آزاديءَ کان پوءِ ھندوستان ۾ ڪي مشھور سنڌي ناول نگار
گوبند مالهي جو جنم ٺارو شاهه ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ٿيو. ھن صاحب سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آھي. سنڌي ناول نگاري، افسانھ نگاري ۽ ڊراما نويسي ۾ ھن جون وڏيون خدمتون آھن.
ھن جي ناول لکڻ جي شروعات ورھاڱي کان اڳ ٿي چڪي ھئي. سندس ناولن جو تعداد ٽيهه کان به مٿي آھي. ١٩٤٦ع ۾ گوبند مالهيءَ جا ٽي ناول شايع ٿيا، جيڪي ان دور جي باغي نوجوان جي خيالن جي اپٽار ڪن ٿا. ھنن ۾ ”ساٿي“ قومي موضوع تي، ”ڦاسيءَ جي ڪوٺڙي“ (ترجمو) انقلابي موضوع تي ۽ ”چترليکا“ تاريخي پسمنظر تي مبني ھئا. اھڙي طرح ١٩٤٧ع ۾ شايع ٿيل ناولن مان ”انقلابي شاھراھھ“، ”بغاوت ۽ انقلاب“ اھم آھن ۽ جڏھن ته سندس ٻيو ناول ”آنچل“ رومانوي ناول آھي. ١٩٤٧ع واري ورھاڱي کان پوءِ سنڌ جو يگانو ناول نگار ھندستان لڏي ويو جتي ڪيترائي ناول لکيائين.
١٩٥٢ع ۾ سندس ناول ”ماءُ“ شايع ٿيو جيڪو روسي ناول نگار ميڪسم گورڪي جي “Mother” جو ترجمو آھي. ھن ناول ۾ ھڪ ماءُ جي انقلابي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو آھي. ھي ناول ترجمو ھجڻ جي باوجود سنڌي ادب جو شاھڪار آھي. گوبند مالهي تي ميڪسم گورڪي جو تمام گهڻو اثر ھو. ھن ”ميڪسم گورڪي“ جي ١٩٨٤ع ۾ جيون ڪٿا به لکي. گوبند مالهيءَ تارا شنڪر بئنرجي جي ناول جو ترجمو ”ڌرتي ماتا“ (١٩٥٣) جي نالي سان ڪيو. ھي ناول قوم پرستي ۽ وطن پرستي جي لاڙن جي ترغيب ڏئي ٿو. چئندو ڪمار جي ھندي ناول جو ترجمو ”سنينا“ (١٩٥٣) جي نالي سان ڪيائين. ھي ناول نفيساتي لاڙي تي مبني آھي، جنھن جو اھم موضوع عورت جي پيار تي ڏيکاريل آھي، جنھن جي زندگي ۾ الڳ الڳ مرد اچي وڃن ٿا.
١٩٥٣ع ۾ سرگم ساھتيھ وارن گوبند مالهي جو طبعزاد ناول ”آنسو“ شايع ڪيو. ھن ناول ۾ مصنف سنڌ مان لڏي وڃڻ کانپوءِ ھندستان ۾ بمبئي جي ڪئمپن جو ماحول ۽ اتي جون حالتون بيان ڪيون آھن ۽ڪئمپن جي حالتن جو پورو پورو نقش پيش ڪيو آھي. ھن ناول ۾ مکيھ مسئلو جيڪو ڪھاڻي جو مرڪزي خيال آھي، سو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي شاديءَ جو آھي. ھن ناول ۾ ڪامياب شاديءَ لاءِ چڱي ڄاڻ ڏنل آھي. جيتوڻيڪ ناول جو خاتمو خوشي جي حالت ۾ آھي پر سڄي ماحول تي ڏک جو ماحول پڻ ڇانيل آھي. ساڳي سال ھن جو ٻيو ناول ”زندگي جي راهه تي“ ڪھاڻي ساھتيھ وارن شايع ڪيو، جنھن جو خاص مسئلو ”ڪٽنب“ پيش ڪيل ھو. ھي ھڪ گهريلو ۽ سماجي ۽ ڪٽنبي ناول آھي. ناول جي ھيروئن سرسوتي پنھنجي مائٽن جي مرضي خلاف شادي ڪري ٿي، جنھن ۾ ھوءَ ڪامياب زندگي گذاري ٿي” (6)
1956ع ۾ لينو تانگ جو چيني ناول ‘تانيءَ’ جي نالي سان ترجمو ڪيائين.گوبند مالهيءَ ترجمي ڪرڻ سان گڏ ان ۾ ڪجهه ڦير ڦار ڪري ان کي سنڌي ماحول سان ٺهڪايو اٿس. چين اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي؛ اسان سان گڏ ئي غلاميءَ کان نڪتو آهي، ان ڪري هن جا حالات اسان سان گهڻي قدر ملي اچن ٿا.ھن ناول ۾ ڌرتي سان پيار ڪرڻ ۽ سندس حفاظت ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي آھي.
ساڳي سال سندس ناول ”جيون ساٿي“ پڻ شايع ٿيو. ھن ناول جو موضوع شاديءَ جي مسئلي تي رکيل آھي، جنھن ۾ معاشرتي معاشي حالتن، ريتن رسمن جو بيان ڪيل آھي. ھن ناول ۾ ٽن جوڙن کي پيش ڪيو ويو آھي يعني ھن ناول جي ڪھاڻي مرڪب (Compound) آھي، جنھن ۾ پھرين جوڙي جي ڪھاڻي تمام سٺي نموني ۾ پيش ٿيل آھي، پر آخر ۾ ھيروئن جو مايوس ٿي بدمعاشن ۾ وڃڻ، اڻ ٿيڻي ڳالهه معلوم ٿئي ٿي. ٻيو جوڙو پھرين جوڙي سان بلڪل مليل نظر اچي ٿو، پر ٽيون جوڙو بلڪل جدا ڪھاڻي ۾ ھلندو نظر اچي ٿو، جنھن جو پھرين ۽ ٻئين جوڙي سان ڪو به تعلق نه آھي.
من جو ميت: ساڳي سال ۾ سندس ”من جو ميت“ شايع ٿيو. ھن ناول ۾ موضوع شادي جي مسئلي تي ٻڌل آھي. ھن ناول جو ماحول به بمبئيءَ جي ڪئپمن وارو آھي. ھن ناول ۾ وري چار جوڙا متعارف ڪرايا ويا آھن. ھن ناول لاءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکيو آھي ته ”ھن ناول جي خاص خوبي آھي، جو منجهس عملي طريقا ڏسيل آھي ته ڪيئن سنڌو نگر جي پئنچاتي سرشتي کي سڌارڻ، سھڪار منڊيون برپا ڪرڻ ۽ ڪارخانا کولي، ماڻھن کي مشغولي ڏيڻ سان ھڪ آدرشي سنڌ پيدا ٿي سگهي ٿي” (7)ساڳي سال مالهيءَ جو مشھور ناول ”پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“ شايع ٿيو ھن پوري ناول جي ڪھاڻي وطن جي يادگيرين سان ڀريل آھي، جنھن ۾ پنھنجي اصل وطن جي يادگيرين کي تمام خوبصورت ۽ جذباتي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آھي. ھي ناول جذبات نگاري جي لحاظ کان شاندار آھي. ان کان علاوه ورھاڱي جي نتيجي ۾ لڏ پلاڻ ۽ ڪئمپن واري زندگيءَ جي به شاندار نموني عڪاسي ڪيل آھي.
١٩٥٤ع ۾ سندس پھريون ناول ”للڪار“ شايع ٿيو. ھن ناول جو موضوع معاشري جي بگڙيل فردن تي تنقيد آھي ۽ انھن بگڙيل فردن جي جوابداري معاشري تي مڙھيل آھي. ھي ناول موضوع ۽ ڪردارن جي لحاظ کان بلڪل منفرد آھي. ساڳي سال سندس ٻيو ناول ”چنچل نگاھون“ شايع ٿيو. ھي ھڪ رومانوي ناول آھي. ھن ناول جو موضوع پيار جي شادي تي ٻڌل آھي. ھن ناول ۾ جيئري تي شادي ۽ طلاق جي مسئلي کي به آندو ويو آھي.
اھڙي طرح ١٩٥٥ع ۾ سندس شاھڪار ناول ”عشق نه آھي راند“ شايع ٿيو. ناول جو ڪردار ”مان“ (يعني ”قيمت“) ھڪ سرمايھ دار گهراڻي جو نوجوان آھي ۽ ”گدو“ ھڪ غريب گهر جو اڻ پڙھيل مگر عاشق مزاج جوانڙو آھي. ٻنھي جو ”ستيءَ“ سان پيار ٿئي ٿو، جيڪا خود ھڪ وڏي گهراڻي جي ڇوڪري آھي. ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ گدو پنھنجي دوست قيمت کان لکڻ پڙھڻ سکڻ بعد شھر ۾ ڪمائڻ ٿو وڃي ۽ اتي قيمت معرفت ستيءَ کي خط لکندو رھي ٿو. ھوڏانھن قيمت پنھنجي دولت جي زور تي ستي سان شادي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. پر پوءِ پڇتاءُ ڪري ھن کي پنھنجي ڀيڻ وانگر ٿو رکي. ستي گدوءَ جي غم ۾ سلهه جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ گدو پنھنجي حياتي انسانيت جي خدمت ۽ بھبوديءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي ٿو ۽ آخر ستياهه گرهه ڪندي پوليس جي گولي جو شڪار ٿئي ٿو. گدوءَ جي موت تي قيمت به رشڪ کائي ٿو.
ناول ۾ گدوءَ جو ڪردار ھڪ مڪمل نموني ۾ پيش ڪيو ويو آھي. گدو اسان جي سنڌي سماج جي ھر غريب ۽ عاشق مزاج نوجوان جي نمائندگي ٿو ڪري. قيمت جو ڪردار ايترو اڀريل نه آھي، ۽ ھن جا ڪيترا ڪم، ھن جي ڪردار تي پورا نٿا اچن ۽ ائين ٿو لڳي ڄڻ ھن کان زوريءَ اھي ڪم ڪرايا ويا آھن.
ستيءَ جو ڪردار چڱو اڀريل آھي. ”مامي“ جو ڪردار ته اھڙو بھترين نموني ۾ پيش ڪيو ويو آھي، جو ان تي ھر ڪنھن کي پنھنجي ”مامي“ ھجڻ جو شڪ ٿو ٿئي. اھڙا ماما ھر گهر ۾ موجود آھن. جيڪي پنھنجي ننڍن کي خواه مخواه جي رعب سان سڌارڻ ٿا چاھين پر نتيجو ابتو ٿو نڪري ھي ناول موضوع ۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ھڪ شاھڪار ناول آھي. ھن ناول ۾ ڪردار نگاري ۽ جذباتيت کي وڏي اھميت ڏني ويئي آھي. ناول جي ٻولي ۽ مڪالما پڻ پنھنجو مٽ پاڻ آھن.
سندس ناول ”شرم ٻوٽي“ ١٩٥٦ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول ۾ ڳوٺاڻي پسمنظر جي منظر نگاري شاندار آھي. ناول جي موضوع لاءِ ڊاڪٽر نور افروز خواجه لکي ٿو ته ”ھن ناول جو موضوع سنڌي خانھ بدوش بازيگرن جي زندگيءَ تي ٻڌل آھي” (8)
١٩٥٥ع ۾ گوبند مالهي جو سماجي ناول ”لوڪ آھي ٻوڪ“ شايع ٿيو. ھن ناول ۾ سماجي اوڻائين تي سخت چوٽون ڪيو ويون آھن.
١٩٥٦ع ۾ سندس ناول ”ديسي سيڻ ڪجن“ شايع ٿيو. ھن ناول بابت خود ناول نگار لکيو آھي. ”سورھيائي ان ۾ آھي ته سڀني مشڪلاتن جو مقابلو ڪري اسين پنھنجي پوتر ۾ پوتر وستو ۽ سنڌيت کي سنڀاليون سانڊيون ۽ وڌايون، ھن ناول جو مرڪزي خيال به اھو ئي آھي” (9)
١٩٦١ع ۾ سندس ”ڏيھي پر ڏيھي ٿيا“ منظر عام تي آيو ھن ناول ۾ لڏي ويل سنڌين ۽ سنڌ جي سنڌين جي وچ ۾ لاڳاپو ڏيکاريو ويو آھي. ھن ناول جي خوبي اھا آھي ته اھو سڄو خطن جي صورت ۾ آھي. ساڳي سال سندس ”پيار جي شڪست“ شايع ٿيو. ھن ۾ ٻن ڀائرن جي ساڳي ڇوڪري سان پيار ڪرڻ تي ٻڌل ڪھاڻي آھي. ھن ناول ۾ عورت جي پيار کي وڌيڪ اثرائتي نموني ڏيکاريو ويو آھي. ساڳي سال ۾ سندس ”سنڌو ڪناري“ شايع ٿيو. جنھن ۾ سنڌين کي ھندستان اجاگر ڪرڻ جو درس ڏنو ويو آھي. سندس ناول ”سنڌو ڪناري“ ۾ ھندستان ۾ سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب جي بچاءَ ۽ ڦھلاءَ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جي تلقين ڪئي آھي. ان کان علاوه اتان جي سنڌين جي سماجي ۽ معاشي مسئلن جي عڪاسي پڻ ڪئي آھي.
١٩٥٦ع ۾ سندس ناول ”ھڪ انسان سؤ طوفان“ شايع ٿيو، جنھن ۾ موضوع اھو آھي ته ھر مرد جي ڪاميابي پويان ڪنھن عورت جو ھٿ ھوندو آھي، ھن ناول ۾ ھڪ عورت ھڪ شرابي، ٺڳ، گنڊي مرد کي سڌي رستي تي آڻي ھڪ ڪامياب انسان بنائي ٿي، سڄي ناول ۾ عورت جي محبت عصمت ۽ قرباني کي ڏيکاريو ويو آھي.١٩٧٥ع ۾ ھن جو ناول ”محبت جي راهه ۾“ شايع ٿيو. ھي ناول انساني رشتن جي نڀاھڻ ۽ محبت جي حق کي نڀاھڻ جي پسمنظر ۾ لکيل آھي. ناول ”سوري ڀائين سيج“ ھڪ تاريخي ناول آھي، جنھن ۾ انگريزن جي دور ۾ سنڌين سان ٿيندڙ ظالمن جي عڪاسي ڪئي ويئي آھي.ناول ”سونھن جو سوداگر“ ھڪ سماجي ناول آھي، جنھن ۾ اھو ثابت ڪيو ويو آھي ته ضرورت کان گهٽ پيسو گناهه کي جنم ڏئي ٿو ۽ ضرورت کان وڌيڪ خود وڏو گناهه آھي.
”مسوريءَ جي راڻي“ اولاد ۽ والدين جي رشتن ۽ رنجشن متعلق آھي ھن ناول ۾ اھو سمجهايو ويو آھي ته اولاد جي باري ۾ ڪو فيصلو ڪرڻ کان اڳ سندن راءِ معلوم ڪئي وڃي. ناول ”ڀاڀي“ ھڪ سماجي ۽ گهريلو ناول آھي، جنھن ۾ رشتن جي سڃاڻپ تي زور ڏنو ويو آھي.
سندس ناول ”پيار جي پياس“٢٠٠٠ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول جو موضوع پيار جي نه کٽندڙ پياس آھي. ھڪ انسان ڪيترو به پيار حاصل ڪري وٺي پر تڏھن به سندس پيار جي پياس ختم نه ٿي ٿئي.
ان کان علاوه به گوبند مالهيءَ جا ڪيترائي ٻيا به ناول شايع ٿي چڪا آھن. جن ۾ ترقي پسند فڪر، رومانيت، روحانيت، سماجي فڪر، ادبي فلسفا ۽ تحريڪون وغيره اچي وڃن ٿا. ان کان علاوه ھن جا ناول فني لحاظ کان مقصد تي ٻڌل ھوندا آھن ۽ انھن ناولن جو مرڪزي خيال معاشري جي اصلاح ھوندو آھي. سندس ناولن جي ٻي اھم ڳالهه جذبات نگاري ۽ ڪردارن جي اپٽار آھي. ھن جا ڪردار عام ماڻھو آھن جيڪي معاشري ۾ گهمندا ڦرندا نظر اچن ٿا، انھن وٽ غلط، صحيح، جذبات ۽ جبلت وغيره جا احساس آھن. مطلب ته سندس ناول سنڌي ادب ۾ اھم مقام رکن ٿا.
پوپٽي ھيراننداڻي (١٩٢٤-٢٠٠٥ع)
پروفيسر پوپٽي ھيراننداڻي جو جنم حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. سندس پورو نالو پوپٽي رامچند ھيراننداڻي ھو. ورھاڱي کان پوءِ ھوءَ ھندستان ھلي ويئي، جتي تعليم و تدريس جي پيشي سان وابستھ رھي. ھن سنڌي ادب جي سڀني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي. ھوءَ ناول نگار، ڪھاڻيڪار، مضمون نگار، نقاد، محقق ، مترجم ۽ شاعر طور سڃاتي وڃي ٿي. ھن چار ناول لکيا آھن: ”منجو“ (١٩٥٠) ”حسرتن جي تربت“ (١٩٦١) ، ”جيءَ ۾ جهوري تن ۾ تات“ (١٩٦٦)، ”سيلاب زندگيءَ جو“ (١٩٨١). ”منھنجي حياتي جا سونا روپا ورق“ (آتم ڪھاڻي) ڪتاب کي ١٩٨٢ ۾ ساھت اڪيڊمي انعام عطا ڪيو.
سندس پھريون ناول ”منجو“ ١٩٥٠ع ۾ شايع ٿيو ھو. ھن ناول ۾ ھڪ رواجي ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ ۽ شھري ڇوڪري تي لکيل دلچسپ ڪھاڻي آھي. پورو ناول تجسس سان ڀرپور آھي. ناول ۾ بي جوڙ شاديءَ جو موضوع ڏنو ويو آھي. سندس مشھور ناول سيلاب زندگي“ جو (١٩٨١) ۾ شايع ٿيو. ھي سندس شاھڪار ناول سمجهيو ويندو آھي. ھن ناول ۾ ورھاڱي سبب سنڌ ڇڏي ھند وسائيندڙ سنڌين جي ٻن پيڙھن جي ذھني ۽ طبعي ورھاڱي جي حالتن تي چڀندڙ انداز ۾ روشني وڌي وئي آھي. سنڌ ڇڏي ويندڙ ۽ ھندستان ۾ پئدا ٿيل نسل ۾ ڌار ڌار ڌرتين جي نفسيات وسيل آھي، جن ۾ ثقافتي حالتون ھڪٻئي کان ڌار ھئڻ سان گڏ سندن پئدائش واري حالتن ۾ به وڏو ويڇو آھي. گڏوگڏ سموري سماج ۾ عورت جيڪي ڀوڳنائون ڀوڳي ٿي تن تي به ڏاڍي تفصيل سان سوال اٿاري ماحول جي مڪروھيت تان پردو کنيو ويو آھي.
سندس ناول ”حسرتن جي تربت“ ۾ ڪاليجي زندگي ۽ ولايتي سفر جا رنگين دلچسپ واقعات ڏنل آھن، جيڪي وندر ۽ دلچسپي پيدا ڪن ٿا. پوپٽي سنڌي ناولن ۾ ھڪ نئين رجحان کي متعارف ڪرايو. ھن عورتن جي مسئلن اھي ڀلي گهريلو ھجن، نفسياتي وھم يا روحاني نڪتا ھجن. انھن سڀني جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آھي. پوپٽي جي ناولن ۾ حياتيءَ جي ھر ڪنڊ کي اظھار ڏنو ويو آھي. سندس ٻولي عام پڙھندڙ کي بھترين نموني سمجهه ۾ اچي ٿي. جتي سندري جا ناول ترقي پسندي واري نظرئي جي نمائندگي ڪن ٿا اتي پوپٽي جا ناول ۾معاشرتي اوگهڙ ظاھر ڪرڻ ۾ به ماھر آھي.
پوپٽي هيراننداڻيءَ جي 1987ع ۾ لکيل ناول ‘سيلاب زندگيءَ جو‘ ۾ عورتن جي حوالي سان ڪجهه اهم مسئلن جو ذڪر ٿيل آهي. هن ناول ۾ ورهاڱي جي وقت جيڪا دکدائڪ صورتحال هئي، ان جو به ذڪر آهي، جڏهن هندو سنڌ مان لڏي رهيا هئا ته گهر جون وڏيون عورتون، نوجوان ڇوڪرين کي خودڪشيءَ جا مشورا ڏينديون هيون، ته جيئن نوجوان ڇوڪريون مسلمانن جي ور نه چڙهي وڃن” (10) هن ناول ۾ نوڪري ڪندڙ عورت لاءِ سٺو تصور پيش ٿيل ناهي.
موھن ڪلپنا (١٩٣٤-١٩٩٢ع)
سنڌي افسانوي ادب جي ھن وڏي اديب جو جنم ڪوٽڙي شھر ۾ ٿيو. سندس پورو نالو موھن بولچند لالا ڪلپنا ھو. ھو ڪھاڻيڪار، ناول نگار، شاعر ۽ نقاد ھو. سنڌي ادب ۾ رومانوي اديبن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. سندس ڪھاڻين جي مجموعن سميت ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آھن.
موھن جي ناولن ۾ ”آوراه“ (١٩٥٣) ”لگن“ (١٩٥٤)، ”عورت (١٩٥٦)، ”زندگي“ (١٩٥٧)، ”پٿر جو جگر“، ”ميڻ جي دل“ (١٩٥٨)، ”وشواس“ (١٩٥٩)، ”سرڳ جي ڳولا“ (ٻارن لاءِ ناول ١٩٥٨)، ”رڃ ۽ پاڇا“ (١٩٦٦)، ”پيار جي پڇاڙي“ (١٩٦٩)، ”جلاوطني“ (١٩٦٤)، ”تون منھنجي سندرتا جو آرنڀ آھين“ (١٩٧٥)، ”ماءُ“ (١٩٧٩)، ”ڪانءُ ۽ سمنڊ“ (١٩٨١)، ”تاريخ مان موڪل“ (١٩٩١) ۽ ”درد جو درياھھ“ (١٩٩٢) شامل آھن. سندس پھرين ڪھاڻي ”آتم ھتيا“ جنھن ۾ ورھاڱي ۽ وڇوڙي جو درد سمايل ھو.
موھن ڪلپنا جو پھريون ناول ”آواره“ ١٩٥٣ع ۾ شايع ٿيو، ان وقت سندس عمر صرف ٽيويهه سال ھئي. ھن ناول ۾ پيار ۽ پيڙا جي گڏيل احساسن کي کولي چٽو بيان ڪيو ويو. ھڪ وئشيا جي جسم ۽ ان جي ڇن پٽ کي وائکو ڪري پيار جو اڻپورو انت ڏيکارو ويو، جنھن ڪري ناول تي اگهاڙپ جو الزام به لڳو. هن ناول تا ڱردار پنهنتي دنيا تا ٽودمٽٻيار ٺورما آهن. ٻاهران ائين پيو لڳندو ڙيڳاريل ائين آهي ٻه هيءُ ڱردار زماني تي چال ٺان نه، پر زمانو هنن تي چال ٺان بدلتي رهيو آهي.
١٩٥٤ع ۾ سندس ”لگن“ شايع ٿيو. ھن ناول لاءِ چندر ڪيسواڻيءَ لکيو آھي ته ”موھن پنھنجي پھرين پيار ۾ ڪيل شعوري تجربن کي ناول جو موضوع بڻايو جنھن جا مشاھداتي پس منظر پناھگير زندگي جي درد مندي ۽ تلخي آھي. ناول ادبي حلقن ۾ وڏي مقبوليت ماڻي، جنھن ڪري ڪل ھند لييکڪ ڪانفرنس ۾ ناول جي بنياد تي موھن ڪلپنا کي وڏي مڃتا ڏني وئي. ھن ناول ۾ ھڪ آزاد پسند قسم جي عورت جي شخصيت کي پيش ڪيو ويو آھي” (11)
سندس ناول ”عورت“١٩٥٦ع ۾ شايع ٿيو. ھي ھڪ رومانوي ناول آھي. ناول لاءِ پروفيسر منگهاڻي لکيو آھي ته سوال آھي ته ڪيتري قدر انھيءَ حقيقت تي ٻڌل ڪلپنا مان پريم جي ماھنا ھن ناول ۾ ظاھر ڪيل آھي جنھن جا ليکڪ گڻ ڳايا آھن. ناٽڪ پنھنجي پريتما ۾ اٻھرو گمان ٿو آڻي ۽ ٻي ڇوڪري سان تڙ ۾ شادي ڪري ٿو ڇڏي پريتما وري رقيب کان بي دليو ۽ زبردستيءَ مٺيون پيئي ڏياري اھو رقيب واري تصور ۾ ھڪ لکنوي نرتڪي ڏسي ان تي مفتون ٿي پوي ٿو کيس ڳولهڻ لاءِ سچ پچ لکنوءَ چڙھي ٿو وڃي منھنجي خيال ۾ ھن ناول جا مکيھ پاتر جوش وھيڻا ۽ جذباتي پاڳل ھئا، نه مھان پريمي” (12)
سندس ناول ”ماءُ“ ١٩٧٣ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول ۾ ھڪ پيءُ ڪلياڻي پنھنجي پٽ حشمت کي مذھب تبديل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو ته جيئن ھو مسلم ڇوڪري سان شادي ڪري سگهي. ٻئي طرف ان ڇوڪري جي به خواھش آھي ته جڏھن ھوءَ مري وڃي ته ھن جي جسم جي خاڪ کي سنڌو درياهه ۾ پرواهه ڪيو وڃي. ١٩٦٨ع ۾ سندس ناول ”رڃ ۽ پاڇا “شايع ٿيو. ھي ناول آتم ڪٿائي آھي ھن ۾ ڪمار پنھنجپ پاڻ کي ڏند ڪٿائي شخصيت ڪار تيسڪيا جي حوالي ڪري ٿو. ليکڪ لاءِ آرتيڪا مھا آدرش آھي، جيڪو پنھنجي فن وسيلي ڏکن خلاف جدوجهد ڪري ٿو. ناول ھڪ ته آتم ڪٿائي آھي، ٻيو ھن ۾ آرٽ جي اپٽار ڪيل آھي. ناول ۾ عورت جا مختلف روپ ڏيکاريا ويا آھن. زندگيءَ جي باريڪين کي فن آرٽ وسيلي ڏيکاريو ويو آھي” (13)
موھن جو ناول ”جلاوطني“ ھندستان جي ورھاڱي جي پسمنظر ۾ ھڪ شاھڪار ناول آھي. ھونئن ته ھن ساڳي ڏس ۾ ٽي ناول لکيا. جلاوطني (١٩٧٤)، ماءُ (١٩٧٩) ۽ سمنڊ ۽ ڪانءُ (١٩٨١). سندس ناول ”جلاوطني“ ۽ ”ڪانءُ ۽ سمنڊ“ علامتي ناول آھن. اھي ٽئي ناول سنڌ مان شروع ٿي، سرحد پار ڪري ھند ۾ ڇيهه پائين ٿا. جلاوطني ۾ ڪيتريون ئي اڻ وسرندڙ سٽون آھن. مثال طور ”ڀڳوان ١٥ آگسٽ ١٩٤٧ع تي مري ويو يا ”منھنجي مٿان بي پناهه آسمان آھي، مگر پيرن ھيٺان ٻھ ڦوٽ زمين ڪانھي“ يا ”ھيٺ پاڻي ۽ مٿي آڪاس آھي، وچ ۾ منھنجي لاش آھي.“ يا ”مان تاريخ مان موڪل تي ٿو وڃان“ يا ”رستي جا پٿر ڪي پناھگير آھن، تاريخ جي راهه ۾ رٻيلا.“
سندس ناول ”سمنڊ ۽ ڪانءُ“ به ھن پناھگيري واري پسمنظر ۾ لکيو ھو. ھن ناول ۾ ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته ”گرونانڪ جڏھن آخري دفعو اکيون بند ڪيون. سندس چادر حاصل ڪرڻ لاءِ ھندو ۽ مسلمان ششن ۾ ٻھ ڌريون بڻيون ۽ پس پيش سندس چادر جا ٻھ حصا ڪيا ويا. ھندستان ۽ پاڪستان جو جنم ان ڏينهن ٿيو. ھن ناول جو پسمنظر ڪراچي شھر ۾ ڏيکاريو ويو آھي. جنھن ۾ سلامت نالي ھڪ غريب ڇوڪرو اڪيلي سر پوري سامراج سان جنگ جوٽڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو. مطلب ته ناول ھڪ انقلابي جي ڪھاڻي آھي.
”پيار جي پڇاڙي“ناول جي ڪھاڻي ”رڃ ۽ پاڇا“ سان ڪافي ملندڙ جلندڙ آھي. ھن ناول جو ھيرو چندر آھي، جيڪو ڪمار وانگر عورتن سان تعلق رکڻ چاھي ٿو وغيره ھي ھڪ رومانوي ناول آھي چندر ۽ ريکا جو. ريکا ھڪ اسپتال ۾ نرس آھي. ان کان پوءِ ھن جو عشق آشا سان به ھلي ٿو. ھن کي ڪٿي به سڪون حاصل نٿو ٿئي. ھر دفعي ھڪ نئين عشق جي تلاش ۾ اڳتي وڌي وڃي ٿو. سندس ناول ”وشواس“ ۽ ”درد جو درياھھ“ اھڙا ناول آھن، جن ۾ ھن ھيٺين طبقي جي گهرائي ۾ وڃي، انھن جي مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آھي.”وشواس“ جو پلاٽ ماديت ۽ روحانيت جي ٽڪراءَ واري پسمنظر ۾ آھي” (14)
موھن ڪلپنا جا ناول سندس ذات جي آس پاس گهمن ٿا. جيئن ته ھو خود ھڪ پيڙھيل طبقي سان تعلق رکندو ھو ان ڪري ھن جا ڪردار به سندس ذات جي نمائندگي ڪن ٿا. ھن پنھنجي ناول ”آواره“ ۾ ھڪ وئشيا جي زندگي کي چٽيو آھي. ”لگن“ ۾ ھن پنھنجي پھرين پيار ۾ ڪيل شعوري تجربن کي ناول جو موضوع بنايو آھي. سندس ناول ”اڃا رات باقي آ“ ۾ پور چگيزن خلاف ھندستاني ويڙهه جي تجربن ۽ ھندستاني اڳواڻن جي چالبازين کي موضوع بڻايو ويو آھي.
ھن جي ناولن جا موضوع وقت ۽ مڪان جون حدون ٽوڙي نه فقط انساني رشتن ۽ ناتن کي جوڙين ٿا، پر پورن انساني قدرن سان نڀاهه پڻ ڪن ٿا. ھي نه فقط سچي ۽ سڌي اظھار، نج آزمودي۽ تخليقي ڏانءُ جي بنياد تي پر اھڙا فني ناول آھن، جيڪي احساسن ۽ پيڙائن جي اڻکٽ رڻ ۾ گهلي وڃن ٿا.
موھن جون لکڻيون، درد، پيڙا ۽ سماجي اصلاح تي مبني آھن. ھن جا ڪردار صدين کان بک، غربت، بيوسي ۽ غلامي ۾ جڪڙيل آھن. ان کان علاوه ھن جي ناولن جا ڪردار حساس دل ۽ ڏکويل پڻ آھن. ھو پيار حاصل ڪرڻ لاءِ تڙپي تڙپي، پيار حاصل ڪرڻ بجاءِ پنھنجو سڀ ڪجهه وڃائي دل جو درد واپرائين ٿا.
موھن جي ناولن ۾ سنڌ لاءِ بي انتھا محبت جو اظھار ملي ٿو. سندس ئي لفظن ۾ ھر رات جنھن رات مون کي سنڌ خواب ۾ ايندي آھي، تڏھن مان ھڪ وڇڙيل ننڍي ٻار جيان ڇرڪي پوندو آھيان“. موھن جي سڀني ناولن ۾ رومانيت جو عنصر غالب ھوندو آھي جن ۾ محبت جا داستان، وڇوڙا، عذاب ۽ فراق ھوندا آھن. ان سلسلي ۾ ”وشواس“، تون منھنجي سندرتا جو آرنڀ آھين“، ”رڃ ۽ پاڇا“۽ ”آواراه“ رومانوي ادب جو بھترين مثال آھن.
موھن جي طرز تحرير آسان آھي، ھو ھر ڳالهه منجهائيندڙ فلسفي بدران سادن سودن لفظن ۾ سمجهائي ٿو. سندس ناولن ۾ اونھائي به آھي. ناول ”وشواس“ ۾ وقت جو مشاھدو ھيئن ڪيو اٿائين ”وقت جذبي سان ڪٺو ھلندو آھي پل جو وڃڻ وقت جو ھڪ پل اڳتي وڌڻ آھي.“
موهن ڪلپنا جي 1953ع ۾ لکيل ناول ’آواره‘ ۾ به تمام حساس موضوع کي اٿاريو ويو آهي. ’ڪملا‘، ’اشوڪ‘ سان محبت ٿي ڪري، پر اشوڪ، ڪملا کي دوکو ٿو ڏئي. هو پھرين شاديءَ جي ڳالهه ڪملا کان لڪائي ٿو، ناول جو ڪردار موهن به عورت لاءِ ڪا چڱي راءِ نه ٿو رکي” (15)
چندو لعل ڪشنچند جئسنگهاڻي (١٩١٩- ١٩٩٣ع)
ڊاڪٽر چندو لعل جو شمار ھندستان جي وڏن سنڌي ناول نگارن ۾ ٿئي ٿو. سندس جنم رتوديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. ورھاڱي بعد ھندستان ھليو ويو. ھن ڪيترائي ناول لکيا آھن. جن ۾ ”بادل ڀومي“، ” ننگي پنج رنگي“، ”پھاڙي چوٽيون“، ”اگني“، ”اپراڌي“، ”يوئر آنر“، ”ساڌنا جو خون“، ”بندي“، ”اماس“، ”استري ۽ ايرکا“، ”پرش ۽ پيار“، ”ڀن ڀن پن پوپون“، ”گهر گهر ھن“، ”ھڪ اھم ٻيو وھم“، ”زندهه دل“، ”چوڏھن ڏينهن“ ”جنگ ۾ ماڌوري“، ”منھنجي شادي“، ”دوکو“، ”بگو بئريسٽر“، ”ڊاڪٽر ديال جو خون“ ۽ ٻيا ناول شامل آھن.
چندو لعل جو ناول سان دلي لڳاءُ رھيو آھي. ھن ناول تي ”سنڌي ناول جي ارتقا“ جي عنوان سان ٿيسز لکي پي- ايڇ- ڊي پڻ ڪئي آھي، جيڪا ٢٠٠٤ع ۾ شايع پڻ ٿي چڪي آھي. ڊاڪٽر چندو لعل جا اڪثر ناول تفريحي، جاسوسي ۽ ڪورٽ جي ڪيسن تي مبني دلچسپ موضوعن تي آھن.
سندس ناول ”زندهه دل“ سٺو ناول آھي، ھن ۾ ھڪ مسلمان ڇوڪري ۽ ھندو ڇوڪري جي عشق جو موضوع ڏنو ويو آھي. سندس ناول ”منھنجي شادي“ ١٩٥٤ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول جي باري ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکيو آھي ته ١٩٥٤ع جي پڇاڙي وارو ناول آھي. سنڌ واري جهوني ناول نويس چندو لعل جئسنگهاڻيءَ جو ”منھنجي شادي“، جنھن ۾ ھڪ برجستي جوان جي ٽن ڇوڪرين کي عمدي نموني واري منجهيل مسئلي کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪيل آھي. اھي ٽي نمونا آھن: جذباتي پيار، روحاني پيار، جنسياتي پيار، ڪردار نگاري باريڪ طرح ڪيل آھي. ليکڪ جا ويچار گهرا آھن ۽ ٻولي به مؤزون ڪتب آندي اٿس” (16)
”بگو بئريسٽر“ ۾ ھن ڪورٽ جا اھي سچا ۽ حقيقي چٽ چٽيا آھن، جيڪي ماڻھو ڏسڻ چاھيندو آھي پر فرصت نه ھئڻ سبب ڏسي نه سگهندو آھي. ھيءُ ھڪ جاسوسي ناول آھي. چندو لعل جو ناول ”پھاڙي چوٽيون“ (١٩٥٧) ۾ به ڏاڍو مشھور ٿيو. ھن جو مول ڪردار آنند جيڪو لڄارو ۽ شرميلو آھي. ھو بمبئي ۾ ايم-اي جو امتحان ڏيڻ ٿو اچي ۽ اتي پنھنجي ڀاءُ جي دوست جي گهر ۾ رھي ٿو. اتي ان جي ڌيءُ ”بھلا“ سان ھن جو پيار ٿي وڃي ٿو، پر سندن پيار ڪامياب نٿو ٿئي. ان عشق جي آڳ پار ڪرڻ کي ليکڪ ”پھاڙي چوٽيون“ ٿو سڏي. نيڪي بدي جي جنگ تي ٻڌل سندس ناول ”اپراڌي“ به سٺو ناول آھي. ھن ۾ ڏيکاريل آھي ته اپراڌ جو انجام سزا آھي، پوءِ اھا سزا قادر ڏئي يا قاضي موليٰ ڏيئي يا منصف.
سندس ناول ”بادل ڀومي“ ھڪ سياسي موضوع تي ٻڌل ناول آھي، جنھن جو مرڪزي ڪردار ڪرنل موھن آھي. سندس ناول ”ڀن ڀن پن پون“ ۾ گوتم نالي ڪردار جي جدوجهد جي ڪھاڻي آھي. ان کان علاوه عورت جي معاشري ۾ عزت ۽ مقام به ھن ناول جو موضوع آھي.
اھڙي طرح ھن پنھنجي ناول ”يوئر آنر“ جي ڪھاڻي پنھنجي پروفيشن مان کنئي آھي. ھن قاعدي قانون جي نڪتن کي افسانوي ادب جو روپ ڏنو آھي. سندس ناول ”ننگي پنج رنگي“ ھڪ سماجي ناول آھي، جن ۾ نوجوان ڇوڪرين جي آوارگي ۽ ڇڙواڳي موضوع بڻائي، ان تي تنقيد ڪئي ويئي آھي. ”باهه برسات“ سندس رومانوي ناول آھي. جنھن ۾ سندس متو آھي ته پيار جي شادين ۾ ھٿرادو عمر جون رڪاوٽون ھجڻ نه گهرجن” (17)
چندولال جئسنگهاڻيءَ جو ناول ’بندي‘ به ان ساڳي موضوع تي لکيل آهي، بنڊي ناول ۾ عورت جي سماجي حيثيت تي بحث ٿيل آهي، ڏٺو وڃي ته سماج جو رويو عورت خلاف تمام ظالم رهيو آهي، بيواهه ٿيڻ ۾ عورت جو هٿ نه هوندو آهي، پر بيواهه عورت هڪ محرم جيان گهر جي ڪُنڊ ۾ بي جان مُورت بڻجي زندگي گذارڻ تي مجبور هوندي آهي. ان کان علاوه ھن جا ٻيا به ڪيترائي ناول شايع ٿيل آھن، جن ۾ سياسي، سماجي، جاسوسي ۽ رومانوي موضوع اچي وڃن ٿا. ھن جي ناولن جا پلاٽ پختا ۽ رٿائتا ھوندا آھن.
موتي لعل جوتواڻي (٢٠٠٧-١٩٣٦ع)
سنڌي ٻوليءَ جو برک اسڪالر، لطيف شناس نقاد، ناول نگار، ڪھاڻيڪار ۽ شاعر ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي جو جنم روھڙي شھر ۾ ٿيو. انگريزي، ھندي ۽ سنڌي ۾ ٥٥ کان مٿي ڪتاب لکيائين. ھن پنج ناول به لکيا، جن ۾ ”پيلي بتي“ (٢٠٠٦)، ”اھي رشتا ناتا“ (١٩٨٢)، ”گڏ به جدا بھ“، ”ڪوٺ “(١٩٨٥) ۽ ”مان جوئي آھيان سو ئي آھيان“ (آتم ڪٿائي ناول ١٩٩٧) سندس ڪھاڻين جا چار ڪتاب ڇپجي چڪا آھن، جن مان ”سڃاڻپ جو سنگهٽ“ ۽ ”ڪجهه آپ بيتي، ڪجهه جڳ بيتي“ وڌيڪ مقبول ٿيا. ١٩٨٥ع ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي سنڌ حڪومت پاران کيس شاهه لطيف ايڪسيلنس ايوارڊ ڏنو ويو ھو. سندس ڪتاب ”شاهه لطيف ھز لائيف اينڊ ورڪ“ ٢٠٠٦ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جنھن ۾ مھورتي تقريب ۾ پاڻ به شامل ٿيو ھو.
سندس ناول ”اھي رشتا ناتا“ ۾ ريکا جيڪا وئشيھ آھي انھن جي محبت تي ٻڌل آھي. ھن ناول ۾ اھو ٻڌايو ويو آھي ته زندگي کي ڪا معني ڏئي ھڪ وئشيھ سان به خوشحال زندگي گذاري سگهجي ٿي. سندس ناول ”پيلي بتيءَ تي“ شھري زندگي ۾ ٿڪل زال ۽ مڙس ھڪ ٻئي سان بيزار نظر اچن ٿا. سندن وجود ھڪٻئي کي بيزار ڪري ڇڏي ٿو. مڙس پاڻ کي وندرائڻ خاطر ڪئبري ڊانسون ڏانھن رک ڪري ٿو ۽ زال پاڙي ۾ آيل پاڙيسرين وٽ سڪون حاصل ڪري ٿي.
ڪيرت مھر چنداڻي (١٩٣٣- ١٩٨٩ع)
ڪيرت ڪيولرام مھر چنداڻي جو جنم ڳوٺ دريا خان مري، ضلعي نوابشاهه ۾ ٿيو. ورھاڱي کان پوءِ وڃي گجرات وسايائين. ھن ڪيترائي ناول، جهڙوڪ ”گناھن جي رات“ (١٩٥٦)، ”جواني ديواني“ (١٩٥٧)، ”رات ڏينهن“ (١٩٥٨)، ”سپنو ۽ حقيقت“، ”الزام“، ”نئون صبح- نئون گيت“ (١٩٦٣) ۽ ”انتظار“ (١٩٧٤)لکيا آھن.
پوپٽي ھيراننداڻي جي راءِ ۾ ڪيرت جا ڪردار رولاڪ آھن. ھو ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ ڦرن ٿا. ڪيرت ٻاٻاڻي پڻ ان راءِ سان شامل آھي، جڏھن ھو لکي ٿو ته” ڪيرت مھر چنداڻي، دکي انسان جو متر نھ، پر سچو گرو آھي، جيڪو فرسوده اثر ھيٺ پنھنجي پاترن کي ڀٽڪائي ٿو نه ته ٻيءَ طرح سندس باريڪ بيني ۽ افسانوي قوت گهڻو ڪجهه ڏيئي سگهي ٿي.“
سندس ناول ”نئون صبح- نئون گيت“ لاءِ منگهارام ملڪاڻي ڄاڻايو آھي ته ” ھن ناول ۾ ھڪ سنڌي رولاڪ جي آتم ڪھاڻي ڏنل آھي، جنھن کي اتر ۽ ڏکڻ ھندوستان جي مکيھ شھرن ۽ ڌرمي اسٿانن جي رٽن ڪرڻ تي فخر آھي، ڇو جو ور ور ڪري انھن جا بيان پيو ڪري ۽ اھي رٽن ڪندي ڪندي ۽ جيون جو اڀياس پرائيندي ھو ھڪ فيلسوف بڻجي پيو آھي ۽ اندگيءَ بابت پنھنجا ڳوڙھا ويچار سڄي ڪتاب ۾ پيو ھر ھر دھرائي. نائڪ ۽ نائڪا جي وچ ۾ ”اھم“، ”موھھ“ ۽ ”تياڳ“ جهڙن گنڀير مسئلن تي بحث مباحثا ڪڪ ڪيو ڇڏين ۽ ڪي ته پورا سمجهه ۾ به نه ٿا اچن. ائين ڪرڻ ۾ ناول نويسيءَ جي ڪلا ڪونھي، ڇو جو آکاڻيءَ جي اوسر کي ٻنجو اچي ٿو وڃي” (18)
ڪيرت جو ٻيو ناول آھي ”انتظار“ (١٩٧٤ ). ھن ناول جو ڪردار به ڪيرت جي ھميشھ جي عادت موجب، ”مان“ ئي آھي. پر اڳتي اھو ”مان“ ڪردار وري ھڪ ٻئي ”مان“ ڪردار کي جنم ڏئي ٿو. ۽ اھو ئي پنھنجي جيون ڪھاڻي ٿو ٻڌائي. ان ”مان“ ڪردار جو اصلي نالو موھن آھي. ھو ورھاڱي کان اڳ پنجاب جي لاھور شھر ۾ پيدا ٿئي ٿو. ننڍو ٻار آھي ته ماءُ مري ٿي وڃيس. پڻس ٻي شادي ٿو ڪري ۽ گهر ٻار سميت لڏي سنڌ جي حيدرآباد شھر ۾ رھي ٿو. ”مان“ کي ماٽيلي ماءُ پورو پيار نٿي ڏئي.
مطلب ته ڪيرت جا ناول ھندو سنڌي سماج جي سچي عڪاسي ڪن ٿا. جن ۾ سٺايون، خرابيون، معاشي ۽ ٻيا سماجي مسئلا اچي وڃن ٿا.
ڪرشن کٽواڻي (١٩٢٧-٢٠٠٧ع)
سنڌ جي ھن نامور ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار جو جنم ٺارو شاهه ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ٢٧ سيپمٽبر ١٩٢٧ع ۾ عدن داس کٽواڻي جي گهر ۾ ٿيو. سندس ادبي سفر ورھاڱي کان اڳ ڪھاڻين سان شروع ٿيو. ورھاڱي کان پوءِ ھندستان ھليو ويو. پر ادبي سفر جاري رکيائين. سندس ناولن ۾ ”امر پيار“ (١٩٦١)، ”منھنجي مٺڙي سنڌ“ (١٩٦٢)، ”ياد ھڪ پيار جي“ (١٩٧٨)، ”وئرٿ زندگي“ (١٩٧٨)، ”ست ڏينهن“ (١٩٨٥) ”سرحد پار“ (١٩٩٠) ۽ ”ترندڙ بادل“ (١٩٩٨) شايع ٿيل آھن. ڪرشن کٽواڻي پنھنجي ناولن ۾ سنڌ ڌرتي سان پيار جو اظھار بيان ڪيو آھي. ان سان گڏوگڏ سماجي مسئلن جي اپٽار به ڪري ٿو. جنھن ۾ عورت جي سماج ۾ حيثيت، پيار جي شادي وغيره اھم موضوع آھن.
”امر پيار“ ڪرشن کٽواڻيءَ جو پھريون ناول ھو، جيڪو ھن کنڊو اسٽيشن جي ويٽنگ روم ۾ لکيو، جڏھن بمبئي ويندڙ ٽرين پنج ڪلاڪ ليٽ ھئي. ان دوران اھو ناول لکي پورو ڪيائين. سڄو ناول محبت جي لازوال موضوع تي مبني آھي. سندس ناول ”منھنجي مٺڙي سنڌ“ ۾ ھن سنڌ سان واسبتھ يادن کي دھرايو آھي. ان وقت جي سنڌ ۾ پاڻ کي ارپي ڇڏيو اٿس. ناول ۾ ھن سوڀي گيانچنداڻي کي ياد ڪندي لکيو آھي ان ۾ نور لله ماستر جو ڪردار گوبند مالهيءَ جي شخصيت تي آڌاريل آھي. ھن ناول ۾ ورھاڱي کان اڳ لڳ ڀڳ چئن ڏھاڪن جي سنڌي جيوت جو چٽ چٽيل آھي، جنھن ۾ سياسي ۽ سماجي، راڄنيتي پھلوئن، ڳوٺاڻي توڙي شھري زندگي جي اپٽار ۽ يادون آھن.
”منھنجي مٺڙي سنڌ“ ۾ سنڌ جون يادون، ليکڪ جي زندگي گذارڻ جو وڏو رومانس آھن. اھڙي طرح معاشي مسئلن کي به ھن ناول ذريعي پيش ڪيو ويو آھي.
ڪرشن کٽواڻيءَ جي ناول ’ياد هڪ پيار جي‘ ھڪ درديلو ناول آھي، جنھن جو ھيرو محبت جي معاملي ۾ انتھائي جذباتي آھي. ھو مختلف عورتن سان پيار ڪري ٿو پر سندس محبت پاڪ آھي. ھي ناول روحاني محبت بابت آھي.۾ هيروئن نندني عورت جي پنھنجي شخصيت ۽ حيثيت تي ڳالهه ٿي ڪري. نندني چوي ٿي ته:”ڇا عورت اڪيلي جِي نٿي سگهي؟ ڇا عورت جي ڪا پنھنجي شخصيت ۽ نجي زندگي نه آهي؟ ڇا اهو هميشه ضروري آهي ته هوءَ ڪنھن مرد سان پلئه ٻڌي هن جي پٺيان ڦيرا پائيندي رهي؟ ڇا ان کان سواءِ عورت جي نجات ڪانھي، ڇوٽڪارو ڪونھي؟“ نندني سماجي رسمن ۽ نظرين جي نندا ٿي ڪري. هو زبردستيءَ جي شاديءَ جي خلاف آهي. هوءَ مرد پاران عورت کي ملڪيت سمجهڻ واري نظريي جي خلاف بغاوت ٿي ڪري. ”ست ڏينهن“ ناول جي ڪھاڻي ڊاڪٽر جوڙي تي مشتمل آھي. ڊاڪٽرياڻي جو پيار پنھنجي ڏير سان ٿي وڃي ٿو ۽ ڊاڪٽر جو وري ٻھ ڊاڪٽرياڻي سان مطلب ته ناول ۾ زال ۽ مڙس جي گهرو زندگي کي موضوع بڻايو ويو آھي. ”وئرٿ زندگي“ ھڪ منفرد ناول آھي، جيڪو خطن جي صورت ۾ لکيل آھي. ھن ناول تي اداسي جو عنصر غالب آھي. ناول ”ترندڙ بادل“ جو موضوع وطن جي وڇوڙي جو درد آھي ناول آتم ڪٿائي طرز تي آڌاريل آھي. بقول لڇمڻ ڪومل جي ”سڄو ناول روح جي ھڪ دل ڏاريندڙ رڙ آھي” (19)
ڪرشن کٽواڻي جي ڪيترن ئي ناولن کي ايوارڊ به مليا آھن. سندس ناول موضوع ۽ ڪردار نگاريءَ جي لحاظ کان اعليٰ آھن. سندس باري ۾ مشھور ناول نگار لعل پشپ لکي ٿو ”ھونئن ھڪ ڪرشن ئي ناول نويس آھي، جنھن جا ڪردار وچولي ڪٽنب مان نه اچي مٿئين درجي مان اچن ٿا، تنھنڪري ھو قدرت، ڪلا، ڪلاڪار ۽ سونھن وغيره تي ويھي آرام سان سوچي سگهن ٿا ۽ انھيءَ باعث وقت ڏئي سگهن ٿا. ھن جو مکيھ ڪردار گهڻو تڻو چترڪار ھوندو آھي، ڪنھن ابدي اڃ کان سڪايل جيون جي ارٿ جو ڳولهائو، گيتن جو شوقين نئين سڌي زمين تي پنڌ ڪرڻ بجاءِ يا سمنڊن جا ڪنارا پسند ڪندڙ يا پھاڙي ھل اسٽيشن تي وڃي ويھندڙ.
سندري اتمچنداڻي (١٩٢٤- 2013ع)
سندري اتمچنداڻي جو جنم حيدآباد ۾ ٿيو، مگر ورھاڱي کان پوءِ ھندستان ھلي ويئي. سندس سنڌي ادب ۾ وسيع خدمتون آھن. اھو ئي سبب آھي جو کيس ھندستان جي ”سنڌي خاتون اول“ ڪھاڻيڪار چيو ويندو آھي. پاڻ ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ مضمون نگار طور نڀائيندي پئي اچي. سندس ناولن ۾ ”ڪرندڙ ديوارون“ (١٩٥٣)، ”پريت پراڻي ريت نرالي“ (١٩٥٦) ”ٽٽل ساز“ (ترجمو ناول ١٩٥٦) ”ھڪ سسئي سؤ سور“ (١٩٦٥)، ”توجنين جي تات“ (١٩٧٠)، ”ڀوري“ (١٩٧٩) ”ٻنڌڻ“ (١٩٨٢) ”يگانتر“ (١٩٨٩)۽ ”کيڙيل ڌرتيءَ“ (١٩٩٢) وغيره شامل آھن.
مجموعي طور تي سندس شروعاتي لکڻين ۾ سنڌ لاءِ محبت، وڇوڙو ۽ سڪ جهڙا موضوع غالب ھوندا ھئا. بعد ۾ نئين ثقافت ۽ تهذيب جي تناظر ۾ سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن جي ڀرپور عڪاسي ڪئي اٿس. سندس افسانوي ادب ۾ رومانوي موضوع کي خاص اھميت حاصل آھي. ھن نوجوان نسل ۽ پراڻي پيڙھي جي وچ ۾ وڌندڙ ويڇي کي به پنھنجي لکڻين جو موضوع بڻايو آھي. سندس لکڻين ۾ انوکا پلاٽ، جيئرا جاڳندا ڪردار، سادي پختي ٻولي، غير رواجي اسلوب وغيره ۽ ھر موضوع جي پرچار، نفسياتي ڇنڊڇاڻ وغيره اھي سڀ ڳالهيون آھن، جن کي ھن فن جي بلندين تي پھچايو آھي.
”ڪرندڙ ديوارون“ ١٩٥٣ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو ھڪ مکيھ ۽ ڪامياب ناول آھي. ھي ھڪ گهريلو ناول آھي. ھن ناول ۾ شادي ۽ گهويلو ماحول ۾ زال مڙس جي ھڪٻئي جي لاءِ عزت ۽ ھمدردي ڏيکاريل آھي. ھن ناول ۾ لڏپلاڻ کانپوءِ سنڌ مان ھندستان ۾ لڏي ويلن جي حالتن ۽ انھيءَ وقت جي معاشي ۽ اقتصادي حالتن جو ذڪر ڪيل آھي. ھن ناول جي لکڻ جو مقصد بيان ڪندي ناول جي مقدمي ۾ خود سندري لکي ٿي ته:”ڪرندڙ ديوارون ته مون انھيءَ وقت لکيو ھو، جڏھن سچ پچ اسان جي سماج جون ديوارون ڪري رھيون ھيون. اسين مڊل ڪلاس جا ماڻھو جڏھن ھتي آياسين، تڏھن ڏاڍا ڊنل ۽ ڊٺل ھئاسين، اسان جي چوگرد جيڪا اقتصادي ديوار ھئي سا ته بلڪل ڪري اچي پٽ پئي ھئي. ”ڪرندڙ ديوارون“ ھڪ گهريلو ناول آھي” (20)
١٩٥٦ع ۾ سندس ناول ”پريت پراڻي ريت نرالي“ شايع ٿيو. ھن ناول جو شمار سندس بھترين ناولن ۾ ٿئي ٿو. ھن ناول ۾ ٽي ڪردار پيش ڪيل آھن، جن ۾ ”موتي“ تعليم يافتھ پر بزدل نوجوان آھي. ”جمنا“ ھڪ ڳوٺاڻي پر مڙس سان انتھائي وفادار آھي ۽ جڏھن ته سرلا تعليم يافتھ ۽ سلجهيل عورت آھي. سڄو ناول رومانوي آھي. ھن ناول لاءِ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکيو آھي ته ”ھن ۾ سندس ڪردار نگاري تمام عمدي نموني ادا ٿيل آھي. ھن ناول کي پڙھندي ڪردارن کي اڳيان عملي شڪل ۾ ڏسندو رھي ٿو. ھي ناول زندگي جي انھن حالتن سان واسطو رکي ٿو، جيڪي ھر انسان کي ڪنھن به وقت زندگي ۾ اچي سگهن ٿيون” (21)
”درد ھڪ پيار جو“ تڪشي ناول ”چيمپن“ جو سنڌي ترجمو آھي، جيڪو ساھتيھ اڪيڊميءَ طرفان پھريون ڀيرو ١٩٧١ع ۾ ”ساگر جي سنتان“ جي عنوان سان شايع ٿيو. سندري اتم چنداڻيءَ جو ھيءُ ترجمو اصلوڪي ٻوليءَ جون سڪون ٿو لاھي . اصل سان وفاداري ۽ مواد جي روح جي تحفظ جو خاص خيال رکيو اٿس. جو ڪٿي به اوپرائپ جو احساس ئي نٿو ٿئي.
ھيءُ ناول ھڪ رومانوي ڪھاڻيءَ تي ٻڌل آھي، جنھن جي اڻت ھڪ طوائف جي چوڌاري ٿيل آھي، جيڪا سامونڊي ڪناري تي آباد مھاڻن جي برداريءَ جي رھڻي ڪھڻي، رواجن ۽ رسمن کي شڪل ڏئي ٿي. جيئن ته ناول ۾ طبقاتي جدوجهد موجود ناھي، انھيءَ ڪري ان کي اوچي سطح جي ناول نه به سمجهيو. موجود ناھي جي ڪھاڻي- عنصر ۾ پاڻ مرادو جيڪا پي بناهه قوت پيدا ٿي ويئي آھي. انھيءَ کيس شاھڪار جي درجي تي پھچائي ڇڏيو آھي.
ڪرشن چندر جو ھي ناول ”پياسي ڌرتي پياسي دلڙيون“ سندري اتم چنداڻي جو ترجمو ڪيل آھي. ھن ناول ۾ سنڌ جي سماج جو به اولڙو آھي. جنھن ۾ ھڪ نوجوان حسين نياڻي کي وڏي عمر جي مرد سان پرڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. جيڪا پنھنجي ماحول سان بغاوت ٿي ڪري ۽ گهر ڇڏي وڃي ٿي. ناول جي ھڪ خاص ڳالهه ھي آھي ته ترانا ۽ جهنگلي ڳوٺ مان نڪري شھر ۾ پھتا، پنھنجي زندگي ٺاھڻ لاءِ، پنھنجي زندگي جا خواب ماڻڻ لاءِ پر شھر ۾ پھچي اتي، ھنن خاص ڪري ترانا ظلم ۽ ڏاڍ ڏسي اجتماعت ڏانھن سوچيو ۽ پنھنجو ڀلو وساري، اجتماعيت جي ڀلي لاءِ سوچيو اتي جهنگلي جيڪڏھن کن پلن لاءِ پنھنجو مقصد وساري ٿو ويھي ته ترانا انتھائي جوش ۽ جولان سان جهنگلي جي ذاتي قرب ۽ پيار کي پري رکي ، اجتماعي مقصد سان سچي ٿي رھي ۽ نيٺ جهنگلي کي به متاثر ٿي ڪري ۽ ٻئي اجتماعيت ڏانھن ٿا سوچين.
مطلب ته سندري جا ناول پنھنجي زماني ۾ جهجي مقبوليت حاصل ڪري اڄ به ادبي ميدان ۾ جوڳي جاءِ ولارين ٿا. ڪٽنبي ۽ سماجي مسئلا ۽ انھن جو مقابلو ڪرڻ جو ڏانءُ سيکاريندڙ ھن جا ناول ادب ۾ اھم جڳهه ولارين ٿا.
موتي پرڪاش (1931- 2015ع)
موتي پرڪاش جو پورو نالو موتي سکرامداس شرما آھي ۽ سندس جنم ضلعي ٺٽي ۾ ٿيو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آھن پر ناول ۾ ”انڌيرو اجالو“ (١٩٥٤)، ”ڪنالداس“ (ترجمو ١٩٥٣) ”ادينا“ (ترجمو ١٩٥٣)، ”ڪاڪو ڪلو“ (مزاحيھ ناول ١٩٥٧) شامل آھن.
موتي پرڪاش ترقي پسند سوچ رکندڙ ناول نگار آھي. ھن جا اصلوڪا ناول ۽ ترجما انھيءَ سوچ جا ترجمان آھن. ھن پنھنجي ناولن ۾ فرد جي پيڙا، سماجي ۽ معاشي مسئلا شاندار نموني چٽيا آھن.
١٩٥٣ع ۾ موتي پرڪاش تارا شنڪر چئٽرجي جي ناول جو ترجمو ”ڪالنداس“ جي عنوان سان ڪيو. ھن ناول جو موضوع سماجي ۽ اصلاحي آھي، جنھن ۾ زميندارن بابت ظلمن جي اپٽار ڪيل آھي.
اھڙي طرح سندس ناول ”ادينا“ اصل صدرالدين جو لکيل آھي. ھن ناول جو موضوع روس جي قومي انقلاب تي ٻڌل ھو. ”انڌيرو اجالو“ناول روجهم ساھتيھ مالا طرفان ١٩٥٤ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول جو موضوع شادي، زال ۽ مڙس جي محبت تي ٻڌل آھي. ناول ۾ سڀ کان سٺي ڳالهه ان جي ٻولي آھي. ان کان علاوه سندس مشھور ناول ”انڌيرو اجالو“ ورھاڱي بعد نوجوانن ۾ ڦھليل مايوسي تي مبني آھي.
ھري موٽواڻي (1929- 2006ع)
ھري پمي ٻائي نارائڻ سنگهه موٽواڻي جو جنم لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. ورھاڱي کان پوءِ ھندستان ھليو ويو. سندس شمار سنڌي ادب جي نالي وارن ناول نگارن، ڪھاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. سنڌي ادب جي ترقي ۾ سندس وڏو ڪارنامو ”ڪونج“ رسالو آھي. جيڪو بنا ڪنھن وقفي جي ١٩٦٠ع کان جاري آھي. سندس ناولن ۾ ”ابو“ (ناول) ١٩٨٨ع،”اجهو“ ١٩٩٣ع،”ٻاھر نڪرڻ جو رستو“ (ناول) ١٩٩٥ع ”ڪوڙو سچ“ (ناول ٢٠٠٠ع)،”ڀنگار“ (ناوليٽ) ٢٠٠٤ شامل آھن.
سندس پھريون ناول ” ابو“سنڌ جي سياسي پسمنظر ۾ لکيل آھي، جنھن ۾ ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ سنڌ جا ڪيترائي حقيقي واقعا، منظر ۽ ڪردار ملن ٿا. ”ابو“ ناول تي دهليءَ ۾ مدر ٽئريسا ايوارڊ هٿان مليو ۽ کيس ساهتيه اڪيڊمي جو جيڪو ”اجهو“ ناول تي ايوارڊ مليو. سو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ آهي. ناول ۾ ١٩٤٥، ١٩٤٦، ١٩٤٧ ۽ ١٩٤٨ وارن سالن دوران ھندو ۽ مسلمانن جي باھمي رشتن جا بدلجندڙ روپ ڏنا ويا آھن. ناول ۾ ڪٿي ڪٿي نھرو، گانڌي، محمد علي جناح ۽ ٻين جا جيئرا جاڳندا ڪردار به ڏنا ويا آھن. مطلب ته سڄو ناول سنڌ جي محبت ۽ ان دور جي سياسي حالتن کي پيش ڪري ٿو. ڪٿي ڪٿي، ھي ناول گهٽ پر ڊاڪيو مينٽري وڌيڪ لڳي ٿو.
سندس ٻيو ناول ”اجهو“ ١٩٩٠ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول جو موضوع سنڌ مان لڏي ويل سنڌي ھندن جي ھندستان ۾ ڪئمپن ۾ رھڻ ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻ جي پسمنظر ۾ آھي. سنڌي ھندن تڪليفون سھي پاڻ کي نين حالتن ۾ ٺھڪايو ۽ حالتن سان سمجهوتو ڪيو ۽ ھڪ نئون ”اجهو “ قائم ڪيو.
ھري موٽواڻي جو ناول ”پاڻيارا پکي“ سنڌ جي پسمنظر ۾ آھي، جيڪو مسلمان ڪي زندگي جي ترجماني ڪري ٿو. ناول جي شروعات ڳوٺاڻي پسمنظر ۾ ٿئي ٿي. جنھن ۾ دلڪش نظارا سنڌ جي سونھن ۽ نج ڳوٺاڻي ماحول جي خوشبو سھڻي نموني ملي ٿي. ناول ھڪ طرف رومانوي ڪٿا آھي ته ٻئي طرف سماجي ماحول کي به چٽي ٿو. ناول ۾ زينب، علڻ، پمي ۽ مني وغيره اھم ڪردار آھن.
لعل پشپ ( 1953- 2009ع)
لعل ڀڳوان ريجهواڻي پشپ جو جنم لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. ورھاڱي سان پنھنجي وطن جا وڻ ڇڏي ممبئي (ھندستان) آباد ڪيائين. لعل پشپ سنڌي ادب ۾ ھڪ وڏو نالو ھو. ھو جديد ڪھاڻي جو باني، ناول نگار، نقاد ۽ مضمون نگار ھو. لعل پشپ کي ڪيترن ئي ناولن تي انعام ۽ ايوارڊ به ملي چڪا آھن. سندس ناولن ۾ ھڪ ٽريالاجي، ”ھڪ سرد ديوار“ (١٩٦٩)، ”اھا ديوار آسمان تائين“ (١٩٨١)، ”ھڪ دفن ديوار“، ”آتم مرياده“ (١٩٦٢)، ”ھڪ آتم جو موت“ (١٩٧٣) ”تڏھن ۽ ھاڻي“ (١٩٧٥) ”پياري زندگي“، ”ڪجهه نه ٿيڻ جو حادثو“ (١٩٨٢)، ”اجنبي“ (ترجمو) ”آتم جيوني“ (آتم ڪٿائي ناولن جي سيريز (٢٠٠٢) شامل آھن.
سندس ناول ”آتم مرياده“ (ڪويتا پشپ سان گڏ): ١٩٦١ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو ڪويتا پشپ سان گڏ لکيل ھو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي مطابق ”ھن ننڍڙي ناول ۾ سمايل آکاڻي اڃا به ننڍي آھي. ان جو مرڪزي خيال آھي ته لوڪ مرياده کان وڌيڪ آتم مرياده جو مھتو آھي. ناول جي نائڪا لوڪ- مرياده ترڪ ڪري مڱيل ڇوڪري کي ڇڏي، سچي پريميءَ سان ملڻ وڃي ٿي، جنھن سان من توڙي تن جو پريم اٿس ۽ اھڙي طرح آتم مرياده قائم ٿي ڪري” (22)
”ھڪ سرد ديوار“ ناول ۾ به ڪردار ذھني طور ھڪ ٻئي جي ويجهو اچي چڪا ھئا. پوءِ به ھڪ سرد ديوار ھئي ٻنھي جي وچ ۾. تارا جڏھن لکنو مان ھلي بمبئي اچي ٿي ته سرد ديوار ھٽي چڪي آھي ۽ جسماني طور ھڪ ٻئي جي ويجهو اچن ٿا. پر جسماني طور ايترو قريب اچڻ کان پوءِ اھا ديوار آسمان تائين بلند ٿي وڃي ٿي. ان جا ڪارڻ آھن ٻنھي جون حدون ڊپ، ٻنڌڻ ۽ قانون جون پابنديون آھن. مرد تي پنھنجي گهر، زال ۽ ٻارن جون جوابداريون مڙھيل آھن. ھوءَ ھن جي ٻار جي ماءُ بنجن چاھي ٿي پر ھن کي تڏھن لڳي ٿو ته ھڪ ٻوڏ اچي وئي آھي جنھن ۾ تباھي آھي.
سندس ”ھن جي آتم جو موت“ھڪ شاھڪار ناول آھي. ھن ناول جو غير روايتي ڪردار (Antihera) ڪافور کي ھڪ گهري ڪشمڪش ۾ ڏيکاريو ويو آھي. ھن سان پيش آيل واقعو ظاھر ۾ معمولي ٿو نظر اچي، يعني سندس ھر ھر ”اک ڇنڀڻ“ پر ان لاءِ تمام گهڻو پريشان ٿي وڃي ٿو. سو ھو ان عادت جو سبب ڳولڻ جي تلاش ۾ وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته جيستائين مرض جي سببن کي معلوم نه ڪبو. تيستائين ان جو صحيح علاج ڪيئن ٿي سگهندو. اهڙيءَ طرح ”اھا ديوار آسمان تائين“ ناول جي موضوع ۾ ئي ڄاڻايل آھي ته موضوع آھي ڇا، صدين جو سڙيل آھي: ھڪ مرد آھي، شادي ڪيل آھي، تڏھن به اڪيلو آھي. ھڪ عورت سان پيار ڪري ٿو جيڪا اڳي ئي مڱيل آھي، مرد کي پيار ڪري ٿي. عورت ۽ مرد جي رشتي سان تعلق رکندڙ موضوع ڪيترو به پراڻو ھجي، پر وقت، حالتن ۽ قدرن جي مسلسل تبديليءَ سببان اھو نئون آھي ۽ دائمي آھي. جيستائين انسان جو وجود ڌرتيءَ، تي قائم آھي، تيستائين عورت ۽ مرد جي وچ ۾ رشتو، چاھي ڪھڙي به صورت ۾، اڻ ٽر آھي ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل آھي ان ڪري سدا نئون آھي.
ناول ۾ ٻھ ڪردار آھن: ھڪ مرد (جيڪو ليکڪ آھي ۽ سنڌي ساھتيھ سميلن جي موقعي تي لکنوءَ ويو ھو ۽ اتي ھن جي ملاقات ھڪ سنڌي ڇوڪري تارا سان ٿي ھئي) تارا، جيڪا مرد سان ملڻ جي لاءِ لکنوءَ مان بمبئي آئي آھي. ٻنھي کي خبر آھي ته سندن سفر جي ڪا منزل ڪانھي، ڪڏھن نه ڪڏھن ھن گهڙيءَ يا ايندڙ ڪن گهڙين کان پوءِ ٻنھي کي الڳ ٿي وڃڻو آھي ۽ الڳ جيئڻو آھي پوءِ به ھڪ اجهل ڇڪ ٻنھي کي جڪڙي رکيو آھي، پر الڳ ٿيڻ ۽ وڇڙي وڃڻ جو احساس ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ پيڙا ٻنھي ڪردارن جي من تي ۽ سڄي ناول تي ڇانيل آھي.
لعل پشپ جو ”تڏھن ۽ ھاڻي“ناول ١٩٧٥ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول ۾ ڏيکاريل آھي ته انسان اندر ڪيئن ٿو ٿئي. ھي ناول وجودي فڪر جو ترجمان آھي. ھڪ عورت جڏھن ڄاڻي ٿي ته سندس مڙس ٻي عورت سان پيار ڪرڻ لڳو آھي ته سندس زندگي بي معنيٰ بڻجي پوي ٿي.
لعل پشپ جي وڏي خوبي اھا آھي ته ھو پنھنجي ھر ناول ۾ زندگيءَ جي ڪنھن نه ڪنھن نئين پھلو جو بيباڪي سان مشاھدو ڪرائيندو آھي. اھو مشاھدو اھڙو ته گهرو محسوس ٿيڻ لڳندو آھي. جو ان کي فقط فني ڪمال سان ئي چٽي سگهجي ٿو.
ڪلا پرڪاش (1934- 2018ع)
سنڌي ادب جي ھيءَ مشھور ڪھاڻيڪاره ۽ ناول نگاره ڪلا پرڪاش پارومل جي ڌيءُ آھي. سندس جنم ڳوٺ خان واھڻ ضلع نوشھرو فيروز ۾ ٿيو. ھوءَ مشھور اديب موتي پرڪاش جي گهر واري آھي. ڪلا پرڪاش جو ادبي سفر ورھاڱي کان ٿورو اڳ شروع ٿيو. ھن جا ڪيترائي ناول ۽ ڪھاڻيون شايع ٿي چڪيون آھن. سندس وجهه شھرت ھن جا رومانوي ناول آھن، جن ۾ ”ھڪ دل ھزار ارمان“ (١٩٥٧)، ”وقت وٿيون ۽ وڇوٽيون“ (١٩٨٨)، ”شيشي جي دل“ (١٩٦٠)، ”ھڪ سپنو سکن جو“ (١٩٧٢)، ”پيار“ (١٩٩٩) ۽ ”پکن جي پريت“ (١٩٩٩) ”حياتي ھوتن ري“ (١٩٧٥)، ”آرسي“، ”پيار سمنڊ ۽ ڪنارو“ (٢٠٠٤) شامل آھن.
ڪلا پرڪاش جا ناول رومانوي موضوعن تي ٻڌل ھوندا آھن. جن ۾ عورتن جي چاھتن، حسرتن، نفيساتي مسئلن، معاشي حالتن جي عڪاسي ٿيل ھوندي آھي.
هوءَ پنهنجي پھرين ناول ”ھڪ دل ھزار ارمان“سان ئي ھڪ ڪامياب ناول نگار بنجي ويئي ھئي. سندس ھن ناول ۾ ھڪ اھڙي نوجوان جي ڪھاڻي پيش ڪيل آھي، جيڪو مائٽن جي مرضي جي برعڪس ڏيتي ليتي، بنا ننڍپڻ جي ھڪ ساٿياڻي سان شادي ڪري ٿو. ھو خوش زندگي گذارين ٿا، مگر ڇوڪري جا ساھرا ڇوڪري تي ظلم ڪن ٿا اڳتي ھلي ڇوڪري ھڪ انڌي ٻار کي جنم ڏئي ٿي. سندس مڙس به ھن جي خلاف ٿي وڃي ٿو. آخر ۾ ڇوڪري عذاب سھي سھي مري وڃي ٿي. سڄو ناول ڪٽنبي ناول آھي، جنھن ۾ ڏک جي فضا ڇانيل آھي. ناول لاءِ ڊاڪٽر چندولعل لکيو آھي ته ”ھڪ دل ھزار ارمان“ ناول جو مول ڪردار گوپال آھي. ھو نوجوان آھي. پڙھيل ڳڙھيل آھي. راڳيندڙ آھي پر جڏھن ھو ڪاڪي جي اڳيان اچي ٿو تڏھن ڀت بڻجي ٿو پوي. چپن کي چنو لڳائي ٿو ڇڏي ڪڇي جهڙي ڀت، نتيجو اھو نڪري ٿو ته ميران، جنھن سان پيار جي شادي ڪئي اٿس، ڏکن جي ڪري مري ٿي وڃي ميران آشا کي جنم ٿي ڏئي. اھا جنم کان انڌي آھي، بلڪل بي- نور انھيءَ انڌائي جو ڪارڻ ڊاڪٽرياڻي ھن ريت ٿي سمجهائي.
”ھن کي سوچڻ، ويچارڻ ۽ ڳڻتيون ڪرڻ جي ته اصل بيماري ھئي. جڏھن ڏس پيشانيءَ ۾ گهنج پيا ئي ھوندا ھئس. ايترو غمگين رھڻ جي حالت ۾ ٻار جي نظر تي اثر پوڻ سڀايڪ آھي” (23)
١٩٧٠ع ۾ سندس”شيشي جي دل“ شايع ٿيو. جنھن ۾ سنڌ جون يادون، خصوصا ڪراچي جون جتي زندگيءَ جو احوال، تعليم، تربيت ۽ رونقون ڏيکاريل آھن. ٻئي طرف ورھاڱي کانپوءِ ھندستان ۾ گذريل تڪليفن جو احوال پڻ آھي. ھن ناول ۾ رشتن جي سڃاڻپ ڏيکاريل آھي. سڄو ناول ڏير ۽ ڀاڄائي جي ڪھاڻي تي ٻڌل آھي. ھن ناول لاءِ ڪيرت ٻاٻاڻي لکيو ته ”ڪلاپرڪاش جو ھي ناول گهڻي اميد جاڳائي ٿو ته ھو بيحد جذباتي آھي، تنھن ڪري جذبات ۾ اچي سڀ ڪجهه وساري ڇڏي ٿو” (24)
سندس ناول ”وقت وٿيون وڇوٽيون“ھڪ سنڌي ڪٽنب جي ڪھاڻي آھي جو ورھاڱي جي ڪري وطن ڇڏي ھندوستان ھليو ويو جتي کين نين ۽ ڏکين حالتن کي منھن ڏيڻو پيو. ھن ناول ۾ نه رڳو مرد ۽ عورت جي گهرو جيوت واري ڪشمڪش ڏيکاريل آھي، پر ٻن پيڙھين جي وچ ۾ اميدن، خواھشن، مسئلن ۽ آدرشن جي ڇڪتاڻ پڻ چٽيل آھي. جنھن کي ڪلا، سادي، سلوڻي ۽ دل ۾ گهر ڪندڙ نج ٻوليءَ جو ميٺاج ڏنو آھي ۽ ناول جي پراڻي طرز کان ھٽي نئين انداز سان لکيو آھي.
سمنڊ ۽ ڪنارو: ڪلا پرڪاش جو ھي ناول ٢٠٠٤ع ۾ شايع ٿيو. ناول گهرو ڪٽنبي مسئلن ۽ عام زندگيءَ جي ٻين مسئلن تي لکيل آھي. ھن ناول ۾ شاندار نموني جذباتي ڪردارن جي پرچار ٿيل آھي.
سندس ”حياتي ھوتن ري“ ناول ١٩٧٥ ۾ شايع ٿيو، جنھن ۾ ھن پنھنجي منفرد ۽ خوبصورت انداز ۾ ھڪ مڊل ڪلاس خاندان جي معاشرتي مسئلن جي اپٽار ڪئي آھي. ھن ناول تي تبصرو ڪندي ڊاڪٽر چندو لعل لکيو آھي ته ”ليکڪا جو ٽيون ناول ”حياتي ھوتن ري“ مٿين ٻن ناولن وانگر امنگي ۽ جذباتي آھي. ناول شروع ڪرڻ سان ائين محسوس ڪبو ته ناول جو نائڪ موھن آھي ۽ نائڪا ڪملا، پر پوءِ محسوس ڪجي ٿو ته ناول جو مول ڪردار منشاراماڻي آھي، جنھنجي عمر چوئيتاليهه سال آھي. منشاراماڻي ”امنگ“ جو جسم روپ آھي. ھو امنگ تي ٿو تڳي. ھو ايترو ته امنگي آھي جو ھنکي سودائي به ڪوٺي سگهجي ٿو. اتفاق اھڙو ٿو بنجي جو ھنجي پريتما جي ارٿي سندس گهر مان ئي ٿي نڪري. ھو ايترو ته صدمو محسوس ٿو ڪري جو بمبئيءَ ۾ رھڻ نٿو چاھي ۽ پنھنجي بدلي ڪرائي اگتپوريءَ ۾ وڃي ٿو” (25)
”پکن جي پريت“ ۽ ”پيار“ ٻئي ناول ١٩٩٩ع ۾ سنگم پبليڪيشن، ڪراچي پاران گڏي ھڪ ڪتاب ۾ شايع ڪيا. ٻنھي ناولن جو موضوع مختلف آھي. ھڪ ۾ سنڌ جي سرھاڻ آھي، ته ٻئي ۾ ھند جو واس. ڪردار اسان جا پنھنجا ڄاتل سڃاتل . رويا ڌار ڌار. پکن جي پريت ۾ ليکڪا جون سنڌ سان ننڍپڻ جون يادون ڏنل آھن. سنڌ جون سياسي ۽ سماجي حالتن جو ذڪر آھي. ثقافتي اٿڻي وھڻي جو ذڪر آھي. ھي ھڪ آتم ڪٿائي ناول آھي.
”پيار“ ھڪ رومانوي ناول آھي، جنھن ۾ ماحول ۽ ڪردار سڀ ھندوستاني آھن. ناول ۾ پرسانت ۽ سريتا اھم ڪردار آھن.
ناول ”ھڪ سپنو سکن جو“ جي طرز نئين نموني جي آھي. ھن ناول ۾ مکيھ ڪردار واري وٽيءَ سان پنھنجي پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائين ٿا، پنھنجي پنھنجي نظريي سان گهٽنائن کي ڏسن ٿا ۽ پنھنجا ويچار ورن ڪن ٿا. ھر ڪو ڪردار پنھنجو پھلو ٻڌائي پڙھندڙ کان ڄڻ پڇي ٿو ته ڇا سندس روش ۽ وھنوار صحيح نه ھو؟
مطلب ته ڪلاپرڪاش جي لکڻين ۾ انسان جي معصوم دلين جي شناسائي ۽ پاڪيزگي جو اولڙو نظر ايندو آھي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي لفظن ۾ ڪلا جا ناول پيار ۽ سماج جي چوگرد پيا ڦرن. ھن جي تحرير ۾ جيڪو جوش ۽ جذبو سمايل آھي، خوبصورت لفظن ۽ جملن جو دخل آھي.
ريٽا شھاڻي (1934- 2013ع)
ريٽا وشنو شھاڻي جو ھندستاني سنڌي اديبائن ۾ وڏو نالو آھي. سندس جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس ھيل تائين مختلف صنفن ۾ ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن. سندس ناولن ۾ ”ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ“ (١٩٨٥)، ”منع ٿيل ميوو“، ”چنڊ کان سج تائين“ (١٩٨٧)، ”پرهه جا پياڪ“ (١٩٥٢)، ”ڇھي مئي“ (١٩٩٥)، ” گونگي گگن سان گفتگو“ (٢٠٠١)، ”ترڪڻا تروار (٢٠٠٤)، ”ست سر- ست ڏينهن“ (٢٠٠٤) ۽ ”اڪٿ ڪھاڻي- ڪبير“ شامل آھن.
سندس ناول ”ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ“ (١٩٨٥)کي بھترين ناول ھجڻ جو ايوارڊ ملي چڪو آھي. سندس ناول ھي ھڪ سماجي ۽ رومانوي ناول آھي. ھن ناول ۾ آنند ۽ اشوڪ ٻن دوستن جي ڪھاڻي بيان ٿيل آھي. آنند، سيما نالي مالدار شخص جي ڌي سان عشق ڪري ٿو، پر معاشي مسئلي جي ڪري سندن جدائي ٿئي ٿي. ھن ناول جو ھيرو آنند ھڪ باھمت ۽ بھادر شخص آھي. ھو قرباني ۽ سچي محبت جي علامت طور ناول ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو. سندس ناول ”چنڊ کان سج تائين“ (١٩٨٩) دراصل سندس پھرين ناول جو ٻيو حصو آھي. سندس ناول”چنڊ کان سج تائين“ (١٩٨٩) کي بھترين ناول ھجڻ جو ايوارڊ ملي چڪو آھي. ھن ناول ۾ ليکڪا ٽيڪنڪ جي حساب سان نوان تجربا ڪيا آھن. ھن ۾ حسرتن ۽ مھڻن جي ڪھاڻي سمايل آھي.
ھي ناول سيما نالي ھڪ شاھوڪار شادي شده عورت جي ڪھاڻي تي ٻڌل آھي، ھوءَ واندڪائي جو وقت ڪلبن ۽ پارٽين ۾ گذاري ٿي. آرچيھ آنند ھن جو ننڍپڻ جو پيار ھن سان سالن کانپوءِ ملي ٿو. سندن نئين رشتي کي ڪوبھ نالو نه ھو. نه پيار نه وري لالچ آنند ھن تي ڪلبن جي دنيا کان وٺي سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ڏانھن وٺي ٿو اچي. ناول جو نالو به اھوئي آھي ته ھن جي چنڊ جي روشني کان سج تائين پھچڻ يعني سج بڻجي روشني ڦھلائڻ.
ناول ”پرهه جا پياڪ“ جو مرڪزي خيال سٺو آھي. اھڙي محبت جيڪا انڌي گهٽي وانگي ھجي. جنھن مان ٻاھر نڪرڻ جو ڪو رستو نه ھجي، يا ته ماڻھو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويندو يا ته سندس شخصيت جي جوت مٽائي ڇڏيندي آھي، ۽ کيس بلنديون عطا ڪندي آھي.
سندس ناول ”ڇھي مئي“ ۾ ھن ھڪ ڪومل ڪليءَ کي زندگي جي طوفانن سان مقابلو ڪندي ڏيکاريو آھي. اھا نازڪ نينگري (سنيتا) ڪرندي، ٿاٻڙجندي ڪيئن زندگيءَ ۾ نيون راھون تلاش ڪري وٺي ٿي. ھي ناول پوري طرح رومانس سان ڀريل آھي. ناول ”ڇھي مئي“ تي تبصرو ڪندي اجيت ڪشور لکيو آھي ته ”ھن ناول ۾ ريٽاشھاڻي پنھنجي سمرٿ ۽ شڪست قلم ۽ نئين اسٽائيل ۾ ھڪ ڪومل ڪلي کي زندگي جي طوفان جو مقابلو ڪندي ڏيکاريو آھي. اھا نازڪ نينگري ڇھي مئي (سنيتا) ڪرندي، ٿاٻڙندي، اٿندي ڪيئن وڌي ويجهي ۽ سامائجي ٿي. سچ پچ ته ھيءَ اپنياس (ناول) ھڪ ٻالڪا جي سمورٽ (مڪمل) ناري بنجڻ جي ياترا ۽ سندس پريم ڪھاڻي پڻ آھي” (26)
سندس ناول ”گونگي گگن سان گفتگو“ لاءِ موتي پرڪاش لکيو آھي ته ھن ناول ۾ ھن ڪوشش ڪئي آھي ته ھڪ نھايت شفاف ۽ صاف دل استري جي من جي تهن کي کولي پڌرو ڪري ۽ ٻڌائي ٿو ته انسان اندر ۾ جيڪي ڀوڳي ٿو، سھي ٿو، ڀڄي ٿو ڀري ٿو تنھن جي لکا ڪوشش ڪري ھو ڪنھن کي پوڻ نٿو ڏئي.
ناول ترڪڻا ترورا (٢٠٠٤) به رومانوي آھي جيڪو بنيادي طور تي ٻن ڪردارن منوھر ۽ پدو جي چوڌاري ڦري ٿو. ناول جو پسمنظر رتن پور نالي ھڪ ڳوٺ ۾ سمنڊ ڪناري ڏيکاريو ويو آھي.
ريٽا شھاڻي جو ناول ”اڪٿ ڪھاڻي-ڪبير“ ھي ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ٢٠٠٩ع ۾ شايع ٿيو. ھي ناول ڪبير جي زندگي ۽ سندس شاعري جي تعليمات جي لحاظ کان ڪٿائي (Biographical) ناول آھي، جنھن ۾ ڪبير جا دوھا به ڏنا ويا آھن. ريٽا شھاڻي جو ھي ناول تخليقي ھئڻ سان گڏ تحقيقي پڻ آھي. هن ناول ۾ ڀڳتي مارڳ جي سمجهاڻي سهڻي نموني ڏنل آهي . هن ڪتاب تي سنڌي ٻوليءَ جي نامور دانشور سائين محمد ابراهيم جويي 22 صفحن جو مهاڳ لکي ڀڳتي تحريڪ جي تاريخ تي نه رڳو روشني وڌي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته تاريخ جي وچين دور 700ع کان 1600ع تائين ڀڳتي تحريڪ جو زور ٻن شين تي رهيو ، هڪ پريم ۽ ٻيو ارپنا (Devotion) انهن ٻنهي شين کي سڀ کان اعليٰ وجود ( Supreme Being ) تائين پهچڻ لاءِ ضروري ڄاڻايو ويو . جويي صاحب لکيو آهي ته ڀڳت ڪبير جنهن فلسفي جو سفير هو ، ان جي اسان کي اڄوڪي دور ۾ گهڻي گهرج آهي . هن دورجي ڀڳتي هيءَ آهي ته اسين سماج / سماجن ۾ برابري ، انصاف ۽ آزاديءَ تي ٻڌل هڪ نئين سماج جي تخليق ڪريون .
گوبند خوشحالاڻي (1940- 2018ع)
گوبند ڪوٽومل خوشحالاڻي جو جنم موري تي ”ابڙاڻ“، ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ڪوئل مل خوشحالاڻي جي گهر ۾ ٿيو. ورھاڱي سان سندس وڏا ھندستان لڏي ويا. گوبند ھندستاني سنڌي ادب ۾ ھڪ نالي واري ناول نگار طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”پاڻ ھرتڙيون مايون“ (ناول ٢٠٠٢) ”ھڪ دفعو وري“ (ناول ٢٠٠٣) ”گلستان غليظ ٿي رھيو آھي“ (ناول ٢٠٠٤) ”ملڪ ته منھجو“ (ناول ٢٠٠٠) ”پيار ۾ پاڻ ڪھڙو“ (ناول ٢٠٠٥)، ”دل ڪر درخت دستور“ (ناول ٢٠٠٧) ”ھر ديڳي چمچا“ (ڪھاڻيون ٢٠٠٥) ۽ ”استماري ڪھاڻين“ جو مجموعو (٢٠٠٦) شامل آھن.
گوبند خوشحالاڻي ھڪ مسلسل لکندڙ اديب آھي، سندس ناولن جي خاص ڳالهه اھا آھي ته انھن ۾ چٽيل ماحول، ڪردار، روزمرهه جيون، اٿڻ ويھڻ بلڪل سنڌي آھي. ايتري قدر جو ڪي عادتون به اھڙيون ڏيکاريل آھن جيڪي اڪثر سنڌي ماڻھن ۾ نظر ايندا آھن.
سندس ناول ”ھڪ دفعو وري“ لاءِ ھري دلگير لکيو آھي ته ”مون گذريل چاليھن پنجاھن سالن ۾ ڪو به جاسوسي ناول نه پڙھيو آھي ليڪن خوشحالاڻي ھي ناول (ھڪ دفعو وري) چترائيءَ ۽ چالاڪيءَ سان لکي اھڙيون حالتن کي پيدا ٿو ڪري جو پاٺڪ جو شڪ ٽن شخصن تي ٿو پوي جنھن تي شروع ۾ ذرو به شڪ نٿو ڪري سگهجي.“ گوبند خوشحالاڻي جو ھي جاسوسي ناول آھي. جنھن ۾ تجسس ۽ پڙھندڙ جي ھرکر جو عنصر ھميشھ رھي ٿو” (27)
سندس ناول ”دل ڪر درخت دستور“ اڄ جي نجي ڪارپوريٽ سرڪل، ڌنڌي ۾ ناجائز پرئڪٽس جي اوگهڙ جي سلسلي ۾ آهي. هن ناول تي تبصرو ڪندي شير مھراڻي لکيو آھي ته: ”دل ڪر درخت دستور ۾ ڪيترين زندگين جو جهيڙو ۽ ميڙو آھي ۽ ھن ۾ پنھنجي دور جون ڪيتريون، سچايون، پيچيدگيون، علم، شعور، احساس ۽ ڄاڻ جي ڪيتري ترجماني ڪري ٿو ۽ وقت جي تڪڙين تبديلين تي ناول کي ھڪ مخصوص ٽولي جي ڪڍ ڊوڙايو ويو آھي. ان ٽولي جي پويان پڄائڻ دوران ناول کي ايترو ته ٿڪايو ۽ سھڪايو ويو آھي جو ھي پنھنجي مرڪز کان ڪوھين ڏور ھليو ويو آھي. دنيا جو دستور آھي ته ھر شيءَ پنھنجي مرڪز جي مدار تي ڦرندي آھي ۽ آخر جي مرڪز ڏانھن تي موٽي ايندي آھي. ناول پنھنجي مرڪزي ڪردارن (نريش ۽ ڪاجل) کي کڻندي ئي کانڀاڻي جي ڳوڙھي وانگر ايترو ته ڏور اڇلايو آھي جو ڳولئي نٿا لڀن، نيٺ مڙسي ڪري آخر ۾ انھن کي ٿڪل، ھيسيل، حيران، پريشان ۽ پيشمان حالت ۾ ھٿ ڪري ناول جي ڳاٽي تي رکيو ويو آھي ۽ زور زبردستي کانئن چورايو ويو آھي دل ڪر درخت دستور.“ يعني دل کي وڻ وانگر ڪيو. ھن ناول جي اھم ڪردارن سان به ناانصافي ڪيل آھي” (28)
سندس ناول ”گلستان غليظ ٿي رھيو آھي“٢٠٠٤ع ۾ شايع ٿيو. ھن ۾ ھڪ ھندستان جا ويچار آھن، جيڪي ھن حسن جي وادي يعني ڪمشير جي حوالي سان ڏنا آھن. ناول دھشتگردي واري ڏس ۾ کنيو ويو آھي ته ان سان ڪشمير جهڙو گلستان غليظ ٿي رھيو آھي. سندس ناول ”ملڪ ته منھنجو“٢٠٠٦ع ۾ شايع ٿيو. ھن ۾ سنڌ جي پنج ھزار سال پراڻي سونھري تاريخ جي واکاڻ ڪئي وئي آھي. ان جي تهذيب، تمدن ۽ تاريخي ثقافتي ورثي کي بيان ڪيو ويو آھي.
گوبند خوشحالاڻيءَ جا ناول ”پاڻ هرتڙيون مايون“ ۽ ”دل ڪر درخت دستور“۽”آئي الا“در حقيقت (Triology) آھن. هن ناول ۾ سنڌي ڪٽنبي جيون جا عڪس، شهري زندگيءَ ۾ رشتن ناتن جي ڀڃ ڊاهه، تجسس، انتظار، جاسوسي ۽ ايڪسائيٽمينٽ پئدا ڪندڙ جذبا نظر اچن ٿا.
ھري ھمٿاڻي (١٣ فيبروري ١٩٣٣ع)
ھري ھمٿاڻي ولد آسومل ھمٿاڻي جو جنم تعلقي موري ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ٿيو. ورھاڱي کان ڪجهه سال اڳ سندن خاندان ھندستان ھليو ويو. ھري ھمٿاڻي بھترين ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار آھي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن ناولن ۾ ”اڀاڳڻ“ (ناول ١٩٥٤)، ”سوني رات“ (ناول ١٩٥٥) ”آشا“ (ناول ١٩٥٥)، ”آس نراس“ (ناول ١٩٥٧)، ”پروفيسر“ (ناول ١٩٥٨)، ”پيار روئي ڏنو“ (ناول ١٩٦٠)، ، ”رات جو ٻيو پھر“ (ناول ١٩٨٢) ”گل جلن پيا“ (ناول ١٩٨١)، ”ماضيءَ جا ڏنگ“ (ناول ١٩٩١)۽ ”سيما“ (ناول) شامل آھن.
ھن کي ڪيترن ئي ناولن ۽ افسانن تي ايوارڊ به ملي چڪا آھن.ھري ھمٿاڻي جا ناول ھندو سماج جا ناول آھن، جن ۾ درد، پيڙا، پيار معاشي، معاشرتي مسئلا ۽ وجودي فڪر به اچي وڃي ٿو.
سندس ھي ناول ”رات جو ٻيو پھر“ ١٩٨٢ع ۾ شايع ٿيو. ناول جي سٽ سٽ سيني ۾ سور جي سٽ اڀاري ٿي. يا ته ھر ڪنھن درد کي ڪا معنيٰ ڪانھي. ناول جو سٽاءُ ڪھاڻيءَ جو سلجهيل سلسلو ۽ ان جي ادائگي دل تي ڪي نقش ڇڏي ٿي. ھر لفظ ڄڻ پيڙا مان پيدا ٿيل ڪا ڪوتا آھي، جنھن کي نه رڳو محسوس ڪري پر ڏسي ۽ ڇھي پڙھندڙن جا ڇهه ئي حواس جاڳي ٿا اٿن. ھي ناول ورھاڱي بعد جي خونريزي واري حالتن تي آڌاريل آھي. ھن ۾ عشق جي ھڪ عام رواجي ڪھاڻي آھي. ناول جو ھيرو غير رسمي ھندو آھي ۽ ھيروئن ”زھره“ مسلمان آھي. پر ورھاڱي جي ڪري ھو ٻئي ھڪٻئي کان جدا ٿي وڃن ٿا. ان کانپوءِ ھو ھڪ دفعو ٻيھر خواجه معين الدين چشتي جي درگاهه تي ملن ٿا. ھنن جي پريم ڪھاڻي جو پسمنظر سنڌ مان لڏپلاڻ آھي.
ھري ھمٿاڻي جو ناول ”ماضي جا ڏنگ“ اھم ناول آھي. ھن ۾ چار ڪھاڻيون اچن ٿيون. پھرين سنڌي ۾ طلسمي عياري جي ڪھاڻي ڏني ويئي آھي. ٻيو ناول جو پسمنظر ڳوٺاڻو آھي، ٽيون ھڪ ننڍي فئنٽسي پڻ ناول ۾ شامل ۽ سمايل آھي، جا دلڪش منظر پيش ڪري ٿو. چوٿون ناول ۾ رومانوي داستان پڻ آيل آھن. ان کان علاوه آزادي وارن ڏينهن جو ھندو مسلم فسادن جو به ذڪر ملي ٿو.
پرم ابيچنداڻي (1926- 2005ع)
ھو ناول نگار، ڪھاڻيڪار، مضمون نگار ۽ مترجم ھو. سندس ناولن جو ذڪر ڪندي پروفيسر ھيرو شيوڪاڻي لکيو آھي ته ”سنڌي ناول جي عڪاس ۾ پرم ابيچنداڻي جي ٻن ناولن ”جهرڻا“ (١٩٦٢) ۾”ھڪ جرم ٻھ چٻون“ (١٩٥٤) کي ڳڻڻ ڀلجي ويندا آھيون. ھن ناول ۾ مروج ڌارائن کان الڳ، چست ۽ سٿري فارم ۾ آڌيا وشين تي، شاھس پورڻ ناول ڏيڻ جي سفل ڪوشش ملي ٿي. توڙي ٻنھي ناولن جو آڌيا چنتن للڪاري سگهجي ٿو، مگر ھن جي اڻت ۽ ناول جي ٻولي ۽ عبارت، ھڪ اھڙو سنيار خلقي سگهيا آھن، جو ان جي وھڪري ۾ پڙھندڙ محو ٿي سگهي ٿو” (29)
سندس ٻين ناولن ۾ ”ھڪ ڄر ٻھ چڀيون“ (١٩٦٤)، ”لين بي“ (١٩٨٨) ”ڪايا پلٽ“ (٢٠٠٠) شامل آھن. ان کان علاوه ڪجهه ناول ترجمو به ڪيائين. ”لين بي“ ۾ ناول نگار مطابق انساني سوچون ھميشھ لاءِ رھجي وڃن ٿيون. ناول جو امرت سفرينا سان محبت ڪري ٿو. پر ھو ان سان شادي انڪري نٿو ڪري پر ھو سمجهي ٿو جنھن سان محبت ڪجي ان سان شادي نه ڪجي، امرت جو دوست مھيش سفرينا سان شادي ڪري ٿو ۽ سندس پٽ جيڪو ھن کي امرت منجهان ھو ان کي به قبول ڪري ٿو. آخر ۾ امرت پنھنجي فيصلي تي تمام گهڻو پڇتائي ٿو.
داس طالب (1928-1986ع)
”داس طالب“ جو اصل منوھر ڇتارام بجلاڻي آھي، سندس جنم لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. ھن جو افسانوي ادب ۾ سٺو مقام آھي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آھن. سندس ناولن ۾ ”انسپيڪٽر جنرل“ ۽ ”چيخ“، ”وندانا“ (١٩٦١) ”پھريون پيار“ (١٩٦٣) اھم آھن.
سندس ”انسپيڪٽر جنرل“ دراصل روسي ڊراما نويس گوگول جو ڊرامو ھو، جنھن کي مرزا قليچ بيگ پڻ ترجمو ڪيو ھو. ”داس طالب“ ھن کي ناول جي روپ ۾ ترجمو ڪيو. ھي مزاحيھ ناول ھو، جنھن ۾ غلط فھمي جي بنياد تي ٻھراڙي جا سرڪاري آفيسر، ھڪ ماڻھوءَ کي سرڪار جو مخفي انڪوائري آفيسر سمجهي ھراسجي وڃن ٿا ۽ پريشاني ۾ پنھنجي ظلمن ۽ غلط ڪمن جا اقرار ڪن ٿا. سندس ناول ”چيخ“ لاءِ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکي ٿو ته ”ناول فني لحاظ کان ڪريل آھي ۽ ناول جي بيان ۾ ڪٿي ڪٿي تمام گهڻي ڊيگهه بيان ڪيل آھي ۽ ڪٿي بلڪل مختصر ڪيو ويو آھي، جنھن ڪري مصنف ناول جو مقصد ظاھر ڪري نه سگهيو آھي ۽ ناول جو به خاتمو يڪدم ڪيو ويو آھي” (30)
آنند ٽھلرا ماڻي (1932- 2009ع)
آنند ٽھلرا ماڻي جو جنم ميھڙ ضلعي دادو ۾ ٿيو. پيشي جي لحاظ کان وڪيل ۽ ادبي دنيا ۾ ھدايتڪار، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس آھي. سندس ڪتابن ۾ ”سانجهيءَ جا پاڇولا“ (ڪھاڻيون ١٩٧٦) ”نرس“ (ناول ١٩٥٦)، ”آپا“ (ناول ١٩٥٧) ۽ ”بي داغ ديوتا“ (ناول ١٩٨٤) شامل آھن. ”نرس“ ھڪ رومانوي ۽ دلچسپ ناول آھي. جڏھن ته ”آپا“ ھڪ ھندي ناول جو ترجمو آھي. ”بي داغ ديوتا“ ھڪ سماجي ناول آھي.
ايشوري جوتواڻي (11نومبر ١٩٣٠)
ايشوري جوتواڻي ”جوتي“ ناول نگار، مضمون نگار جو جنم سيوھڻ ۾ ٿيو. سندس ناولن ۾ محبت جو تياڳ (١٩٥٥) ۽ الفت جي آگ (١٩٥٦) اھم آھن.”محبت جو تياڳ“ ھڪ ھندي ناول جو ترجمو آھي. سندس ناول ”الفت جي آگ“ دراصل ڊاڪٽر تيج جي ”نراس“ ناول کان متاثر ٿي لکيو ويو آھي. سندس ناول پنھنجي زماني ۾ گهڻو مشھور ٿيا، ڇو جو انھن ۾ رومانيت به ھئي ته سماجي عڪاسي بھ. جوتي جا ناول تمام گهڻو مقبول ٿيا ۽ پنھنجي پڙھندڙن جو ھڪ حلقو پيدا ڪيو آھي. سندس ناول رومانوي آھي، جنھن ۾ گهريلو ڪھاڻيون، سماجي مسئلا ۽ معاشرتي اڻ برابريون آھن.
آنند کيماڻي (٩ سيپٽمبر ١٩٣٧)
آنند چمنداس کيماڻي جو جنم سڌو جاڳوٺ، تعلقو مورو ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ٿيو. پاڻ ڪھاڻيڪار، مضمون نگار ۽ ناول نگار آھي ۽ ڪجهه ترجما به ٿيل اٿس. آنند کيماڻي عالمي ادب ۾ جديد ڪھاڻي لکندڙن جي قد جو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس آھي ته ھند ۾ شايد ڪجهه اديب ئي آھن، جن جو عالمي جديد ادب جو مطالعو وسيع ھجي، جيڏو آنند کيماڻي جو آھي.سندس ناولن ۾ ”ٽرائلاجي“، ”انتر ياترا“ (٢٠٠٢) ”رشتن جو ڌنڌ“ (٢٠٠٣) ”اڻ لتاڙيل پيچرا“ (٢٠٠٣) ۽ ”ھڪ شخص جي واسنا“ (١٩٩٩) شامل آھن.
سندس ناول ”ھڪ شخص جي واسنا“١٩٧٠ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول جو ھيرو انيل سمجهي ٿو ته ھو پنھنجي زال سان وفادار آھي ۽ ھن جو سڄو پيار سندس زال لاءِ ئي آھي. پر ٿئي ان جي ابتڙ ٿو. ھو منجوءَ سان وقت گذاري ٿو ۽ ھن سان گڏ ھوٽلن ۾ گڏ رھي ٿو. ھڪ طرف ھو پاڻ کي انتھائي وفادار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي ته ٻئي طرف ڪنھن ٻي عورت سان راتيون گذارڻ ھن کي بيوفا ثابت ڪري رھيو آھي. اھا آھي ناول جي ھيرو انيل جي وڏي ذھني ڪشمڪش” (31)
آنند گولاڻي (١٩٢٥- ٢٠٠١ع)
آنند رامچند گولاڻي جو جنم ڀاڳو ديرو ضلعي نوابشاهه ۾ ٿيو. پنھنجي دور ۾ بھترين افسانھ نگار ۽ ناول نويس طور سڃاتو ويندو ھو. سندس ڪھاڻين جي مجموعن ۾ ”ڦڙڪ“، ”راتيون ۽ چار ڪھاڻيون“ شامل آھن. جڏھن ته ناولن ۾ ”مڄو“ (١٩٥٤)، ”زندگي خواب آھي“ (١٩٦٩) ۽ ”پنھنجو موت“ شامل آھن.
سندس ناول ”مڄو“١٩٥٤ع ۾ شايع ٿيو. جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته مزاحيھ ناول آھي مگر بقول ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ جي مطابق جيتري مصنف جي دعويٰ ڪيل آھي اوتري مزاح پيدا ڪيل نه آھي جڏھن ته ناول جو موضوع ناول جي نالي مان ظاھر آھي” (32)
تارا مير چنداڻي (6 لاءِ ١٩٣٠)
تارا ميرچنداڻي جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. پاڻ نالي وارو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار آھي، ناولن ۾ ”ھٺ يوڳي“ (ٻھ ڀاڱا ١٩٥٩)، ”ڪومايل ڪلي“ (١٩٥٠)، ”اوشا“ (١٩٥٨)، ”لهرن جي گونج“ (١٩٩٢)، ”سورج جي پھرين ڪرن“ (١٩٨٨) ۽ ڪھاڻين جي مجموعن ۾ ”آئينو ۽ عڪس“ (١٩٦٥) ”رٻڙ جي گڏي“ (١٩٦٥) ”الجهيل تندون ريشم جون“ (١٩٨٦) ۽” درد“ (١٩٩١) اھم آھن.
سندس ناول ”ڪومل ڪلي“ ١٩٥٠ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول جو موضوع عورت جي وفاداري تي رکيل آھي. ناول ۾ جذبات نگاري تمام سھڻي نموني ڪيل آھي. ماحول گهريلو پسمنظر ۾ پيش ٿيل آھي ۽ سادي سودي ۽ سليس انداز ۾ بيان ٿيل آھي. تارا مير چنداڻي جو ناول ”لهرن جو گونج“ ١٩٩٢ع ۾ شايع ٿيو. ھن ناول ۾ ھڪ ڪردار/ فرد جون ڀوڳنائون ڏيکاريل آھن، جن کي ھو سماجي ڀلائي ۾ وڃي ڪري وسارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
شيام جئسنگهاڻي (١٩٣٧-٢٠٠٩ع)
شيام سانولداس جئسنگهاڻي جو جنم ڪوئٽا بلوچستان ۾ ٿيو. ھو شاعر، نقاد، چترڪار ۽ ناول نويس ھو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آھن. ناولن ۾ ”کاھيءَ جو چؤطرف“ (١٩٧٦)، ”ڪچا ڌاڳا“ (١٩٦٥) جڏھن ته ڪھاڻين جي مجموعن ۾ ”ننگو آسمان“ (١٩٦٦) ۽ ”ٺونگو“ (١٩٧٠) اھم آھن.
سندس ناول”ڪچا ڌاڳا“ لاءِ ڊاڪٽر چندو لعل لکي ٿو ته ”ان ۾ دستور عناصر ڪونھن ھن ناول ۾ ڪردارن جا من چتر آھن، چيتن چتر انھن چتر کي مجرد (Abstract) به چئي نٿو سگهجي. اھي چتر تمثيلي به نه آھي. ھيءُ سليس چتر آھن جي پاٺڪ سمجهي سگهي ٿو ۽ انھن تي پنھنجي فتويٰ به ڏيئي سگهي ٿو. ھن ناول ۾ ٻن دلين جي امنگن جون صورتون ڏنل آھن. ھن ناول ۾ صرف ٻھ ڪردار آھن. روي ۽ سوما ھنن ڪردارن کي ڊائري لکڻ جو شوق آھي جن ۾ ھو زندگي جون گهٽنائون درج ڪن ٿا. ناول ۾ انھن ڊائرين مان نڪتل ٽڪرا ڏنا ويا آھن. انھن ڊائرين جا ڏنل ٽڪرا سلسلي وار آھن، پوءِ الائجي ڇو ناول جي پرڪاشڪ ائين لکيو آھي. ”ھي ناول . . . ناٽڪ ۽ ناٽڪا جي لکيل ڊائري جي ورقن ۽ خطن جي Extracts جو بي ترتيب سلسلو آھي.“ باقي پرڪاشڪ اھا ڳالهه صحيح لکي آھي ته ”ھي ناول روايتي ڍنگ کان نرالو آھي” (33)
سندس ناول ”کاھي جو چؤطرف“۾ مدن ٽريننگ سيلزمين جڏھن دورو ڪري موٽي پنھنجي مسواڙي گهر ۾ پھچي ٿو ته کيس خط ملي ٿو ته سندس ڏاڏي بيمار آھي ھو رشتن ناتن جي ھڪ ڊگهي رسمن ۾ پھچي ٿو ھو سمجهي وڃي ٿو ته سندس ڏاڏي آخري پساھن ۾ آھي. ان کي سڀئي رشتا نڀائڻ ھڪ ڏکيو عمل ۽ ناٽڪ لڳي ٿو. سڀ ريتون رسمون صرف صدين جي پوئواري لڳي ٿي. ھن مطابق ڪجهه رشتن جا ڪي نالا ٿيندا آھن ۽ ڪجهه رشتا محض نالي جا ٿيندا آھن. رشتن جي کاھي ۾ ھڪ فرد ڪرندو نظر اچي ٿو.
لکمي کلاڻي (١٢ نومبر ١٩٣٥)
لکمي کلاڻي جو جنم ڳوٺ جهان خان، ضلعي سکر ۾ ٿيو. ھو ڪھاڻيڪاره، ڊرامانويس ۽ ناول نگاره ھئي. سندس ڪھاڻين جي مجموعن ۾ ”رت جا داغ“ (١٩٧٢) ۽ ”اڌوري رچنا“ (١٩٦٨) شامل آھن. جڏھن ته ناول ۾ ”ھاءِ منھنجي دل“ (١٩٦٨) ”سازش“ ۽ ”امرت امرت“ (١٩٧٤) شامل آھن. سندس ناول مزاحيھ، جاسوسي ۽ عام گهريلو مسئلن جي اپٽار ڪن ٿا.
وشنو ڀاٽيا (2011-1943)
سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ نقاد، وشنو ڀاٽيا، ڪراچي ۾ ٽوپڻداس ڀاٽيا جي گهر ۾ جنم ورتو.سندس ڪيترائي ڪھاڻين جا مجموعا شايع ٿي چڪا آھن. جڏھن ته سندس چار پنج ناول به شايع ٿيل آھن، جن ۾، ”زندگي جا ڪنارا“ (١٩٦٩) ”پيار جو آئينو“ (١٩٩١)، ”14ٺوال“ (1976ڃ)، ”دردن ماري دل“ (1963ڃ)،”راڻي ڊارلنگ“ ۽ ٻيا ناول شامل آھن.
پيار جو آئينو (1981)، هن ناول جو ٻيو ڇاپو، سنڌ ۾، ناري پبليڪيشن، حيدرآباد، 1991ع ۾ ڇپايو هو، وغيره ڪتاب اچي وڃن ٿا.ھي ناول رومانوي ماحول جي نمائندگي ڪن ٿا. ان کان علاوه انھن ۾ سياسي، سماجي ۽ معاشرتي حالتن جي عڪسبندي ڪن ٿا.
لڇمڻ ساٿي (1935)
لڇمڻ ”ساٿي“ جو جنم ڪراچي ۾ ٿيو. ھو نالي وارو ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ مترجم آھي. سندس ڪيترائي ناول شايع ٿي چڪا آھن، جن ۾ ”ساھيڙي“ (١٩٦٨)، ”اڏري وڃ ڙي ڪونج“ (١٩٦٠)، ”کيچل“، ”ستل واديون“ ۽ ”آسمان روشن آھي“ آھن.
سندس ناول ”ساھيڙي“ھڪ رومانوي ناول آھي جنھن ۾ آنند ۽ ماني ھڪ ٻئي کي دل جي گهرائن سان محبت ڪن ٿا. ماني غريب گهراڻي سان تعلق رکي ٿي. جڏھن ته آنند امير خاندان مان آھي. ماني جي شادي ھڪ پوڙھي سان ٿي وڃي ٿي ۽ آنند ڪجهه به ڪري نه سگهيو. آخر ۾ ٻئي ھڪ ٻئي کي سمجهائن ٿا ته ھاڻي ٻنھي کي پنھنجي پنھنجي زندگي الڳ گذارڻي پوندي. سندس ناول”کيچل“،ھڪ سماجي ۽ نفسياتي ناول آھي، جنھن ۾ جنسي جبلتن جي عڪاسي ڪئي ويئي آھي. ناول ۾ ڪٿي ڪٿي اھا جبلت حاوي ڪري ڏيکاري ويئي آھي.
نامديو تارا چنداڻي (٢٥ نومبر ١٩٤٦)
نامديو تارا چنداڻي جو شمار ھندستان جي نالي وارن شاعرن، ڪھاڻيڪارن، نقادن، ناول نگارن ۾ ٿئي ٿو. ھن افسانوي ادب ۾ پنھنجو خوب نالو ڪمايو آھي. سندس ناولن ۾ وتاراو ڇا (ترجمو ١٩٧٩)، ”جوڙجڪ“ (١٩٧٤)، ”سورج جي پھرين ڪرڻ“ (١٩٨٨) ان کان علاوه ”لعل پشپ ھڪ اڀياس“ (٢٠٠١)، ”سنڌي ڪٿا ساھتيھ“ (٢٠٠٤) وغيرهه شامل آھن. سندس ناول ”جوڙجڪ“لاءِ لعل پشپ لکي ٿو ته ”ناول جون ٻھ جاڙيون ڀينرن ٻن ڀائرن انشچت آھن ته ھڪٻئي سان پيار ڪرڻ بعد به ٻئي ڀاءُ کي شادي ۾ ڀائيندي ھو اھڙو دکي ڇو نه رھيون آھن، ۽ پاڻ ۾ ڪجهه ڪجهه سک جو انڀو ڇوڪري رھيون آھن، جاڙين ڀينرن جي ھڪٻئي جي سنٻڌن طرف توڙي سندن جي پريم پتين طرف سنٻدن ۾ ليکڪ جي گهٽ سجاڳي گهڻو ڪجهه حاصل نه ڪري سگهي آھي.“
گرڌاري لعل ڏوڏيجا (١٩٣١-٢٠٠٠ع)
گرڌاري لعل لوڪرام ڏوڏيجا جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو. ھو ناول نگار، ڪھاڻيڪار ناٽڪ نويس ۽ مضمون نگار ھو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن. سندس ناولن ۾ ”ھنڊيءَ جو حوالو“ (١٩٦٦)، ”خوني ڪير“ (١٩٦٧) ”گمراھھ“ (١٩٦٥)، ”اصلي نقلي“ (١٩٦٩) ۽ ”پتني پنھنجي، پٽ پرائو“ (١٩٨٣) شامل آھن.
گرڌاري لعل جي ناولن تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته انھن ۾ عام گهريلو ڪھاڻيون زير بحث آنديون ويون آھن. ”پتني پنھنجي پٽ پرائو“ ۾ ساڳيو مسئلو اچي وڃي ٿو ته شاديءَ کان پوءِ پٽ سڄو سارو زال جو ٿي وڃي ٿو. والدين کي وساري وھي ٿو. ان کان علاوه ھن جا ناول جاسوسي ۽ سماجي موضوعن تي پڻ آھن.
سندر حشمتراءِ نيڀواڻي (1919-1997ع)
سندر حشمتراءِ جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. ھو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ھو. سندس ڪيترائي ناول شايع ٿيل آھن. جن ۾ ”نراس ناري“ (١٩٦٤) ”پيار جا سپنا“ (١٩٦٧) ”سڌريل زمانو بگڙيل پيار“ (١٩٦٨)، ”ديوتا روئي ڏنو“ (١٩٧٠)، ”مڌر ملن “ (١٩٧٧) ” نادان ڇوڪري“ (١٩٦٧) ۽ ”نئين ليکڪا“ (١٩٦٩).
ھن جا ناول ھلندڙ زماني جي مختلف مسئلن جي نشاندھي ڪندا آھن، ان کان علاوه ھو بنيادي طور تي رومانوي ناول نگار آھي. سندس ناول ”نادان ڇوڪري“ ھڪ رومانوي ناول آھي. جڏھن ته ”نئين ليکڪا“ ۾ آشا ھڪ ليکڪا آھي، جيڪا ڪنھن رسالي ۾ ڪم ڪري ٿي. ھو اتي ھڪ ڇوڪري سان محبت ڪري ٿي ۽ کيس قائل ڪري ٿي ته ھن سان ڏاج بنا شادي ڪري. مطلب ته ھي ناول ھندو سماج ۾ ڏاج واري مسئلي تي لکيو ويو آھي.
حوالا:
1. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ: ”ورھاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جو مختصر جائزو“، ششماھي ادب، ١٩٨٦ع
2. ڊاڪٽر چندو لعل: ”سنڌي ناول جي ارتقا“، ڪونج پبليڪيشن، 2004ع، ص 128
3. ڪيرت ٻاٻاڻي:” ادب ۾ قدرن جو سوال“،سورٺ پبليڪيشن بمبئي، 1974ع
4. ڊاڪٽر ايڇ-آءِ سدارنگاڻي: ”ورھاڱي کانپوءِ جي ناول جي روپ ريکا“
5. Indian Literature Since Independence, p. 285
6. ايم سڳن ۽ ڦتن پرسرسواڻي: ”سنڌي ناول جو دور“، 1959ع، ص 23
7. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”ڀارت ۾ سنڌي نثر جي ترقي“،1980ع
8. ڊاڪٽر نور افروز خواجه: ”پائي پٽ ڪڻا“، گنج بخش ڪتاب گهر ، حيدرآباد؛ 2005ع، ص 338
9. گوبند مالهي: ”لوڪ آھي ٻوڪ“، 1955ع
10. هيراننداڻي پوپٽي/ شري راجڪمار ڇاٻڙيا، ‘سيلاب زندگيءَ جو’، سنڌي سڀا، هيپي هوم هال، ڪيرالا، مئي 1981ع
11. حوالو: ماھوار-سوجهرو سيپٽمبر ٢٠٠٠ع
12. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي : ”ڀارت ۾ سنڌي نثر جي ترقي“، 1980ع
13. لعل پشپ: ورهاڱي کان پوءِ هند جو سنڌي ناول“، ڪينجهر 1987ع
14. ممتاز مهر: .سنڌي ناول نئون جنم وٺي ٿو“ ، ٽي ماهي مهراڻ، 4/ 1992ع
15. موهن ڪلپنا، ”آواره“، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، ڊسمبر 1953ع، ص 26
16. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي : ”ڀارت ۾ سنڌي نثر جي ترقي“، 1980ع
17. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي : ”ڀارت ۾ سنڌي نثر جي ترقي“، 1980ع
18. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”ڀارت ۾ سنڌي نثر جي ترقي“، 1980ع
19. ڪرشن کٽواڻي: “ياد هڪ پيار جي “، 1978ع، مھاڳ
20. سندري اتمچنداڻي: ”ڪرندڙ ديوارون“، ١٩٥٣ع
21. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ: ورھاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جو مختصر جائزو، ششماھي ادب ١٩٨٦ع
22. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”ڀارت ۾ سنڌي نثر جي ترقي“، 1980ع
23. ڊاڪٽر چندولعل: ”سنڌي ناول جي ارتقا“ ڪونج پبليڪيش، 2004ع، ص 217
24. ”شيشي جي دل“ تي لکيل تبصرو، 1970ع
25. ڊاڪٽر چندولعل: ”سنڌي ناول جي ارتقا“ ڪونج پبليڪيش، 2004ع، ص 219
26. ڪتاب جو مھاڳ، ”ڇھي مئي“ ، 1995ع
27. ”ھڪ دفعو وري“ ناول جو مھاڳ،2003ع
28. شير مھراڻي : تبصرو، ماھوار سوجهرو آگسٽ ٢٠٠٨
29. پروفيسر ھيرو شيوڪاڻي: سنڌي ناول ڪٽھگري ۾“ اکل ڀارتيه، سنڌي ساهتيه، دهلي، 1999ع، ص 65
30. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ: ورھاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جو مختصر جائزو، ششماھي ادب ١٩٨٦ع
31. لعل پشپ: ورهاڱي کان پوءِ هند جو سنڌي ناول“، ڪينجهر 1987ع
32. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ: ورھاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جو مختصر جائزو ششماھي ادب ١٩٨٦ع
33. ڊاڪٽر چندولعل: ”سنڌي ناول جي ارتقا“ ڪونج پبليڪيش، 2004ع، ص 220