سنڌي ناول جي مختصر تاريخ تي تاثر
اديبن ۽ ادبي تحريڪن توڙي جلسن جلوسن کان بنهه پري رهندڙ مختيار جو تازو جيڪو ڪتاب آيو آهي، ان جو نالو آهي ”سنڌي ناول جي مختصر تاريخ“ هيءُ ڪتاب ادبي تاريخ به آهي ۽ مختصر به آهي، ان ڪري، هن ڪتاب تي تنقيدي اڀياس لکڻ کان اڳ جيڪو ڪجهه مان لکڻ چاهيان ٿو، اهو فقط تعارفي آهي. ان تعارف ۾ مختيار جي هن ڪتان جي تعريف گهڻي ڪرڻ ان حوالي ۾ اهم آهي ته هن سنڌي ادب ۾ ناول جي ان حصي جو نهايت چڱو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو حصو اسان جي عام پڙهندڙ کان وٺي لکندڙ تائين نهايت ڏکيا ئيءَ سان پهچي ٿو، مختيار ان ناول، جيڪو سنڌ کان ٻاهر ڇپيو آهي، تي گهڻو لکي هن ادبي تاريخ کي گهڻو اهم بڻايو آهي، ڇاڪاڻ ته ايندڙ ادبي تاريخ لکندڙ لاءِ هن جهجهو مواد پنهنجي ڪتاب ۾ رهنمائيءَ لاءِ ڏنوآ هي، ان مواد هٿ ڪرڻ پويان جيڪا مختيار جي محنت آهي، اها کيس هڪ اهم ادبي تاريخ لکندڙ طور ياد رکندي، ٻيءَ طرح سنڌ ۾ اصلوڪن ناولن توڙي ۽ ترجمي جي صورت ۾ آيل ناولن بابت مختيار نهايت گهڻي نيڪ نيتيءَ ۽ پاسخاطريءَ کان سواءِ لکيو آهي، جيڪا ڳالهه ڪنهن به تاريخ لکندڙ لاءَ ضروري هجڻ گهرجي، شايد ان جو سبب به اهو آهي ته مختيار ڪنهن به ادبي ڌر جي نظريي جي اثر هيٺ نه رهيو آهي، مختلف ڌارائن جي اثر هيٺ لکيل ۽ ترجمو ڪيل ناولن بابت مختيار جي راءِ نج تاريخ لکندڙ واري آهي، اها نه اڀياسيءَ طور هن ڏني آهي ۽ نه هڪ نقاد طور. ان ڪري مجموعي طور سندس لکيل هيءَ ناول جي تاريخ، سنڌ جي ادبي تاريخن ۾ اهم جڳهه والاريندي، ان جو هڪ سبب اهو به آهي جو هن ڪتاب ۾ اڄ جي تاريخ تائين گهڻي ۾ گهڻيون داخلائون درج ٿيل آهن، جيڪا ئي ادبي کوجنا آهي. ٻيو ته مختيار حوالا جيئن جو تيئن نه کنيان آهن، هن انهن جي ڇنڊ ڇاڻ به ڪئي آهي، ته تصديق به ڪئي آهي سندس ان جذبي ئي گهڻي حد تائين هن ڪتاب کي مستند هجڻ واري مڃتا ڏني آهي، سنڌي ناول جي الڳ الڳ پهلوئن بابت برابر مختيار مختصر ئي لکيو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻي صورت ۾ هيءُ ڪتاب هزار صفحن جي لڳ ڀڳ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ها ! هُن ڪتاب مختصر ضرور ڪيو آهي، پر ان کي مستند بڻائڻ جي هن ممڪن حد تائين ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪيتريون ئي سنڌي ادب جي اڄ جي پڙهندڙن کان لڪل داخلائون به درج ڪيون آهن، جيڪو هڪ تحقيق/کوجنا جو ڪم ڄاتو ويندو آهي. اهڙي هڪ لاجواب ڪم تي مختيار گهڻو گهڻو جس لهڻي، هن ٽي سئو چوهٺ صفحن جي سنڌي ناول جي مختصر تاريخ کي، سنڌ جي ثقافت واري کاتي نهايت اوچي پني، پڪي جلد ۽ اکين کي وڻندڙ ٽائيٽل سان ڇپايو آهي.
رکيل مورائي
ڪراچي