پاڪ_ هند، امن جي ڪُنجي
سو وڏن شهرن ۽ وڏن جيلن ۾ ائين ٿيندو آهي. بمبئي به وڏو شهر آهي. ان ۾ رهائش لاءِ چورس فٽ زمين جي قيمت چاليهه هزار رپيا آهي ۽ ننڍو فليٽ 5 يا 6 ڪروڙ هندستاني رپين ۾ ملي ٿو. هندستاني رپيو پاڪستاني رپئي کان ڪجهه مهانگو آهي. پاڪستاني رپيا ساٺيڪو کن جيڪڏهن هڪ ڊالر ۾ آهن ته هندستاني رپيا 48 هڪ ڊالر برابر آهن.
اهو ئي سبب آهي جو بمبئي شهر ۾ 65 لک ماڻهو رستن تي سمهندا آهن ڇاڪاڻ ته ايڏي وڏي شهر ۾ ڇت هيٺيان سمهڻ مهانگو آهي.
۽ پوءِ مان سج اڀرڻ مهل فائيو اسٽار هوٽل تاج پريزيڊنٽ جي لگزري اپارٽمينٽ جهڙي ڪمري مان اٿي “ارلي مارننگ واڪ” ڪرڻ لاءِ جيئن ئي هيٺ لهندو هوس ته اهي سُڪل، سيپڪ ۽ سانورا مرهٽا وڏن ماڻهن جي موٽر ڪارين کي ڌوئيندي ۽ شيشي جي گلاس ۾ چانهه پيئندي نظر ايندا هئا.
هوٽل سان لڳو لڳ هڪ باغ هوندو هو جنهن ۾ صبح جو واڪ ڪرڻ ۽ ورزش ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي مرد ۽ عورتون ٻارن سميت موجود هوندا هئا. واڪ لاءِ خاص رستا ٺهيل هئا ۽ مختلف ورزشن ڪرڻ جا اوزار به موجود هوندا هئا. پر اهي ڏينهن جيڪي مون بمبئي ۾ گذاريا انهن دوران صبح سوير به فضا ۾ اهڙي ته ٻُٽ هوندي هئي ۽ انگريزي وڻن جي بانس ڄڻ ته ساهه منجهائي ڇڏيندي هئي جنهنکي ڏسي وطن جي تانگهه ٿيڻ سان گڏ اهو به احساس ٿيندو هو ته “صبح جو واڪ ڪرڻ جو مزو جيڪو ڪراچي شهر جي گلشن حديد واري علائقي ۾ آهي سو شايد دنيا جي ڪنهن به وڏي شهر ۾ ناهي!!!!”.
بمبئي ۽ ڪراچي وچ ۾ هڪجهڙايون گندگي، غربت ۽ ڪچين آبادين جي شعبي ۾ آهن. پر ائين به ناهي ته ٻنهي شهرن ۾ جتي ڪٿي اوهان کي گندگي غربت ۽ ڪچي آبادي ملندي. بلڪل ائين جيئن ڪراچي جو ڪلفٽن ۽ ڊفينس وارو علائقو آمريڪا لڳو پيو آهي ۽ باقي شهر آفريقا آهي (سواءِ سائوٿ آفريقا جي جنهن لاءِ منور لغاري پئي ٻڌايو ته جنت جهڙو ملڪ ٺاهي رکيو اٿن) ساڳي طرح بمبئي ۾ مالابارهِل ۽ مئرين ڊرائيو جي اوسي پاسي وارا علائقا ڇڏي “مني رور” جي ڪناري تي وڃبو ته اوهان کي لياري ندي جي ڪناري تي باڪسن جي سائيز جون جھوپڙيون نظر اينديون جن جا ڪاڪوس نديءَ واري پاسي ٻاهر نڪتل هوندا ته جيئن غلاظت سنئون سڌو وڃي نديءَ ۾ ڪري.
ڊاڪٽر چندرشيڪر جيڪو بمبئي ميٽرو پوليٽين جو ڪمشنر آهي تنهن جڏهن هندستان جي هن شهر جي ترقي بابت پاڪستاني وفد کي Presentation ڏني ۽ چيائين ته اسان ممبئي کي “ورلڊ ڪلاس سٽي” ٺاهڻ جي پلاننگ ڪئي آهي ۽ اسان جو مقابلو ٽوڪيو، نيويارڪ، سنگاپور ۽ ماسڪو سان آهي ته مون اٿي هن کان سوال ڪيو ته “جنهن کي اوهان مِني ندي ٿا ڪوٺيو ان جا ڪنارا ياد ڪري مون کي هاڻي به اٻڙڪا ٿا اچن سو اهڙي ماحول ۾ اوهان بمبئي کي ورلڊ ڪلاس سٽي ڪيئن ٺاهي سگهندو؟” ته هن وارڻيو ته “سر! اوهان ٻئي دفعي هن شهر ۾ گهمڻ لاءِ ايندءُ ته ان علائقي ۾ رنگ برنگي گلن کانسواءِ اوهانکي ٻي ڪاشيءِ نظر نه ايندي.”
مون “لٻاڙي ڪلچر” کي ذهن ۾ رکي سوچي ڏٺو ڇاڪاڻ ته اسان اترادي سنڌي لٻاڙ هڻڻ جا ماهر هوندا آهيون ۽ اهڙا ڦرڙاتي هوندا آهيون جو ڪنهن لاڙي ماڻهوءَ کي ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ڪچو کائي وڃون. پر مون کي سنجيدگي سان نظر آيو ته ڊاڪٽر شيڪر ڪوڙ نه پئي ڳالهايو. سڄي شهر جي هر جاءِ کوٽي پئي هئي. هر جاءِ تي ڪم هلي رهيو هو ۽ ائين پئي لڳو ته ممبئي ننڍڙو نيو يارڪ اڏجي رهيو آهي. اسان هنن کان پڇيو ته هي پئسا ڪٿان ٿا اچن ته هن وراڻيو ته اهي دنيا جي ملٽائي نيشنل ڪارپوريشن جا پئسا آهن يعني بين الاقوامي خانگي ڪمپنين جي مدد سان هو دنيا جا عظيم شهر ڊاهي رهيا آهن جنهن کانپوءِ اهي پئسا آهستي آهستي قرض واپس ڪري لاهيندا. جيئن ڪا ڪار پارڪنگ ٺاهجي ۽ ڪار بيهارڻ جي في وٺجي ۽ ان مان اهو قرض لاهجي جنهن مان اها جاءِ ٺاهي وئي آهي بهرحال بمبئي پاڻ به شاهوڪار ملڪ آهي ايتري تائين جو سڄي هندستان جي آمدني جو 55 سيڪڙو هن بحري بندر تان اچي ٿو.
اسان جو ڪراچي شهر به ايترو ئي شاهوڪار آهي پر اسان وٽ پئسي خرچ ڪرڻ جا شعبا ٻيا آهن. اسان ڏينهن جو ڦٽاڪا ساڙيندا آهيون، رات جو عياشيون ڪندا آهيون ۽ باقي ڏينهن ٽريفڪ جام هئڻ ڪري وچ روڊ تي بيٺا هوندا آهيون. جيسيتائين آفيسن جو ٽائيم ختم ٿي وڃي. اهڙي طرح اسان جو ڪوبه ڪم نه ٿيندو آهي. حڪومتون “ڪنگ ميڪرز” ٺاهيندا آهن. عوام کي رڍن ۽ ٻڪرين وانگي واڙي ڇڏبو آهي. وسڪارا ٿيا ۽ گاهه ڦٽو ته کائيندا نه ته پنهنجي نصيب کي چون ميان نواز شريف ته هڪڙي دفعي صاف صاف چيو هو ته “گاهه کائينداسين پر ايٽم بم ضرور ٺاهينداسين”.
هڪ طرف پاڪستان جو جنگي هٿيارن بابت مواد موڊ ڪجهه اهڙو آهي ۽ ٻئي طرف هندستان تازو آمريڪا سان ايٽمي ٺاهه ڪري ورتو آهي. ٻنهي ملڪن وٽ اڳيئي ايٽمي بم موجود آهن جنهن ڪري سڄي دنيا کي تشويش آهي ته ڏکڻ ايشيا کي مڪمل بربادي کان بچائڻ لاءِ ان کي نيوڪليئر فري زون Nuclear Free Zone قرار ڏنو وڃي.
اها ٻي ڳالهه آهي ته بمبئي جي مئرين ڊرائيو تي سامونڊي ڪناري سان لڳندڙ پاڻي جي ماٺي آواز ۾ مون کي امن جي آس نظر آئي ۽ ڀٽائي جي سٽ ياد آئي ته:
ڪي جو ڪُن ڪرين،ڀنيءَ ڀُڻ جهُڻ پاڻ ۾
۽ اتي ويٺل جوڙا جنهن شانت واري ماحول ۾ هڪ ٻئي سان پيار ونڊي رهيا هئا تن کي بم ته ڇا پر ڦٽاڪي جو آواز به نه ڀائيندو.
ساڳئي صورتحال پاڪستان جي آهي. هتي به ماڻهو امن چاهين ٿا جنگ نه ٿا گهرن ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي. سنڌ ڀٽائي جي ڌرتي آهي جنهن چيو هو:
رُس مَ رسڻ گهوريو،رات مَ رَندِ
سڄڻ لئه چنڊ، اَور ته ٺرن اکيون
ڀٽائي سنڌ ۾ امن ۽ سڪون جو اهڙو ماحول چاهي ٿو جهڙو رات جي پوئين پهر چنڊ لهڻ واري سمي محسوس ٿيندو آهي. اهڙو سمو جنهن ۾ “اور ته ٺرن اکيون” جهڙا هلڪڙا ۽ ٿڌا آواز آهن. ترش آوازن جا لفظ به استعمال ٿيل ناهن.
هوڏانهن پاڪستان مان 30 ڄڻن جي وفد بمبئي ۾ وڃي جيڪي تقريرون ڪيون انهن ۾ ٻنهي ملڪن ۽ ٻنهي شهرن وچ ۾ امن جا مطالبا دهرايا ويا. صبيح الدين غوثيءَ چيو ته مان بمبئي جي فلاڻي اسپتال ۾ ڄائو هوس. لورن ڊي سوزا “شهري تنظيم” واري چيو ته ڪراچي ممبئي ۽ گوئا ۾ منهنجا رت جا رشتيدار رهن ٿا وفد ۾ شامل ڪيترن واپارين جا بمبئي ۾ گهر ۽ ڪاروبار هئا. ٻيو ته ٺهيو پر قائد اعظم محمد علي جناح جيڪو باباءِ پاڪستان آهي اهو ڀلي ته جھرڪن ۾ ڄائو ۽ ڪراچي جي وزير مينشن ۾ وڏو ٿيو پر هن وڪالت وارو سمورو عرصو ممبئي ۾ گذاريو ۽ وڏي محنت سان وڪالت واري پيشي ۾ نالو ڪڍرايو.
اهڙي طرح جڏهن 35 ڄڻن جو وفد ممبئي مان ڪراچي آيو ته هنن ڏاڍيون جذباتي تقريرون ڪيون. ڪنهن چيو ته منهنجو خواب آهي ته منهنجو پٽ ممبئي کان ڪراچي اچي ته هن کي ويزا جي ضرورت محسوس نه ٿئي. ڪنهن چيو ته ٻنهي شهرن جو عوام هاڻي ٻنهي حڪومتن تي ڪنٽرول ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي آهي ۽ ٻنهي شهرن جي وچ ۾ امن قائم ڪرڻ جو آخري فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو Irreversible آهي يعني جيڪو واپس ٿي نه ٿو سگهي.
اهڙين دل خوش ڪندڙ جذباتي تقريرن کانپوءِ سنڌ جو وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب رحيم ڊائيس تي آيو ۽ جنهن کي اردو ۾ “دوٽوڪ” انداز چئبو آهي. ان ۾ ڳالهائيندي چيائين ته “جيسيتائين ڪشمير مسئلو حل نه ٿيندو تيسيتائين پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ امن قائم ٿيڻ محال آهي.” هن چيو ته “صدر پرويز مشرف هندستان سرڪار کي هڪ کان وڌيڪ حل تجويز ڪيا آهن ته جيئن ڪشمير جو مسئلو حل ڪيو وڃي. هندستان ۽ پاڪستان جي امن لاءِ جاکوڙيندڙ سفما وارن وفدن کي صلاح ڏني ته جيڪڏهن واقعي اوهان امن گهرو ٿا ته خاص ڪري هندستاني وفد ۾ شامل ماڻهو پنهنجي حڪومت تي زوري ڀرين ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿي سگهي. ڊاڪٽر ارباب هڪ مثال ڏيندي ايئن به چيو ته “تازو اسان کوکرو پار ريلوي لائين کولي آهي جنهن تي ڪافي خرچ آيو آهي ۽ هندستان سان اچ وڃ شروع ٿي آهي پر تازو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿورڙي به ڇڪتاڻ ٿي هئي ته محسوس پئي ٿيو ته اهي سڀ پئسا ضايع نه ٿي وڃن ۽ اها ريلوي لنڪ بند نه ٿي وڃي.”
آخر ۾ سنڌ جي وڏي وزير جنهن جا اسلام آباد سان گهاٽا ناتا آهن تنهن البته اها ڳالهه ضرور ڪئي ته “جيڪڏهن عوام جي دٻاءُ هيٺ برلن جي ديوار ڪري سگهي ٿي ته هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ به امن قائم ٿي سگهي ٿو.”
سو هندستاني وفد ڪراچي واري دوري دوران ٿيل ڳالهيون ۽ سنڌ سرڪار جو موقف ٻڌي مونکي محسوس ٿيو ته هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ امن قائم ڪرڻ واري ڪُنجي اڃا تائين هڪ مضبوط ٽجوڙيءَ ۾ بند پيل آهي. ٻنهي ملڪن جي امن کي 58 سالن کان لڳل تالي تي جيڪي مينهن پيا آهن انهن جي ڪري مٿانئس ڪافي ڪَٽُ لڳي چڪي آهي. خبر ناهي جنهن ڏينهن ٽجوڙي مان امن جي ڪنجي نڪرندي ۽ ان سان امن کي لڳل قلف کولڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته قلف الائي کلندو الائي نه!!!!!!!!!!؟؟؟؟؟؟؟؟؟
مونکي ناميدي سان سوچڻ نه گهرجي پرمنهنجي ذهن تي هڪ خيال اهو به اڀري آيوته ايوب خان تاشقند ڊڪليئريشن تي صحيح ڪئي ته هن جي حڪومت خلاف مرحوم ڀٽي تحريڪ هلائي. يحيٰ خان اقتدار ۾ آيو ته ملڪ ٽٽي ويو، بچيل پاڪستان ۾ ڀٽي صاحب جي حڪومت آئي. هن مسز اندرا گانڌي سان ملاقات ڪري 90،000 جنگي قيدي آزاد ڪرايا فتح ڪيل علائقا خالي ڪرايا ۽ بنگله ديش کي تسليم ڪيو ويو ته هن جو تختو اونڌو ڪيوويو ان کانپوءِ افغان جهاد جي اجوري طور شاهدي غائب ڪرڻ لاءِ جنرل ضياءَ جو جهاز ڪيرايو ويو، جنهن کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو حڪومت ۾ اچي راجيو گانڌي سان ملاقات ڪئي ته هن جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ پنجابي وزير اعظم ميان نواز شريف آيو جنهن واجپائي کي بس سميت هندستان مان دعوت ڏئي گهرايو ته سندس اقتدار هليو ويو ۽ هاڻي جڏهن جنرل پرويز مشرف ڪارگل جنگ کانپوءِ هندستان سان صلح صفائي جو اعلان ڪيو ته مٿس هڪ کان وڌيڪ قاتلاڻا حملا ٿيا.