ پنهنجو ڪم ڪونهي الاجي متان اڃايل هجي ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ کوهه تي ايندو هجي. تنهنڪري بيهي رهون ته چڱو. پوءِ جڏهن عمر کوهه وٽ آيو تڏهن مارئيءَ تي وڃي نظر پيس، سو پاڻي پيڻ جو بهانو ڪري، ٽپو ڏئي“.(6)
آخوند لطف الله ”لطف“قريشي (1842- 1902ع) حيدرآباد ۾ ڄائو. آخوند صاحب سٺو نثر نويس، نظم گو ۽ ذوق سليم جو مالڪ ھو. ھن ”گل خندان“ داستان رجب علي سرور جي لکيل ”فسانه عجائب“ تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. جھڙو اصل ڪتاب مشھور ۽ معياري ادب جو حصو بنجي ويو. اھڙي ئي مقبوليت ”گل خندان“ کي ملي. ھي داستان شھزادي جان عالم ۽ انجمن آرا جي پيار ڪھاڻي آھي. مھم جوئي ۽ تڪليفن جو ھڪ داستان آھي. هن قصي لاءِ محمد اسماعيل عرساڻي لکيو آهي ته ” انهيءَ زماني ۾ آخوند لطف الله جو ڪتاب ”گل خندان“ به شايع ٿيو جو اگرچ جنن ۽ پرين جي داستانن سبب قصو سڏي سگهجي ٿو ۽ نه جديد ناول، مگر هن ڪتاب جي عبارت اهڙي ته دلچسپ آهي جو غالباً هيءُ ڪتاب به شاهه جي رسالي وانگر سنڌي ادب ۾ لازوال رهندو. دراصل اهو ڪتاب اردو قصي ”افسانهء عجائب“ تان ورتل آهي، مگر ٻنهي ڪتابن ۾ زمين آسمان جو فرق معلوم ٿئي ٿو. خود ”افسانهء عجائب“ به ”گل خندان“ اڳيان هيچ معلوم ٿئي ٿو“.(7)
ھن داستان ۾ به ڪي جادوئي ڳالھيون آھن. پڄاڻي جان عالم جو ڪامياب ٿي موٽڻ ۽ راڻين سان خوش گذارڻ تي ٿئي ٿي. هي ڪتاب 1892ع ۾ تعليم کاتي شايع ڪيو. . اڻويهين صديءَ ۾لکيل قصن ۾ آخوند صاحب جو هي قصو مثالي حيثيت رکي ٿو. ظاهري طرح ته هي ترجمو آهي، مگر پڙهندڙن کي طبعزاد تصنيف جهڙو مزو ڏئي ٿو. ”گل خندان“ جهوني قسم جو قصو آهي ۽ سنڌي زبان جو شاهڪار آهي. ”آخوند صاحب سٺو نثر نويس، نظم گو ۽ ادبي ذوق سليم جو مالڪ هو . فارسي ۽ اردوءَ جي غير مانوس اصطلاحن ۽ محاورن کي ڪڪري، ٺيٺ سنڌي لفظن جو واهپو ڪيو اٿس، تن کي بحال رکيو اٿس. ادبي دنيا ۾ مثالي آهي . ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو :
“شهزادي جي پيرن جي کڙڪي تي فقير خبردار ٿيو، ذڪر جي ذوق مان فارغ ٿي ڏاڍي جوش مان چيائين يا هادي! هٿن سان ڀرون مٿي کڻي اکيون کولي شهزادي ڏي چتائي نهاريائين. جان عالم ادب سان سلام ڪيو. جوڳي تسليٰ جو ڪلام ڪيو، چيائينس بابا تنهنجو ڀلو هجي زماني جي اولي توکي هيڏانهن آندو آهي. اچي وهو، گرو تنهنجو ڀلو ڪري! مرشد جي دعا سان خدا تنهنجي مراد حاصل ڪري ! آءٌ تنهنجو امانتدار آهيان، تنهنجي حال کان خبردار آهيان، آءٌ به هلڻ لاءِ تيار آهيان“.(8)
نامور اديب، مرزا قليچ بيگ ڪيترائي قصا لکيا، جن ۾ ”هرڻيءَ جو قصو“ مشهور قصو آهي. جنهن ۾ هرڻي ۽ شڪاري جي ڪهاڻي آهي. هرڻي شڪايت کڻي نبي سائين وٽ اچي ٿي ۽ انصاف جي گهر ڪري ٿي. هي قصو مرزا صاحب 1878ع ۾ لکيو هو. مرزا قليچ 1880ع ۾”رستم“ جي نالي سان لکيو، جو قديم ايران جي تاريخي ڪتاب تان ورتل هو. ”هن ۾ڪيترائي قصا فردوسيءَ جي شاهنامي تان اکر به اکر ترجمو ٿيل هئا. جيتوڻيڪ رستم پهلوان فردوسيءَ جي شاهنامي تان ورتل هو، ليڪن ان جي نثر ۾ ترجمو نهايت ڪاريگريءَ سان ڪيل هو. رستم جا ڪارناما، پنهنجي پٽ سهراب هٿان افسوسناڪ شڪست ۽ خوفناڪ موت ۽ هن جي زندگيءَ جا ٻيا واقعا، هڪ ٻئي سان ائين جڙيل آهن، جو هڪ جاندار ڪهاڻيءَ جو روپ حاصل ڪن ٿا، جيڪي نه فقط انهن پڙهندڙن جون آکاڻيون پڙهڻ تي هريل هئا، بلڪ انهن پڙهندڙن کي به ڪشش ڪن ٿا، جيڪي اهڙن قصن ڪهاڻين کان منهن موڙين ٿا“.(9)
امام بخش “خادم” بدوي“ (1861- 1918ع ولد محمد بچل بدوي شڪارپور ۾ ڄائو هو. بنيادي طور تي استاد هو. اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ “خادم” صاحب قصصي ادب ۾ پاڻ موکيو. انهيءَ سلسلي ۾ ”الف ليليٰ“ (1896ع)، ”وڏو قصو بهرام بادشاهه“ (1897)، ”وڏو حاتم طائيءَ جو“ (1898ع)، ”چار درويش“ (1896ع)، ”قصو دودو چنيسر“ ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن. اردو زبان ۾ ”الف ليليٰ“ جو ڪيترن ئي ترجمو ڪيو. سنڌي زبان ۾ هن ڪتاب کي منتقل ڪرڻ جو شرف امام بخش ”خادم“ کي آهي، جنهن 1896ع ڌاري ان کي مڪمل ڪيو. مترجم جي سامهون شايد مرزا حيرت دهلويءَ جي ايڊيشن هئي، هيءُ ترجمو مسٽر پوڪرداس چئن حصن ۾ شايع ڪرايو هو، ۽ ان کي سنڌ ۾ بيحد مقبوليت حاصل هئي. ”هنن چئني حصن ۾ قصي جا چارئي حصا موجود آهن. هن ترجمي جي ٻولي نهايت سولي ۽ عام فهم آهي. ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ هي اصلي سنڌي قصو هجي“.(10) ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو؛
بادشاه سلامت، منهنجو وڏو ڀاءُ بڪ بڪ نالي ڪٻو (گڪو) هو. ان کي ڪربلائي به چوندا هئا. سو درزڪو ڌنڌو ڪندوهو. جڏهن پورو ڪاريگر درازي ٿيو تڏهن هن هڪڙو دڪان مسواڙ تي ورتو، جو هڪڙي جانڊاهي جي گهر سان لڳو لڳ هو. اڃا سندس دڪان نئون هو، تنهن ڪري گهڻي آمدني ڪانه هوس. جئين جئين ٽوپو ٽاپ ڪري پيٽ پالي پنهنجو مان پيو ڪندو هو. ۽ جانڊاهي پئسن وارو ماڻهو هو. سندس زال جانڊاهڻ ڏاڊي صورت مند هئي ڏسڻي واسڻي ٺاهوڪڙي جوانڙي هئي“.(11)
امام بخش ”خادم“ جو ”وڏو قصو بهرام بادشاهه“ 1897ع ۾ شايع ٿيو. ”ڪليات خادم ۾ آهي ته ڇا حاتم طائيءَ جو قصو (حاجي امام بخش خادم) “پوڪرداس تاجر ڪتب” جي فرمائش تي لکيو ويو. خادم جي هن قصي جو ماخذ “سياحت حاتم” نالي هڪ ڪتاب آهي، جو سن 1871ع ۾ بمبئيءَ ۾قاضي ابراهيم ڇاپيو هو ۽ نارمل اسڪول جي نصاب ۾ داخل هو. “خادم” هن قصي جو ترجمو سهڻي سنڌي زبان ۾ ڪيو آهي ۽ ان جي پڙهڻ مان مترجم جي اعليٰ طرز نگارش جو پتو پوي ٿو“.(12)”چار درويش“ قصو 1895ع ۾ ترجمو ڪيو ۽ اُن کي پوڪرداس، شڪارپور جي مشهور ڪتب فروش ڇپائي پڌرو ڪيو هو. بادشاهه آزاد بخت قبرستان ۾ پهچي ٿو: اُن جو ذڪر مترجم هن فصيح عبارت ۾ ٿو ڪري:
بادشاهه خيال ڪيو ته ڀلا هيءُ ڪهڙو ڏيئو آهي، جو اِهڙي ڏاڍي واءَ ۾ به نه ٿو وسامي. شايد ڪو طلسم آهي، جو ڦٽڪيءَ ۽ گندرف کي ملائي، ڏيئي کي ڇڙڪيو ويو آهي، جو ڪهڙي به هوا لڳي ته ڏيئو نه وسامي. يا ڪنهن وليءَ جو ڏيئو آهي، جو روشن آهي. جو ڪجهه ٿئي سو ٿئي، هلي ڏسڻ گهرجي. شايد هن شمع جو نور کان منهنجي گهر جو چراغ به روشن ٿئي ۽ دل جي مراد به ملي“.(13)
بهرام گور جو ننڍڙو قصو امام بخش “خادم” سن 1901ع ڌاري لکيو، جنهن کي شڪارپور جي وڏي ناشر پوڪرداس ڇپايو. ”بهرام گور جو ننڍڙو قصو ويهن بابن تي مشتمل آهي ۽ 164 صفحن تي ڦهليل آهي. تمهيد ۾ ڄاڻايل آهي ته هن قصي ۾ ايران جي مشهور طاقتور بادشاهه بهرام جي معاشقي جي حڪايت آيل آهي.
ماستر احمد خان ولد تڳيو خان جلباڻي، ڀرين جي ڀرسان جلباڻين جي ڳوٺ جو ويٺل هو. انگريزن جي شروعاتي دؤر جو هڪ وڏو عالم ۽ نثر نويس هو. هن آخوند لطف الله جي“گل خندان” ۽ قاضي عبدالغفور هالائيءَ جي “امير حمزي” کان متاثر ٿي مقفيٰ نثر ۾“گل بڪاولي” لکيو. ان کان علاوه ان زماني ڪيترائي قصا، ڪهاڻيون ۽ ناول لکيائين ۽ ترجما ڪيائين. 1890ع ۾ ناول جي ٽيڪنڪ ۾احمد خان جلباڻي، عزت الله شيخ جو ”گل بڪاولي“ فارسيءَ تان ترجمو ڪيو. “گل بڪاولي” ۾ خالص سنڌي نثرسان گڏوگڏ بيتن ۾ ڪيل بيان ۽ مائيدار قافيه دار نثري عبارت، هنن ديون پرين جي ڪارنامن سان ڀرپور ناشدني قصن کي به قديم ادب جو درجو ڏئي سگهجي ٿو. ”گل بڪاولي“ مان پرين جي شهزاديءَ بڪاوليءَ جي حسن جو هيٺيون بيان ، بيهڪ جون نشانيون سڌاري پڙهڻ سان احمد خان جي شاعراڻي تصور ۽ قلم جي قوت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو :
“وڏي وڏائي ان مالڪ جي، چون ٿا ته جڏهن بڪاولي جادو ڀريلون اکيون پٽيون ۽ مٺيءَ ننڊ مان سجاڳ ٿي تڏهن چوليءَ کي مٿي سرڪائي چولو ٺاهي پيشوار ڍڪي وارن کي ڦڻيءَ سان سلجهائي اٿي کڙي ٿي ۽ هوريان هوريان لڏندي لمندي بڪاولي گل جي حوض ڏانهن اکيون مهٽيندي هلي ۽ مور وانگر ٽلندي اچي، سندس پير پير جو رند، ڌرتيءَ تي عجيب نقش ٺاهيندو وڃي ۽ سندس هلڻ سان جا لٽ پيئي اڏامي سا سڪايلن لاءِ مثل سرمو. جڏهن حوض وٽ آئي تڏهن نازڪ هٿن سان گلاب جو پاڻي پنهنجي موچاري منهن ۽ ڳاڙهن ڳلن تي وجهڻ لڳي ۽ منهن ڌوئي اگهي صاف ڪري بڪاولي، گل ڏانهن ڌيان ڪري ته گل آهي ئي ڪونه.... “.(14)
احمد خان جلباڻيءَ انگريزي ناول نگار رينالڊس (1732-1792ع) جي مشهور ناول ( Mysteries of the Court of London) جي هڪ حصي جوترجمو “نينهن نڀائڻ” جي نالي سان ڪيو. انگريزي ناول نويس رينالڊس جي ڪتابن تي بد اخلاقيءَ جو الزام لڳايو ويندو آهي. هن ناول ۾ لنڊن شهر جي هيٺئين ڪلاس ۾ فحاشي ۽ سماجي اقربا پروري ۽ ڪرپشن جا داستان لکيل هئا. هن ناول ۾ رينالڊس لنڊن جي انتهائي اندروني ۽ خفيه رازن کي فاش ڪيو آهي“.(15)
انهن کان علاوه احمد خان جلباڻيءَ جا لکيل ڪي قصا پوڪرداس تاجر، شڪارپور واري شايع ڪرايا، انهن ۾ “الف ليليٰ” (1926ع)، “گل صنوبر”، “چار درويش” 1891ع وغيره شامل آهن. هن جي قصن جي خوبي اها به هوندي هئي ته با تصوير قصا شايع ڪرائيندو هو.
واحد بخش ”شڪارپوري“ (وفات 1916ع) جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو. شاعريءَ ۾ ”مشتاق“ تخلص استعمال ڪندو هو. هو سکر ضلعي ۾ ماستر هو. ان دور ۾ قصن جي سلسلي ۾ ماستر واحد بخش پڻ ڪيترائي قصا لکيا، جن ۾ ”قصو تاج الملوڪ“ (1895ع)، قصو مومل ۽ مينڌري جو“ (1899ع)، ”قصو گل صنوبر“ (1900)، ”وڌو قصو دودو چنيسر“ ۽ گل بڪاولي“ اهم آهن. ماستر واحد بخش ابڙي ”گل بڪاولي“ جي قصي جو ترجمو اردوءَ تان ترجمو ڪيو. هن ڪتاب جي عبارت مقفيٰ آهي، پر”گل خندان“ جهڙي رواني ۽ شستگي منجهس موجود نه آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
”ميزبان چيو ته مون حضرت سليمان جو سنهن کنيو آهي، جن هن کي مطلب ملائيندو ته جان جو ٿورو لائيندو نه ته جان اَجل ۾ گوائيندو. ديو قبول ڪيو اِهو قول، ٻڌو هن سان پڪو ٻول، ته جمال نالي آهي منهنجي اَدي، تنهنجي هٿان هيءَ حاج لهندي، ڇاڪاڻ ته ديو آهن ارڙهن هزار، خاص چوڪيدار، تن جي آهي اُها سردار“.(16)
”چار درويش“ قصي جو ڪيترن ئي ليکڪن ترجمو ڪيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ”چار درويش“ قصو جيڪڏهن ڪنهن به مريض کي پڙهي ٻڌايو ويندو ته کيس شفا ٿيندي. بهرحال، اهو قصو اردوءَ وارن ترجمو ڪيو، جنهن تان وري ماستر واحد بخش شڪارپوريءَ سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. ماستر واحد بخش مشتاق شڪارپوري سنه 1889ع ۾ ”قصو سسئي پنهل“ جو، سنڌي مثنوي (خليفي صاحب واري بحر) ۾ منظوم ڪيو، جيڪو شڪارپور جي ڪتب فروش منشي پوڪرداس شايع ڪيو هو. سنڌي ادب ۾ قصه نويسيءَ ۾ آخوند حاجي فقير محمد ولد مرحوم آخوند موسيٰ قريشي جو نالو به اهم آهي. سندس لکيل قصو ”گلشن بهار“ وڏي اهميت رکي ٿو. بنيادي طور تي شاعر هو ۽ مير عبدالحسين ”سانگي“ ۽ سيد غلام محمد شاهه ”گدا“ ۽ ”حيدري“ سان خصوصن، ۽ مرزا قليچ بيگ صاحب ۽ حافظ حيات شاهه ”حافظ“ سان به صحبت هوندي هيس. آخوند صاحب 16 جنوري 1918ع تي وفات ڪئي. گل بڪاولي“ به فارسي جو قصو آھي، جنھن کي عبدالواحد بڙدي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. اھڙي طرح ٻيا به ڪيترائي قصا شايع ٿيا. مشهور سنڌي اديب پرمانند ميوارام (1866 – 1938ع)جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آھن. پر قصن ۾ ”ھار جيت“، ”نيڪي بدي“ ۽ ”ھيرو - گلو“ لکيائين. سندس ”ھارجيت“، نيڪي ۽ بدي جي اذلي موضوع تي ٻڌل آھي. جنھن ۾ معاشري جي اڍنگي رسمن تي طنز ڪيل آھي. برائي کي ننديو ويو آھي جيت نيڪي جي ڏيکاري وئي آھي. جڏهن ته ”ھيرو-گلو“ ھي ھڪ دلچسپ، دلسوز، عبرت انگيز ۽ نصيحت آميز قصو آھي، جيڪو انگريز ليکڪ ”ڪئنن سمٿ“ جي ڪتاب تان ترجمو ڪيو آھي. ڪردارن ۽ ماحول کي سنڌي ۾ تبديل ڪيو ويو آھي. ھن قصي ۾ ٻھ ڪردار ھيرو ۽ گلو آھن. جن مان ھيرو نيڪيءَ جو ۽ گلو بديءَ جو نمائيندو آھي. ھن ناولٽ ۾ به نيڪي ۽ بدي جا تضاد ڏيکاريا ويا آھن. گلو کي آخر ۾ چورين ۽ بدڪارين جي ڪري عمر قيد جي سزا ملي ٿي ۽ پرھيزگاري جي زندگي گذاري ٿو.
ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکي ٿو ته ”سنھ 1885ع ۾ ماستر ھريسنگ سکر مان، سنھ 1886ع پوڪرداس شڪارپور مان، ڪتاب ڇپائڻ جو سلسلو شروع ڪيو. ھنن گهڻو ڪري اردو تان داستان ۽ قصا ترجمو ڪري پيش ڪيا. جيڪي ھندستان ۾ اڳي ئي ڇپجي چڪا ھئا، انھيءَ کانسواءِ ٻيون طبعزاد ڪھاڻيون، عشقيھ ۽ مزاحيھ قصا جي ھئا. ”کچڻي ماني“، ”ڪوئا ٻلي“، ”سس نونھن“ ۽ ”ٽوپي پڳ“ انھن قصن سان گڏ ڪيترائي عشقيھ ۽ نيم تاريخي قصا به لکيا ويا، جهڙوڪ: ”عمر مارئي“، ”دودو چنيسر“، ”سھڻي ميھار“ ۽ ”مومل مينڌرو“ وغيره.ان کان علاوه ڪيترائي ازغيبي ۽ ڪرامتي قصا ۽ ڪھاڻيون به ھن دور جي سنڌي ادب جي پيداوار آھن، جن ۾ انساني عشق بازيءَ سان گڏوگڏ جن، ڀوت، ديو، پريون ڪردار طور پيش ٿيل ھئا“.(17)
جيتوڻيڪ داستان ناول جي اوسر ۾ اھم ڪردار ضرور ادا ڪيو پر انھن کي ناول نٿو چئي سگهجي. ان سلسلي ۾ پروفيسر منگهارام لکي ٿو ته ”چالو زماني جي ناول نويسي جي اصولن موجب اھي عشق ۽ جانبازيءَ جا ڪرامتي قصا، نوخير جوانن ۽ سنسنيءَ جي شوقينن کي دلچسپي ڏيئي سگهن ٿا. پر رنگين عبارت کانسواءِ موضوع جي مدنظر، انھن جو ادبي درجو گهٽ آھي، تنھن ھوندي به ناول جي تاريخ ۾ انھن جو ذڪر ضروري آھي، ڇو ته انھن جي ذريعي سنڌ جي عام ماڻھن ۾ ناولن پڙھڻ جو خوب شوق پيدا ٿيو ھو“.(18)سنڌي ٻوليءَ ۾، انگريزي ٻوليءَ مان نه رڳو ناول پاڻ آيو پر پاڻ سان گڏ پنھنجو اصطلاحي نالو به کڻي آيو ۽ اھڙو مقبول ٿي ويو جو اڄ تائين ان جي نعم البدل جي تلاش ڏانھن اديبن ۽ نقادن جو ڌيان ئي نه ويو آھي.

حوالا:
1. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي لوڪ ڪھاڻيون – 1“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، (ڇهون ڇاپو)، 2004ع، ص 6
2. ڊاڪٽر شمس سومرو: تخليقي ادب جا ترڪيبي جزا“ اوسر اشاعت گهر، حيدرآباد، 2009ع، ص 145
3. شفيع احمد علوي: ”سنڌي ادب ۾جهونا داستان“ ، ماهنامو نئين زندگي، ڪراچي، آڪٽوبر 1961ع
4. ذولفقار راشدي: ” سنڌي طوطي نامو“، مهراڻ، 1967، نمبر 2
5. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ؛ شخص ۽ عڪس“ ، اوسر اشاعتاڻو، حيدرآباد، 2015، ص 8
6. آخوند عبدالرحيم محمد وفا ؛ قصو عمر مارئي جو“، تعليم کاتي جو ڇاپخانو، 1871ع، ص 6
7. محمد اسماعيل عرساڻي: ”چارمقالا“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،1974ع
8. آخوند لطف الله: ” گل خندان“،مطبوعه 1965ع
9. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 73
10. ڊاڪٽر قاضي خادم: ”سنڌيءَ جا نثري داستان“، انڊس پبليڪيشنز، ڪراچي، 19ع ، ص 186
11. امام بخش ”خادم“ : ”الف ليليٰ“،
12. انور فگار هڪڙو: ”شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“،انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 2009، ص 423، 424
13. لطف الله بدوي: ”چار درويش جي سنڌي ترجمي تي نظر، (چار دريش)، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1960ع
14. احمد خان جلباڻي: ”گل بڪاولي“،1890ع
15. مختيار احمد ملاح: ” سنڌي ناول جي تاريخ “ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2010ع، ص 50، 51
16. ماستر واحد بخش؛ ” گل بڪاولي“، 1895ع
17. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ: ”سنڌي ناول جو ارتقائي تاريخ“، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، 1982ع، ص 187
18. پروفيسر منگهارام: سن”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 71