سفما وفد جو ممبئي دورو ۽ انور پيرزادو
انور سان گڏ رهڻ جو آخري موقعو مون کي سال 2006ع ۾ سفما تنظيم(سائوٿ ايشيا فري ميڊيا ايسوسئيشن) مهيا ڪيو جنهن جي ڪراچي _ممبئي ايڪسچينج پروگرام جو مان ڪوآرڊينيٽر هيس. مون ئي سفما جي ممبئي ويندڙ وفد ۾ انور پيرزادي کي شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني. انور کي درخواست ڪيم ۽ هو جيڪو هونئن ئي سياحتي ۽ مُهمجُو ماڻهو هو تنهن خوشيءَ مان حامي ڀري ۽ ايئن انور اسان جي وفد ۾ شامل ٿي ويو. مون کي هتي اهو چوندي ڪا هٻڪ محسوس نٿي ٿئي ته ان دوري ۾ هو اسان سڀني کان وڌيڪ ايڪٽو(Active) ۽نمايان نظر آيو.انور سان 23 کان 27 مئي 2006ع تائين پنج ڏينهن ممبئيءَ ۾ رهيس ۽ ان دوري جي موٽ ۾ جڏهن وري هندستان کان 30 ڄڻن جو هڪ وفد 10 جون کان 16 جون تائين ڪراچيءَ آيو ته سفما ڪراچي چيپٽر ئي ان وفد جي ميزباني ڪئي ۽ انور کي ان دوري جي ميڊيا ڪوريج لاءِ مقرر ڪيو ويو انور ان موقعي تي بيحد سرگرم نظر آيو. مون کي اهو ڏسي به ذاتي طور خوشي ٿي ته انور ڪمپيوٽر، انٽر نيٽ ۽ ليپ ٽاپ چڱيءَ ريت استعمال ڪرڻ ڄاڻين پيو. مونکي انور جي ايڏي اپ ڊيٽ هئڻ جو اندازو نه هو. جيئن مون چيو ته انور سفما پروگرام ۾ ڪافي سرگرم نظر آيو سو هيءُ ممبئي ۾ به ڪيترن سنڌي پروگرامن ۾ ويو ۽ دوردرشن ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ به شرڪت جي دعوت مليس.
ان دوري دوران انور پيرزادي ڪراچي ۽ ممبئي کي انڊس ڊيلٽا رستي ملائڻ جي هڪ شاندار ۽ انوکي آئيڊيا به ڏني. انور ان حوالي سان ممبئي ۾ اتان جي پروگرامن ۾ ۽ پريس آڏو توڙي هتي ڪراچيءَ ۾ ڀرپور انداز سان اها تجويز ڏني ته “ڪراچي_ممبئي فيري سروس” يعني ٻنهي شهرن کي انڊس ڊيلٽا جي سنڌو درياهه وارين کارين مان ننڍين ۽ هوڙهن ذريعي پاڻ ۾ ملايو وڃي ته ان سان ڀاڙو ڪرايو به گهٽ ٿيندو، مفاصلو به گهٽجي ويندو ته گهري سمنڊ جي خطرن کان مسافر محفوظ رهندا ۽ وقت به گهٽ لڳندو. انور جي ان تجويز جي هندستان ٽائيمز اخبار به حمايت ڪئي هئي ته واقعي به ان حوالي سان ٻنهي ملڪن ۾ ڪو ٺاهه ٿيڻ گهرجي. مونکي ذاتي طور تي به اها تجويز ڏاڍي پسند آئي.انور جو اهو خيال ڏاڍو Visionary هو.ڪراچي ۽ ممبئي کي ملائڻ واري ٻيڙي سروس کولڻ سان ڪراچيءَ جي پسگردائي ۾ سياحت کي به هٿي ملندي ۽ ماهيگيري کي به وڏا فائدارسندا.
انور سفما جي وفد جو پهريون ميمبر هو جنهن سڀ کان اڳ ۾ ممبئي دوري بابت سفرنامو لکيو جيڪو روزاني اخبار عوامي آواز ۾ قسطن ۾ شايع ڪيو.مونکي خوشي آهي ته انور پيرزادو اڪيڊميءَ عوامي آواز سفرنامي کي ڪتابي شڪل ۾ آڻي ان کي تاريخي ۽ دستاويزي حيثيت ڏئي ڇڏي آهي.
ڊاڪٽر جبار خٽڪ
چيف ايڊيٽر
روزاني “عوامي آواز” ڪراچي