ڪراچي ۽ بمبئي وچ ۾ جهاز راني
هندستاني وفد ۾ برک صحافي، وڏا واپاري، اعليٰ سرڪاري عملدار، سياسي اڳواڻ، فلم انڊسٽري سان تعلق رکندڙ ماڻهو، عورتون ۽ مرد شامل هوندا جن کي هندستان جي سفما واري شعبي جا سرگرم اڳواڻ ڪراچي وٺي ايندا.
ڪراچي ۾ هندستاني دوستن کي شهر جون ڪيتريون ئي جايون ماڳ مڪان، واپاري مرڪز پريس ڪلب، موهاٽا پئلس (مهتا محل) سامونڊي ڪنارو ۽ ڪي ايم سي توڙي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري وغيره گهمايا ويندا.
سنڌ جو وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب رحيم آواري هوٽل ۾ شام جو سندن آجيان ڪندو جنهن کانپوءِ ڪراچي ممبئي لاڳاپن جي سياسي واپاري ۽ صحافتي پهلوئن تي صلاح مشورا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.
دوري دوران ڪراچيءَ جو ناظم مسٽر ڪمال مصطفيٰ ۽ بمبئي جو ميٽرو پوليٽن ڪمشنر ڊاڪٽر چندر شيڪر ٻنهي شهرن جي ترقياتي رٿائن جا تفصيل بيان ڪندا ۽ ان جو جائزو وٺندا ته ٻنهي شهرن وچ ۾ ان حوالي سان ڪهڙو تعاون ڪري سگهجي ٿو.
هندستاني وفد کي سنڌ اسيمبلي جو پڻ دورو ڪرايو ويندو جتي ڊپٽي اسپيڪر مس راحيلا ٽوانا سندن مان ۾ ڊنر ڏيندي ان موقعي تي راڳ رنگ جو پروگرام پڻ ٿيندو.
بمبئي جي دوري دوران ٻنهي شهرن جي تعليمي ماهرن پاڻ ۾ هڪ ٺاهه تي صحيحون ڪيون هيون جنهن جو مقصد ٻنهي شهرن جي شاگردن ۽ استادن کي ٻنهي شهرن جا دورا ڪرائڻ ۽ بمبئي توڙي ڪراچي جي تعليمي سهولتن مان ٻنهي شهرن جي شاگردن ۽ استادن کي فائدو رسائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ هو. ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي بمبئي يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي ڪمپيوٽر واري شعبي ۾ تعليم لاءِ ڪا اڳڀرائي حاصل ٿي سگهي.
اهڙي طرح ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته ڪراچي واسين جي ممبئي واري دوري کانپوءِ ممبئي ڪارن جي ڪراچي واري دوري دوران ٻنهي عظيم واپاري شهرن وچ ۾ ڪو واپاري ٺاهه صحيح ڪيو وڃي. اهڙو ٺاهه ٻنهي شهرن جي پريس ڪلبن، ثقافت وارن کاتن، قديم آثارن وارين اٿارٽين، شهري حڪومتن سامونڊي ڪناري جي سنڀاليندڙن، سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ دلچسپي رکندڙن، الهاس نگر ۽ ڪراچي جي سنڌي آبادين، سنڌي پريس جي مالڪن، صوفي شاعرن ۽ بزرگن جي درگاهن جي رکوالن ۽ عام ماڻهن وچ ۾ پڻ صحيحون ڪيون وڃن جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي شهرن جي تجربن ۽ قابليت کي هڪ ٻئي لاءِ استعمال ڪيو وڃي.
پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن بهتر انداز سان طئي ٿي سگهندو جڏهن ٻنهي شهرن وچ ۾ آمدرفت يعني اچ وڃ لاءِ بمبئي جو قائونصل خانو ڪراچي ۾ کلي وڃي. جنهن سان ڪراچي واسي بمبئي لاءِ ويزا ڪراچي مان حاصل ڪري سگهن. اڃان به ائين ٿيڻ گهرجي جيئن سفما تجويز ڪيو آهي ته صحافين، ليکڪن، فنڪارن ۽ واپارين لاءِ ويزا ختم ڪئي وڃي.
ان لاءِ ٻيو اهم ڪم ٻنهي شهرن کي سامونڊي رستي پاڻ ۾ ملائڻ آهي اهو ڪم پڻ هن ئي دوري دوران ٿيڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان ڪنهن حتمي ٺاهه تي صحيح ٿيڻ گهرجي. ان حوالي سان هتي ڪراچيءَ ۾ توڙي بمبئي ۾ اتان جي پريس آڏو مون مشورو ڏنو هو ته ڪراچي بمبئي فيري سروس يعني ٻنهي شهرن کي انڊس ڊيلٽا جي سنڌو درياهه وارين کارين جي تانگهي پاڻيءَ مان ننڍين ٻيڙين ۽ هوڙهن ذريعي پاڻ ۾ ملايو وڃي. جنهن سان ڀاڙو ڪرايو گهٽ ٿيندو، مفاصلو گهٽجي ويندو گهري سمنڊ جي خطرن کان مسافر محفوظ رهندا ۽ وقت به گهٽ لڳندو. ان تجويز جي هندستان ٽائيمس اخبار حمايت ڪئي هئي ۽ ان تي هڪ اسٽوري به ڇاپي هئي. ان حوالي سان به هن ئي دوري دوران ڪو حتمي ٺاهه ٿيڻ گهرجي. ان ۾ ڪهڙين ڌرين کي ملوث ڪري سگهجي ٿو. ان جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي ۽ ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪنهن وڏي سرمائيدار ڪمپنيءَ کي اهڙو ٺيڪو ڏيڻ بدران اهو ڪم مقامي ماهيگيرن جي مدد سان ڪرڻ گهرجي ته جيئن هنن جي روزگار جي دري به کلي پوي. انڊس ڊيلٽا جي مقامي ماهيگيرن جي روز گذران جي چنتا ڪرڻ انڪري به ضروري آهي ڇاڪاڻ ته سنڌو درياهه ۾ پنجاب پاران پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ کانپوءِ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن دوران پاڻيءَ جو ڦڙو به نه آيو آهي جنهن ڪري سنڌو درياهه جي پڇاڙ ۾ ڪچي واري علائقي توڙي ڊيلٽائي علائقي ۾ ايتري تباهي آئي آهي جنهن جو تصور ڪري نه ٿو سگهجي ۽ ان سان گڏ خود سمنڊ جو قدرتي ماحول به خراب ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ سنڌوءَ جو مٺو پاڻي نه پيو آهي. سو ان پس منظر ۾ انڊس ڊيلٽا ذريعي ڪراچي ۽ بمبئي کي ملائڻ واري ٻيڙي سروس کولڻ سان ڪراچي جي پسگردائيءَ ۾ سياحت کي به هٿي ملندي ۽ انڊس ڊيلٽا جي ڪيترن ٻيٽن تي جيڪي عوامي ميلا لڳندا آهن انهن ۾ ان ڪري به جان پئجي ويندي ڇاڪاڻ ته انهن ۾ هندستاني ماهيگيرين جا پڻ هوڙها شريڪ ٿي سگهندا.
اها ٻي ڳالهه آهي ته ان لاءِ پاڪستان ۽ هندستان جي واسطيدار اختيارين کي سِيز ڪريڪ واري سامونڊي سرحد طئي ڪرڻي پوندي ۽ ٻنهي ملڪن جي مئري ٽائيم سيڪيورٽي اٿارٽين کي ضمانت ڏيڻي پوندي ته اهي خانگي ماهيگيرن جي هوڙن ۽ انهن جي اچ وڃ تي روڪ ٽوڪ نه ڪندا.
ڪراچي ۾ پاڪستان نيوي جا آفيسر، سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتو پاڪستان فشر فوڪ فورم ۽ سفما گڏجي سڏجي اهو معامرو طئي ڪري سگهن ٿا جنهن کانپوءِ ڪراچي _ ممبئي فيري سروس تي سيڙپ بمبئي ۽ ڪراچي جي واپارين وسيلي سفما به حاصل ڪري سگهي ٿي.
سو سفما جنهن انگوڇي وڇائڻ لاءِ هي ميلو لڳرايو آهي ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ 10 جون کان 14 جون 2006ع تائين وارا پنج ڏينهن سونهري موقعو آهن جنهن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.