لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ناول جي مختصرتاريخ

ھن ڪتاب ۾ مختيار ملاح ناول جي جدا جدا جزن، ناول جي اوسر، سنڌي ناول جي تاريخ، ناول جي رجحانن، ورھاڱي کان اڳ ۽ ورھاڱي کانپوءِ سنڌ ۽ ھند ۾ لکيل ناولن جو سرسري جائزو ڏنو آھي. 

Title Cover of book سنڌي ناول جي مختصرتاريخ

آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ناول جا موضوع ۽ لاڙا

سنڌ ۾ ھن وقت تائين لکيل اڪثريتي ناول موضوعاتي اعتبار کان ٿلهي ليکي ٽن قسمن جا آھن: ھڪڙا نيم تاريخي يا تاريخيت کي موضوع بڻائي لکيل ناول، جن ۾ ڪنھن مخصوص دور کي کڻي، تهذيبي سفر، تاريخي ارتقا، سياسي حالتن يا ويڙهه کي موضوع بڻايو ويو آھي ۽ اھڙا اڪثر ناول ڪنھن گذريل زماني يا دؤر سان واسطو رکن ٿا. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکي ٿو ته ”ورھاڱي کان اڳ ناولن جو موضوع ۽ مواد گهڻو آزادي جي رجحان تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ انگريزن جي حڪومت جي ظلم ۽ نا انصافي جي خلاف نفرت جي اپٽار ٿيل آھي. ھن دور جي ناولن جو موضوع بلڪل سادو سودو ۽ عام ماڻھن جي سمجهه کان مٿي نه آھي. ڪھاڻيون عام ماڻھو جي عام مسئلن تي ٻڌل آھن، جيئن غريبن تي ظلم، شاھوڪار ۽ زميندارن جا ظلم، ريتن رسمن تي نڪتھ چيني ۽ وقتي حالتون وغيره. ھن دور جي ناولن ۾ نه رڳو ڳوڙھا خيال ۽ مسئلا پيش ٿيل نه آھن پر اعليٰ ويچار به ظاھر نه ٿا ٿين. جنھن ڪري پڙھندڙن جي توجهه نه ٿي ڇڪجي. ھن دور ۾ سياسي شعور بلڪل اوج تي پھتل ھو تنھن ھوندي به ناول ۾ انھيءَ موضوع کي ڪا به اھميت نه ملي سگهي. فني لحاظ کان به ھن دور جي ڪنھن به ناول کي شاھڪار نه ٿو سڏي سگهجي، نڪي انھن ۾ ڪا اھڙي خاصيت نظر اچي ٿي جيڪا ڪنھن ناول کي مثالي ثابت ڪري سگهي“.(1) اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي، پر سنڌي ادب ۾ ڪي ناول واقعي معياري ۽ ترقي پسند ۽ تاريخي حيثيت رکن ٿا، جن ۾ آزاديءَ کان پوءِ سنڌ ۾ ھر قسم جا ناول جهڙوڪ رومانوي، نفسياتي، ڊرامائي، تاريخي، عصري، اسراري ۽ ترقي پسند لکيا ويا آھن. طبعزاد ناولن کان سواءِ ڪيترائي يورپي ملڪن جا شاھڪار ناول سنڌي ۾ ترجمو به ڪيا ويا آھن.
يورپي ادب تي نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته ان جي ترقيءَ جو دارومدار ھميشھ ادبي تحريڪن ۽ نون لاڙن جي جنم وٺڻ جي ڪري ٿيو آھي. مثال طور انگريزي ادب ۾ ”رومانيت“ ۽ ”ڪلاسيڪيت“ جون تحريڪون ھميشھ غالب رھيون آھن ۽ ان کان علاوه جديد ادبي لاڙن جو به وقت به وقت اثر رھندو آيو آھي. سنڌ جون سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ علمي ادبي حالتون ھميشھ بگڙيل رھيون آھن، اھڙين حالتن کي ھميشھ شاعرن، اديبن ۽ عالمن منھن ڏنو آھي. اھڙن صورتحال ۾ ڪيترن ئي تحريڪن جنم ورتو آھي. ٻئي طرف خاص طور تي انگريز دور کان وٺي ڪيترن ئي يورپي ادبي لاڙن جو سنڌي ادب اثر قبول ڪيو آھي.
سنڌي ادب ۾ قومپرستي، وطن جي محبت، ريتون رسمون، معاشرتي حالتون، ماحول تي نڪتھ چيني وغيره اھم لاڙا آھن. نوان نوان موضوع ۽ مسئلا ظاھر ٿيا، جن ۾ حالتن ادب جي ترقي جي ضرورتن کي پسمنظر ۾ آندو. جنھن ڪري ھنن ۾ ماديت جو اثر به ظاھر ٿيو. انھيءَ کانسواءِ ھنن پنھنجي معاشري اندر، اخلاقي بد حالي جون تصويرون پيش ڪيون ۽ قوم جي غيرت کي للڪاريو. کين انسان بنائڻ لاءِ صحيح اخلاقي ۽ مڪمل اصلاح ڏني. ناول نگارن اخلاقي ۽ اصلاحي موضوعن کي پنھنجي تخيل ۽ تصور جي مدد سان اھڙي ته خوبصورت تصوير بڻائي پئي. انھيءَ حقيقت کي پيش ڪندي ناول نگارن احساسن ۽ جذبن جو ڪھاڻين تي اھڙو رنگ چاڙھيو جو پڙھندڙ پڙھڻ وقت ڪردارن ۾ پاڻ کي شامل سمجهندو ھو. ھن دور جي ناولن ۾ سياسي اقتصادي، مذھبي ۽ معاشرتي حالتن کي تمام خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو ويو آھي.هتي اسان موضوع وار انهن ناولن جو مختصر جائزو وٺنداسين:

سماجڪ ناول
معاشرتي ، سماجي سائنس ۾ معاشري يا سماج جي باري ۾ مختلف نظريا، سماجي براين جا سبب ۽ سڌارا ، معاشري ۾گروهه بندي، اجتماعيت، وغيره کي سماجيات جي زمري ۾ آڻي سگهجي ٿو. سماجيات ۽ ادب جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. درحقيقت ادب جو محور ئي سماج هوندو آهي. سماجي ناول مان اسان جي مراد اهو ناول هوندو آهي، جنهن ۾ معاشرتي مسئلن، گهريلو ماحول، دنيا داري، پنگتي مسئلن وغيره جي عڪاسي يا نشاندهي هجي. آزاديءَ کان پوءِ جڏهن، سنڌي ناول جي ٻيهر ارتقا ٿي، تڏهن هلڪن ڦلڪن سماجي مسئلن کي ناول جو موضوع بڻايو ويو، جنهن ۾ عشقيه مسئلا به شامل هوندا هئا. ان قسم جا ناول اڳتي هلي سماجي حقيقت نگاريءَ جي راهه حموار ڪرڻ لڳا.
ڊاڪٽر پروفيسر قاضي خادم لکي ٿو ته ”ھيرالڊرابنس، البرٽوموراويا، ولادميرنيوبڪاف، جان پال سارتر، فرانسوزساگان، البرٽ ڪامئو، اي. ايم فارسٽر، ورجينا وولف، اليڪس ھيلي، جيڪولن سوزن، گريس ميٽيليس، مارگريٽ مچيل، قرة العين حيدر، آسانند مامتوراءِ، نارائن داس ڀمڀاڻي، قاضي فيض محمد، آغا سليم، سراج، مـحـمـد عـثـمــان ڏيپلائي ، راقم الحروف، نجم عباسي، غلام نبي مغل، طارق عالم، سندري اتم چنداڻي، علي بابا، زيب سنڌي ۽ ٻيا ڪئي ناول نگار اھڙن موضوعن تي قلم آزمائي چڪا آھن. ھنن جي ناول ۾ تاريخ، حالات ۽ واقعات کي انساني سوچ ۽ عمل جي پس منظر طور ڏيکاريو ويو آھي. ھنن زندگي جي ارتقا جي تاريخي عمل کي مختلف رخن کان ڏسي پيش ڪيو آھي. ھنن جي ناولن ۾ جديد دورجي انسان جي اندروني محاذ آرائي کي وڌيڪ اھميت ڏني وئي آھي. ھاڻ ھيرو ۽ ولن وارو اھو تصور ئي ختم ٿي ويو آھي، جيڪو اوائلي دور ۾ پيش ڪيو ويندو ھو. ھاڻ ھڪ انسان مختلف حالتن ۾ جيڪو رد عمل ڏيکاري ٿو، تنھن کي ئي بنياد بنايو ويو آھي. حالتون واقعات ۽ ڪيفيتون انسان کي جدا جدا طرز عمل اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون. ڪيئن ھڪ چڱو ماڻھو مشڪل وقت ۾ خراب بڻجيو وڃي ۽ ڪيئن ھڪ خراب شخص وقت اچڻ تي چڱو بڻجيو وڃي. ائين کڻي چئجي ته انسان پنھنجي مٿان حالتن جي ڪري جيڪو چڱو يا برو لبادو ڍڪي ٿو ھلي، اھو ڪنھن آزمائش جي وقت ۾ ڪيئن نه لاھي ٿو ڦٽو ڪري اھو موضوع آھي اڄ جي ناول نگار جو“.(1)
1952ع ۾ انجم ھالائي جو ناول ”ڪاروان زندگي“ ۾ شعاري ۽ محنت وغيره تي ٻڌل آھي. مشھور اديب علي آزاد به ڪيترائي ننڍا وڏا ناول لکيا، جن ۾ ”شيش محل“،”شامت اعمال“،”نئنڊ جو سٽڪو“،”مظلوم شھزاديون“، ”نجات الفت“ وغيره قابل ذڪر آھن. الله بخش ٽالپر جا پڻ ڪجهه ناول شايع ٿيا جن ۾ ”پرديسي جو پيار“ ۽ ”مالهڻ“ اھم آھن. ”پرديسي جو پيار“ ھڪ اصلاحي ناول آھي، جنھن ۾ روزانھ زندگي جا نقشا چٽيا ويا آھن.
غلام علي کوکر (1924-2014ع) جو تعلق سکر سان آهي. پيشي جي لحاظ کان جج هو. سندس ڪهاڻين جو مجموعو “نئون افق” 1955ع ۾ شايع ٿيو. ان کان اڳ سندس ناول “نادره” پڻ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ سماجي مسئلن تي بحث ڪيو ويو آهي.عبداللطيف راز بلڙائيجا ڪيترائي ناول پڻ شايع ٿيا جن ۾”گناھھ“(1953ع)، ”گلبدن“،”بک ۽ بيروزگاري“ ۽ ”شرابي“ اھم آھن. ھن جا ناول سماجي ۽ معاشي مسئلن جي نشاندھي ڪن ٿا. سيد حافظ شاهه ناطق حسيني پڻ ڪيترائي معاشرتي ۽ رومانوي ناول لکيا جن ۾ ”عورت“، ”ڏوھي ڪير“ (1959ع)، ”چلولي“ (1961ع)، ”وڇڙيلن جو ميلو“ (1964ع) اھم آھن. منصور ويراڳي جا پڻ ننڍا وڏا ناول منظر تي آيا جن ۾ ”شام و سحر“ (1965ع)، ”سوري جنين سيج“ (1965ع)، ”رت جا ڳوڙھا“ (1971ع) خاص ناول آھن. منصور ويراڳي ون يونٽ واري دور ۾ قومي تحريڪ جو مڪمل اثر قبول ڪيو.
محمد شفيع انور ”ھالائي“(1925-1995ع) بنيادي طور شاعر هو سندس شاعريءَ جو مجموعو ”چنڊ جون ڪلائون“ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيل آهي. ھڪ ناول ”آواره“ (1955ع) پڻ شايع ٿيل اٿس.”آواره“ ٻن دوستن منصور ۽ يونس جي زندگين ۽ سوچن تي مشتمل آھي. ھي ناول رومانوي فضائن سان پڻ ڀرپور آھي. يونس کائو پيئو خوش رھو جو قائل آھي، جڏھن ته منصور زندگي جي آدرشي رنگ کي اھميت ڏئي ٿو. شاھده ھن لاءِ ملڪيت ڇڏي ٿي وڃي ۽ جڏھن ته ھو عذرا سان باقي زندگي آرام ۽ بي فڪري سان گذاري ٿو. ناول ۾ جيتوڻيڪ داستان وارو رنگ به سمايل آھي ۽ پر سڄو ناول جي انداز ۾ لکيل آھي. محمد طيب ”نصر پوري“ڪجهه ننڍا ناول به لکيا جن ۾ ”گردش افلاڪ“ ( 1960ع) ”پيار جي شادي“ (1960ع)، ”محبت ۽ فرض“ (1954ع) ۽ ”فانينا“ اھم آھن.لاڙ جو ادبي ۽ ثقافتي ذڪر محمد سومار شيخ (1935-1986ع) جي ذڪر کان سواءِ اڌرو ھوندو آھي. سندس جنم ڳوٺ قرھيو ڀانڊاري ضلعي بدين ۾ ٿيو. ھو بنيادي طور تي محقق ھو پر افسانوي ادب ۾ به حصو ورتائين. سندس ناولن ۾” آڌي رات“ (1958ع) ۽ ”عبراني“ (1973ع) شامل آھن. سومار شيخ جو ھي ناوليٽ”آڌي رات“ 1985ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو اڄڪلهه اڻ لڀ آھي. ھي ناوليٽ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو، جنھن ۾ لاڙ واري سنڌ جي ريتن، رسمن جي آڌار تي ھڪ رومانوي قصو ٺاھيو ويو آھي. سندس ناول عبراني لاڙ ادبي سوسائٽي، بدين طرفان 1973ع ۾ شايع ٿيو. ناول جي باري ۾ خود ليکڪ لکيو آھي ته ”يھودين جي ڪنھن به ڪارڪردگي سان آءُ اتفاق نٿو رکان، سواءِ ھن جي، جو ھنن ”عبراني“ مرده ٻولي معجزانھ طور زندهه ڪئي. يھودين جو اھو عظيم ڪارنامو آھي. انھيءَ ڪارنامي متعلق مون ھي ناول لکيو آھي اميد ته ٻوليءَ جا پانڌيئڙا ھي ”ناول“ پڙھي دلي سرھاڻ ۽ سڳنڌ محسوس ڪندا“.(2)
شعبان بخت پڻ ناول لکيا. جن ۾”ور وطن ڄائي” (1961ع)،”اکڙيون اوجاڳيون“ (1965ع) ۽”جميلا“ اھم آھن. سندس سڀئي ناول سياسي، سماجي ۽ معاشي ۽ رومانوي پھلوئن کي چٽن ٿا. قاضي عبدالڪريم جو ناول ”نوران“ طبعزاد آهي، جيڪو ادراه ”آواز ادب“، حيدرآباد طرفان شايع ٿيو. هي ناول اسلامي نظريه ۽ اخلاقي قدرن کي سامهون رکي لکيو ويو آهي، رشوت ۽ بيجا ڪمائي جي خلاف، هن ناول ۾ دليل ۽ ڪردار ڏنا ويا آهن. رشوت خور کي اهڙو ته خوار ۽ رسوا ڏيکاريو ويو جو پڙهندڙ توجهه ڪري. محمد علي ڀٽي جو ناول”سورج شاخون ڪڍيون“ هڪ اخلاقي ۽ اصلاحي ناول آهي. هن ناول ۾ مايوسين کان پوءِ اميدون ۽آسون ڏيکاريون ويون آهن. سورج شاخون ڪڍيون“ محمد علي ڀٽي جو لکيل آهي ۽ هيءَ ناول ”ادراه آواز ادب“ پاران شايع ٿيو. هي هڪ اخلاقي ۽ اصلاحي ناول آهي. هن ناول تي ان دور جي وزيرن کان تعريفي تاثرات به لکرايا ويا. شوق سنڌيءَ 1961ع ۾ ”اديون ڏيوم صلاح“ هڪ اصلاحي ۽ نفسياتي ناول ادراه آواز ادب پاران شايع ٿيو. هن ناول ۾ ڏي وٺ جي رسم، ڀيٽ لکي ڏيڻ، پنهنجي نياڻين کي خاندان کان ٻاهر شادي نه ڪرائڻ ڪري ويهاري ڇڏڻ، نياڻين کي پئسن جي عيوض شادي ڪرائڻ، پورهڻ سان زوري شادي ڪرائڻ وغيره جهڙا موضوع آهن. هن ناول جو موضوع ”نياڻين جي شادي“ آهي. هڪ هنڌ ناول نگار لکي ٿو ته: ”وڏيرو سٺ سالن جو اچي ٿيندو،ايئن پنهنجي نياڻي جوان جماڻ ڌيءَ هن پوڙهي کي ڪيئن ڏينداسين“.(3)
عبدالحق عالماڻي (1941- 1974ع) جو شمار نالي وارن ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. هن جو ”ڪارو ڪارونڀار“ ٻهراڙي جي ماحول ۽ مقامي رنگ ۾ بهترين ناول آهي. ناول ۾ هڪ هنڌ ترقي پسندي جي ڳالهه ڪندي لکي ٿو ته: ”خلائن ۾ نهاريندي هن سوچيو هو ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو، جڏهن هن سر زمين جا پيڙهيل ۽ نپوڙيل انسان، جلهه ڪري هن ڌرتيءَ جي پاتال ۾ پيل نيئر ٽوڙي نڪرندا، تڏهن هڪ ڀيرو وري انسان مٿان ڏاڍ ۽ ظلم وارو هٿ الرڪندو، پوءِ هن ڌرتيءَ جا لڱ ڌڏندا، مائرون پنهنجي ٻچڙن جو دان ڏينديون، هي ڌرتي صدين کان اڃايل آهي“.(4)

تاريخي ناول
آزادي کان اڳ، سنڌي ٻوليءَ تمام گهڻا تاريخي ناول شايع ٿيا، پر اهي مذهبي تڪرار تي مبني وڌيڪ هئا. پر آزاديءُ کان پوءِ گهڻا ناول سنڌ جي تاريخ تي لکجڻ لڳا، ۽ سنڌي ادب ۾ ناولن جي ھڪ تحريڪ بنجي پيا ۽ پڙهندڙ ۾ مشهور به ٿيا آهن. تاريخي ناولن جي مناسبت سان سراج ميمڻ ١٩٩٤ع ڌاري ماھوار ”سنڌ سجاڳ“ ۾ انٽرويو ڏيندي چيو ھو ته ”اھي . . . Larger than Life يعني زندگي جي ڪنھن ھڪ رخ جي ڳڻ-ڳوت کان ڊگهيرا ھوندا آھن ٻين لفظن ۾ خود ناول جو ڪئنواس پنھنجي تاريخي تناظر جي حوالي سان محسوس ٿيندڙ ۽ نظر ايندڙ زندگيءَ جو شيشائون عڪس يا مائڪرو اسڪوپڪ ويو Microscopic View ٿي پوندو آھي. اھو انھي ڪري سڀاويڪ ھوندو آھي جو پڙھندڙ آڏو جڏھن ھڪ بيان کي منظر ذريعي لاڳاپيل تصوير ذريعي بيان ڪبو ته ھن تصور ۽ سمجهه جي خاني ۾ ان جي بيان جي اصل حقيقت چٽي ٿي نه سگهندي، جيئن ”ڪولمبو“ ناول آھي. ان ۾ صرف سريلنڪا جي سياسي حالتن کي ڪردارن ۽ مڪالمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اھميت ڏني آھي“.(5)
آزاديءَ کان پوءِ پوءِ سڀ کان گهڻا ناول محمد عثمان ڏيپلائي لکيا آھن. ھو ھڪ اھڙو ناول نگار ھو، جنھن تاريخي، اسلامي، مسلمان سورھين کان علاوه وقتي مسئلن، سماجي براين ۽ انقلابي موضوعن تي اصلوڪا ناول لکيا. ھن صاحب ھڪ طرف پير پرستي خلاف ته ٻئي طرف دنيا جي تاريخ مان موضوع ورتا. اھو ئي سبب آھي جو سندس ڪيترائي ناول ضبط به ٿيا. آزاديءَ کانپوءِ ھن جي لکيل تاريزي ناولن ۾ ”روم جي راڻي عرف شڪست حسن“، ”ھر شربا نازنين“، ”ڪارا ڪافر“، ”نازنين يورپ“ (ٻي صليبي جنگ)، ”شاهه امان لله“، ”فتح فلسطين“، ”نيل ڪنوار عرف فتح مصر“، ”غازي صلاح الدين“، ”فتح اسپين عرف عصمت جي قيمت“، ”ڪاشيءَ جا پاپڙ“، ”ڪنيز اسلام“، ”ٽيپو سلطان“، ”حيدر علي“، ”ايراني شھزادي“، ”شير شاهه ۽ ھمايون“، ”شوڪت اسلام“ (ٻھ حصا)، ”عروج اسلام“ (ٻھ حصا)، ”جلوه اسلام“، ”فتح اسلام“، ”گمراهه مسلمان عرف ھندو، مسلم اتحاد“، ”فتح ايران“، ”سومناٿ جي سندري عرف گجڻي جي دانھن“، ”غازي محمود غزنوي“، ”غازي اورنگزيب“، ”گلستان حسن عرف ڪوه ڪاف جي پري“، ”ھوشربا شھزادي“، ”سنگدل شھزادي“، ”نازنين سمرنا“، ”حور بغداد“، ”آفريڪا جي شھزادي“، ”شيوا جي شيش محل“، ”چين جو چنڊ“، ”قسطنطنيھ جي شھزادي“، ” جنگ ترڪ و جرمن“، ”فتح المقدس“، ”انقلاب سنڌ عرب فتح پاڪستان“، ”احمد شاهه ابدالي“، ”افضل شھيد“، ”مينا بازار“، ”ڏاھري رنگ محل“، ”سبڪتين ۽ جئھ پال“، ”فتح ير موڪ“، ”بلبل ايران“، ”ھندستان کان پاڪستان“ (ترجمو)،”1957ع جي آزادي جي جنگ“ (1957ع)، ”شير ايران“، ”غازي مصطفيٰ ڪمال“، ”جپاني گڏي“ (ترجمو)، ”غازي انور پاشا“، ”ڪنول ڪلي“، ”سانگهڙ“، ”سمر قند جا صوف“ (چار حصا)، ”سسي نيزي پاند“ (ترجمو)، ”ڪوريا جي ڪنوار“، ”مجاھد اسلام“، ”انقلاب ايران“، ”ريف جو مجاھد“، ”سوڊان جي سونھن“، ”زلف چين“، ”مصري جاسوس“، ”چوڏھين صدي جا چار درويش“ ۽ ڪجهه ٻيا ناول پڻ شامل آھن.هنن ناولن ۾ سندس”سانگهڙ“ انگريزن جي دور ۾ ھليل ”حر تحريڪ“ جي پسمنظر ۾ آھي. ھن ناول ذريعي ڏيپلائي صاحب سنڌ جي ھڪ عظيم سپوت ۽ مجاھد پير صبغت الله شاهه راشدي عرف پير پاڳاري جي ھيرو واري ڪردار کي نه رڳو اڀاريو آھي پر ”حر تحريڪ“ جي اھميت ۽ ھر ڪردار کي بيمثال نموني به پيش ڪيو آھي.
سراج جو ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ترخانن جي سنڌ ۾ ٿيل ظلم ۽ سنڌي جوڌن جي ويڙهه تي ٻڌل آھي. ھن ناول ۾ سنڌ ۾ ترخانن جي دور جي ظلمن ۽ سنڌ جي جوڌن جي بھادري کي اجاگر ڪيو ويو آھي. ناول جي پسمنظر ۾ اسان ڏسي سگهون ٿا ته سموري سنڌ ۾ ھڪ طرف ظلم، زبردستي ۽ ڏاڍ مڙسي عروج تي آھي ته ٻئي طرف حاڪمن جي فوج جا گهوڙا ٺٽي کان سکر تائين ۽ شڪارپور کان ٿرپارڪر جي وارياسين پٽن تائين سجاڳ سنڌين کي پنھنجن مضبوط ۽ ڳرن سنبن ھيٺ لتاڙيندا ۽ چيڀاٽيندا رھيا. سندس ٻيو ناول ”مرڻ مون سين آءُ “ ۾ سنڌين ۽ مغلن جي معرڪن جو ذڪر آھي. آغا سليم جو ناول ”ھمھ اوست“ جهوڪ شريف واري جنگ جي پسمنظر ۾ آھي. اونداھي ڌرتي روشن ھٿ“ سنڌ جي مختلف دورن مان سچائي جي سفر جو لازوال داستان آھي. ھن ناول ۾ سنڌي ثقافت ۽ تهذيب موھن جي دڙي کان وٺي پاڪستان جي قيام تائين سفر ڪري ٿي. ھن ناول جا مرڪزي ڪردار سارنگ، سنڌو ۽ ماڻڪ تاريخ جي ھر دور ۾ فڪر ۽ جذباتي احساسن سان نمودار ٿين ٿا. چند اقتباس مثال طور پيش ڪجن ٿا:
”شهر جي مٿاهين حصي ۾ ٻه محلات هئا. هڪڙي ۾ وڏو پوڄاري ۽ ٻئي ۾ وڏي پوڄارڻ رهندا هئا. ٻنهي محلاتن جي چوڌاري ننڍيون ننڍيون ڪوٺيون ٺهيل هيون جن ۾ پوڄاري ۽ پوڄارڻيون رهنديون هيون. هر سال جڏهين پورهيتن جو پگهر سونا سنگ بڻجي هوا ۾ جهولندو هو تڏهن لاباري کان اڳ هڪڙي چانڊوڪي رات جو جشن ملهايو ويندو هو. شهر ۽ ٻنين جي وچ ۾، درياه جي ڪنٺي تي سڀئي ماڻهو اچي مڙندا هئا. سڀ گڏجي مڌ پيئندا هئا. دهل ۽ کڙتال وڄائي ناچ کيج ڪندا هئا، سانگ رچائيندا هئا ۽ اُن طاقت اڳيان مٿو ٽيڪيندا هئا جيڪا هِتي هُتي، هر هنڌ هئي پر تڏهن به نظر نٿي آئي. جنهن جا هزارين روپ هئا، پر پاڻ بي روپ هئي، هزارين رنگ هئا، پر پاڻ بي رنگ هئي، هزارين نانءُ هئا، پر پاڻ بي نانءُ هئي، جيڪا ڌرتيءَ جي سيني مان سونا سنگ ۽ عورت جي ڪک مان چنڊ بڻجي اُسرندي هئي. ان رات شهر جون سڀ سونهاريون، سوڀياريون ڪنواريون ساٺ سينگار ڪري مهاپوڄاري جي اڳيان نچنديون هيون ۽ مهاپوڄاري شهر جي ڪنوارين مان سڀ کان سونهاري ۽ سوڀياري ڪنواريءَ جي مٿي تي زرخيزي جي ديويءَ جو تاج رکندو هو ۽ ان رات کان پوءِ اها ڪنواري مٽن مائٽن سان ناتا ٽوڙي، سڀئي لاڳاپا لاهي، زرخيزي جي ديوي ۽ مهاپوڄارڻ بڻجي محل ۾ اچي رهندي هئي ۽ ان کان اڳ واري مها پوڄارڻ داسي بڻجي محل کان ٻاهر وارين ڪوٺين ۾ رهڻ لڳندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن مهاپوڄاري زرخيزيءَ جي نئين ديوي چونڊڻ جي بدران گذريل سال چونڊيل مها پوڄارڻ جي مٿي تي ئي ديويءَ جو تاج رکندو هو ۽ هوءَ هڪ سال لاءِ وري مها پوڄارڻ بنجي راڄ ڪندي هئي“.(6)
علي بابا جي ناول ”موھن جو دڙو“ ۾ موھن جي دڙي جي تهذيب کي جياريو ويو آھي. مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار غلام نبي مغل جو پهريون ناول ”اوڙاهه“۾ گذريل ساڍن چار سؤ سالن ۾ جيڪي سنڌ تي ڏاڍ ۽ جبر ٿيا آھن. ناول ۾ ارغون، ترخان ۽ مغل دور ۾ وچين ڪلاس ۽ ان سان گڏ ڪمين ڪاسبين کي جنهن خوني عمل سان شهرن مان تڙي يا ماري ڪڍيو ويو، ۽ سنڌ کي سياسي، اقتصادي ۽ تهذيبي طرح پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ورهاڱي (1947ع) جي لڏپلاڻ ، ون يونٽ واري زماني ۾ سنڌ ۾ ٻاهرين جي آبادڪاريءَ سان گڏوگڏ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده وچولي طبقي جي اڀرڻ يا ان جي جدوجهد جو ذڪر ڏنل آهي. ناول “اوڙاهه” ان سموري تاريخي جاکوڙ بابت آهي.
شيخ عبدالرزاق ”راز“شاعر، ناول نگار، افسانھ نگار، محقق، نقاد ۽ پبلشر ھو. ورھاڱي کان پوءِ ھو افسانوي ادب ۾ ترقي پسند ليکڪن ۾ ليکيو وڃي ٿو. سندس ”ڊاڪ بنگلو“ (ڪھاڻيون: 1954ع)، ”مسافر“، (ناول) ۽ ”سانگي ڪي ساريام“ (يادگيريون) اھم ڪتاب آھن. سندس ناول ”مسافر“ سنڌ جي پنج ھزار سالن جي تاريخي پسمنظر ۾ لکيو ويو آھي. ھن ناول ۾ سنڌ جي تاريخ جا مختلف واقعا ۽ ثقافتي اھڃاڻ غير جانبداراڻھ انداز ۾ پيش ڪيا ويا آھن. ھي ناول اڳ ۾ ”نئون آدمي“ جي نالي سان شايع ٿيو ھو. ھن ناول جا ڪردار، ان دور جي ثقافت ۽ مزاج موجب، حق ۽ سچ جا علمبردار ھئڻ سان گڏ، حقيقت پسند، روشن خيال، معاشري جي غلط ريتن رسمن، اخلاقي گمراھيءَ کان آجا ھئا. ھن ناول جو مرڪزي ڪردار ”ساجن“ آھي، جيڪو ھڪ علامتي ڪردار آھي. ھن ڪردار بابت ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سنڌي لکي ٿو ته: ”ساجن امر آھي ۽ ھر دور ۾ ھلندو، مسافر وانگر، سنڌ جو سير سفر ڪندو ۽ ساڳئي مثبت انداز ۾ سوچيندو نظر اچي ٿو. ھي ھڪ علامتي ڪردار آھي.ناول نگار جو نقطھ نظر ھي آھي. ته ھر دور ۾ ساجن جي وصفن ۽ خصوصيتن وارو ڪردار ضرور موجود رھيو آھي، جيڪو ان زماني جو لوڪن وانگر نمودار نه ٿو رھي، پر انھن جي ابتڙ اوڀارو ھلي ٿو. گمراهه معاشري، غلط ريتين رسمن، انسان دشمن حالتن ۽ مشرڪانھ عقيدن تي سندس دل تڙپي اٿي ٿي. ھر دور ۾ ھو اصلاح جو خواھان رھي ٿو ۽ انھن ماڻھن جو ساٿ ڏيندو نظر اچي ٿو. جيڪي صحيح سوچ رکن ٿا، جي ھيڪڙآئي جو پرچار ڪن ٿا ۽ ظالمن پرمارن ۽ ڌرمي دڪاندارن سان جنگ جوٽيندا رھن ٿا يعني فطرت جي قانون پٽاندڙ ھي ڪردار تخليق ڪيو ويو آھي“.(7)
احمد علي چانڊيو (14 جولاءِ 1952ع)جو جنم ڳوٺ ڇاڄڙي، تعلقو ميرو خان ضلعو شھداد ڪوٽ ائٽ قمبر ۾ ٿيو. ھن ڪھاڻيڪار ڊرامانگار ۽ شاعر جو ناول 2005ع ۾ ”ڪويڄن ڪٺي آھيان“ جي نالي سان شايع ٿيو. ھي ھڪ تاريخي ناول آھي. صابر ھڪ تاريخي شخصيت ”حسين بن منصور حلاج“ تي ناول لکي ھڪ تاريخي ڪم ڪيو آھي. منصور حلاج ظالماڻي نظام جي نفي ڪئي ھئي. ان ڪري کيس ڦاھيءَ چاڙھيو ويو. ھي ناول تاريخ جو ھڪ اھڙو وسريل باب آھي. جنھن کان اسان جو نئون نسل اڻواقف آھي. ھن کان اڳ ساڳي موضوع تي لکيل ناول ”ھمھ اوست“ به آھي ان ڪري ھي پھريون ناول ناھي. ھن ناول جي منظرنگاري خوب آھي.
اردو ٻوليءَ ۾ نسيم حجازيءَ جا تاريخي ناول تمام گهڻا مشهور آهن، انهن مان ڪجهه ناولن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر منظور احمد عرساڻيءَ جو ترجمو ”داستان مجاھد“ تاريخ اسلام جي انھي دور متعلق ناول آھي جيڪو مسلمانن جي فتوحات جو سڀ کان وڌيڪ شاندار دور ھو. ھڪ طرف طارق بن زياد اسپين ۾ اسلام جو جهنڊو لهرايو ته ٻئي طرف قتيبھ بن مسلم سمر قند کي فتح ڪيو ۽ ٽئين طرف محمد بن قاسم سنڌ کي اچي باب السلام بڻايو. هڪ ٻيو ناول پروفيسر پروفيسر اسدالله ڀٽي”محمد بن قاسم“ جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي، جنهن ۾ عربن جي هٿان سنڌ جي فتح جو داستان ڏنل آهي. پروفيسر پروفيسر اسدالله ڀٽي، سندس هڪ ٻيو ناول ”شاهين“ پڻ ترجمو ڪيو آهي.

ناول ۾ سياسي پسمنظر
سياسي نوعيت جا ناول به ٿيندا آهن ته سياسي ڪهاڻيون به. هن قسم جي ناول يا ڪهاڻين ۾ سياسي موضوع کي کڻي واقعن جو تاڃي پيٽو اڻيو ويندو آهي. سياسي ناولن ۾ ملڪي سياسي ماحول مطابق ڪردار، پلاٽ ۽ واقعا نگاري ڪئي ويندي آهي. سنڌي ناول جي تاريخ کي پرکڻ سان خبر پوي ٿي ته انگريزن جي دور جي ڪيترن ئي ناولن ۾ همعصر سنڌ جي سياسي حالتن جي عڪاسي ڪيل هئي.پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو موڙ 1955ع ۾ آيو، جڏهن سياسي مصلحت تحت اولهه پاڪستان جي چئن صوبن کي گڏي “ون يونٽ” قائم ڪيو ويو. ون يونٽ خلاف سڀ کان سخت رد عمل سنڌ ۾ ڏسڻ ۾ آيو، سنڌ کي “سابقه سنڌ صوبو” سڏيو ويندو هو. ان ردعمل ۾ سنڌ جي اديبن دانشورن، شاعرن ۽ شاگردن سخت احتجاج ڪيا، ڌرڻا هنيا، جلوس ڪڍيا. سنڌي اديبن خاص طور تي “سنڌي” جو لفظ تخلص طور پنهنجي نالن سان گڏ اختيار ڪيو. قمر شهباز لکي ٿو ته “ون يونٽ خلاف نفرت وڌندي پئي ويئي. سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به قيمت تي اهو غلاميءَ جو ڦندو پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهڻ لاءِ تيار ڪونه هئا. اخبارن، اشتهارن ۽ جلسن جلوسن ذريعي نوجوان طبقي حڪومت جي ان ظالماڻيءَ رٿ جي دل کولي مخالفت ڪئي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اسٽرائيڪون ٿيون. سنڌ جي سر زمين تي پهريون دفعو نوجوان جاڳي اٿيو هو“.(8)تاج بلوچ لکي ٿو ته “ون يونٽ واري دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي ختم ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي “جيئي سنڌ” جو نعرو ڏيئي ان تحريڪ کي اڳتي وڌايو. اها هڪ قسم جي خالص ادبي ۽ ثقافتي تحريڪ هئي، جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي تنظيم ڀرپور ڪردار ادا ڪيو“.(9)
هيءُ اهو دور هو جنهن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي، ڦهلاءَ ۽ اشاعت جي راهه ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون. ان ڪري مجموعي طور سنڌي اديبن جي ذهنن تي به اثر پيا ۽ انهن پنهنجي قلم سان انهن سازشن جو مقابلو شروع ڪيو، جنهن سبب افسانوي ادب ۾ نئون موڙ آيو. هن دور کي سنڌ جي مشهور افسانه نگار امرجليل “مزاحمتي ادب جو دور” سڏيو آهي. مزاحمت سان گڏ قومپرستيءَ جو لاڙو پڻ سنڌي ادب تي حاوي رهيو. سنڌ جي قومي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي ڪهاڻيءَ جو موضوع بڻايو ويو. سنڌي ثقافت جي ڦهلاءُ لاءِ ڪهاڻي کي هٿيار بڻايو ويو. سنڌ جي قومي ۽ تاريخي سورهين جي ناماچاري ڪئي وئي. سنڌ جي قديم تهذيب کي ڪهاڻين ۽ ناولن رستي اجاگر ڪيو ويو. ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ سياسي شعور انتهائي بلند هو. هن دور ۾امرجليل جي ڊگهي ڪهاڻي “جڏهن مان نه هوندس” شايع ٿي، جنهن لاءِ امرجليل جو چوڻ آهي ته هن اهو ناول ڪري لکي هئي، پر حلتون سازگار نه هئڻ سبب ان کي ڊگهي ڪهاڻيءَ طور شايع ڪرايو. اها ڪهاڻيءَ ايوب جي آمريت خلاف هلندڙ تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيل ڪهاڻي آهي. هيءَ ڪهاڻي قومي جدوجهد ۽ قومپرستيءَ جي جذبي کي تقويت ڏئي ٿي. سنڌي قوم جنهن نموني شعور جون منزلون طئي ڪيون تنهن کي سچائي ۽ بي باڪيءَ سان سنڌي ادب ۾ قلمبند ڪيو ويو.
شعبان بخت جو ناول”ور وطن ڄائي” (1961ع) ۽ ”اکڙيون اوجاڳيون“ (1965ع)ناول سياسي، سماجي ۽ معاشي پھلوئن کي چٽن ٿا. منصور ويراڳي جا پڻ ننڍا وڏا ناول منظر تي آيا جن ۾ ”شام و سحر“ (1965ع)، ”سوري جنين سيج“ (1965ع)، ”رت جا ڳوڙھا“ (1971ع) خاص ناول آھن. منصور ويراڳي ون يونٽ واري دور ۾ قومي تحريڪ جو مڪمل اثر قبول ڪيو. هن ئي دور آغا سليم “اونداهي ڌرتي روشن هٿ” ۾ سنڌ جي تهذيبي تاريخ ورجائي. علي بابا “موهن جو دڙو” ۾ موهن جي دڙي جي تاريخي ۽ تهذيبي عظمت بيان ڪئي. سراج جي ناولن “پڙاڏو سوئي سڏ” ۽ “مرڻ مون سين آءُ” ۾ سنڌ جي تاريخ جا مختلف دور ڏنا ويا آهن. عبدالرازق راز جو ”مسافر“، محمد عثمان ڏيپلائي جو ”سانگهر“، غلام نبي مغل جو ”اوڙاھھ“، موھن ڪلپنا جو ”جلاوطني“ (1974ع) وغيره ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ سياست جا موضوع ڏنل آهن. منير احمد ماڻڪ جو ناول ”ساهه مٺ ۾“ پهريون دفعو 1986ع ۾ هندستان مان شايع ٿيو. هي ناول هڪ دور جي تاريخ آهي ۽ ون يونٽ جي پسمنظر ۽ ان ۾ پيدا ٿيل صورتحال ۾ لکيل آهي. هن ناول ۾ هڪ غلام قوم جي ساڃاهه وند فرد جي خوف، عدم تحفظ جي احساس، پنهنجي ڌرتيءَ تي اوپرائپ ڀري ماحول مان پيدا ٿيندڙ انيدشن جي مڪمل عڪاسي ڪئي وئي آهي. سڄي ناول ۾ ٻه ڪردار آهن. هڪ سنڌي جو ليڪچرار ۽ ٻي سندس زال. هنن وٽ مايوسي به آهي ته ٿڪ به آهي. ساڳي وقت زندگيءَ جي بي مقصدگي جو احساس به آهي.
ون يونٽ ٺهڻ کان وٺي 1970ع ۾ ون يونٽ ٽٽڻ واري دور تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي ناول شايع ٿيا، انهن ۾ ڪٿي نه ڪٿي سياسي ۽ قومپرستيءَ جا لاڙا ضرور هوندا هئا. ملڪي حالتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تبديلي تڏهن آئي جڏهن 5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءُ الحق ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي. ملڪ ۾ سياسي سرگرمين تي پابندي مڙهي ويئي، جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا خلاف سڄي ملڪ ۾ “بحالي جمهوريت تحريڪ” جو آغاز ٿيو. هن تحريڪ جو سڀ کان وڌيڪ اثر سنڌ ۾ نظر آيو. سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن تي فائرنگ ٿي ۽ ڪيترائي سياسي ڪارڪن شهيد ٿيا. ان سلسلي ۾ سڪرنڊ ۽ ٺوڙهي ڦاٽڪ وارا واقعا ذڪر جوڳا آهن. ان تحريڪ جي سنڌي ادب تي اثر بابت فقير محمد لاشاري لکي ٿو ته“1983ع واري عوامي هلچل ان جو هڪ منطقي نتيجو آهي، ڇو ته عوام کي شعور جو ريج ڏيڻ لاءِ ادب جو سفر گهڻو ڊگهو آهي. جتي هن هلچل ۾ سنڌي ادب جو اڻٽر حصو آهي، اتي پاڻ هن تحريڪ ادب جي بيمار لاڙن کي هڪالي ڇڏيو. مايوس اديبن جي لکڻين ۾ نئون رت ڊوڙي ويو. هاڻي سنڌي ادب فلسطيني، آفريڪي ۽ لاطيني آمريڪا جي ادب کي وڌيڪ ويجهو ٿي ويو آهي“.(10)
1983ع واري ايم آر ڊي تحريڪ جو سنڌي ڪهاڻيءَ ون يونٽ واري تحريڪ جيتروئي اثر قبوليو. هن تحريڪ سياسي ادب تحت ڪي ناول ۽ ٻيو کوڙ سارو ادب تخليق ۽ ترجمو ٿيو. الله ڏني ڪاڪا جو ناول ”ڪندن“ 1973ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول انگريزن جي دور جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو. ھي ناول ٻھراڙي جي ماحول ۾ پيش ايندڙ ڏکن ۽ ڏاکڙن کي ذھن ۾ رکي لکيو ويو آھي. ھي ناول ان دور جي سنڌ جي عڪاسي پڻ ڪري ٿو، جنھن دور ۾ سنڌ ۾ آبپاشي جي رٿا بندي ٿي رھي ھئي.
ملڪ آگاڻيءَ جو ناول ”نيروليءَ جو ڪن“ (1983ع) شايع ٿيل آھي، جنھن ھن سنڌي قوم جي زندگي جي عڪاسي، سنڌي عوام جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي عڪاسي پيش ڪيل آھي. ان کان علاوه سنڌ جي سياست ۽ سنڌ جي سياسي شخصيتن جو اھم ڪردار پيش ڪيل آھي. ”فاتح مرڪ“ سنڌ جي نالي واري صحافي جاويد سومري جو لکيل آهي، هي ناول 2011ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي طرفان شايع ٿيو، هي ناول سنڌ جي سياسي ۽ تاريخي پسمنظر ۾ لکيل آهي، هي ناول سنڌ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ هلايل تحريڪ MRD)) جي پسمنظر ڏنل آهي. هيءَ تحريڪ جنرل ضياءَ الحق جي دور حڪومت کي لوڙهي وڌو هو، سنڌ جا قومي ۽ جمهوري ڪارڪن، وڪيل، دانشور، صحافي، (اديب) هاري مزدور، هن تحريڪ ۾ شامل هئا. سمورو ناول تاريخي ترتيب سان، ان دور جي سنڌ جي سياسي حالتن جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. فوجي حڪومت احتجاج، گرفتاريون، جيل خانا، مطلب ته هر لحاظ کان ان دور جي سنڌ جي غم ۽ غصي جو عڪس هن ناول ۾ موجود آهي.
قبول ابڙي جو پنهنجي گهر ۾ اجنبي’ (2010) ۾ ايم .آر.ڊي جي دور ۽ ان کان پوءِ وارين سياسي مسئلن کي ناول جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. سنڌ جي امر افسانھ نگار امر جليل جو ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ جيڪو سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. سندس هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌو ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.حيدر دريا زئور جو لکيل ناول “يار” ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال کي خاص طور تي سامهون آندو ويو آهي. ليکڪ اهو به ٻڌائي ٿو ته سنڌ جيڪا درگاهن ۽ پيرن فقيرن جي ڄار ۾ وڪوڙيل آهي اتي سنڌ جي اهم درگاهن تي ڇا وهي واپري ٿو ۽ اتي ڪهڙي قسم جو ماحول قائم ٿيل آهي . نه صرف اهو پر هن ناول ۾ سامونڊي ناکئن جو احوال ته تمام خوبصورت انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. پرويز ميمڻ ۽ منصور ٿلهي پڻ سياسي موضوعن تي ناول لکيا آهن.

رومانوي ناول
ادب جي تاريخ ۾ رومانوي ادب آڳاٽو آھي، پر اھو ڪلاسيڪل ادب جي خلاف بغاوت جو نتيجو نه آھي. رومانوي تحريڪ جي شروعات فرانسي اديب روسو (1712-1778) کان ٿئي ٿي، پر ھن تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ ۾ انگريز شاعرن وليم ورڊز ورٿ (1790-1850ع) ۽ سموئل ٽيلر ڪالرج (1772-1832ع) جو وڏو ھٿ ھو. رومانوي ادب جي خوبين ۾ جذباتيت، قدرتي منظرن ۾ دلچسپي، تصوف، انفراديت پسندي، نيوڪلاسيڪي رجحان ۽ ھر ادبي قانون ۾ بغاوت، ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ دلچسپي، تخيل جي مڪمل آزادي، قدرتي مظھرن ۾ دلچسپي، حقوق انساني ۾ دلچسپي، ديو مالائن ۾ دلچسپي، جماليت پسندي، روحانيت، سونھن ۽ سچ جي تلاش، انسان جي سٺائي ۾ ايمان، ذاتي موضوعن ۾ دلچسپي، شاعري ۾ علامتن جو اظھار، حيوانن جي زندگيءَ ۾ دلچسپي ناول نويسي ۾ جذبات نگاري اھم خصوصيتون آھن“.(11)
سنڌي ناول ۾ رومانيت جي حوالي سان ڊاڪٽر نور افروز خواجه لکي ٿي ته ”ماھرن جي راءِ موجب ورھاڱي کانپوءِ سنڌي ماڻھن کي جيڪي مسئلا درپيش آيا، انھن کي منھن ڏيڻ کانپوءِ جڏھن انھن جا اھي مسئلا حل ٿي ويا. تڏھن انھن وري ادبي تبديلن ۽ ادبي فلسفي ۾ چاهه وٺڻ شروع ڪيو. انھن ۾ پھرين تبديلي ترقي پسنديءَ واري تبديلي ھئي. ترقي پسند ادب کانپوءِ ادب ۾ نئون رجحان رومانيت جو داخل ٿيو. ترقي پسند ادب۾ سماج جي مجموعي روپ جي اھميت ڏني ويندي ھئي. اتي ھينئر اديبن جو ڌيان صرف فرد ۾ وڃي رھيو ھو. فرد کي وڌيڪ اڀاري ان جي سماج جي تصوير پيش ڪرڻ لڳا. انسان جي انفرادي جذبن، ڪيفيتن، پيار ۽ رومانس وغيره بابت لکي، سنڌي ناول جو رخ موڙيو“.(12)
آزاديءَ کان پوءِ، ڪيترائي اهڙا ناول شايع ٿيا، جن ۾ سماجي موضوعن سان گڏوگڏ انهن ۾ رومانوي ۽ عشقيه موضوع غالب رهيا آهن.الله بخش ٽالپرجا پڻ ڪجهه ناول شايع ٿيا جن ۾ ”پرديسي جو پيار“ ۽ ”مالهڻ“ اھم آھن. ”پرديسي جو پيار“ ھڪ اصلاحي ناول آھي، جنھن ۾ روزانھ زندگي جا نقشا چٽيا ويا آھن. سيد حافظ شاهه ناطق حسيني پڻ ڪيترائي معاشرتي ۽ رومانوي ناول لکيا جن ۾ ”عورت“، ”ڏوھي ڪير“ (1959ع)، ”چلولي“ (1961)، ”وڇڙيلن جو ميلو“ (1964) اھم آھن. شيخ محمد حسين ”ڪنڊياروي“ نالي وارو عالم ۽ اديب ھو. سندس ٻھ ناول: ”بولي“ (1958ع) ۽ ”پيار جو سودائي“ (1968ع) شايع ٿيا. رسول بخش ”خمار“ ادراه ”آواز ادب“ حيدرآباد جو آنرري سيڪريٽري هو. هو نه صرف خود ناول نگار هو. پر هن ڪيترائي ناول شايع پڻ ڪرايا. سندس ناولن ۾ ”بيوس بيوي“، هڪ معاشرتي ناول آهي، هن ۾ زندگي جو قدر، ۽ پيار جو داستان سمايل آهي. ”حسنه“ ناول رسول بخش ”خمار“ جو لکيل آهي، جيڪو ”آواز ادب“ طرفان شايع ٿيو. هن ناول ۾ حسنه آزاد خيال امير ڇوڪري آهي. پر سندس ڪردار ايڏو ته بلند هو، جو هر شخص کيس عزت جي نگاهه سان ڏيندو هو. هن کي هڪ اهڙي شخص سان محبت ٿي پئي جيڪو تنگ دست اديب هو. ’بيوفا دوست‘ هيءُ رسول بخش خمار جو لکيل ناول آهي . ڇاپو پهريون ، بزم شيرين سخن ، حيدرآباد مان سال 1955ع ۾ شايع ڪيو .
گل نصرپوريجي ناول ”درياهه جي ڪپ تي“ (1960ع) وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. ھي ھڪ سماجي ناول آھي، جنھن ۾ رومانوي پھلوءَ سان گڏوگڏ زندگيءَ جون لاھيون چاڙھيون، بيان ڪيل آھن. ناصر مورائي ( 1937 - 2001ع) پنهنجي دور جو مشهور افسانوي، اديب هو. هن جو ناولٽ ”راتيون جاڳن جي“ زندگي پبليڪشن، حيدرآباد پاران شايع ٿيو. هن ناول رومانوي هئڻ سان گڏوگڏ ترقي پسندي لاڙي جي ترجماني ڪري ٿو. هن ناول ۾ سنڌ سان والهانه محبت، تاريخي منظرڪشي ۽ غريبن سان همدردي ڪيل آهي.
اوائلي ناولن تي غور ڪرڻ سان ڏسبو ته انھن ۾ سماجي اپٽار آھي، ڪيترائي ناول قصن جي انداز ۾ لکيل آھن ۽ ڪيترن ۾ رومانوي رنگ پڻ غالب آھي. اگر غور ڪبو ته انھن ۾ موضوع به تبليغ جي انداز ۾ پيش ٿيل آھن. سنڌي افسانوي ادب ۾ شعور جو وھڪرو جو جديد رجحان آغا سليم متعارف ڪرايو، ان جو مثال سندس ناول ”اونداھي ڌرتي روشن ھٿ“ ۾ ملي ٿو. اھڙي طرح اھڙو مثال ماڻڪ جي ناول ”رڃ ۽ پڙاڏا“ ۾ به ملي ٿو. آغا سليم پنھنجي ناولن ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ رومانيت کي نئون رنگ ڏيئي پيش ڪيو. ھن پنھنجي ناولن ۾ فرد جي تنھائي، محرومي ۽ سنڌي تهذيبي قدرن جي احساس کي منفرد انداز ۾ پيش ڪيو آھي، ان سلسلي ۾ سندس ٻيا ناول ”روشني جي تلاش“ (1964ع) ”ھمھ اوست“ (1985ع) ۽ ”اڻ پورو انسان“ (1985ع) اھم آھن. غلام نبي مغل، افسانوي ادب ۾ سڀني مسئلن کي اجاگر ڪيو آھي. ھن جي اصلوڪن ناولن جهڙوڪ ”عورت ۽ پيار“، ”دونھاٽيل راتيون ۽ رولاڪ“ ۽ ”مون کي ساهه کڻڻ ڏيو“ ۾ جنسي، معاشي ۽ معاشرتي مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ملي ٿي پروفيسر قاضي خادم نه صرف طبعزاد ناول لکيا آھن پر ڪجهه مشھور يورپي ناولن جا ترجما به ڪيا اٿس. سندس شايع ٿيل ناول ۾”پيار ۽ سپنا“ (1977)، ”درد جي خوشبو“ (1981) شامل آھن.
بيدل مسرور جو نالو به ناولن جي سلسلي ۾ وٺي سگهجي ٿو. ھن جا ننڍا ناول رومانوي ۽ معاشرتي آھن. انھن ۾ ”راڻي“، ”چاھتن جي ٽھ واٽي تي“ ۽ ”آءِ لو يو“ اچن وڃن ٿا. نديم قاضي جو ناول ”رويو وھامي راتڙي“ 1986ع ۾ شايع ٿيو. ناول ۾ جو ھڪ اھڙي ڪردار (سانوري) جي ڏک ڀري ڪھاڻي آھي، جو پنھنجن گهڻين خوبين جي باوجود ھڪ غلطي جي پاداش ۾ زندگيءَ جو روڳ پرائي پساهه پورا ڪري ٿو. نديم جنھن انداز ۾ ناول جي مڙني ڪردارن جي ھل چل ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ذھني ۽ قلبي مونجهارن جو نقش چٽيو آھي، اھو سندس قابليت جو دليل آھي . محمود مغل گهڻ رخو اديب آھي. ھن ڪھاڻين، ڊرامن ۽ ناولن ۾ پاڻ ملهايو آھي. سندس ناول ”ھٿ ريکائن کان خالي“، ”سرءُ“ ۽ ”اسين جيئرا آھيون“، فن ۽ فڪر، موضوع ٽيڪنيڪ جي لحاظ کان بھترين ناول آھن. غلام نبي ”گل“اھو اديب آھي جنھن جا ڪتاب، ڪھاڻيون گهڻي وقت کان پوءِ شايع ٿيا آھن. ھن ٿوري عرصي ۾ شاعري، ناولن ۽ ڪھاڻين جا ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا آھن. سندس لکڻين ۾ اتحاد و محبت جي فضا آھي. ھو ڳوٺاڻي ماحول سان گڏوگڏ شھري ماحول کي به بھترين نموني پيش ڪري ٿو. سندس ناولن ۾ ”جوڳي“ ۽ ” راھون ساڻ نه ھلنديون ھن“ بھترين آھن. طارق حسين خشڪ ”مون کي ھوائن ۾ ڳولجانءِ“ رومانوي ناول کان اڳ طارق حسين خشڪ جي نالي سان ”مرڪ واري ڇوڪري“ ٢٠٠٣ع جي عنوان سان مختصر ڪھاڻين جو مجموعو پڙھندڙن ۾ مقبوليت ماڻي چڪو آھي. ناول جي تاڃي پيٽي ريشمي تان سان اڻيو آھي، سندس رومانس، احساساتي گونا گونيت سان ناول جا ڪردار ھر طرح مھذب، بردبار، شائستا ۽ فھميدا ڀاسن ٿا. طارق پنھنجي ڪردارن جي سمورين گهرجن، ڪيفيتن کي سنڀالي ڏاڍي سھڻي سليقي سان انھن کي پنھنجي ماڳ تائين وٺي آيو آھي.
الطاف ملڪاڻي به نالي وارو مترجم ڪھاڻيڪار ۽ مترجم ناول نگار آھي. 1993ع ۾ سندس ناوليٽ ۽ افسانن جو ڪتاب ”ساڀيائن کان رٺل شھر“ شايع ٿيو. ان کانپوءِ 2001ع ۾ اميت ڪدر جو ناول ”شانتي“ جي نالي سان ترجمو ڪيائين. امير ابڙي جو ناوليٽ ”بدلجندڙ موسم“ سندس ڪھاڻين جي ڪتاب سان گڏ 2005ع ۾ شايع ٿيو. ان ۾پيار ڪندڙ ٻن پکين جي ڪھاڻي آھي، جن کي مختلف مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو ۽ پوءِ جڏھن زمانو سندن ملڻ قبول ڪري ٿو ته اھو ساٿ فطرت کي پسند نٿو اچي ۽ ھو وري ڌار ٿي وڃن ٿا. ناوليٽ ۾ عورت ۽ مرد جي پيار جو اظھار نھايت کليل نموني ڪيو ويو آھي. منصور ٿلهو نه صرف سٺو ناول نگار آھي پر ناول جي صنف جو محقق ۽ نقاد به آھي. ھن جا ناول ”زندگي ڀوڳ“ ۽ ”جيون ليکا“ قابل ذڪر آھن. پرويز ابڙو ناول جي دنيا ۾ پرويز ابڙو به اھم نالو آھي. سندس ٻھ ناول ”تون خواب آھين“ ۽ ”نيريون اکيون سرمئي خواب“ شايع ٿيل آھن. ھن جي افسانوي ادب جي خاص ڳالهه اھا آھي ته ھو عورت کان ضمير متڪلم واري ٽيڪنڪ ڳالهائڻ جو ماھر آھي. امر لغاري ”لٽ اوراٽي دنيا“ (ڪھاڻيون 1999ع) ڪتاب ذريعي مڃتا ماڻيل آھي. ناوليٽ نگار جي حيثيت سان ”موکي“ سندس پھرين وک آھي، جيڪو منڍ کان تجسس ۽ اعليٰ مقصد جي حاصلات سان ٽٻ آھي. ”موکي“ جو موضوع ڪا رواجي قرب ڪٿا نه بلڪ ھڪ معاشري جي نبض تي فنڪاراڻيءَ ريت ھٿ رکيل آھي. پوئتي پيل علائقن جي ”تعليمي حالت“ جي بربادي جا ڪي سبب - علم بنا ٿيندڙ انڌ جي اھا وارتا آھي، جنھن کي امر لغاريءَ جي قلم خوبصورت پيراگراف ۾ ڀريو آھي. ھدايت پريم ناول ”ازابيل“ 2005ع ۾ شايع ٿيو ھي ناول گهٽ پر سفر نامو وڌيڪ آھي. ناول لاءِ ليکڪ لکي ٿو ته ”ھن ڌرتي تي انسان ان لاءِ نه آيو آھي ته تباھي ۽ برباديءَ جو ڪارڻ بڻجي. ھيءَ ڌرتي نھايت خوبصورت آھي. نديون، جهرڻا، جبل، پھاڙ، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا فطرت جا مظھر آھن. ڏاھن، سياڻن ۽ سڄاڻ ماڻھن قدرت پاران عطا ڪيل ڏاھپ سان گل ڦل پوکي ڌرتيءَ جي سونھن ۾ اضافو ڪيو آھي. ساري دنيا جي انسانن جي پاڻ ۾ سڪ، محبت ۽ پريت ھئڻ گهرجي. سليم ۽ ازابيل جي محبت وسيلي اھوئي پيغام ڏيڻ چاھيو اٿم. ديار غير ۾ رھندي وطن جي سڪ ڪيترو ستائي ٿي، ان جو اندازو اھي لڳائي سگهن ٿا، جيڪي وطن کان دور ست سمنڊ پار رھي آيا آھن يا رھي رھيا آھن.
فاروق سولنگي (2009-1947) دادو شهر ۾ جنم ورتو. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سرد هوائون“ سال 2000ع ۾ ڇپيو. سندس ناول ”وکريل ماڻهو“ (2008) صڼ ڇپجي منظرعام تي آيو. محمد سليم چنا جا چار ناول شايع ٿي چڪا آھن. جن ۾ ”برسات“، ”سحر“، ”گم ٿيل ماڻھو“ ۽ ” کيت جهڙا خواب“ شامل آھن. ھن جي ناولن ۾ رومانيت جو عنصر به آھي ته سياسي، سماجي ۽ تاريخي موضوع به آھن. حيدر دريا زنئور جو ناول ”لفظن جي خواھش“ 2009ع ۾ شايع ٿيو آھي، تمام شاندار ناول آھي. ناول نگار شعور جي وھڪري واري سٽاءَ ۾ ھي ناول لکيو آھي. بنيادي طور تي ھيءُ ھڪ رومانوي ناول آھي. زيب سنڌي افسانھ نگار، ڊرامانويس مترجم، پبليشر، شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آھن. ”سيتا زينب“ هن جو پهريون ناول آهي ۽ سندس تخليقي پهلو ان ناول ۾ به اڀري آيو آهي .جنهن موضوع کي ناول ۾ آندو ويو آهي اهو اڄ جو شدت اختيار ڪيل موضوع آهي ۽ ناول ۾ ان شدت کي تخليقي انداز ۾ نهايت سنجيده ڪيو ويو آهي، ايترو سنجيده جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ ويچاري سگهجي، ناول جي ٻي اهم خوبي ان جو ربط آهي، جيڪو پڙهندڙ کي ٻئي پاسي ڌيان ڏيڻ جي مهلت نٿو ڏئي، ان ربط ۾ ڪجهه پراسراريت ۽ ڪجهه آئيندي جي اڻ تڻ وارو ماحول آهي.

ڪئمپس جي پسمنظر ۾ رومانوي ناول
يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل ناولن کي ”ڪئمپس ناول“ چيو ويندو آهي، حقيقت ۾ ڪئمپس ناول ان کي چئجي جنهن جو مک ڪردار فئڪلٽي ميمبر هجي پر جيڪڏهن مک ڪردار شاگرد آهي ته اهڙي ناول کي ورسٽي (Varsity) ناول چيو وڃي ٿو. ماحول ٻنهي جو يونيورسٽي ئي هوندو آهي.ڪئمپس يا يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ اوائلي ڪهاڻيون امرجليل لکيون هيون، جن ۾ رومانويت سان گڏوگڏ قومپرستيءَ جا موضوع به شامل هئا. اهڙي طرح ٻين به ڪن يونيورسٽي جي رومانوي ماحول، ۽ هاسٽل تي گهاريل يادن تي ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري ڪئي هئي، پر ناول جي روايت طارق عالم ابڙي وڌي، جيڪا تمام گهڻي مشهور ٿي ۽ يونيورسٽين مان ڪيترن فارغ ٿيڻ کان پوءِ ننڍا وڏا ناول لکيا آهن ۽ سندس ناول کي ڪاپي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو ئي سبب آهي ته ڪيمپس جي موضوع تي لکيل ناولن ۾ يڪسانيت آهي. هتي ڪجهه ناولن جو مختصر تعارف ڏجي ٿو:

رهجي ويل منظر (طارق عالم ابڙو):
هي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار، ناول نگار طارق عالم ابڙي جو مشهور ناول آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڊسمبر 1984ع ۾ شايع ٿيو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل هن ناول نوجوانن ۾ مقبوليت ماڻي ۽ اڄ تائين هن ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا مختلف ادارن شايع ڪيا آهن. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پنهنجي امڙ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪئي آهي. ناول ۾ مرڪزي ڪردار پنهون، سنجها، صبا ۽ مددي ڪردار شبنم، نصير ۽ ٻيا. هن ۾ ليکڪ جي انداز بيان ۽ تسلسل ناول کي ڪامياب بڻايو آهي.

خالي بئينچ (اسحاق انصاري):
اسحاق انصاريءَ ناول ”خالي بئنچ“، طارق عالم جي ناول ”رھجي ويل منظر“ کان متاثر ٿي لکيل لڳي ٿو. پر اسحاق جو پنھنجو اسلوب آھي. ھي ”شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي پسمنظر ۾ رومانوي ناول آھي. ”خالي بئنچ“ ۾ رومانوي ۽ احساسي جذبن جي شدت جي احساس کانسواءِ مختلف معاشي ۽ سماجي مسئلن کي به پيش ڪيو ويو آھي.
هي ناول ثاقب ۽ ساحره جي پيار ڪهاڻي تي ٻڌل آهي. ثاقب لاڙڪاڻي جو هڪ غريب نوجوان آهي. سندس پيءُ سرڪاري ملازم آهي، 11 ڀيڻ ڀائر آهن ۽ بقول ثاقب، گھٽ آمدني سبب سندس ماءُ پڻ اسڪول ۾ پڙهائيندي آهي، تنهن هوندي به گذر سفر مشڪل سان ئي ٿئي ٿو. ساحره خيرپور ۾ رهي ٿي ۽ ٻئي خيرپور يونيورسٽي ۾ پڙهن ٿا.

پٿرن تو شهر (زاهد گوتم):
هي ناول ”رهجي ويل منظر“ جي ٿورڙي تبديلي سان فوٽو ڪاپي آهي. هن ناول جا جيڪي مرڪزي ڪردار ملهار، وينگس ۽ آسمه آهن، اهي پنهون، سنجها ۽ صبا جي ڪردار کان گهڻو مختلف ناهن. وينگس به سنجها جيان ڪارين ۾ اچي ٿي ۽ وڃي ٿي. صبا ۽ آسمه ٻئي شوقين آهن، باقي پنهون ۽ ملهار ۾ ٿورو فرق آهي، ڇو ته ملهار ڪو ڌنڌو نٿو ڪري، صرف هڪ شاگرد آهي. جڏهن ته پنهون فوٽو گرافي ڪندو هو.هن ناول جي به بنيادي ڳالهه آهي ته عورت بي وفا آهي. يا مائي همراهه سان بي وفائي ڪري وڃي ٿي. پر جنهن انداز سان وينگس جي ڪردار کي پيش ڪيو ويو آهي، اهو سنجها کان به وڌيڪ ڪريل صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ملهار وينگس تي عاشق ٿي پوي ٿو، پر مائي لفٽ نٿي ڪرائي. ملهار پوءِ پنهنجي دوست ساونت جي صلاح تي عمل ڪندي نوان ڪپڙا ۽ شرٽون انهي سان گڏ وارن جي سيٽنگ ۽ مغروري جا ٻيا ناز نخرا استعمال ڪري وينگس کي متاثر ڪري ويجهڙائي حاصل ڪري ٿو.وينگس ملهار کي ٻڌائيندي آهي ته سندس پي ايڇ ڊي اي ۾ ڊائريڪٽر آهي، پر جڏهن آسمه ۽ وينگس ۾ جهيڙو ٿيندو آهي، تڏهن آسمه ملهار کي ٻڌائيندي آهي ته وينگس جو پيءُ ڊائريڪٽر وغيره ڪونهي. پر شناختي ڪارڊ آفيس ۾ ڪلرڪ آهي.
ناول جي ڪهاڻي آتم ڪٿائي آهي جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي شهر دادو بابت پڻ تلخ ۽ اثرائتا واقعا بيان ڪيا آهن سنڌ يونيورسٽي جي حوالي سان ساڳي ڇوڪري جي بيوفائي کي ئي پورٽريٽ ڪيو ويو آهي ناول ۾ هاسٽل جي لائف ۽ شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ شاگردن سان لاحق مجبورين کي ڪردارن وسيلي تمام سٺي ۽ سهڻي نموني واضح ڪيو ويو آهي. بهرحال زاهد گوتم جو ڊڪشن تمام سٺو ۽ اثر ڇڏيندڙ آهي
يونيورسٽي ۾ گم ٿيل خواب (عبدلرافع شيخ ):
نوجوان ليکڪ جو ناول ”يونيورسٽي ۾ گم ٿيل خواب“ سٺي ڪوشش آھي. يونيورسٽي لائيف جا ڪيئي ڏٺل ۽ ٻڌل عڪس چٽيا آھن . هيءَ ناول ڄامشوري جي انجنيئرنگ يونيورسٽي تي لکيل آهي. جنهن ۾ ليکڪ عبدالرافع شيخ خود مرڪزي ڪردار آهي جڏهن ته ‘‘ سماني’’ سندس محبوبه جي ڪردار ۾ آهي ان سان گڏ هڪ سندس سؤٽ ۽ ٻه دوست پڻ مرڪزي ڪردارن ۾ شامل آهن.ناول ۾ لکيو ويو آهي ته؛ ‘‘ اسان جي فائنل ايئر ۾ اچڻ سان ئي ملڪ ۾ فوجي حڪومت اچي وئي هئي’’ يعني جنرل ضياءُ الحق جو دور ِ حڪومت. ناول جي ڪهاڻي ڪجهه هيئنءَ آهي؛ ‘‘ هيرو ڳوٺ کان يونيورسٽي پڙهڻ اچي ٿو پر سندس نيت رڳي ڄامشوري جون خوبصورت ڇوڪريون سيٽ ڪرڻ آهي. ۽ هُو ايئن ‘‘ سماني قاضي’’ کي سيٽ ڪرڻ جي چڪر ۾ ساڻس عشق ڪري ويهي ٿو. ۽ آخر ۾ سندس گهر وارن جو رشتي لاءِ راضي نه ٿيڻ ڪري سندس مامو کيس معمولي ليڪچر ڏئي ٿو ته هي پنهنجي محبوبه کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏي ٿو هتي سندس محبت اختتام پذير ٿي. ناول ۾ ٻيو رڳي ڪامريڊن جا ڪپڙا لاٿا ويا آهن. ڪلائمڪس ۾ انتها جي جلدي ۽ ٿوري حساسيت پيدا ڪئي وئي آهي.

ڪيف ڌاران ڪوءِ (منير چانڊيو):
منير چانڊيي جو ناول ”ڪيف ڌاران ڪوءِ...“ ڄام شورو ڪئمپس جي پس منظر ۾ لکيل رومانوي ناول آهي. ان ۾سنڌيا محرومين جي شڪار ٿيل ڇوڪري آهي. هوءَ ڄام شورو ڪئمپس ۾ هرڻيءَ وانگر هيسيل ۽ ڊنل آهي. هن کي جڏهن منصور جي ساٿ جو سهارو ملي ٿو ته هوءَ ڄام شوري جي پٿريلي زمين تي هلڻ ۾ سولائي محسوس ڪري ٿي. هن ناول جا ٻه حصا ٻيا آهن.

ڪارونڀار (نور زنئور):
نور زنئور جو ناول”ڪارونڀار“ سنڌ يونيورسٽي جي انگلش ڊپارٽمينٽ جي پس منظر ۾ لکيل ناول آهي.هن ناول جي سادگي ئي هن جي سونهن آهي، هن ناول جو مهاڳ سنڌي بيت ۽ ادب ۾ انفراديت رکندڙ وجودي ادب تي وڏو دسترس رکندڙ سائين وحيد جتوئي لکيو آهي جنهن ليکڪ جي ڊڪشن کي گهڻو ساراهيو آهي هن ناول جي ڪهاڻي ۾ ليکڪ تمام گهڻو انسان دوست لڳي ٿو، سنڌي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مسئلن تي تمام سلوڻي ٻولي ۾ اظهار ڪيو ويو آهي، هي ناول نور احمد زنئور جي منهنجي خيال ۾ پهرين اٽيمپٽ آهي. ان کانپوءِ هو خبر ناهي ڪهڙي دنيا ۾ گم ٿي ويو، ڪجهه دوستن ٻڌايو ته هن کي به بيورو ڪريٽ ٿيڻ جي چڪر ۾ هن کي اکرن جي وادي کان پري ڪيو آهي.

عشق اونداهو سج (عاشق بلوچ)
هي ناول سنڌ يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل روايتي پيار ڪهاڻي آهي، جيڪو 2018ع ۾ شايع ٿيو آهي. هن ناول ۾ ٽن ڪردارن سنبل, ياسمين ۽ ساجد جي چوڌاري ڦري ٿي. ساجد سنبل هڪٻئي سان پيار ڪن ٿا پر پوءِ سنبل جون ٽنگون هڪ حادثي ۾ ڪپجي وڃن ٿيون ۽ هوءَ معذور ٿي ويندي آهي. ساجد يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ داخلا وٺي ٿو ۽ سنبل کان موڪلائي پڙهائي ۾ لڳي ويندو آهي.جتي کيس ياسمين سان پيار ٿي ويندو آهي. ياسمين فلاسافي شعبي ۾ پڙهندي آهي ۽ اها به ساجد سان پيار ڪرڻ لڳندي آهي. ائين ساجد جو ڌيان سنبل تان هٽي ياسمين ڏانهن ٿي ويندو آهي. جنهن سان هو شادي ڪرڻ جو رٿي ٿو. جنهن لاءِ کيس پنهنجي مڱ سنبل کي ڇَڏڻو پوي ٿو. سنبل سڀ آسرا لاهي آپگهات ڪري ڇڏيندي آهي. هوءَ هڪ خط لکي ويندي آهي جيڪو ساجد کي ملي ٿو, جنهن تي ساجد کي پڇتاءَ ٿيندو آهي ۽ هو روئي روئي بي حال ٿي ويندو آهي. ياسمين کي سموري وارتا جي خبر پوڻ تي اها هن کي ڇڏي ويندي آهي. تنهن کان پوءِ ساجد سنڌو درياهه ۾ ٻڏي آپگهات ڪري ڇڏيندو آهي.

عشق کان اڳتي (اصغر شر)
ناول ”عشق کان اڳتي“، تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ سونو خان شر ۾ جنم وٺندڙ اصغر شر جو لکيل آهي ۽ ناول 2019ع ۾ شايع ٿيو آهي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي (خيرپور ميرس) ۾ پيار جي پيچري تي هلندڙ مک ڪردار شايان، سندس ڪلاس فيلو ۽ زارا جي باري ۾ آهي. پيار جي انهي پنڌ جو سفر جاري هجي ٿو ته زارا جو هڪ پاڙيسري (ڪامرس شعبي جو اسٽوڊنٽ) شايان کي زارا سان ملڻ جي منع ڪندي ڌمڪائي به ٿو پر زارا ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه نه ڪندي کيس ڇنڊ پٽي ٿي ته زين مجبورن ماٺ ڪري ٿو. هن ناول ۾ مک ڪردارن کان سواءِ ايان (شايان جو ڪلاس فيلو ۽ دوست) ۽ مريم جا ڪردار به اهميت رکندڙ آهن ڇو ته ايان مريم سان محبت ڪري ٿو پر مريم وري ناول جي مک ڪردار شايان سان. جنهن ڪارڻ ناول جي مک ڪردارن شايان ۽ زارا ۾ تضاد جو انديشو به جنم وٺي ٿو ته هڪ ابهم ڪردار جي مالڪ ڇوڪري مهڪ (زارا جي ڪلاس فيلو) انهي عشق جي پنڌ ۾ سندس مددگار ٿئي ٿي ۽ اهڙي ريت ناول جو پلاٽ تسلسل سان وڌندو رهي ٿو.

پيراڊائيز پوائنٽ تي شام (منور سراج)
هي ناول سنڌي ٻوليءَ جو سينيئر ڪهاڻيڪار منور سراج جو لکيل آهي، جيڪو ڪئمپس ناول آهي. هن ناول جي ڪهاڻي ساڀيان ۽ سرمد جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪي يونيورسٽيءَ جا شاگرد آهن، ان کانسواءِ انهن جي دوستيءَ جو حلقو آهي، جنهن ۾ مختيار، لائبه، سام سانگ، همت ۽ ڪجهه ٻيا ڪردار شامل آهن. سرمد شاعر آهي تنهنڪري حساس طبيعت جو مالڪ آهي. ڪلاس جي پهرين ڏينهن تي ئي يونيورسٽي انتظاميه پاران کيس اها تنبهه ڪئي وڃي ٿي ته هو هتي شاعراڻو ماحول پيدا نه ڪري. اهڙي ريت هن جي ويجهڙائي ساڀيان سان ٿئي ٿي، جنهن سان سندس دل ٿي ويندي آهي پر جيئن ته سرمد لاءِ همت خان چوي ٿو ته هو خوابن جي دنيا ۾ رهندڙ ماڻهو آهي، تنهنڪري ساڀيان هن کان پرڀري ٿيڻ لڳي ٿي. اهڙي ريت انهن جو پيار جوان ٿيڻ کان اڳ ئي مري ٿو وڃي. پنهنجي خيالن جي دنيا ۾ رهندڙ سرمد پنهنجي پيار جي معاملي ۾ به هڪ بي همت ماڻهو نظر اچي ٿو. هو ساڀيان کي پنهنجن اکين آڏو ڏسندو رهي ٿو پر هن ۾ اظهار جي همت نٿي اچي. نيٺ هن ناول جي پڄاڻي به سنڌي ۾ لکيل سمورن ڪئمپس ناولن وانگر ٿئي ٿي، يعني ڇوڪري ڇوڪريءَ جي جدائي.

روم نمبر سورنهن (سرواڻ سنڌي)
سرواڻ سنڌيءَ جو ڪئمپس ناول قسطن ۾ شايع ٿيل آهي. هي ناول رومانوي کان وڌيڪ قومپرست تحريڪن جي جدوجهد جي پسمنظر ۾ آهي. هتي ناول جو نمونو ڏجي ٿو:
ڪئمپس جي سينٽرل ڪئنٽين وٽان ڪامريڊن جي نعرن جا آواز اچي رهيا هُئا، ديس جي آزادي جا اڀ ڏاريندڙ نعرا، پوپٽ چوڪ تائين ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هُئا ۽ اهي نعرا هاڻي عام شاگردن لاءِ ڪنهن خطري جي گهنٽي وانگر بڻجي ويا هئا، جيئن اسڪولن ۾ موڪل جو گهنڊ وڄڻ وقت سڀ ٿيلها کڻي ڀڄڻ لڳندا هئاسين تيئن هتي ڪنهن جو مذاق ۾ هنيل نعرو به گهڻن جا ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيندو هو ۽ انهن جا هٿ ڪتابن ۾ پوندا هُئا ۽ پير ڀڄڻ لاءِ تياري پڪڙيندا هُئا، اڄ جي نعرن ۾ ڪجهه شدت وڌيڪ هُئي، همير ڪن هڻندي چيو، لالا! ڪجهه مسئلو لڳي ٿو، مون چيو ڇڏ يار! اسان کي سنڌ جي آزادي ڪٽ چانهه جو نه ملڻ، ڌوٻي پاران ڪپڙا ڌُوئي نه ڏيڻ، فوٽو اسٽيٽ واري پاران مفت ۾ نوٽس نه ڏيڻ، موچي پاران جوتا پالش نه ڪري ڏيڻ يا پنهنجي سُهڻي کي ڪنهن ٻئي سان ڳالهائيندي ڏسندي ياد ايندي آهي“.(13)
اڌوري عشق جو الميو (دليپ دوشي لوهاڻو)
هي ناول سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي پس منظر ۾ لکيل آهي. هي ناول هڪ غريب ڇوڪري (آڪاش) تي آڌريل آهي، جيڪو مائٽن جو موڀي پُٽ آهي، ان ڪري سندس ننڍڙي ڄمار ۾ ڏکن سان ويڙه شروع ٿئي ٿي ۽ هو گھر جي سار سنڀال لهي ٿو، ان سان گڏوگڏ هو هڪ صحافي بڻجي وڃي ٿو، اها ويڙه هن کي پڪو ڪندي اچي حيدرآباد جي هوائن حوالي ڪري ٿي، جتي هو صحافت جي سفر کي جاري رکي ٿو. ناول ۾ ٿر جي ڏڪار جو منظر جڏهن پيش ڪري ٿو. ڄامشوري جون هوائون، المنظر جون رولاڪيون، پرهه ۽ آڪاش جي پيار جو سفر شروع ٿي ويو ته هڪ ٻئي سان رابطا ٿيندي ٿيندي ملاقاتون به وڌنديون ويون، واعدن جا ورق سهيڙبا ويا، پيار جا پوپٽ گلن تي ڦيرا ڏيندا رهيا. سماجي جي اڻبرابري جي ڪري الائي ڪيتريون زندگيون اجڙي وينديون آهن، پر اسان جي ماڻهن جي سوچ اتي ئي آهي ايئن اهي ڪردار سماجي اڻ برابري جي ور چڙهي ٿا وڃن ۽ وڇوڙي جو وانچوڙو هڪ ڪردار پرهه کي ساڻ ڪري هميشه لاءِ هليو ٿو وڃي. انهي ۾ وري رستي ۾ موبائل هلائڻ جي نقصان کان بچڻ جي نصيحت به آهي.
اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي ڪئمپس ناول سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا آهن، انهن جو تقابلي جائزو ٿيڻ گهرجي.

سنڌي ناول ۾ ترقي پسند لاڙو
غلامانه دور ۾ جاگيرداريءَ واري سماج جو تصور ۽ ان خلاف ٿيندڙ جاکوڙ کي ترقي پسند نظريو (Progressivism) سمجهيو ويندو آهي. جاگيرداري کان پوءِ سرمائيداريءَ واري نظام خلاف جدوجهد به ترقي پسند جو نظريو چئجي ٿو. سرمائيدارانه سماج مان جان ڇڏائڻ لاءِ اشتراڪي تحريڪ يا “ڪميون سسٽم” (Commune System) کي وڌيڪ ترقي پسنداڻي سوچ ڪوٺيو وڃي ٿو. در حقيقت تبديلي وارو عنصر انسان جو مکيه متو رهيو آهي. ان ڪري هر ايندڙ تبديلي لاءِ ٿيندڙ جاکوڙ کي ترقي پسند سوچ سان سلهاڙيو ويندو رهيو. “1936ع ۾ ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي شروعات ٿي، جنهن ۾ منشي پريم چند صدارتي خطبو ڏنو هو. سنڌي ادب پڻ ان تحريڪ جي اثر هيٺ رهيو. سجاد ظهير پنهنجي ڪتاب “روشنائي” ۾ لکيو آهي ته “سنڌ مان ٻن ڄڻن: محمد امين کوسو ۽ قادر بخش نظاماڻي ان ۾ شرڪت ڪئي هئي“.(14)
ترقي پسند تحريڪ جي پڌرنامي جي حمايت پوري ملڪ جي سڀني روشن خيال اديبن ڪئي هئي. سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل نوجوان طبقي ان جو اثر قبول ڪيو. برطانوي دور ۾ ترقي پسند ناولن جي رام پنجواڻي، گوبند مالهيءَ ۽ ٻين ڪئي. ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي لکي ٿو ته “1942ع ۾ آزاديءَ جي تحريڪ سان گڏوگڏ انگريزن خلاف جتي ڪٿي آندولن شروع ٿي چڪو هو. “ڪئٽ انڊيا” جو نعرو سڄي ڀارت جي فضا ۾ گونجي رهيو هو. سنڌ به ان کان متاثر ٿي ۽ روس جي ڪميونسٽ انقلاب به سنڌ تي اثر ڄمايو. ڇاڪاڻ ته زمينداري ظلم، هارين مٿان ٿيندا پئي رهيا. سماجوادي پارٽي ۽ هارين جي ڇڪتاڻ طبقاتي ڇڪتاڻ کي جنم ڏنو. سياسي ۽ پنگتي مسئلا وڌيل هئا. سياسي گهٽنائن ۽ واقعن جو اثر سنڌي ادب تي پيو. ڪهاڻي، عوام جي پسنديدگيءَ جو وشيه بڻجي چڪي هئي. آزاديءَ کان ڪجهه سال اڳ ترقي پسند ڌارا به شروع ٿي چڪي هئي“.(15)
آزاديءَ کان پوءِ ڪيترائي ناول لکيا ويا آهن، جن ۾ ترقي پسند لاڙا حاوري رهيا آهن. طبعزاد ناولن ۾ 1952ع ۾ غلام علي الانا جو ناول ”لاش“ اھم ناول آھي، جنھن ۾ سڄي سماج جي ھر حصي جي تصوير موجود آھي. ھن ناول جي باري ۾ الانا صاحب جو چوڻ ھو ته”لاش نه فقط ھڪ غريب جو لاش آھي، جنھن پنھنجي عزت ۽ غيرت خاطر سرمائيدار جي پنجوڙ کي ڪاٽڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انھن شاھوڪار شاھي جي فعلن، افعالن، ڪرتبن ۽ اعمالن جو اگهاڙو ۽ ننگو لاش آھي“.(16)
راز بلڙائي هڪ ترقي پسند ليکڪ هو، سندس ناولن ”گناھھ“ (1952ع)، ”شرابي“ (1952ع) اهم آهن. عبدالغفور انصاري، ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. تعليم کاتي سان وابسته هو. ترقي پسند لاڙن تحت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون مختلف رسالن لاءِ لکيائين. جن ۾ “وري سانوڻ آيو”،“ڀاڳڀري” وغيره اهم آهن. هڪ ناول “هاريءَ جي سجاڳي” (1952ع) پڻ ترجمو ڪيائين، جنهن ۾ هارين جي حقن جي ڳالهه ڪيل آهي.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ مطابق ”ورھاڱي کان پوءِ لڏ پلاڻ ۾ انسانيت سوز واقعا ٿيا جنھن جو اديب جي حساس ذھن ڏاڍو اثر ورتو ۽ ڪجهه ئي وقت کان پوءِ ماڻھن محسوس ڪيو ته ھي آزادي صرف انگريزن کي ھندستان مان ڪڍڻ جو نالو ھو پر ھن آزادي سان عام غريب ڏتڙيل ماڻھن جي حالت ۾ تبديلي ڪانھ آئي ھئي جنھن جي نتيجي ۾ سڄي ھندستان جي ادب ۾ ھڪ خاص رجحان پيدا ٿيو، جنھن جي بنياد تي ناول لکيا ويا. انھن ناولن ۾ انسانيت پرستي اھم موضوع ھو. ھنن اديبن ۾ ڪرشن چندر، خواجه احمد عباس، خشونت سنگ، امرتا پريتم، قرت العين حيدر، سجاد ظھير وغيره نمايان ھئا. سنڌ ۾ ان وقت اڃا ناول سماجي اصلاح پسندي جو موضوع کان ٻاھر نه نڪتو ھو، خاص طور سان ورھاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ سنڌي ناولن ۾ اھو فڪري رجحان پيدا ٿي رھيو ھو جنھن ۾ گوبند مالهي جا ڪجهه ناول مثال طور: ”زندگي جي راهه تي“، ”للڪار“، ”چنچل نگاھون“ وغيره آسانند مامتوراءِ جو ”حليمان“، رام پنجواڻي جو ”قيدي“ موھن ڪلپنا جو ”جلاوطني“ وغيره شامل آھن“.(17)
ڄام ساقي جو ناول ”کاھوڙي کجن“ (1973ع) روسي ناول وانگر ترقي پسند لاڙن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. ھن ناول ۾ سرمائيداري نظام، طبقاتي جدوجهد، ۽ سياسي ڪمزوري کي موضوع بنايو ويو آھي. 1980ع ۾ طارق اشرف جو ناول ”ميرو ڌاڙيل“ شايع ٿيو. ھي ناول وڏيرڪي سماج جي روايتن ۽ غير انساني حرڪتن کي پيش ڪري ٿو. نجم عباسي جي ناولن ”بلنديون“ (1984ع) ۽ ”تلاش“ (1987ع) ۾ انقلاب، جدوجهد، طبقاتي نظام کان آزادي، حقن جي تلاش سيڪولرزم ۽ انساني قدرن جي اپٽار ملي ٿي. ملڪ آگاڻي جي ناول” نيروليءَ جو ڪن“ (1987ع) ترقي پسند لاڙي جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو. ھن ۾ روسي انقلاب کان وٺي روسي ڪميونزم جي بربادي جو ذڪر آھي.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌي ناول ۾ ترقي پسند فڪر جي خال ڀرڻ ۾ ترجمن جو وڏو ڪردار رھيو آھي. ميڪسم گورڪي جو ناول ”ماءُ“ گوبند مالهي ترجمو ڪيو ھو. ھي ناول روسي انقلاب جي پسمنظر ۾ آھي. ھن ناول ۾ ھڪ ماءُ جو روسي انقلاب ۾ ڪردار بيان ڪيل آھي. 1956ع ۾ سراج ميمڻ، ھندي اديب ڪرشن چندر جو اھم ناول ”ڏکڻ مان سج اڀري ٿو“ جي عنوان سان ترجمو ڪيو. ھي ناول 1947ع جي ورھاڱي جي پسمنظر ۾ لکيل آھي. ورھاڱي مھل ٿيل خون ريزي، لڏپلاڻ، مذھبي انتھا پسندي ھن ناول جا خاص موضوع آھن. عثمان ڏيپلائي روسي ناول How the Steel was Tempered جو ترجمو ”سسي نيزي پاند“ جي عنوان سان ڪيو. ھي ناول روسي اديب آستروسڪي جو لکيل آھي ۽ روسي انقلاب جي پسمنظر ۾ آھي. اھڙي طرح ويٽنام جي جدوجهد آزادي تي تنوير عباسي ”جي ماريا نه موت“ (1973ع) ۾ ترجمو ڪيو. ھي ناول نگوين وان تروئي جو لکيل آھي، جنھن ۾ ليکڪ فان ٿي ڪوئن جي انقلابي جدوجهد جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو آھي. ڪرشن چندر جي ھڪ ٻيو ناول ”ان داتا“ نذير احمد راھو ترجمو ڪيو. ھي ناول بنگال ۾ آيل ڏڪار ۽ ماڻھن جو بک ۾ مرڻ ۽ ٻئي طرف زميندارن نوابن جي عياشي جي پسمنظر ۾ لکيل آھي. اھڙي طرح غلام نبي مغل جو ترجمو جهڙوڪ ”قيدي“ (1995ع)پڻ ترقي پسند جديد لاڙن جي ترجماني ڪن ٿا. زيب سنڌي 1968ع ۾ ادب جولينن انعام حاصل ڪندڙ روسي چنگيز اعتماتوف جي ناول جو ترجمو ”ڌرتي ماءُ“ جي نالي سان ڪيو. ھي ناول ”ڌرتي ماءُ“ جنگ جي موضوع تي آھي .

سنڌي ناولن ۾ نفسياتي پھلو (Psychological Trend)
نفسياتي پهلوءَ ۾ سڀ کان اول سنڌي ناول ۾ شعور جو وھڪرو (Stream of Consciousness) هڪ اهڙي ٽيڪنڪ آهي، جهن جي ذريعي اندروني داخلي ۽ ذاتي تجربن کي بيان ڪيو ويندو آھي. انساني لاشعور ۾ سوچن جو ھڪ اڻ کٽ سلسلو ھوندو آھي، انھن بي ترتيب سوچن کي جيڪي ھڪ وھڪري جي شڪل ۾ ھونديون آھن. انھن جي اظھار کي شعور جو وھڪرو سڏيو ويندو آھي. ھن ۾ اڪثر تخليقون ضمير متڪلم (First Person) ۾ ھونديون آھن. سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۾ ھن اسلوب جا ڪيترائي مثال موجود آھن. سنڌي ناول ۾ سڀ کان اول آغا سليم ھن قسم جا ناول”اونداھي ڌرتي روشن ھٿ“ ۽ ”ھمھ اوست“ لکيا. ھن لاڙي ۾ لعل پشپ جو ”اھا ديوار آسمان تائين“، ماڻڪ جو ”لڙھندڙ نسل“، ڊاڪٽر پروفيسر قاضي خادم جا ”درد جي خوشبو“۽”پيار ۽ سپنا“، ان کان علاوه طارق عالم ابڙي جو ”رھجي ويل منظر“ پرويز ابڙي جو ”تون ھڪ خواب آھين“، حيدر درياه زنئور جو ”لفظن جي خواھش“ وغيره شعور جي وھڪري جو بھترين مثال آھن.
نفسياتي پهلوءَ جي لحاظ کان، آزاديءَ کانپوءِ سنڌي ناول نويسيءَ ۾ ھڪ نئين لهر پيدا ٿي. ناول نويسيءَ، انسان جي بربادي، جنسياتي بک، بي بقائي ڏانھن ڌيان ڇڪايو جيڪي ماڻھوءَ کي سماجي ستم جي برخلاف بغاوت پيدا ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندا آھن. ناول نويس ھاڻي، انسان جي دل جي اونداھن پھلوئن ۽ انساني من جي پيچيده ذھني مسئلن جي تحقيقات ڪرڻ شروع ڪئي. فرائڊ جي اصولن جو گهڻي ۾ گهڻو استعمال ڪيو ويو. اھڙي طرح ناول ڀرپور ٿيڻ لڳو. ناول جي اسلوب ۾ نواڻ آئي ۽ عبارت ۾ تازگي. ھن قسم جي ناول جا مکيھ عيوضي موھن ڪلپنا، نجم عباسي، لعل پشپ، حليم بروهي ۽ ٻيا آھن. اھڙي طرح ٻارن ۽ عورتن جي نفسيات تي به الڳ ناول لکيا ويا آھن. حليم بروهيءَ جو ناول ”اوڙاھھ“ 1975ع ۾ شايع ٿيو. ناول ”اوڙاھھ“ جنسياتي، نفسياتي الجهنن تي اڌمن جو ھڪ سٺو مثال آھي. ھي ناول ھڪ اھڙي ماڻھوءَ جي ڪھاڻيءَ تي بيٺل آھي، جيڪو چري ٿيڻ جي ويجهو آھي. ھو پنھنجي نفسياتي ڇيد ڪرڻ لاءِ ماضيءَ ۾ جهاتي پائي ٿو۽ پوءِ ماضيءَ جون ڪڙيون کلنديون وڃن ٿيون. جنھن ۾ ھن جي ذھني ڪينواس تي ڪيترائي ڪردار خاص طور تي عورتون اچي وڃن ٿيون، جيڪي سندس زندگيءَ ۾ آيل آھن.
ماڻڪ سنڌي جو نالو افسانوي ادب ۾ تمام اوچو آھي. ھن جديد رجحانن ۽ لاڙن مطابق ناول لکيا آھن. سندس ناولن ۾ ذھني مونجهارن جهڙا رجحان موجود آھن. ان سلسلي ۾ سندس ناول ”ساهه مٺ ۾“، ”پاتال ۾ بغاوت“ ۽ ”لڙھندڙ نسل“ اھم آھن. غلام نبي مغل افسانوي ادب ۾ سڀني مسئلن کي اجاگر ڪيو آھي. ھن جي ناولن جهڙوڪ ”عورت ۽ پيار“، ”دونھاٽيل راتيون ۽ رولاڪ“ ۽ ”مون کي ساهه کڻڻ ڏيو“ ۾ جنسي، معاشي ۽ نفسياتي مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ملي ٿي. رحمت الله ابڙي جو لکيل ناول ”ٻير جي ڍنگهري” آهي، جيڪو 1982ع ۾ شايع ٿيو. هن ناول ۾ انسان جي ذهني ڪشمڪش جي تصوير ڪڇي ويئي آهي. هي هڪ نفسياتي ناول آهي. هن ۾ هڪ فرد جي ڪهاڻي آهي، جيڪو حرس ۽ حوس جي پويان ڊوڙي ٿو ۽ پنهنجي زندگي کي غمگين ڪري وهي ٿو.

مونولاگ جي ٽيڪنيڪ
نفسياتي پهلوءَ ۾ ٻي شيءِ سنڌي ناول ۾ خود ودڪلامي (Monologue) اچي ٿي. اسان کي روز مره اھڙا ڪردار نظر ايندا آھن، جيڪي پنھنجي منھن ڳالهائيندا آھن. اھڙن ڪردارن کي سودائي سڏيو ويندو آھي. جڏھن ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ ساڳيو شخص ھجي، انکي خود ڪلامي چيو ويندو آھي. شاعري ۽ افسانوي ادب ۾ ھي ھڪ لاڙو آھي، جنھن سان فرد واحد پنھنجي ذھني سڪون لاءِ پنھنجو پاڻ سان مڪالمو ڪندو آھي. لفظ مونولاگ اصل ۾ يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ٻن لفظن(Monos) مونس يعني اڪيلو (Alone) ۽ (Legein) يعني ڳالهائڻ Speak مان گڏجي هڪڙو لفظ مونو لاگ وجود ۾آيو، جنهن جون ٻه معنائون آهن يعني پاڻ سان ڳالهائڻ ۽ ٻين جي موجودگيءَ ۾ فقط هڪ طرفو ڳالهائڻ“.(18)
مونو لاگ قديم شيءِ آهي. پر اسان وٽ سنڌيءَ ۾ انهيءَ ٽيڪنڪ تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي. سڀ کان پهريون نالو امر لعل هنڱوراڻي جو سامهون اچي ٿو، جنهن جي افساني ”ادو عبدالرحمان“ ٻين جي موجودگيءَ ۾ پاڻ يڪ طرفو ڳالهائي ٿو. غلام نبي مغل جو هڪڙو افسانو ”رات جا نيڻ“ انهيءَ لحاظ سان شاندار افسانو آهي.”روشني جي تلاش“ ناول ۾ آغا سليم ھڪ نئين ٽيڪنڪ خود ڪلامي (Monologue) ۾ کنيو آھي. ھن ناول جو ڪردار نعيم پنھنجي زبان ۾، پنھنجي آس پاس جي ماحول جي واقعن، فليٽن جي رھواسين جا حالات بيان ڪري ٿو. ھو يادگيريءَ مان احوال ڏيندو ۽ احساسات بيان ڪندو ھلي ٿو. ماڻڪ جو ”لڙھندڙ نسل“، لعل پشپ جو ناول ”ھڪ سرد ديوار“حليم بروھي جو ناول ”اوڙاھھ“ وغيره ان سلسلي ۾ اھم ناول آھن.
سنڌي ناول ۾ وجوديت جو فڪرجو لاڙو
“در حقيقت 20 صديءَ ۾ پيدا ٿيندڙ سياسي، سماجي، فڪري ۽ نفسياتي مونجهارن وجودي فڪر جي لاڙي کي جنم ڏنو. بنيادي طور تي وجوديت جو فلسفو (Existentialism) انساني وجود ۾ سانڍيل وارداتن، رازن ۽ ڳجهن کي جاچڻ ۽ پرکڻ جو نالو آهي. ان فلسفي جو مقصد آهي “جيئن ته انسان هڪ وجود رکي ٿو، ان ڪري هو پنهنجي وجود جي هئڻ کي ثابت ڪري ڏيکاري”. وجوديت جي فلسفي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: هڪ ديني وجوديت ٻيو لاديني وجوديت. وجوديت انسان جي پاڻ سڃاڻپ جو نالو آهي جنهن ذريعي هو هن دنيا جي غلاميءَ کان ڪٽجي ٿو ۽ پنهنجي آزاد هئڻ تي زور ڏئي، پنهنجي زندگي جو پنهنجي مرضيءَ سان پورو پورو استعمال ڪرڻ گهري ٿو. هو پنهنجن عملن جو پاڻ ذميوار آهي ۽ انهن عملن جي ذريعي ئي پنهنجي سڃاڻپ ۽ فطرت ظاهر ڪري ٿو ۽ پوءِ جڏهن اهو سوچي ته ساڻس وڏو ڊوهه ٿيو آهي، جو کيس چوکنڀو ڪري هن دنيا ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي. بهرحال، وجوديت کي سمجهڻ لاءِ هيٺين وجودي وارداتن کي سمجهڻ ضروري آهي: “ويڳاڻپ” (Alienation)، “مايوسي” (Despair)، “وجود جي بي معنائيت” (Being and absurdity)، “بوريت” (Boredom)، “ڪراهت/ ڪرڀ” (Nausea)، “احساس جرم” (Guilt)، “موت جو تصور” (Concept of Death)، “فرد ۽ ٻيا نظام” (Individual and Systems)، “چونڊ جي آزادي” (Freedom of Choice) ۽ “شخصي وجود جي حقيقت”(Reality of individual existence) وغيره“.(19)
سنڌي ادب ۾ وجودي فڪر لاءِ عبدالوحيد جتوئي لکي ٿو ته“ سنڌي ادب ۾ وجودي فڪر، لاشعوري طور ساميءَ جي شاعريءَ ۾ ۽ شعوري طور ويهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ ماڻڪ، شوڪت حسين شورو، مشتاق شورو، عبدالحق عالماڻي، ڪيهر شوڪت، مدد علي سنڌي ۽ نورالهديٰ شاهه جن جي وجودي لکڻين سان ٿو“.(20) هو وڌيڪ لکي ٿو ته “سنڌي ادب ۾ رڳو ناول ۽ مختصر ڪهاڻيءَ ۾ ئي هي فڪر ملي ٿو، جنهن ۾ ماڻڪ جا ناول “ساهه مٺ ۾”، “رڃ ۽ پڙاڏا”، “پاتال ۾ بغاوت” ۽ “لڙهندڙ نسل” آهن. مشتاق احمد شوري جو “ٿڪل جذبن جو موت”، شوڪت حسين شوري جي ڪهاڻين جا ٻه مجموعا “گم ٿيل پاڇو” ۽ “اکين ۾ ٽنگيل سپنا”، مدد علي سنڌيءَ جو “پنر ملن” ۽ “دل اندر درياهه” ۽ “ڪيهر شوڪت جو “پل تي ويٺل هڪ نوجوان”، عبدالحق عالماڻي جو “ڪارو ڪارونڀار”، نورالهدى شاهه جو “رڻ ۽ رڃ جو اتهاس” وغيره اچي وڃن ٿا“.(21)
سنڌي ناول جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته خاص طور تي ترجمي نگارن وجوديت جي فڪر کي سنڌي ۾ رائج ڪيو آھي. ان کان علاوه ڪي اھڙا ليکڪ به آھن جن پاڻ کي وجودي فڪر لاءِ ارپي ڇڏيو. سنڌي ناول نگارن ۾ قاضي خادم، ولي رام ولڀ، ماڻڪ، پرويز، منصور ٿلهو، آغا سليم، لعل پشپ، آنند کيماڻي، موتي لعل جوتواڻي ۽ شيام جئنسگهاڻي وغيره قابل ذڪر آھن. ڊاڪٽر قاضي خادم، البرٽ ڪاميو جي The Fall جو ترجمو ” زوال“ جي نالي سان ڪيو. ان کان علاوه قاضي صاحب جان پال سارتر جي ناول جو ترجمو ”پيار“ جي نالي سان ڪيو. ولي رام ولڀ، البرٽ ڪاميو جي ناول Stranger جو ترجمو ”ڌاريو“ جي عنوان سان ڪيو. ڊاڪٽر بدر اڄڻ سارتر جي ناول جو ترجمو ”اندر جي اڇل“ سان ڪيو آھي. الطاف شيخ سارتر جي ناول جو ترجمو ”مس سدا بھار چنبيلي“ جي نالي سان ڪيو.ان کان علاوه اصلوڪن ناولن ماڻڪ جا ”پاتال ۾ بغاوت“، ”لڙھندڙ نسل“، لعل پشپ جو ناول ”ھڪ سرد ديوار“ شيام جئنسگهاڻي جو ”کاھيءَ جي چو طرف“ وغيره ان سلسلي ۾ اھم ناول آھن. رسول ميمڻ به وجودي ليکڪ آهي. سندس ڪيترائي ناول شايع ٿي چڪا آهن، جن زندگيءَ جي بي معنيت ظاهر ٿئي ٿي.فاروق سولنگي، اخلاق انصاري، اسحاق انصاريءَ جي ناولن ۾ به وجودي فڪر جا اولڙا موجود آهن.

سائنسي افسانيت جو لاڙو
زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ايندڙ هر شيءِ هڪ افساني جو موضوع ٿي سگهي ٿي. ايستائين جو خيالي دنيا جون ڳالهيون (Fantasy)، ڏند ڪٿائون (Myths)، جڙتو سائنسي قصا (Science Fiction) به افسانن جا موضوع ٿي سگهن ٿا. سائنس فڪشن پنهنجي جوهر ۾ تخيل جي گهڻ پاسائين اڏام ۽ اظهار جو وسيلو آهي. اُن ڪري ئي سائنس فڪشن جا پلاٽ، ڪردار ۽ ٻيا سڀ لاڳاپيل معاملا مستقبل سان واسطو رکندڙ هوندا آهن. سائنس فڪشن صنف ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ”هارڊ سائنس“ ۽ ٻي ”سافٽ سائنس“. هارڊ سائنس جا موضوع نيچرل سائنس رهيا آهن ۽ سافٽ سائنس جا موضوع سماجي سائنس بنيا. ان کانپوءِ، سائنس فڪشن ۾ ٻيا موضوع به داخل ٿيا، جيئن ممڪنات، تجسُسُ، جاسوسي ۽ ڊپ وغيره. جيتوڻيڪ، سائنس فڪشن ۾ انهيءَ قسم جي ادب کي گهڻي پذيرائي ڪانه ملي. پر ”ممڪناتي ۽ قياس آرائيءَ تي ٻڌل لکڻيون“ جيڪي فيوچرالاجيءَ جي زمري ۾ اچن ٿيون، تِن تي گهڻو ڪم ٿيڻ لڳو.
سائنس فڪشن جا شروعاتي ماخذ ڏند ڪٿائي ادب جا شاهڪار آهن. ڇو ته اِنهن ۾ ويساهه ۾ نه ايندڙ ڪردار جا ڪم ۽ اعتبار کان ٻاهر جي دنيائن ۽ لقائن جو ذڪر آهي. پر جيڪڏهن اوائلي ڪتابن تي نظر وجهون ٿا ته اسان کي لوسيءَ جو ”ٽرو اسٽوري“، ”عربين نائيٽس“ ۽ ابن النفيس جا ڪتاب ملن ٿا. پر سائنس فڪشن جي قبوليت هڪ ادبي صنف طور 19 صديءَ ۾ ٿي. ڇو ته اِن دور ۾ جو ناٿن سُئفٽ جو ڪتاب ”گليوَرس ٽريوِلس“ والٽيئر جو ڪتاب ”مائڪرو ميگاس“ ۽ ڪئلپر جو جڳ مشهور ورڪ ”سونيئم“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا. ڪئپلر جي ڪم کي ڪارل سائگان ۽ آئزڪ ائسيموف پهرئين سائنس فڪشن تخليق سڏيو آهي. هِن ۾ چنڊ ڏانهن سفر ۽ اُتان ڌرتيءَ جي ڦيري جي نظاري بابت ٻُڌايو ويو آهي.ايڇ جي ويلز کي سائنس فڪشن ناول جو باني سمجهيو وڃي ٿو، ويلز ڪيترائي سائنس فڪشن ناول لکيا، جهڙو ڪ ”وار آف دي ورلڊ“، ”دي ٽائيم مشين“، ”دي انوزيبل مين“ ۽ ٻيا شامل آهن. ادبي خدمتن جي عيوض ويلز جو نالو نوبل انعام لاءِ به چونڊيو ويو هو. ويلز ، پنهنجي ناول ”دي ٽائيم مشين“ ذريعي پهريون ڀيرو اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته انسان وقت (ماضي ۽ مستقبل) ۾ سفر ڪري سگهي ٿو. سندس هي ناول 1895ع ۾ ڇپجي آيو ۽ هٿو هٿ وڪامجي ويو. هن ناول ۾ ويلز هڪ اهڙي ميشن جو ذڪر ٿو ڪري جنهن جي مدد سان وقت ۾ سفر ڪري سگهجي ٿو.
سنڌ ۾ سائنسي علم ترقي نه ڪئي آهي ۽ سنڌ ۾ افسانوي ادب جي ڄمار به گهڻي قديم نه آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي ادب به گهڻو نه لکيو ويو آهي. سنڌ ۾ نثري ادب جي شروعات ۽ ان سان گڏ ترجما نگاري جي شروعات انگريزن جي دور کان شروع ٿي. ان ڏس ۾ جاسوسي ادب، سائنس فڪشن، ڪرائيم فڪشن وغيره تي مبني ڪهاڻين جا ڪي سنسني خيزي ڪهاڻين جا مثال موجود آهن. انگريزن جي دور ۾ هن قسم جون ڪافي ڪهاڻيون لکيون ويون يا ترجمو ٿيون، جن ۾ ’شرلاڪ هومس‘، ’گونگو دوست‘، ’ڀيانڪ لاش، ’خوفناڪ ڪتو‘ وغيره اهم آهن. مرزا قليج بيگ ڪي جاسوسي ناول ترجمو ڪيا ۽ ٻين به ڪيا ڪيا، ڇو ته ان دور ۾ جاسوسي ادب تمام گهڻو مشهور هو. مرزا قليچ بيگ، جوناٿن سُئفٽ جي جڳ مشهور ڪتاب Gulliver’s Travels جو ترجمو 1920ع ۾ ”گليور جو سفر “ جي نالي سان ڪيو.”گليور جو سفر ۽ تصوراتي حقيقت پسندي (Fantastic Realism) جي ٽيڪنڪ ۾ لکيو ويو آهي . سنڌي ادب ۾ سائنس فڪشن جو ٻيو مثال صاحبسنگهه چندا سنگ شاهاڻيءَ جو الٿو ڪيل ”تارن جو اڀياس يا آتو مير چنداڻيءَ“ آهي. صاحب سنگهه چندا سنگهه ، ٿامس هارڊي جي هڪ ٻئي ناول (Two on Tower) جو ترجمو (الٿو) ”تارن جو اڀياس يا آتو ميرچنداڻي“ جي نالي سان ڪيو، جيڪو 1930ع ۾ ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني، ڪراچيءَ پاران ڪي. ٽي شهاڻيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. هِن ناول جو تاڃي پيٽو، اُن زماني جي ڪراچيءَ جي شهري زندگيءَ جي جهلڪ ڏئي ٿو. هِن ناول جا ٻه مُکيه ڪردار هڪ ڳڀرو نوجوان ۽ هڪ سيٺياڻي آهن. ناول جو مُکيه ڪردار ’آتو‘ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ قائم آبزرويٽريءَ ۾ ويهي تارن، گرهن ۽ وايومنڊل جو اڀياس ڪري ٿو ته جيئن دُرست انگ اکر زراعت لاءِ ڪتب آڻجن، ٻوڏن ۽ موسمياتي تبديلين جو اڳواٽ بندوبست ڪري سگهجي“.(22)
سنڌ جي محب وطن سياستدان ۽ اديب قاضي فيض محمد ”ٻاويهه سؤ ٻاويهه“ جي عنوان سائنس فڪشن تي اصلوڪو ناول لکيو، جيڪو سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد سنڌ پاران ڇپيو. ڊاڪٽر غفور ميمڻ هن ناول لاءِ لکي ٿو ته ”جديد دؤر جي بدلجندڙ قدرن کي ذهن ۾ رکندي سائنسي فڪشن تي ناول قاضي فيض محمد 1957ع ۾ لکيو هو، جيڪو ”ٻاويهه سؤ ٻاويهه“ نالي سان ڇپيو هو. هن ناول جي خاص اهميت اهاآهي ته هن ۾ تخليق جي پرواز اڏام کٽولي واري ناهي پر سائنسي ايجادن ۽ ترقيءَ کي ذهن ۾ رکندي مستقبل جو هڪ سماجي ڍانچو تشڪيل ڏنو ويو آهي. جيتوڻيڪ اها ترقي خيالي آهي پر سندس بنياد سائنس تي رکيل آهي. اها هڪ خوش آئند ۽ مثبت ڳالهه آهي ته سائنس جي اهميت کي تسليم ڪري انهي تي مستقبل کي استوار ڪيو ويو جيڪا روشن خيالي آهي“.(23)
هن ناول ۾ قاضي صاحب پنهنجي پياري وطن سنڌ ۽ ان جي غريب ماروئڙن جي بهتر مستقبل جو خواب بيان ڪيو آهي. قاضيءَ جو هيءُ خواب سڄيءَ انسان ذات جي بهتر مستقبل جو خواب آهي. هيءُ ناول، سنڌي ٻوليءَ جي ’سائنس فڪشن’ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ناول ۾ مستقبل ۾ متوقع سائنسي ترقيءَ ۽ اُن ۾ سنڌ جي حيثيت بيان ڪئي وئي آهي .هن ناول جي شروعات هن ريت ڪيل آهي:
سنڌي ادب ۾ محمد بخش جوهر جو نالو ”قياس تي بيٺل ادب“ ۾ سرفهرست آهي. جوهر جا ڪيترائي ناول ۽ ڪهاڻيون سائنس فڪشن جو اعليٰ نمونو آهن، هن نه صرف پاڻ جاسوسي ۽ سائنس فڪشن تي ناول لکيا ، پر ترجمو به ڪيا. جن ۾ ”اڏام کٽولو“ ، ”اڏامندڙ ٿالهيون“ ۽ ”ماڪوڙن جي فوج“ قابل ذڪر آهن“.(24)
2000ع ۾ ”ممتاز بخاريءَ، ناروي جي ناول نگار جوسٽين گارڊر جي مشهور Sophies World ناول جو ترجمو ”سوفي جي دنيا“ جي نالي سان ڪيو آهي. هيءُ سائنس فڪشن ناول طرز تي لکيل ڪتاب آهي. هن ناول جو مکيه ڪردار ناروي ۾ رهندڙ هڪ نوجوان ڇوڪري سوفي آموڊيسن آهي، جنهن مان هن جو نالو سوفيءِ جي دنيا پيو. جڏهن ته ٻيو ڪردار هڪ فلسفي البرٽو ناڪس آهي، جيڪو سوفيءِ کي فلسفي جي دنيا ۽ نظرين کان واقفيت ڪرائيندو آهي. ناول جي شروعات ٻن نامعلوم خطن سان ٿئي ٿي، جيڪي سوفي کي موصول ٿيا هئا. انهن پيغامن ۾ ٻه سوال اٿاريا ويا هئا: ”توهان ڪير آهيو؟“ ۽ ”هي دنيا ڪٿان آئي؟“ صوفي جي ملاقات هڪ ڪراڙي فلاسافر سان ٿئي ٿي. جيڪا کيس زندگيءَ جي رازن کان واقف ڪرائي ٿي. سڄو ناول فلاسافيڪل ۽ سائنسي سوالن تي مبني آهي، جيڪو زندگيءَ جي بنيادي سوالن بابت تمام گهرائي سان بحث ڪري ٿو
ان کانسواءِ، ايڇ جي ويلز جي جڳ مشهور ڪتاب، ”وار آف دي ورلڊس“ جو نصير سارنگ سنڌي ۾ ترجمو بعنوان ”مريخ جو حملو“ ڪيو آهي، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 2003ع ڇپايو آهي. هي ناول، سنڌي ادب ۾ سائنس فڪشن تي تمام دلچسپ ناول آهي. يوسف سنڌيءَ جو ناوليٽ ”مريخ جا مسافر“، سندس ڪتاب ”مريخ جا مسافر ۽ ٻيون ڪهاڻيون“ ۾ 2013ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيو. هن ناوليٽ توڙي جي ٻارن جي لاءِ لکيل آهي، پر ان ۾ سائنسي دنيا کي بارن جي سمجهه مطابق پيش ڪيو ويو آهي. موجوده دور ۾ نوجوان اديب ڪليم ٻٽ، نه صرف سائنس فڪشن ناولن تي مضمون لکيا آهن، پر پاڻ به سائنس فڪشن تي ناول ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن.

حوالا:
1. ڊاڪٽر قاضي خادم:” ادب ۽ روايتون“، سنڌ ساهت ڪتاب گهر، حيدرآباد، 1992ع، 68
2. سومار شيخ : .عبراني“ ناول جو مهاڳ،1973ع
3. شوق سنڌي: ”اديون ڏيوم صلاح“، 1961ع
4. عبدالحق عالماڻي: ”ڪارو ڪارونڀار“
5. سراج ميمڻ جو انٽرويو: ماھوار ”سنڌ سجاڳ“١٩٩٤ع
6. آغا سليم : ”ھمھ اوست“
7. شيخ عبدالرزاق ”راز“:”مسافر“ (ڪتاب جو مھاڳ)
8. قمر شهباز: “درد جو سفر”، هڪ ليکڪ جو تخلقي سفر مرتب مختيار احمد ملاح، ڪوبتا پبليڪشن حيدر آباد، 2010ع ص62
9. تاج بلوچ: “سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر” (ڪهاڻي نمبر) منصور پبليڪشن 1980ع ص 17
10. فقير محمد لاشاري: “سنڌي ادب جو تاريخي جائزو” (ماهوار سنڌو، - 1986ع) ص، 106
11. مختيار احمد ملاح: ”ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت“، سنڌي لئنگيئج اٿارٽي“ حيدرآباد
12. ڊاڪٽر نور افروز خواجه: ورھاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر“ ، گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد، 253-54
13. سرواڻ سنڌي: روم نمبر سورنهن
14. غلام رباني آگرو: “سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر”، سنڌي ادبي بورڊ، 2013ع
15. ڊاڪٽر لالواڻي ڄيٺو: “برطانوي دور ۾ سنڌي نثر - ڪهاڻي” مرتب منوهر مٽلاڻي، ڊپارٽمينٽ آف سنڌي، ممبئي 2003، ص 68
16. غلام علي الانا:” لاش“، آر. ايڇ. احمد برادرس، حيدرآباد، 1953ع، ص 10
17. غفور ميمڻ:”سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر“ ، شاهه عبدالطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2012ع، ص 401
18. طارق اشرف: ”مونو لاگ“ ، ماهوار نئين زندگي، 1973ع
19. مختيار احمد ملاح: “سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو”، ڪاٺياواڙ اسٽورز، ڪراچي، 2006ع ص 454
20. عبدالوحيد جتوئي: “وجوديت ۽ سنڌي ادب”، سرڳ پبليڪيشن، حيدرآباد 2001ع ص 59
21. حوالو ساڳيو، ص 59
22. ڊاڪٽر چندو لعل جيسنگهاڻي: ”سنڌي ناول جي ارتقا“، ڪونج پبليڪيشن، 2004ع، ص 69
23. غفور ميمڻ:”سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر“ ، شاهه عبدالطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2012ع، ص 505
24. مختيار احمد ملاح: ”ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت“، سنڌي لئنگيئج اٿارٽي، حيدرآباد، 2015ع، ص 204