حسن، سنگيت ۽ سرمستي
ان زماني ۾ مون کي اندازو نه هو ته مرهٽا وصفن ۾ ڪيئن هوندا آهن پر بمبئي شهر ۾ پنج ڏينهن رهڻ سان خبر پئجي وئي ته ڪيتري ويهين سئو آهي.
23 مئي 2006ع تي جيئن ئي ڪراچيءَ کان ٻن ڪلاڪن جي اڏام کانپوءِ هوائي جهاز بمبئي ايئر پورٽ تي ساڍي 12 وڳي ڌاري لٿو ۽ اسان ٽيهه ڄڻا گروپ جي صورت ۾ ايئر پورٽ اختيارين جهڙوڪ ڪسٽم، اميگريشن وغيره کان ٿيندا سامان چيڪ ڪرائي ايئر پورٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته ذري گهٽ ٻنپهرن جا 2 ئي لڳا.
ٻاهر نڪرڻ سان پهرين فرصت ۾ مون ڪراچي واري گهر فون ڪرڻ چاهي ته جيئن معلوم ڪري سگهان ته منهنجي نُنهن جيڪا ننڍڙي ڌيءَ سان گڏ ڪالهه شام يورپ جي ملڪ آسٽريا جي گادي واري شهر ويانا رواني ٿي هئي سا اُتي خيريت سان پهتي يا نه؟ هو اتي پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ لاءِ رواني ٿي هئي. جنهن کي اسان سڀئي گذريل ڏينهن ڪراچي ايئر پورٽ تي ڇڏي آيا هئاسون. اتي هن جو مڙس يعني منهنجو ٽيون نمبر پٽ زيد احمد پيرزادو مائڪرو بائلاجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. هن جو اتي پهچڻ جو وقت 10 وڳي صبح هو، انهيءَ وقت منهنجو جهاز بمبئي لاءِ ڪراچي کان روانو ٿيڻو هو جنهن ڪري موبائيل فون بند رکڻي هئي. گهر وارن کي ته 10 وڳي اها خبر پئجي وئي هئي پر مونکي اها خبر بمبئي پهچڻ کانپوءِ ئي پئجي سگهي پئي سو مون ايئر پورٽ جي ٻاهران اتي جو اتي هڪ پي سي او تي فون ڪري دلجاءِ ڪئي ته قطر ايئر لائين ذريعي دوها ۾ ڊراٻو ڪري هوءَ ويانا خير سان پهچي وئي آهي. جتي هن جو مڙس کيس وٺڻ آيو هو.
ان کان اڳ ايئر پورٽ تي لهڻ سان مختلف ڪائونٽرن تي مرهٽا مرد ۽ عورتون نظر آيون جن کي ڏسي مونکي ڀٽائي جو هي بيت ذهن تي تري آيو:
ڪاريون ڪوجهيون ڪُوڙيون مور نه موچاريون
وٺي ويٺيون واٽ تي کِکِيءَ جون کاريون
اُنين جون آريون، سَمي ريءَ ڪير سَهي
دراوڙي رنگ ۽ نسل جا مرهٽا ماڻهو جنگ وڙهڻ ۾ ڏاڍا بهادر (ڇاڪاڻ ته هنن جي شيواجي اورنگزيب کي شڪست ڏني هئي) ڪم ڪار جا محنتي، ايتري تائين جو سموري هندستان جي معاشي ترقي ۾ سندن وڏي ۾ وڏو حصو آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته ڪمپيوٽر جي جهان ۾ انهن ڪارڙن ڪوجهڙن ماڻهن ڏاڍي ترقي ڪئي آهي. سندن عورتون مردن کان وڌيڪ ذهين ۽ محنتي پيون لڳن ۽ پنهنجي مادري ٻولي مرهٽي کان وڌيڪ انگريزي ٻولي ائين پيون ڳالهائن ڄڻ ڄمڻ کان ان سان واهپو هجين.
چيف منسٽر شري ولاس رائو ديش مُکُ نوجوان سانورو سهڻن وصفن وارو سادي ڊريس پهريل هو. بمبئي پهچڻ سان موٽر ڪارون ۽ وڏيون بسون اسان کي تاج هوٽل تي وٺي ويون جتي اسان سڀني کي نرڙ تي سنڌور جو ريٽو تلڪ هڻڻ لاءِ به خوبصورت نوجوان ڇوڪريون هٿن تي ڏياٽيون ٻرندڙ ٿاليون کنيون بيٺيون هيون اسان جي گائيڊ مسز ڊمپل گانڌي اسان کي هوٽل جي ڪمري جون ڄاٻيون حوالي ڪيون اهي ڄاٻيون لوهه جون نه پر ڪمپيوٽر ڪارڊ جي صورت ۾ هيون جيڪي هوٽل جي ڪمري واري در جي هڪ سوراخ ۾ وجهڻ سان در کلي پيو وڃي. مون اهو سسٽم پهريون دفعو آمريڪا جي شهر شڪاگو جي فاءِ اسٽار هوٽل شيرٽن ۾ ڏٺو هو. تاج محل جنهن جو سڄو نالو تاج پريزيڊنٽ هو سو به فاءِ اسٽار هوٽل هو ۽ دنيا جي وڏن هوٽلن مان هڪ هو. هن هوٽل جو ذڪر ڪيترن ڪتابن، ناولن ۽ سفرنامن ۾ ملي ٿو. سنڌ جو سيد ميران محمد شاهه جيڪو ڀٽ شاهه تي ڀٽائي جي ميلي لڳائڻ ۽ ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر جو بني آهي ان جو چوڻ آهي ته، نه مون کي ڪڏهن بمبئي جي “تاج محل” هوٽل، لنڊن جي “وارچيسٽر هوٽل”، پئرس جي “جارج سنئڪ هوٽل” يا جرمني جي “فرئنڪفرٽ هوف ڪلب” يا مئڊرڊ جي “ڪيفي روزا” جي ماحول ۾ سيني جو سرور ۽ دلي سڪون حاصل ٿيو، جو دائود موچيءَ جي دڪان قاسم کٽيءَ جي ايوان يا برهان لوهار جي دُود مان ويلن جي ويلا ويهي، جهونجهارن جون جنگيون ۽ جلهون، سگهڙن جون ڪويتيون ۽ ڪهاڻيون، شاعرن جون في البعيد وايون ۽ وراڻيون ۽ ٻڍي ڳنڀير جون ڳجهارتون ۽ ڳالهيون ٻڌي حاصل ٿين (ڏسو ص 111 ۽ 112 ڪتاب”ڀٽائي جو ثقافتي ورثو”ليکڪ منظور احمد قناصرو)
30 ڄڻن واري وفد جي هر ماڻهوءَ کي الڳ ڪمرو هو منهنجو ڪمرو نمبر 320 هو يعني ٽين ماڙ تي جڏهن ته 15 هين ماڙ تي به ڪمرا هئا.هوٽل کي سئمنگ پول، ريسٽوران، ڪمري ۾ ننڍڙي بار، پيئڻ ۽ کائڻ لاءِ مختلف شيون ۽ سڪون باٿ روم ۾ لوشن، شيمپو، ڪريمون، وهنجي پائڻ لاءِ گائون، بيڊروم سلپرس، ٽيليفون ۽ ٻيون سهولتون هيون.
هوٽل ۾ ڊراٻو ڪري جلدي “جي واءِ ڀون” نالي جاءِ تي وٺي ويا جتي رياست جي وڏي وزير اسان جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي مسٽر ڪمار ڪيٽڪر ايڊيٽر “لوڪ سته” مسٽر ڪي ڪي ڪٽيال پريزيڊنٽ سفما، مسٽر ونود شرما (ايڊيٽر هندستان ٽائمز) ۽ جنرل سيڪريٽري سفما، امتياز عالم سيڪريٽري جنرل سفما، مسٽر چيني ۽ نين پٽيل تقريرون ڪيون. رات جو چيف منسٽر جي ڊنر هئي ڊنر کان اڳ نوشاد جي ياد ۾ سنگيت جو پروگرام هو جنهن ۾ بمبئي مان هڪ ميوزڪ گروپ گهرايو ويو هو اصل ڳائڻي هڪ جنت جي حور جهڙي Teenage ڇوڪري هئي جنهن جوهار سينگار، حسن، ناز وانداز، آواز ۽ هندي، مرهٽي ۽ انگريزي ٽنهي ٻولين تي دسترس ڏسي ۽ هن باڊي لئنگويج پڙهي سمجهه ۾ اچي پيو ته هندستان ۾ موسيقي واري اداري کي ڪيڏي جماليات سان سينگاري ترقي ڏني وئي آهي.
ان موقعي کي شرف بخشڻ لاءِ دليپ ڪمار ۽ سائره بانو به محفل ۾ موجود هئا جن جو بار بار ذڪر ٿي رهيو هو. دليپ ڪمار ننڍي کنڊ جو Legendary اداڪار آهي ۽ سائره بانو سندس اڃان تائين ساٿياڻي آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته لتا کان وٺي بيشمار خوبصورت ۽ نامور عورتون دليپ کي دل ڏيڻ گهرن پيون پر هن پنهنجي دل سائره بانو جي پرس ۾ رکي ڇڏي هئي ان جو فائدو کيس هن عمر ۾ ملي رهيو هو. مون ڏٺو ته سائره بانو، دليپ کي هٿ کان وٺي ڊنر ۾ گهمائي رهي هئي خبر ناهي هن جي نظر خراب هئي يا دل جي تڪليف ڪري هلڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري رهيو هو. بمبئي جي نوجوان ۽ حسين ڳائڻيءَ پنهنجي ڏات جو جادو جرڪائي بس ڪئي ته پاڪستاني وفد ۾ شامل ٽينا ثاني ءَ سڄيءَ ماحول جا ٽائر اٿاري ڇڏيا. جڏهن هن مائي ڀاڳي جو لوڪ گيت “کڙي نيم ڪي نيچي.......” سنڌي ڀيروي ۾ ڳاتو ۽ لڳي پيو ته هن جو آواز ڳلي مان نه پر اندر جي پاتال مان نڪري رهيو آهي.
ان محفل ۾ مهاراشٽر رياست جي وڏي وزير جو پٽ به نمايان هو جنهن تازو اداڪاري شروع ڪئي آهي ۽ ڏاڍي ڪا ڪاميابي ماڻي اٿائين.
ٻئي ڏينهن هڪ پروگرام ۾ ٽينا ثاني سان منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي ڪنهن هندستاني ميزبان منهنجي مٿي تي سنڌي ٽوپي ڏسي چيو ته اوهان سڀئي سنڌي آهيو؟ ته ٽينا ثاني تڪڙ ۾ جواب ڏنو ته “مان پنجاپڻ آهيان!” ان وقت مون کڻي چپ ڪئي پوءِ پروگرام کانپوءِ چانهه پاڻي وقت وڃي هن جي ڀر ۾ ويٺس ۽ کيس چيم ته پنجابي ۽ سنڌي توڙي سرائيڪي سنڌو تهذيب جي ساڳي ثقافتي پٽيءَ ۾ ويٺل هڪجهڙا ماڻهو آهن ڇا هنن سڀني کي تبت کان وٺي ڪراچي تائين سنڌي چوڻ تاريخي طور غلط آهي ڇا؟ ان تي خيالن جي ڪجهه ڏي وٺ کانپوءِ ۽ خاص ڪري ڀٽائي جي ذڪر نڪرڻ کانپوءِ هن چيو ته پيرزادا مون کي ڀٽائي جو راڳ پنهنجي لئپ ٽاپ مان ٽرانسفر ڪري ڏي ته مان ٻڌان مون کيس تاڪيد ڪيو ته سنڌو ماٿري جو دائمي درد ڳائڻو اٿئي ته ڀٽائي جو راڳ ٻڌ ۽ ڳاءِ هن ڀٽ شاهه تي به هلڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ۽ وڌيڪ ان سلسلي ۾ ڪراچي پهچي رابطا ڪرڻ جي طئي ٿيو.
بمبئي جي پنجن ڏينهن واري دوري دوران هر رات ثقافتي ورونهه جو پروگرام هجي، حسن، سنگيت ۽ ناچ مٿان وري موکي جا چڪايل مَٽَ، سرور، مستي، انسان جو پنهنجي انا، ٻهروپي، وحشي جيوت ۽ جانور واري آپي مان نڪري سرمستي ۾ اچي سچل سرمست ٿي پوڻ، ڳالهيون سلڻ نه جهڙيون ۽ ڪرڻ نه جهڙيون ڪرڻ ۽ مهين جي دڙي واري ڪنگ پريسٽ جي اڌ کليل خماريل اکين سان ڊانسنگ گرل کي ڏسڻ!.........۽ صبح جو نارمل انسان ٿي هوش حواس سان سوچي سمجهي هڪ هڪ دليل هڪ هڪ رپئي جيان جمع ڪري پونجي ٺاهي غربت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٽين دنيا جي ٻن ملڪن جي تقدير تبديل ڪرڻ جا ڏينهن ڏٺي جو جاڳندي خواب ڏسڻ!!!!!!!