سفرناما

ممبئي ياترا

هي ڪتاب ممبئي ياترا سنڌ جي عاشق انور پيرزادي جو بمبئي بابت سفرنامو آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ عام رواجي سفرنامو ناهي. هيءُ سفرنامي سان گڏ هڪ تاريخي ڳٽڪو به بڻجي ويو آهي. جيڪو هند ۽ سنڌ جي قديم توڙي جديد تاريخ کي قلمبند ڪري ٿو. انڪري هن سفرنامي کي پاڪستان جي حڪومت، هند ۽ پاڪ جي بهتر لاڳاپن لاءِ هن ڪتاب کي گائيڊ لائين جي به حيثيت ڏئي سگهي ٿي.

Title Cover of book Mumbai Yaatra

پاڙي ناهه پروڙ، ته ڪا رات رنجائي گذري ...

يعني پاڙي وارن کي اها خبر ئي ڪانهي ته ٻئي پاڙيسريءَ جي رات رنج، غم، الم، ڏک يا درد ۾ گذري آهي.
سسئي پنهون واري عشقيه داستان جي پنجن سرن مان سر حسينيءَ جو هي بيت ڀٽائي هنئين سڄو ڪري چيو آهي.

پاڙي ناهه پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري
ٻانڀڻ عشق ٻروچ جي گهائي وڌي گهور
هڪ سسئي ٻيو سور، ويا پٽيندي پاڻ ۾

ڀٽائي هي بيت چوندي جڏهن “پاڙي” جو ذڪر ڪيو هو ته هن جي مراد “ڪيچ مڪران، پنهون، ڏير، ٻروچ، آريچا” وغيره هئا يا هن جي معشوق واري ڌر هئي جنهن کي اها ڄاڻ ئي ڪانه هئي ته سندس عاشق جي رات ڪيئن ٿي گذري.
پر مان جڏهن موجوده دور ۾ ڀٽائي جي انهيءَ بيت ۾ استعمال ٿيل لفظ “پاڙو” لکان ٿو ته منهنجو مقصد “هندستان ۽ پاڪستان” آهي ٻنهي ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن کي سرحد پار جي تمام گهٽ ڄاڻ آهي ۽ اها اڻ ڄاڻائي ئي آهي جنهن ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي کان اڃان به گهڻو پري ڪري ڇڏيو آهي. انڪري جيڪي ماڻهو فرد يا ادارا ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ گهرن ٿا. انهن جو پهريون مطالبو اهو آهي ته سرحد پار معلومات جي اچ وڃ، علم، ڄاڻ، اخبارون، ڪتاب، رسالا، ليکڪ ، صحافي ۽ عام ماڻهن جي اچ وڃ کوليو ته جيئن 58 سالن جي دُوري آهستي آهستي ختم ٿئي.
دنيا ۾ پري پري رهندڙ ماڻهو ڀلي اسان جا مسئلا سمجهي نه سگهن پر اسان کي خبر آهي ته سنڌ ۾ مالوند ماڻهو جتي مينهن پوندا آهن اتي مال ڪاهي ويندا آهن ٿر وسي پيو ته ڪاڇي ۽ جبل جا ماڻهو مال ڪاهي ٿر هليا ويندا. ڪاڇو وسيو ته جبل جا ماڻهو هيٺ لهي ايندا. جبل وٺو ته ڪاڇي جا ماڻهو مٿي چڙهي ويندا پر جي ڪٿي به وسڪارو نه ٿيو ته جتان ڪٿان جا ماڻهو ڪچي هليا ايندا ڇو ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌو درياهه جي ڪنارن تي ته ساوڪ هوندي ئي هوندي.
هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ۽ وسارڻ نه گهرجي ته سنڌي سماج مجموعي طور تي زرعي کان وڌيڪ مالوند آهي جنهن کي انگريزي ۾Livestock oriented society چوندا آهن. ٿر هجي، جبل هجي ڪاڇو هجي يا ڪچو هجي يا انڊس ڊيلٽا هجي. عام ماڻهن جي دولت چوپايو مال هوندو آهي. سنڌي ماڻهو زراعت ان ڪري ڪندا آهن ته مال پالي سگهن. هنن جي هر گهرج چوپائي مال وڪڻڻ سان پوري ٿيندي آهي. ٻار جي ڇٺيءَ کان وٺي شادي تائين حياتيءَ کان مماتيءَ تائين ۽ قرضن لاهڻ کان حج ڪرڻ تائين اوکيءَ مهل غريب سنڌيءَ کي چوپايو مال يا ڍور ڪم ايندو. جيڪو وڪڻي ضرورت پوري ڪندو فصل ته لهندو ٽئين يا ڇهين مهيني.
سو اها ڳالهه ان ڪري نڪتي ته هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ سرحدون بند ٿيڻ سبب ڪيترائي مسئلا پئدا ٿي پيا. مثال ٿر ۾ ڏڪار آ پر راجستان ۾ وسڪارا ٿيا آهن يا صورتحال ان جي ابتڙ آهي ته راجستان ۾ ڏڪار آ ۽ ٿر وٺو آ اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن سرحد کليل هجي ته ڏڪار ڪٿي به محسوس نه ٿئي. ٿر وارا راجستان هليا وڃن ۽ راجستان وارا ٿر هليا اچن.
ان ڪري دنيا جي سڀني ملڪن وچ ۾ موجود سرحدون کُلڻ گهرجن. ملڪن جون سرحدون بند ڪرڻ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي يا ڀڃڪڙي آهي
Close borders should be considered as serious Violation of basic human rights every where in the world
سو سرحدون بند هجڻ ڪري جيئن هندستان جي ماڻهن کي پاڪستان جي خبر ناهي ۽ پاڪستان جي ماڻهن کي هندستان جي خبر ناهي. اهڙي طرح ڪراچي جي ماڻهن کي بمبئي جي خبر ناهي ۽ بمبئي جي ماڻهن کي ڪراچيءَ جي خبر ناهي.
پر ان صورتحال جو الميو اهو آهي ته 1947ع ۾ جيڪي سنڌ جا سنڌي هندو سرحد پار ڪري لڏي هندستان ۾ وڃي رهيا آهن. انهن کي سنڌ ۾رهندڙ نه سنڌي مسلمانن جي چڱي طرح خبر آهي ۽ نه سنڌي هندن بابت مڪمل ڄاڻ آهي.
ان حقيقت جو اندازو تازو بمبئي ۾ دور درشن ٽي ويءَ تي انٽرويو ڏيندي به ٿيو. بمبئي ۾ ٿورڙن سنڌين سان ملاقات دوران به ٿيو ۽ 2001ع ۾ آمريڪا جي گاديءَ واري شهر واشنگٽن ۾ رهندڙ سنڌي هندن سان ملي پڻ ٿيو.
“پاڙي ناهه پروڙ” واري المئي جو ڪارڻ هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ 58 سالن واري دشمني واري فضا به آهي ته دشمن جي خوبين يا خاصيتن جو ته ذڪر نه ڪندو، اهو ته ڪمزورين ،اوڻاين ۽ اوڳڻن جي اپٽار ڪندو. گلا ڪندو نيڪي ته سڄڻ جي ڪبي آهي ڏجڻ جي ته نه ڪبي آهي.
اهوئي سبب آهي جوسنڌي هندو، سنڌي مسلمان کي “ڄٽ” ڪوٺيندو هو. تازو سنڌ جو هڪڙو قابل هندو سنڌي هندستان ويو ته هن کان پڇا ڪيائون ته “سنڌ جا ڄٽ ڪيئن آهن؟” هن جواب ڏنو ته “هاڻِ اهي ڄٽ نه پر ماهر ٿي ويا آهن ۽ اوهان سنڌ بابت ڄاڻ جي حوالي سان ڄٽ ٿي ويا آهيو!!”
اهڙي طرح سنڌي مسلمانن ۾ پڻ سنڌي هندن لاءِ تعصب جي تاريخ موجود آهي. مثال هڪ چوڻي آهي ته “ڍءُ جهلي هڪ مينهن ٻيو واڻيو” اهو محاورو سنڌي مسلمانن ۾ مشهور آهي، جڏهن ته سنڌي هندن ۾ اها ساڳي چوڻي هن ريت آهي “ڍءُ جهلي هڪ مينهن ۽ ٻيو گاگڙو ڇڄُ” اها چوڻي مونکي لاڙڪاڻي جي دوست محمد علي پٺاڻ لاڙڪاڻي جي هڪ اهڙي هندو سنڌي عورت جي حوالي سان ٻڌائي جيڪا ڀٽائي جي رسالي جي حافظياڻي آهي.
سو سنڌي لوڪ ادب ۾ اهڙيون ڪيتريون چوڻيون، پهاڪا، لطيفا، چرچا، ڀوڳ، ٽيڪا ٽپڻيون ۽ ڪهاوتون آهن جن ۾ هندو مسلم ورهاڱو موجود آهي. هي ورهاڱو رڳو سياسي ڪونه هو پر لساني، تاريخي، جاگرافيائي ۽ نفسياتي وغيره به هو، پر جيڪو ڪجهه هيو ان جي پويان اقتصادي ۽ سياسي مفاد پڻ هئا ورنه انسانيت جي ڳالهه ڪبي ته جهڙو سئو تهڙيون پنج ويهون.
سنڌي مڙوئي سنڌي آهن پوءِ اهي مسلمان هجن يا هندو ڪراچي ۾ رهندا هجن يا بمبئي يا دهلي ۾ اهي درويش ۽ سنت به آهن ته ڌاڙيل ۽ دهشتگرد به آهن. سڄڻ به آهن ته ڏڄڻ به آهن. باقي هونئن پنج آڱريون برابر نه ٿينديون آهن سو دور درشن ٽي وي تي انٽرويو دوران مون کان اهو به سوال پڇيو ويو ته 1947ع ۾ عالم ۽ ودوان سنڌي هندن جي لڏپلاڻ کانپوءِ سنڌي ادب ۽ ٻولي تاريخ ۾ جيڪو خال ٿيو هو سو اڃا ڀريو آهي نه؟
مون کي جواب ڏيڻ کان اڳ ڏاڍي کل آئي ۽ پوءِ مون محسوس ڪيو ته واقعي سرحدن بند ٿيڻ سبب معلومات ٻنهي پاسن ڏانهن اچڻ توڙي وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ مون کي ياد آيو ته سفما جي سيڪريٽري جنرل امتياز عالم بمبئي جي هڪ ڪانفرنس ۾ تقرير ڪندي صحيح چيو هو ته سفما جو نيوز ليٽر پاڪستان کان هندستان موڪلڻ تي مونکي پنج سو رپيا خرچ ڪرڻا پيا آهن. سو جي اها حالت آهي ته پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڇوٽيون ڪيئن دور ٿينديون؟
بهرحال مون دور درشن جي ڪمپيئر رام جواهراڻي کي چيو ته ڪاڪي ڀيرو مل ۽ مرزا قليچ بيگ وقت گڏيل هندستان هيو ان کانپوءِ جڏهن ورهاڱو ٿيو ته برابر اسان وٽ خال پيدا ٿيو پر پوءِ جڏهن شيخ اياز پيدا ٿيو، شمشير الحيدري، تنوير عباسي، امداد حسيني ۽ نياز همايوني پيدا ٿيا ته شاعري وارو خال ڀرجي ويو. ڪهاڻي واري خال ڀرڻ لاءِ جمال ابڙو، علي بابا، ماڻڪ، رسول بخش پليجو، شوڪت شورو، امرجليل، نورالهديٰ شاهه ۽ ويندي رسول ميمڻ تائين ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا. تحقيق ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ايم ايچ پنهور، عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر الانا، سنديلوصاحب، محمد سومار شيخ ۽ بدر ابڙي وغيره جهڙا ماڻهو پيدا ٿيا. اهڙي طرح ورهاڱي جو خال ڀرڻ کانپوءِ سنڌ جيڪا اڳتي وڌي آهي ان جو اهڃاڻ سنڌي پريس آهي. هند ۾ ته ايڏيون وڏيون سنڌي اخبارون آهن ۽ ايڏا وڏا ٽي وي چينل آهن ان جوسبب اهو آهي ته سنڌ جيڪڏهن قبو آهي ته اسان ان جا مجاور آهيون. هندستان ۾ جملي لڏ پلاڻ ڪري 12 لک سنڌي هندو آيا هئا انهن مان هينئر 2 لک کن زنده آهن جڏهن ته ڇڙوڇڙ ٿي رهندڙ سنڌي هندن جي سڄي هندستان ۾ جملي آبادي ڪن ماڻهن مطابق 35 لک ڪن مطابق 40 لک ۽ ڪي وڌائي ان کي 80 لک به چون ٿا، پر الهاس نگر جي سرڪاري انگن اکرن مطابق جملي آبادي 8 لک آهي پوءِ خبر ناهي ته انهن مان غير سنڌي ڪيترا آهن.
۽ سنڌ ۾ سنڌين جي آدم شماري گهٽ ۾ گهٽ اڍائي يا ٽي ڪروڙ آهي سو فرق صاف ظاهر آهي.