مهاڳ
انور ڄائو هڪ فقيراڻي گهراڻي ۾ ۽ رهيو هڪ اهڙي ڳوٺ ۾ جيڪو وک وک تي اوتارن سان ڀريو پيو هو.شاهه جمال، ڀرپور فقير ۽ ٻين ڪيترن اوتارن تي اڄ به ڪيترائي راڳي ۽ شاعر ڳائيندا وڄائيندا ۽ ميلو مچائيندا پيا اچن. شاهه لطيف ۽ ٻيا صوفي شاعر ان ڳوٺ جي ماڻهن جي رت ۾ شامل آهن. جن مان انور انسپائريشن ورتي.
جوانيءَ جي ڏينهن ۾ الائي ڪٿان کيس شيخ اياز جو ڪتاب “ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” هٿ چڙهيو جيڪو منهنجي نالي ڪيل هو اهو پڙهي جلديءَ ۾ اچي مون سان منهنجي ڳوٺ “ٻنڊي”۾ مليو جتي مان نظر بند ڪيل هوس.
اڪثر دادو ڪئنال جي ڪڙ تي مان پنهنجي ڪارخاني (ان ڇڙائيءَ جو سيلر) جي سامهون ڇانوَ ۾ کٽ وجهائي ويهندو هوس ۽ انور سان ڪچهريون ڪندو هوس.
1965ع _ 1967ع واري دور ۾ ڊاڪٽر ڊيلس سان گڏ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ وقت انور به شامل هو. هن سڄي عمر جبلن ،تاريخي آثارن ، ٿر جي ماڳ مڪانن ۽ درياهه جي وهڪرن تي کوج ڪئي.۽ انهن ماڻهن سان ساٿ ڏنو جيڪي ان ڪاريه ۾ هن سان گڏ رهيا. بدرابڙو، ڪليم لاشاري. ايم ايچ پنهور ۽ حاڪم علي شاهه بخاري هن جا اتساهه ڏيندڙ يار رهيا.
انور کي روزگار جي حاصلات ۽ پير کوڙڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي. پرائمري ماستر کان سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرار ٿيڻ ۽ اتان ايئر فورس۾ پائلٽ ٿيڻ بعد جو چوٽيءَ تان ڌڪو کاڌائين ته سڌو وڃي جيل وسايائين.
اهو معجزو چئجي جو اتان صحيح سلامت ٻاهر نڪتو ۽ پوءِ هن جي پهرين اسائمينٽ “روزني هلال پاڪستان” (جيڪا پيپلز پارٽيءَ پارن سراج ميمڻ ايڊيٽر جي حيٿيت ۾ هلائي رهيو هو) ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر جي ٿي.
اُتان ٽٽو ته ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل “رشين ايمبسي” جي پاران نڪرندڙ هڪ رسالي جو ايڊيٽر بڻيو. تڏهن اسان جا ڪي اديب ته ڇتا ٿي سندس پوئتان پئجي ويا ۽ ڪن ته هن جي باري ۾ مونکي الائي ڇا ڇا لکيو۽ الزام تراشيون ڪيون پر هو ثابت قدم رهيو۽ دليريءَ سان لکندو ۽ ڌرتيءَ جي مسئلن جي اپٽار ڪندو رهيو.
ضياءُ الحق اقتدار ۾ آيو ته ڪراچيءَ مان “رشين ايمبسي” کي بند ڪيو ويو ۽ هن جي اُها نوڪري ختم ٿي وئي.بعد ۾ لاڙڪاڻي ۾ روزاني “ڊان” جو نمائندو بڻيو ۽ ستت ئي سکر ۾ “ڊان” طرفان نڪرندڙ اخبار “دي اسٽار” جو بيورو چيف ٿيو.
پوءِ ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران جيل ويو جتان ٻاهر نڪري ڪراچيءَ ۾ ڊان جو استاف رپورٽر ۽ بعد ۾ “عوامي آواز” ۽ سنڌ سجاڳ اخبارن جو ايڊيٽر بڻيو ۽ مونکان محمد علي پٺاڻ جي معرفت هفتيوار ڪالم لکايائين.
انور پيرزادي جو انهن اڪيچار ڪارنامن ۾ امريڪا جو سفر ۽ هي هندستان جو سفر به آيو.
هي سفر جيئن مون مٿي چيو ته رڳو پنجن ڏينهن لاءِ هو پر ان ۾ ممبئي جي تاريخ، ممبئيءَ جا سنڌ سان لاڳاپا .ورهاڱو، هاڻوڪي بمبئيءَ جي ترقي، اتان جي سياست، مرهٽن ۽ سنڌين جا تعلقات ۽ وري مهاجرن ۽ سنڌين جي تعلقاتن تي به وڏي روشني پوي ٿي.
انور مون واري کاڻ کي کوٽيندي پاڻ به وڏو کوجي ۽ عالم ٿي ويو. موت هن کي وقت نه ڏنو نه ته مونکي يقين آهي ته ادب ۽ عالمي ڄاڻ جي ميدان ۾ هو اڃا به وڏا ڪارناما سرانجام ڏئي ها.
هن جو هڪ ڪارنامو اهو به آهي ته هن موهن جي دڙي جو چوڌاري ڏهه ڪوهيءَ ۾ نوجوانن ۾ علم جي روشني ڦهلائي نياڻين ۾ تعليم جي سجاڳي آندي انهن لاءِ ڳوٺ ۾ اسڪول کولرايائين.ڳوٺ جو رستو پڪو ٺهرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪيائين ۽ انسان دوستيءَ کي ايترو فروغ ڏنائين جو سندس ڳوٺ جو نالو ئي “لٽل ماسڪو” پئجي ويو.سنڌ ۾ ورلي ڪو اهڙو اديب هوندو جنهن انور مان نه پرايو هوندو.
ايڏو اورچ محنتي ۽ کاهوڙي انور پيرزادو هن پنجن ڏينهن جي بمبئيءَ جي سفرنامي مان به ظاهر آهي. هن بمبئيءَ جي سُٽ کي سلجهائڻ لاءِ تاريخ جاگرافي ۽ سياست سڀني تي بيباڪ نموني پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.
مون هيل تائين جيڪي سفر ناما پڙهيا آهن.انهن جي ڀيٽ ۾ جيتري ڄاڻ انور جي سفرنامي مان حاصل ٿي آهي اوتري شايد کي ڪن ٻين سفرنامن مان حاصل ٿي هجي.
مان مڃان ٿو ته انور پيرزادي نه صرف مون کان سکيو پر هن به مونکي گهڻو ڪجهه سيکاريو جنهن تي مونکي فخر آهي.
سوڀو گيانچنداڻي
لاڙڪاڻو
2007_06_02