سفرناما

ممبئي ياترا

هي ڪتاب ممبئي ياترا سنڌ جي عاشق انور پيرزادي جو بمبئي بابت سفرنامو آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ عام رواجي سفرنامو ناهي. هيءُ سفرنامي سان گڏ هڪ تاريخي ڳٽڪو به بڻجي ويو آهي. جيڪو هند ۽ سنڌ جي قديم توڙي جديد تاريخ کي قلمبند ڪري ٿو. انڪري هن سفرنامي کي پاڪستان جي حڪومت، هند ۽ پاڪ جي بهتر لاڳاپن لاءِ هن ڪتاب کي گائيڊ لائين جي به حيثيت ڏئي سگهي ٿي.

Title Cover of book Mumbai Yaatra

هندُ جا سنڌي هِندُو

چون ٿا ته “هند توڙي هندو لفظ سنڌو مان نڪتل آهن. سنڌو درياهه کي سنسڪرت ۾ “سپت سنڌو” ڪري سڏيو ويو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي “ستن دريائن جو اڳواڻ”. اهي ست درياهه آهن پنجاب جا پنج درياهه (جهلم، راوي، بياس، چناب ۽ ستلج) ڇهون درياهه ڪابل جيڪو اٽڪ وٽان اباسين سان اچي ملي ٿو ۽ افغانستان جي جبلن مان مينهن جو پاڻي ميڙي جهجهي لٽ سميت اچي ٿو سنڌو درياهه ۾ وجهي. هن درياهه جو 15 ايم ايف کن پاڻي سنڌ جي پڇاڙ وارن علائقن جهڙوڪ ٺٽي ۽ بدين جي ڊيلٽا تائين وهي اچي ٿو ۽ سپت سنڌو جو ستون درياهه “سرسوتي” هو جيڪو زلزلي جي نتيجي ۾ زمين ۾ ٽٻي ڏئي گم ٿي ويو. انگريزي ۾ انکي Lost River به چوندا آهن اهو درياهه جڏهن زمين جي مٿاڇري تي وهندو هو ته اوڀر طرف پنجاب لتاڙي سنڌ مان وهي ٿر جي ننگرپارڪر لڳ پاري نگر وٽ ڊيلٽا ٺاهيندو هو ۽ اتي سمنڊ سان وڃي ملندو هو. ان سامونڊي پٽيءَ کي “گلف آف ڪڇ” چوندا هئا پر مظهر يوسف پئرس مان هڪ قديم نقشو آندو هو جنهن ۾ گلف آف ڪڇ جي جاءِ تي “گلف آف سنڌي” لکيو پيو هو. جنهن مان ان حقيقت جي ثابتي ملي ته جنهن کي اسان عربي سمنڊ ڪوٺيون ٿا ان جو اصلي نالو “سنڌي سمنڊ” آهي. ڇاڪاڻ ته ڪڇ جو رڻ هن وقت جتي آهي اتي 1819ع واري زلزلي کان اڳ سمنڊ لهرون هڻندو هو. زلزلي ڪري زمين مٿي ٿي وئي ۽ پاڻي هيٺ لهي ويو جنهن ڪري “رڻ” پيدا ٿي پيو. هاڻي به چون ٿا ننگر پارڪر ۽ ڪراچيءَ وچ ۾ رڻ جي هڪ اهڙي پٽي آهي جنهن جي کوٽائي ڪري اها مٿانهين روڙي ڇڏجي ته ڪراچي واري سمنڊ جو پاڻي ننگر پارڪر وٽ پهچي وڃي.
سو ڳالهه نڪتي هئي سپت سنڌوءَ جي جيڪو ستن دريائن جو سرواڻ آهي ۽ هماليه جبل مان ڪرندڙ مڙني دريائن مان وڏي ۾ وڏو درياهه آهي جنهن کي ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو درياهه سڏڻ رڪارڊ جي درستگي لاءِ بيحد ضروري آهي.
انهيءَ “سپت سنڌوءَ” کي قديم ايراني سلطنت جي بانين جن کي Achaemenian سڏجي ٿو تن قبل مسيح ۾ پنهنجي ٻاتي ٻوليءَ سان “هيت هندو” ڪري اچاريو، آريا جيڪي هتي آيا تن مان هڪڙا ٻاتا ۽ ٻيا ڪڙڪ آواز ڪڍڻ وارا ماڻهو هئا انهن مان Soft spoken آرين جڏهن “سپت سنڌو” مان “س” کي “هه” جي اچار سان اچاريندي “هيت هندو” چيو تڏهن لفظ “هند” ۽ “هندو” ايجاد ٿيا.
اهو سنسڪرت ٻولي وارو زمانو هو، هندو برهمڻ راڄ ڪندا هئا، سنڌو ماٿري واري تهذيب جو زوال اچي چڪو هو اهو زوال ايترو زوردار ۽ خوفناڪ هو جو ماڻهن کان پنهنجي ٻوليءَ جي رسم الخط ئي وسري وئي هئي. ان دور کان هڪ هزار سال پوءِ هندو ڌرم جي برهمڻن “برهمي” لپي ايجاد ڪئي جنهن جي بدليل صورت اڄ تائين ديوناگري ۽ هندي ڀاشا سان هلندي اچي. ان وچ ۾ برهمڻ هندن جي پاڪ پوتر ۽ مقدس ويدن واري ٻولي سنسڪرت 200 ق.م ۾ فوت ٿي وئي ۽ Dead language بڻجي ويئي. ڪاليداس انهيءَ ختم ٿي ويل ٻوليءَ جو عظيم ليکڪ آهي. سنسڪرت جي ختم ٿيڻ جو ڪارڻ اهو هو ته اها عام لوڪن جي ٻولي نه هئي پر وڏ گهراڻن هندو برهمڻن پنهنجي پاڪ ڪتابن لاءِ اها ٻولي پاڻ ٺاهي هئي ۽ جيئن ته ٻولين کي عام لوڪ ۽ عوام زندهه رکندا آهن انڪري سنسڪرت زندهه رهي نه سگهي ۽ مري ويو.
ان کانپوءِ پالي ٻولي رائج ٿي جيڪا ٻڌ ڌرم جي پاڪ زبان آهي. ٻڌ ڌرم جي باني گوتمن ٻڌ هندو ڌرم سان ذات پات جي مامري تي بغاوت ڪئي هئي. ٻڌن جي “پالي ٻولي” 600 ورهيه سنڌ ۾ سرڪاري ٻوليءَ طور راڄ ڪيو ۽ ان جي اثر ڪري ان جا ڪيترائي لفظ سنڌي زبان ۾ داخل ٿي ويا پر پوءِ اها حقيقت آهي ته سنڌي ٻولي دنيا جي چند وڏين ۽ اٿاهه ٻولين مان هڪ آهي ايسيتائين جو لسانياتي ماهر حيران پريشان آهن ته سنڌي ٻوليءَ مان جيڪڏهن سنسڪرت، پراڪرت، عربي، فارسي، هندي ۽ ٻين ٻولين جا لفظ ڪڍي ٿا ڇڏيون تڏهن به پوئتي سوين لفظ اڃا سنڌيءَ ۾ بچن ٿا جيڪي خبر ناهي ته ڪهڙيءَ ٻوليءَ جا آهن ٿي سگهي ٿو ته اهي مُهين جي دڙي واري ٻوليءَ جا هجن پر وسوخ سان تڏهن چئي سگهبو جڏهن سنڌو لکت پڙهي ويندي.
بهرهال اهو ته ٿيو “ڳالهه” مان “ڳالهوڙو” اصل ڳالهه اها هئي ته بمبئي ۾ڪجهه سنڌي هندن سان منهنجي جيڪا مختصر ملاقات ٿي. ان بات مان لکڻ پئي گهريو.
سڀ کان اول اسانکي جيڪي ماڻهو بمبئي جي دوري تي وٺي آيا هئا ۽ جن جومقصد ڪراچيءَ ۽ بمبئي وچ ۾ سهڪار پيدا ڪرڻو هو ان تنظيم جي انڊيا آفيس وارن همراهن اهڙو ته مصروف پروگرام ٺاهيو هو جو رات جو سمهڻ لاءِ چند ڪلاڪن کانسواءِ باقي يا ته ڪانفرنسون هيون يا مختلف ادارن کي وزٽ ڪرڻ هو يا لنچ هئي يا ڊنر هئي ۽ هر رات موسيقي جو پروگرام هو جنهن ۾ پاڪستاني وفد ۾ شامل ٽينا ثاني به ڳائي پئي ۽ ٻيا مرد فنڪار به حصو وٺن پيا انڪري بمبئي شهر ۾ پنج ڏينهن رهڻ جي باوجود ايترو وقت نه مليو جو گهٽ ۾ گهٽ بمبئي جي سنڌين کي فون ڪري هنن سان ملاقات ڪجي ها.
مونکي پنهنجي دوست محمد علي پٺاڻ لاڙڪاڻي مان ڪامريڊ سوڀي کان ڪافي سنڌي هندو ليکڪن جا فون نمبر وٺي موڪليا هئا پر انهن سان ڇا رابطو ڪجي جو جيڪڏهن ملڻ لاءِ چوي ته ان کان معافي وٺڻي پوي ان ڪري سوچيم ته “مٺي به ماٺ، ته مٺي به ماٺ” بهر حال ميڊيا ڪانفرنس ۾ دور درشن ٽي وي جو ڊائريڪٽر مڪيش شرما جو آيو ته هن پنهنجي ٽي وي تي هلندڙ هڪ سنڌي پروگرام“سرويچ سنڌي” ۾ اچڻ جي ڪوٺ ڏني ۽ ان سانگي رام جواهراڻيءَ سان ملاقات ٿي جنهن بمبئي جي هڪ هوٽل روز روڊ ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ سڏيو جيڪا هند جي بيحد قابل ماڻهو ۽ قانوندان رام ڄيٺملاڻيءَ جي مان ۾ ٿي رهي هئي. ڇاڪاڻ ته انڊيا جي وزيراعظم هن کي (رام ڄيٺملاڻي کي) راجيا سڀا يعني پارليامينٽ ۾ ميمبر نامزد ڪيو هو رام ڄيٺملاڻي هند جو سابق قانون جو وزير رهي چڪو آهي هن سان منهنجي پهرين ملاقات آمريڪا جي گاديءَ واري شهري واشنگٽن ۾ ٿي هئي جتي هو منور لغاري جن پاران ورلڊ سنڌي انسٽِيٽيوٽ جي پليٽ فارم تان بين الاقوامي سنڌي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ آيو هو.
مونکي ياد آهي ته رام ڄيٺملاڻي ان موقعي تي ٻه ڪيڏيون اهم ڳالهيون ڪيون هيون، هڪ ته هن پنهنجي تقرير ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين کي بين الاقوامي قانون جي روشنيءَ ۾ “حق خود اختياري” بابت نصيحت ڪندي ٻڌايو ته هن حق ۽ عليحدگي ءَ ۾ وار جيترو فرق آهي، ان ڪري دنيا جي ڪابه رياست پنهنجن ماڻهن کي اهو حق ڏيڻ نه چاهيندي.
ٻيو هن اسلام جي پيغمبر جو هڪ قول ٻڌايو هو ته “عالم جي قلم واري مس شهيد جي خون کان برتر آهي.”
۽ ٽيون ته رام ڄيٺملاڻي وري زاهد مخدوم جو گهرو يار هو سو انڪري هن سان اڃان به ويجهڙائيءَ ۾ ملاقات ٿي هئي، زاهد مخدوم، خالد مخدوم، احمد حسين مخدوم ۽ ثريا مخدوم جو ڀاءُ اڄ ڪالهه ڪئناڊا جي وئينڪور شهر ۾ رهي ٿو ۽ اتي جج آهي.
سو بمبئي ۾ رام ڄيٺملاڻي سان ملاقات ڪري ڏاڍي خوشي ٿي هن به زاهد مخدوم ۽ منور لغاري کي ياد ڪيو ڪجهه جهونو پئي لڳو پر ساڳيو علم جو ڀنڊار ۽ پيارو ماڻهو.
اهو پروگرام مالهي ڪلچرل اڪيڊمي طرفان ڪيو ويو سو ان جو سڄو انتطام گوبند مالهي جي ڌيءَ شوڀا چندناڻي ڪري رهي هئي جيڪا هندستان جي ريلوي کاتي ۾ آفيسرياڻي آهي ۽ کيس مشينن جي اوزار ٺاهڻ جي هڪ فيڪٽري به آهي. اڪيڊمي گوبند مالهي جي نانءُ ٺهيل هئي جنهن پنهنجي ڪتاب “ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون” ۾ لکيو هو ته “امان مونکي چوندي هئي ته ڪڏهن جيڪڏهن ڪنهن ذهني بحران ۾ ڦاسي پوين ۽ ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچئي ته ٻن ڪتابن مان ڪو هڪ ڪتاب هٿ ڪري ڪٿان به کولي ويهي پڙهندين ته ذهني بحران مان ٻاهري اچي ويندين اهي ٻه ڪتاب آهن:
(1) بابا گرونانڪ جو گرو گرنٿ صاحب
(2) شاهه جو رسالو
هن پروگرام ۾ اوچتو امر جليل سان ملاقات ٿي جيڪو 15 مئي کان هندستان آيل هو ۽ هتي هن کي ادب تي هڪ اعليٰ ايوارڊ ڏنو ويو هو مونکي ڏسي هميشه وانگي منهنجي ڪنڌ ۾ لڙڪيل عينڪ هٿ سان پاسي ڪري ڇڪي ڀاڪر پاتائين.امر چوندو آهي ته “يار عينڪ ته پري ڪر ته دل دل سان ملي” بمبئي جي هوٽل ۾ ملڻ سان چيائين ته “پاڻ ڪراچي ۾ رهندي به نه ملي سگهندا آهيون ۽ هتي بمبئي ۾ ٿا ملون.”
بمبئي واري سنڌي ادبي پروگرام ۾ نند جويري، رام بخشاڻي، ڪرشن راهي، ڊاڪٽر ٻلديو بختراءِ مٽلاڻي، هرداس مکيجا (الهاس نگر جو اڳوڻو ميئر) پهلاج نهالاڻي ۽ سريش ڪيسواڻي (منارٽي ڪمشنر) ۽ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي جو لکمي کلاڻي موجود هئا. مان پروگرام پوري ٿيڻ کان ٿورو اڳ ۾ اٿيس ڇاڪاڻ ته اهو ڏينهن 26 مئي جو هو ۽ اسان کي 27 مئي تي واپس ڪراچي ورڻو هو سو مونکي انتظار هو ته واپس ورڻ کان اڳ بمبئي مان ننڍي پٽ امر پيرزادي جي شادي ۾ ڪنوار لاءِ ڪا ساڙهي وٺيون وڃان ٻاهر نڪتس ته نند جويري مليو جيڪو ڪنهن چنتا سان ڪيڏانهن وڃي رهيو هو. هن ٻڌايو ته امر جليل هن وٽ رهيل آهي هن مونکي پنهنجي ڪار ۾ هڪ ٻن ساڙهين جي دڪانن تي وٺي هليو پر دڪان بند ٿي چڪا هئا پوءِ هن مونکي هڪ جاءِ تي ڇڏيو جتان ٽيڪسي ڪري مان پنهنجي هوٽل “تاج محل” اڳوڻو ۽ هاڻي “تاج پريزيڊنٽ” هليو آيس.
هڪ ڏينهن اڳ تاج هوٽل ۾ هڪ عمر رسيده سنڌي هندو عورت سان ملاقات ٿي جنهن ٻڌايو ته “شيخ ذات جا ماڻهو هڪڙا يهودي ٿيندا آهن ٻيا لوهاڻا ۽ ٽيان عرب شيخ” اتي مون سان گڏ پروفيسر محمد علي شيخ، پرنسپال سنڌ مدرسو ڪراچي به گڏ بيٺو هو ۽ مان سوچي رهيو هوس ته “مان ڪهڙو شيخ آهيان؟” منهنجي ڳوٺ جو نالو “حاجي لعل بخش شيخ” آهي جيڪو مُهين جي دڙي لڳ سنڌو درياهه جي ڪناري تي آباد آهي ڳوٺ تي جنهن ماڻهوءَ جو نالو پيل آهي سو منهنجو سڳو نانو آهي ۽ مان سندس ڏوهٽو هڪ ٻن نسلن کانپوءِ “پيرزادو” ٿي ويو آهيان. ڇا اهو “کڳي مان يقين شاه” وارو معاملو ته ناهي؟ واقعي ويچارا سنڌي پيڙهيل هئڻ ڪري احساس محرومي جو شڪار آهن. “ڪلهوڙا” چون ته اسان “عباسي” آهيون “شيخ” چون ته اسان عرب کان آيا آهيون. هر ٻيو ماڻهو سچو سيد چورائڻ ۾ فخر محسوس ڪري سواءِ ان سوچڻ جي ته خود عربن جو وات سنڌو تهذيب جو ٻڌي پاڻي پاڻي ٿيندو آهي.