سفرناما

ممبئي ياترا

هي ڪتاب ممبئي ياترا سنڌ جي عاشق انور پيرزادي جو بمبئي بابت سفرنامو آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ عام رواجي سفرنامو ناهي. هيءُ سفرنامي سان گڏ هڪ تاريخي ڳٽڪو به بڻجي ويو آهي. جيڪو هند ۽ سنڌ جي قديم توڙي جديد تاريخ کي قلمبند ڪري ٿو. انڪري هن سفرنامي کي پاڪستان جي حڪومت، هند ۽ پاڪ جي بهتر لاڳاپن لاءِ هن ڪتاب کي گائيڊ لائين جي به حيثيت ڏئي سگهي ٿي.

Title Cover of book Mumbai Yaatra

نفرت جي ديوار

ننڍي کنڊ يا گڏيل هندستان جو ورهاڱو جيڪو 1947ع ۾ ٿيو. ان جو ماحول 711ع کان جڙڻ لڳو هو جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي هئي. ڏکڻ ايشيا ۾ مسلمانن جي آمد اٺين صدي عيسوي جي ابتدا ۾ سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ ئي ٿي. البته سينٽرل ايشيا کان مسلمان صوفي بزرگ قلندر شهباز ۽ هن جا همعصر گهڻو اڳي سنڌ ڏانهن هجرت ڪرڻ لڳا هئا ۽ اسلام انهن پکيڙيو هو، محمد بن قاسم ته رڳو جنگ کٽي هئي.
اسلام جي اثر هيٺ سڀ کان اول بنگالين پنهنجي وطن بنگال جو ورهاڱو 1905_06۾ ڪيو 1911ع ۾ انگريزن انهيءَ ورهاڱي کي (اولهه بنگال ۽ اوڀر بنگال) کي ختم ڪيو. 1931ع ۾ مسلم ليگ جو قيام لنڊن جي هڪ هوٽل ۾عمل ۾ آيو. 1945ع ۾ ٻي مهاڀاري جنگ پوري ٿي جيڪا 1939ع ۾ شروع ٿي هئي. ٻي مهاڀاري جنگ جي پوري ٿيڻ کان ٻه سال پوءِ 1947ع ۾ انگريزن گڏيل هندستان کي ورهائي آزاد پاڪستان ۽ آزاد هندستان نالي ٻه ملڪ ٺاهيا.
اهو ورهاڱو ڇو ٿيو؟ ان بابت مختلف تجزيا آهن:
◙ مهاتما گانڌي جي سول نافرماني واري تحريڪ انگريزن کي ننڍي کنڊ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو.
◙ 1945ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي پوري ٿي ته ان ۾ آمريڪا ۽ برطانيا سوڀ حاصل ڪئي جڏهن ته جرمني جي هٽلر هار کاڌي ۽ خود ڪشي ڪئي. برطانيه جيئن ته ان عالمي جنگ ۾ اولهه پنجاب جا وڏي پئماني تي سپاهي ڀرتي ڪيا هئا سي جڏهن جنگ تان سوڀارا ٿي موٽيا ته هنن مطالبو ڪيو ته جيئن ته اهي مسلمان آهن ۽ هندن سان گڏ رهي نه ٿا سگهن. ان ڪري کين به جدا ملڪ ٺاهي ڏنو وڃي. ان سلسلي ۾ برٽش انڊيا جي فوج ۾ بغاوت به ٿي جنهن کي (1946ع واري بحري فوج جي بغاوت) Naval Mutiny of 1946 سڏيو وڃي ٿو. جنهن جو سربراهه مرحوم علي احمد بروهي ٿيو هو. پوءِ جڏهن اها بغاوت ڪچلي وئي هئي ۽ ان جي باغي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو تڏهن علي احمد بروهيءَ کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي وئي هئي. ڦاسي جي اها سزا انگريزن وڏي دٻاءَ کانپوءِ واپس ورتي هئي. جڏهن مهاتما گانڌي، نهرو ۽ هندستان جي مرڪزي سياستدانن توڙي بين الاقوامي سطح تي مطالبا ڪيا ويا هئا ته علي احمد بروهيءَ جي ڦاسي واري سزا معاف ڪري هن کي آزاد ڪيو وڃي. مرحوم هڪ انٽرويو ۾ مونکي ٻڌايو هو ته “منهنجي پٺيءَ جي کل ڳري وئي هئي ڇاڪاڻ ته اسان کي بحري جهازن جي تهه خانن ۾ سخت قيد جي سزا ڀوڳڻي پئي هئي.”
آخر ڪار بروهي صاحب هيرو ٿي قيد مان آزاد ٿيو هو بس اهي انگريز هئا جن ۾ ڪجهه نه ڪجهه سياسي اخلاق هو پر جي جنرل ضياءَ جي هٿ ۾ هجي ها ته بروهي صاحب ڦاسي کائي وڃي ها. سو پاڪستان ٻي مهاڀاري جنگ تان موٽندڙ پنجابي سپاهين کي تحفي طور ٺاهي ڏنو ويو.
ٽين راءِ اها هئي ته خود هندستان جي قيادت جڏهن حساب لڳائي ڏٺو ته اولهه ۽ اوڀر پنجاب جي فوج جملي هندستان جي فوج جي 50 سيڪڙو کان مٿي آهي ته هنن سوچيو ته اها فلم ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي ۽ هڪ ئي نسل جي فوج ۾ اڪثريت مارشلائي ڪلچر پيدا ڪندي ان ڪري هنن ورهاڱي کي قبول ڪيو. جنهن ڪري اولهه پنجاب جي فوج پاڪستان جي حصي ۾ اچي وئي ۽ اوڀر پنجاب جي فوج جو وقت گذرڻ سان سيڪڙو گهٽائي چون ٿا 11 سيڪڙي تائين پهچايو ويو آهي ڇاڪاڻ ته هندستان جي ٻين قومن جي ماڻهن کي به فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي. اهڙو تجزيو آمريڪا جي هڪ ٿنڪ ٽينڪ ڪيو آهي.
ان کان علاوه اهو به چيو ويندو آهي ته انگريزن “ورهايو ۽ راڄ ڪيو” جي اصول هيٺ گڏيل هندستان تي راڄ ڪري ويندي ويندي ان کي ورهائي ڇڏيو.
پر اها به حقيقت آهي ته گڏيل هندستان ۾ جڏهن رڳو هندو ڌرم هوندو هو ته سڀئي ماڻهو ڄڻ ته هڪ مذهب جا هئا. ڀلي پوءِ ٻڌ ڌرم، جين ڌرم، ذات پات سبب شودر وغيره اندر ۾ ناخوش هئا. دراوڙن ۽ آرين جا تضاد به هئا سو ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته 1947ع واري ورهاڱي جي تاريخ هڪ طويل ڪهاڻي آهي ۽ ان جا ڪردار، ان جا باني سانڊي جيان رنگ مٽائيندا رهيا آهن، جيڪي هيرو هئا بعد ۾ تن کي غدار قرار ڏنو ويو ۽ جيڪي غدار هئا سي بعد ۾ هيرا ٿي ويا.
علي احمد بروهي نيوي بغاوت جو سرواڻ هو ته سوڀو گيانچنداڻي ڪراچي بندر روڊ تي جامع ڪلاٿ مارڪيٽ وٽ لٺيون کاڌيون پر پاڪستان سرڪار وٽ ٻنهي اڳواڻن جي فائلن ۾ ڇا لکيل آهي. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سوڀي کي ته لاهور جي شاهي قلعي ۾ ٽارچر پڻ ڏنو ويو.
سو ڳالهه اصل ۾ اها اهي ته 1947ع وارو ورهاڱو هڪ خوفناڪ عمل هو جنهن ۾ بنگالي ۽ پنجابي اڳرا هئا ان کانپوءِ پٺاڻ جذباتي هئا. بلوچ ته 1947ع ۾ پاڪستان جو حصو ئي ڪونه هئا. سال پوءِ 1948ع ۾ فوجي ايڪشن ذريعي خان آف قلات کي زوريءَ پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو هو.
اهوبه تاريخ جو انوکو عمل آهي ته جيترو بنگالين کي پاڪستان ٺاهڻ جو شوق هو هو سزا به کين ايتري ملي ٻئي نمبر تي سزا سنڌين کي ملي جن 1938ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪيو. جنهن کي بعد ۾ 1940ع وارو لاهور جو ٺهراءُ سڏيو ويو ۽ جنهن ماڻهوءَ اهو ٺهراءُ پاس ڪرايو تنهن هٿڪڙين ۾ وفات ڪئي.
سو اهو ته ٿيو ورهاڱي جو سياسي پهلو پر ورهاڱي جو مذهبي ۽ ثقافتي پهلو به هو. ڪامريڊ سوڀو چوندو آهي ته هندو ۽ مسلمانن ۾ بنيادي 4 فرق آهن.
 هندو لاش کي ساڙين ۽ مسلمان پورين.
 هندو ڳئون ماتا جو گوشت نه کائن ۽ مسلمان کائن
 مسلمان سئوٽ ماسات سان شادي ڪن ۽ هندو انهن کي ڀيڻ تصور ڪن
 هندو ختنو يا طهر نه ڪرائن ۽ مسلمان ڪرائن.
هن سموري بحث ۽ تاريخي حقيقت ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾جيڪا نفرت جي ديوار صدين کان تعمير ڪئي وئي آهي ان جو ڪو جواز هو پر هاڻي ان کي ڊاٺو وڃي. سفما کي پڻ ان ايجنڊا تي خاص زور ڏيڻ جي ضرورت آهي. مونکي بمبئي جي دوري دوران ۽ جڏهن ڪراچيءَ ۾ بمبئي جو 35 ڄڻن جو وفد دوري تي آيو ته ٻنهي ڌرين مان ڪيترن اهڙن ماڻهن جون تقريرون ٻڌي اندر ۾ کل پئي آئي ڇاڪاڻ جو مونکي اندازو هو ته اڄ جيڪي ماڻهو “هندو مسلم ڀائي ڀائي” جا نعرا هڻي رهيا آهن سنڌ ۾ خونريز فساد انهن جي اچڻ کانپوءِ ئي ٿيا هئا.
سو اها به تاريخي حقيقت آهي ته ڀلي سنڌي هندو، سنڌي مسلمانن کي ڄٽ، چوندا هجن ۽ ڀلي ته سنڌي مسلمان سنڌي هندن کي “يهودين” جهڙا لقب ڏيندا هجن پر مغربي دنيا جي جملي مصنفن ان ڳالهه جو چڱي طرح اقرار ڪيو آهي ته هندو مسلم فساد سڄي ننڍي کنڊ ۾گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ ٿيا هئا ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ مذهبي ڪٽرپڻو گهٽ آهي.
مونکي ذاتي طور تي خبر آهي ته منهنجي ڳوٺ ٻلهڙجي (لڳ مهين جو دڙو تعلقو لب درياهه، چانڊڪو پرڳڻو) مان ڪيترائي هاري پنهنجي ڏاند گاڏيءَ تي سون پاتل سنڌي هندو عورتن کي سندن مردن سان گڏ رات وڳڙي حفاظت سان ويجهي ريلوي اسٽيشن تي پهچائي آيا هئا ته جيئن اهي حفاظت سان هندستان هليا وڃن ۽ منهنجي ڳوٺ ۾ ائين به ٿيو هو (جيڪو مون ڳوٺ وارن کان ٻڌو هو) ته ڪيترن سنڌي هندن پاڙي جي سنڌي مسلمانن کي وڏي واڪي ٿي چيو ته “ڀائي اڃا ته اسان ويٺا آهيون. سڀاڻي وينداسين اوهان اڄ ئي اسانجو سامان ڇو ٿا کنيون وڃو!” ٻيلي ڊڄو ان ڏينهن کان جو اسان جهڙو حشر اوهان جو به ٿئي اهو حشر 1988ع ۾ اسان برابر ڪراچيءَ ۾ سنڌين وستين سان ٿيندي ڏٺو.
سو اهي تاريخ جون اهڙيون حقيقتون آهن جن تي پردو ڏيڻ سان نه سج ڍڪجي ويندو ۽ نه ڪوڙ چٽو ٿي نظر ايندو. سائوٿ ايشيا فري ميڊيا ايسوسئيشن (سفما) واري نالي ۾ لفظ “فري ميڊيا ” ۾ جي سنڌي معنيٰ “صحافتي آزادي” “سچي صحافت”، “اخباري حقيقت” ۽ “سارو سچ” آهي.
سو برک هندستاني دانشور ،ليکڪ ۽ صحافي ايم جي اڪبر صحيح لکيو هو ته

“Rivers of blood started flowing when cow was converted into beef”
(جڏهن “ڳئون ماتا”کي(ڪهي کائڻ لاءِ)”وڏي گوشت” ۾ تبديل ڪيو ويو تڏهن ننڍي کنڊ جون نـــــديون رت سان وهڻ لڳـــيون هيون)

بهرحال ان ۾ ڏوهه نه هندن جو هو ۽ نه مسلمانن جو ٻئي مجبور هئا پنهنجي مذهب ۽ روايتن سبب هندن سان ويڌن ته اها هئي ته اهي مُهين جي دڙي واري زماني کان سنڌي هئا بعد ۾ جڏهن انهن مان ڪي ماڻهو مذهب مٽائي ٻڌ ٿيا يا جين ٿيا يا مسلمان ٿيا ته ان حقيقت کي هو تڪڙ ۾ تسليم نه ڪري سگهيا ان صورتحال کي بيني پرساد جي ڪتاب (India's Hindu-Muslim Questions) ۾ تفصيل سان روشني وڌل آهي جنهن کي پڙهي مونکي احساس ٿي رهيو هو ته جيئن هندن هندستان ۾ مسلمانن کي تسليم ڪرڻ ۾ بخل ڏيکاريو ائين جيڪڏهن سنڌين سنڌ ۾ مهاجرن سان ڪيو ته پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ به 1947ع پيدا ٿي سگهي ٿو(خدا نه ڪري!!!!)
ان قسم جو هندو_مسلم فرق ڏسي خود گڏيل هندستان جي ڪميونسٽ پارٽي ورهاڱي کي قبول ڪيو هو ان جو اکين ڏٺو شاهد ڪامريڊ سوڀو حال حيات آهي جيڪو چوندو آهي ته “اسان انگريزن کان آزاد هندستان ۾ آزاد پاڪستان جي گهُر ڪئي هئي.”
اها صورتحال باوجود ان جي خاص ڪري سنڌ ۾ برقرار آهي ته هزارين سالن کان هندو ۽ مسلمان سنڌ ۾ گڏجي رهيا آهن. هڪ ٻئي جي ڏڻن ۾ شريڪ ٿيندا رهيا آهن. ايسيتائين جو ڪيترن مندرن جون تقريبون تيسيتائين مڪمل نه ٿينديون آهن جيسيتائين پاڙي وارا مسلمان چڱا مڙس نه ايندا آهن.
سو ڳالهه دراصل اها آهي ته سنڌ ۾ ڌرمي محبت قديم روايت طور موجود هئي. ان کي جديد دور جي سياسي مصلحت پسندي ۽ اقتداري حوس واريءَ موقعي پرستي گدلو ڪري ايترو خراب ڪيو جو ڳالهه وڃي خون خرابي تائين پهتي. بهرحال اهوئي سبب هو جو مان بمبئي جي دوري دوران وفد ۾ شامل ذهين مردن ۽ عورتن کان بار بار اهو سوال پڇندو رهيس ته هاڻي جيڪڏهن اوهان هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ واپار ۽ دوستي چاهيو ٿا ته پوءِ اوهان 1947ع ڇو پيدا ڪيو؟؟؟
۽ مونکي ان حوالي سان جيڪي جواب مليا انهن مان مونکي اندازو ٿيو ته واقعي 58 سالن کان پوءِ اڳي جو ڏتڙيل مسلمان واپاري هاڻي ايترو مضبوط ٿي چڪو آهي جو هو هندستاني سيٺ سان وڻج واپار ڪري سگهي. ٻيو هن جو مفاد ان ۾ به آهي ته هو صرف ٽي وکر برآمد ڪري ٿو ۽ انهن لاءِ هن کي هڪ ارب آدم وارو وسيع مارڪيٽ ملي وڃي ته کيس ٻيو ڇا گهرجي ۽ ٽيون آمريڪا جو به اهو ارادو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي سڀئي ملڪ گڏجي پون ته چين کي دنيا جي نمبر ون طاقت ٿيڻ کان روڪي سگهجي.
سو دنيا جو جيڪو نئون وايو منڊل جڙيو آهي ان ۾ زندهه رهڻ لاءِ جيئن ديوار برلن کي ڊاٺو ويو آهي تيئن هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ نفرت جي ديوار کي ڊهڻو پوندو. برلن واري ديوار ته خير ان ڪري هٽائي وئي جو سوويت يونين ٽٽي ويو جيڪو اڀرندي يورپ کي ڪميونسٽ ڪري هلائيندو هو ۽ آمريڪا الهندي يورپ جي سرمائيدار قوت طور همت افزائي ڪندو هو. اهاٻي ڳالهه آهي ته يورپ جي ٻنهي حصن وچ ۾ ساڳي ڪلچر ۽ يورپي قومپرستي وارو جذبو موجود هو. جنهن ديوار برلن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته گڏيل يورپ جو سڪو جنهن جو نالو “يورو” آهي هاڻي آمريڪا جي ڊالر کان به مهانگو ٿي ويو آهي. سو جيڪڏهن هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ نفرت جي ديوار ڀڄي پوي ۽ سموري ڏکڻ ايشيا ملي ڪري هڪ سڪو رائج ڪري ته اهڙو سڪو يورو، ڊالر ۽ يين (چين) جي سڪن جيترو مضبوط ٿي سگهي ٿو.
بهرحال پاڪ _ هند نفرتي ديوار ڊاهڻ لاءِ ڪنهن غير معمولي ڀڃ ڊاهه جي ضرورت به ناهي بس ٿورو “بزنس مائينڊ” ٺاهڻو آهي ڇاڪاڻ ته اهو پڻ هڪ اهم اقتصادي اصول آهي ته جيڪي ملڪ پاڻ ۾ سيڙپ ڪندا آهن ۽ هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ پئسا لڳائيندا آهن سي هڪ ٻئي سان جنگيون نه ڪندا آهن. آمريڪا اڄ ڪلهه چين ۾ ڌڙا ڌڙ سيڙپ ڪري رهيو آهي انڪري اهو چين تي ڪڏهن به حملو ڪرڻ نه ٿو گهري ۽ چين پڻ اعلان ڪيو آهي ته اهو اڄ کانپوءِ هندستان سان ڪابه جنگ نه ڪندو.
سو دنيا امن ڏانهن قدم وڌائي رهي آهي انڪري اسان کي گاهه کائڻ ۽ ايٽم بم واري عياشي کانسواءِ ڪجهه ٻيو به سوچڻ گهرجي.