لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ناول جي مختصرتاريخ

ھن ڪتاب ۾ مختيار ملاح ناول جي جدا جدا جزن، ناول جي اوسر، سنڌي ناول جي تاريخ، ناول جي رجحانن، ورھاڱي کان اڳ ۽ ورھاڱي کانپوءِ سنڌ ۽ ھند ۾ لکيل ناولن جو سرسري جائزو ڏنو آھي. 

Title Cover of book سنڌي ناول جي مختصرتاريخ

آزاديءَ کانپوءِ ھندستان ۾ سنڌي ناول (مختصر جائزو)

تقسيم ھندستان کانپوءِ سنڌي ھندو اديب جيڪي بلاشبھ سنڌي ادب جا انمول سرمايو ھئا، ھندستان ھجرت ڪري ھليا ويا. ان سبب جي ڪري سنڌي ادب خاص طور تي متاثر ٿيو. ليڪن ھنن ھندستان وڃي به نه سنڌي ٻولي کي فراموش ڪيو نه وري سنڌي ادب جو ساٿ ڇڏيائون. ھنن اتي وڃي سنڌي ميڊيم اسڪول قائم ڪيا. سنڌي ڇاپ خانا قائم ڪيا ، سنڌي لئبريريون قائم ڪيون، ادبي تنظيمون جوڙيائون. مطلب ته ھنن ثابت ڪيو ته ھوسنڌ ۽ سنڌي ادب کي ڪڏھن به فراموش ڪري نٿا سگهن.
ھند ۾ رھندڙ سنڌي اديبن تمام گهڻا ناول لکيا آھن. ان جي برعڪس ھتي سنڌ ۾ اديبن ناول ڏانھن گهٽ ڌيان ڏنو آھي. جڏھن ھندو اديب ھتان لڏي ھندستان پھتا تڏھن فطري طور تي ھنن جي ناولن ۾ سنڌ سان محبت، سڪ، يادون وغيره جا موضوع ڇانيل ھئا. اڳتي ھلي ھنن جي ناولن ۾ عشق ۽ شادي جو موضوع غالب رھيو آھي. گوبند مالهي کان وٺي رام پنجواڻي تائين، موھن ڪلپنا کان وٺي موتي پرڪاش تائين، لعل پشپ کان وٺي لڇمڻ ساٿي تائين، پوپٽي ھيراننداڻي کان وٺي ڪلاپرڪاش تائين، سندري اتمچنداڻي کان وٺي ريٽا شاھاڻي تائين سنڌي ناول جو ھڪ وڏو انگ لکيو ويو آھي.
ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکي ٿو ته ”ورھاڱي کانپوءِ ھنن جڏھن ھندستان ۾ وڃي پير ڄمايا تڏھن پھريائين ھنن پنھنجي علم و ادب ڏانھن توجهه ڏنو، ۽ جلدئي ھندستان ۾ سون جي تعداد ۾ ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا. جن ۾ گهڻو حصو ناولن جو ھو. انھيءَ لاءِ ھنن وٽ ڪيترائي سبب ھئا. جن ۾ مکيھ سبب ھو موضوعن جي گهڻائي سنڌ کان لڏي وطن جا وڻ ڇڏي پرديس جو جڏھن پاڻي نصيب ٿين. تڏھن وطن جي سڪ لڏپلاڻ واري افراتفري ۽ مالي حالت ھنن جي ذھنن ۾ بي انداز موضوع آڻي گڏ ڪيا ۽ جيئن ئي ھنن کي وقت مليو تيئن ھنن انھن کي ڪتابي صورت ۾ ظاھر ڪيو. اھا ھڪ فطري ڳالهه ھئي ته لڏي ويلن لاءِ وطن کي ڇڏڻ کانپوءِ ھنن مالي حالتن ۽ نئين ماحول کي منھن ڏيڻ لاءِ عام ماڻھن ۾ اھو رجحان پيدا ڪرڻ لاءِ ادبي ميدان کي بھتر سمجهي جدوجهد شروع ڪئي. انھيءَ جدوجهد جي نتيجي ۾ ھندستان ۾ ڪيترائي ادبي ادارا وجود ۾ اچي ويا، جن نه رڳو نون موضوعن تي قلم کنيو پر انھيءَ سان گڏ سنڌ ۾ ڇپيل ناولن کي وري ڇپائڻ شروع ڪيو. انھيءَ جدوجهد ۾ وري گهڻو حصو ترجمن جو ھو جيڪي ٻين زبانن جي ناولن تان ڪيا ويا. اھڙن ناولن جي ترجمن جو سبب اھو ھو جو انھن ناولن جون حالتون ۽ واقعا انھيءَ وقت جي حالتن ۽ واقعن سان ٺھڪي آيا ٿي ۽ اھي عوام ۾ مقبول ٿي سگهيا ٿي. انھيءَ جدوجهد ۾ ١٩٤٩ع ۾ مشھور اديب ۽ ناول نگار جڳت آڏواڻي جيڪو سنڌ ۾ ماھوار رسالو ڪھاڻي ڪڍندو ھو ، تنھن کي بدلائي ”ڪھاڻي ناول مالا“ نالو رکي بمبئي مان شروع ڪرڻ لڳو. جنھن سال ۾ اٽڪل ڇهه ناول ترجمو ڪري شايع ڪرڻ شروع ڪيا. ١٩٥٣ع بھاري لالا ڇاٻڙيا وري ٻيو ادارو ”سرگم ساھتيھ مالا“ شروع ڪيو، جنھن ۾ ترجمو ٿيل ناول شايع ڪرڻ شروع ڪيا” (1)
ھندستان ۾ جلد ناول جي ترقي ڪرڻ جو سبب اھو به ھو ته ھو اڳ ئي ناول جي صنف ۾ سنڌي مسلمانن کان اڳتي ھئا. پريسن جا مالڪ ھو ھئا. مترجم ھو ھئا، وٽن اڳ شايع ٿيل ناولن جي گهڻائي موجود ھئي. ھندن جو وڏو انگ پڙھيل لکيل ھو. وٽن ڪيترائي جهونا ناول نگار موجود ھئا. بس کين پير ڄمائڻ جي ضرورت ھئي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر چندو لعل لکي ٿو ته ”ورھاڱي کان اڳ مسٽر آسانند مامتوراءِ ۽ مسٽر شيوڪ ڀوڄراج ناول لکڻ بند ڪري ڇڏيا ھئا. شيوڪ ڀوڄراج ورھاڱي کان اڳ ئي سنڌ ڇڏي اچي بمبئي وسائي ھئي. ھو بمبئي يونيورسٽيءَ جي مخزن جو سمپادڪ ھو. فرصت واري وقت ۾ ھو ٻالڪن جي ٻاريءَ جي مشغولين ۾ رڌل رھيو. مامتوراءِ صاحب ورھاڱي کانپوءِ بمبئيءَ ۾ آيو ۽ ھڪ اسڪول جو ھيڊ ماستر بڻيو، جنھن اسڪول ۾ گوبند مالهي به ماستر ھو. وقت ھوندي به مامتوراءِ صاحب ناول لکڻ لاءِ قلم ڪونھ ھلايو. شايد ھن کي سنڪوچ ٿيو ته متان ”شاعر“ جهڙو ٻيو معياري ناول لکي نه سگهان. پروفيسر ڀمڀاڻي جو سنڌ ۾ سرگرم ناول نويس ھو سوبھ ورھاڱي کان پوءِ ھند ۾ اچي بلڪل ماٺ ٿي ويو. لعل چند امر ڏني مل پنھنجي زندگيءَ ۾ صرف ھڪ اصلوڪو ناول لکيو ”چوٿ جو چنڊ“ سو به اڌورو. ھند ۾ ھن ناول جو ٻيو ڇاپو ڇپيو پر اھو ئي اڌورو. اڇا ھوندي به لالچند اھو ناول مڪمل نه ڪيو. سواءِ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جي لڳ ڀڳ برک ساھتڪار خاموش ٿي ويا. اھڙي ماٺائي ۾ نوجوان ليکڪ موڳا ۽ ويڳاڻا ٿي پون ھا ته عجب ڪونھ لڳي ھا. پر نوجوان ليکڪ ھٿ ٻڌي نه ويٺا. جيڪي سنڌ ۾ ساھت جي آڪاش ۾ چند ھئاسي جيڪڏھن ھند ۾ اچي گم ٿي ويا، ته اھي ليکڪ جي سنڌ ۾ معمولي يا گمنام ستارا ھئا سي ھند ۾ اچي چنڊ بڻجي پيا ۽ ساھت ۾ اچي نئون پرڪاش ڦھلايائون. انھن نوجوانن ليکڪن جي بدولت سنڌي جاتي مرڻ کان بچي ويئي. ورھاڱي کانپوءِ دک رسي ماڻھن ائين سمجهو ته ھندستان ۾ نه رھندي سنڌي جاتي ۽ نه وري رھندو سنڌي ساھت. انھن ماڻھن جا انديشا بلڪل غلط ثابت ٿيا. اڄ سنڌي جاتي به زور آھي ته سنڌي ساھت به زور آھي. ” (2)
ھندستان ۾ لکجندڙ سنڌي ناولن لاءِ مشھور آھي ته انھن ناولن ۾ يڪسانيت تمام گهڻي آھي. جڏھن ھو سنڌ مان لڏي ھندستان ويا ته فطري طور ھنن جي ناولن ۾ سنڌ سان محبت جي اڪير، سڪ، يادون، پنھنجا وڻ ۽ وٿاڻ، دوست ۽ احباب، محبتون ۽ پيار، ٻنيون ۽ ٻارا ۽ چارا وغيره جا موضوع ڇانيل ھئا. اڳتي ھلي ناولن ۾ عشق، عشق جي شادي، عام گهريلو ننڍا ننڍا مسئلا وغيره جا موضوع غالب ٿيا. گهڻن ناولن ۾ زندگيءَ ۾ ڪينواس ڪونھي. بھرحال ڪيترن ئي ناول نگارن يورپي فڪرن مطابق ناولن جو نوان موضوع متعارف به ڪرايا آھن ته نوان تجربا به ڪيا آھن. ان سلسلي ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي لکي ٿو ته ”ورھاڱي بعد ناول ۾ ھڪ نئين جاڳرتا جو دور آرنڀ ٿيو. جن مخصوص حالتن ھيٺ نئين ادب جو نرماڻ ٿيو، تن جو تفصيل ۽ وستار ڪرڻ يا ڇيد ڪرڻ جي ھت گنجائش ڪانھي. پر اھا به حقيقت آھي ته سموھڪ تاريخي ولولي جي پيدائش ھو ۽ سنڌي ساھتڪارن آجيان ڪئي ۽ ان سان ٽڪر کائي ھڪ نئين دؤر جو آغاز ڪيو.“ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ وڌيڪ لکي ٿو ته”ورھاڱي بعد جي ناولن ۾ سماجڪ موضوع (Social Content) ناولن جو بنياد بڻجي ٿو اچي. جڏھن سماج ھڪ ڀاري اٿل ۾ ھوندي آھي، پراڻيون رسمون رواج، قدر ۽ ويچار مدي خارج بڻبا آھن جو زماني جي سٽ جهلي نه سگهنديون آھن. زندگي ۽ سماج ۾ جيڪي ڪجهه پراڻو ھوندو آھي، سو ختم ٿيڻ تي ھوندو آھي، تڏھن ان جي جاءِ تي نئون ڪجهه ڄمندو آھي، اڀرندو آھي ۽ انساني ذھن ۾ وڏا وڏا سوال اٿندا آھن، جي نون قدرن ۽ ڌارائن کي جنم ڏيندا آھن. ورھاڱي بعد ڀارتي سماج ھڪ انقلابي ۽ تاريخي موڙ تي اچي رسي ھئي. جنھنجو اظھار ادبي ۽ ثقافتي جاڳرتا ۾ ڏسڻ ۾ آيو. سنڌي سماج پڻ اھڙي اثر کان خالي نه رھيو. اھڙي سمي سنڌي ساھت ۾ به ھڪ جولان ھو ھڪ اڀار ھو. ڪيترن ناول نويسن اھڙي وقت جي تقاضا اونائي ۽ ھن کوکلي نظام کي نشتر ھڻي ڦاڙڻ جي ھمٿ ٻڌي.“! ” (3)
ڊاڪٽر ايڇ-آءِ سدارنگاڻي ورھاڱي کانپوءِ جي ناول جي روپ ريکا لکندي ناول کي ٽن قسمن ۾ وراھيو آھي: (١) ترقي پسند (Progressivism) (٢) نئين حقيقت نگاري New Realism) ( ۽ (٣) جديديت Modernity) (پھرين قسم جي ناول جو ذڪر ڪندي سدارنگاڻي لکي ٿو ته ”پھرين قسم جي ناول جو سنٻنڌ آھي آزاديءَ جي حاصلات جنھن سان ساڻ ھئا مذھبي فساد، اپکنڊ جي اولهه ڀاڱن کان ھندن جي لڏپلاڻ، انھن جون ڪئمپن ۽ بئرڪن ۾ دردناڪ حالتون ۽ انھن جا سماجڪ، آرٿڪ ۽ وسڻ جا ٻيا مسئلا. سڀاويڪ آھي ته پھرين قسم جا ناول انھن گهٽنائن سان ڀريل ھجن. ھنن ناولن ۾ منش کي نٻل ۽ بيوس ڏيکاريو ويو آھي. جو قسمت جي ھٿن ۾ کيڏوڻو آھي. ھيءُ سڀ چٽڻ وقت غريبي ۽ شاھوڪاريءَ جي وچ ۾ ڪشمڪش ڏيکاري ويئي آھي ۽ آرٿڪ مجبورين مان ڪھڙا ڪھڙا نه اگرا نتيجا ٿا نڪرن، تن جا چتر چٽيا ويا آھن. ناول جي طرز مقرر ڪيل ۽ ڄاتل سڃاتل ھئي. جيڪڏھن انھيءَ ۾ ڪو موڙ به ھو ته صرف ناول جي ڪردار کي اھميت ڏيڻ لاءِ يا ڪردارن جي ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ” (4)
ورھاڱي کانپوءِ ھيل تائين گهڻي ۾ گهڻا ناول گوبند مالهيءَ لکيا آھن. ھن ويھن کان مٿي ناول لکيا سندس پھريون ناول ”آنسو“ ھو. ھن ناول جي باري ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي لکي ٿو ته ”فني نڪتھ نظر کان نه ايڏي معيار جو آھي ۽ نه ئي ان مان شروعاتي ڪوشش جي لحاظ کان ايڏي اميد رکي سگهجي ٿي” (5)
ايشور ڀارتي جو ناول ”ديوارون ١٩٤٧ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو رومانوي ناول ھو. ارجن ديئا رام ناناڻي جا ڪيترائي ناول شايع ٿيا. جيڪي مختلف موضوعن تي مبني ھئا. ٽيڪچند ريواڻي جو ناول ”شاعريءَ جا لڏون“ دراصل مزاحيھ ناول آھي. دولترام ھيمنداس ڪلياڻي ڪيترائي جاسوسي ناول لکيا، جن ۾ ”تسور داس“ ۽ ”سندري“ اھم آھن. سشيلا لعلواڻي پڻ ڪجهه جاسوسي ناول لکيا، جن ۾ ”پروفيسر موھن جو خون“ (١٩٧٣) ”نرملا نرس جو خون“ (١٩٧٥) ۽ ”جعلي نوٽ“ (١٩٧٨) اھم آھن. سندر حشمتراءِ ڪيترائي رومانوي ۽ سماجي ناول لکيا. جن ۾ اھم ”نراس ناري“ (١٩٦٤)، پيار جا سپنا (١٩٦٧) ۽ ”ديوتا روئي ڏنو“ آھن. شريچند ھوندراج وري ٻارن لاءِ سٺا ناول لکيا. جن ۾ سندس ”بھادر راجڪمار“ (١٩٧٢)، ”پيار جو پيغام“ (١٩٧٨)، خاص آھن. ڪرشن ايسرداس گربخشاڻي ”ھٺيلي“، ”ھڪ دل ھزار زخم“ جهڙا سٺا ناول لکيا. ڪشور چمو جا ”جيو“، ”لاج“ ۽ ”ڪمزور ڪڙيون“ جهڙا رومانوي ناول لکيا. ڪمل پياسي ”ٻھ آواز ھڪ پڙاڏو“ ناول لکيو. جيڪو رومانوي ناول آھي. لوڪرام ڏوڏيجا ”خوني ڪير (١٩٦٧) ”ھنڊي جو حوالو“ وغيره ناول لکيا. مشھور ڪھاڻيڪار گنو سامتاڻي جو ناول ”واپس“ (١٩٧٥) ڪافي مشھور ٿيو. ھن ناول ۾ تمام گهڻو اثر آھي. ڪردار ناول جي ڪھاڻي کي پڄاڻيءَ تائين آڻيندي گفتگو ۽ عمل جو ھڪ سلسلو قائم ڪن ٿا.
ھولارام ھنس، بنيادي طور تي نقاد آھي، ھن جو ناول ”پايل“ ١٩٨٢ع ۾ شايع ٿيو. ھن ۾ فئنٽيسي تي ٻڌل ھڪ ڪھاڻي آھي، جتي ھڪ نئين دنيا جي ڇوڪري سان ھو محبت ڪري ٿو ۽ ھن کي ھندستان جي ادب ۽ ثقافت سان روشناس ڪرائي ٿو. ان کان علاوه سندري اتمچنداڻي، پوپٽي ھيراننداڻي، ڪلا پرڪاش، ريٽا شھاڻي، موھن ڪلپنا، ڊاڪٽر چندو لعل جيسنگهاڻي، موتي لعل جوتواڻي، ڪرشن کٽواڻي، ڪيرت مھرچنداڻي، موتي پرڪاش، ھري موٽواڻي، لعل پشپ، گوبند خوشحالاڻي، ھري ھمٿاڻي، پرم اپچنداڻي، آنند ٽھراڻي، جوتي ايشوري، آنند کيماڻي، آنند رامچنداڻي، تارا ميرچنداڻي، شيام جيسنگهاڻي، وشنو ڀاٽيا، لڇمڻ ساٿي، نامديو چنداڻي، گرڌاري لعل ڏوڏيجا، سندر حشمتراءِ ۽ ٻيا ڪيترائي نالا اچي وڃن ٿا، جن ھندستان ۾ سنڌي ناول جي ترقيءَ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آھي.