سفرناما

ممبئي ياترا

هي ڪتاب ممبئي ياترا سنڌ جي عاشق انور پيرزادي جو بمبئي بابت سفرنامو آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ عام رواجي سفرنامو ناهي. هيءُ سفرنامي سان گڏ هڪ تاريخي ڳٽڪو به بڻجي ويو آهي. جيڪو هند ۽ سنڌ جي قديم توڙي جديد تاريخ کي قلمبند ڪري ٿو. انڪري هن سفرنامي کي پاڪستان جي حڪومت، هند ۽ پاڪ جي بهتر لاڳاپن لاءِ هن ڪتاب کي گائيڊ لائين جي به حيثيت ڏئي سگهي ٿي.

Title Cover of book Mumbai Yaatra

ڏکڻ ايشيا جو خواب

دنيا جي پنجن کنڊن (ايشيا آفريڪا، يورپ، آمريڪا ۽ آسٽريليا) مان ايشيا کي وري “ڏور اوڀر” (فار ايسٽ) وچ اوڀر (مڊل ايسٽ) وچ ايشيا، وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ورهايو ويو آهي. سائوٿ ايشيا ۾ هندستان، پاڪستان، بنگله ديش، سريلنڪا، نيپال، ڀوٽان ۽ مالديپ شامل آهن. اگسٽ 1983ع ۾ نئين دهلي ۾ انهن ستن رياستن تي ٻڌل هڪ تنظيم “سارڪ” جو بنياد وڌو ويو (SAARC) يعني سائوٿ ايشين ايسوسئيشن فار ريجنل ڪوآپريشن.
دنيا جو اقتدار ڦرندڙ گرندڙ گولو رهيو آهي اها به هڪ جوا آهي. ڳوٽون اڇلايو ڪَڻِي پوي يا ڇڪو ڀينگ ٿي وڃي يا پئون ٻارنهن اقتدار جو اُٺُ ڪڏهن هڪ پاسي ته ڪڏهن ٻئي پاسي جھُڪي ٿو. برٽرنڊ رسل برطانيا جي فلاسافر ۽ ڏاهي Reflections on Reawakening East عنوان سان هڪ مضمون لکيو هو جيڪو انٽر جي شاگردن لاءِ انگريزي جي پيپر ۾ لازمي هوندو هو. اهو مضمون جيئن ته ڏکيو هوندو هو ان ڪري شاگرد ۽ استاد ٻئي ان کي ڇڏي باقي سبق پڙهي امتحان جي تياري ڪندا هئا. پر مان ماستري واري دور ۾ اڳ ۾ ئي اهو مضمون شاگردن کي پڙهائيندو هوس جيڪو شروع ۾ کين ڏکيو لڳندو هو پر پوءِ ان جهڙو دلچسپ مضمون ٻيو کين ڪونه سُجهندو هو. ان ۾ تفصيل سان ڄاڻايل آهي ته دنيا جو اقتدار مختلف دورن ۾ ايشيا، يورپ ۽ آمريڪا واري عالمي ٽڪنڊي جي ٽن ڪنڊن سان ڪيئن ۽ ڪڏهن ٽڪرائيندو رهيو آهي.
بهرحال اها حقيقت آهي ته سڀ کان اول عالمي اقتدار ايشيا ۾ آيو ان عالمي اقتدار واري سلطنت جو نالو انڊس ويلي سولائزيشن (سنڌو تهذيب) هئي ۽ ان جي گادي جو هنڌ مهين جو دڙو هو. هڙپا ۽ ٻيا ڪيترائي شهر انهيءَ ڏهه هزار ورهيه پراڻي تهذيب ۾ موجود هئا ان وقت آمريڪا جو کنڊ اڃا ڪولمبس ڳولي ڪونه لڌو هو ۽ يورپ اونداهو کنڊ ليکيو ويندو هو.
پوءِ چوڻ وارا چون ٿا ته ايشيا جي انهيءَ عظيم تهذيب جو زوال آيو ۽ جنهن طاقت ان تهذيب کي ڪمال ڏنو هو. ان ئي کيس زوال ڏنو يعني سنڌو درياهه جيڪو شِوِ ڀڳوان وانگي تخليق ۽ تباهي، ڄم ۽ موت جو ديوتا آهي Creator, Destroyer and Preserver وري ڪي چون ٿا ته زلزلي جي نتيجي ۾ مهين جو دڙو تباهه ٿيو ته ڪي چون ٿا ته سوين سال لاڳيتو سوڪهڙو ٿيڻ ڪري ماحولياتي خرابي ان جو ڪارڻ هو.
بهرحال پوءِ ڪڏهن ايشيا ته ڪڏهن يورپ ۽ هاڻي آمريڪا جي ڪلهي تي عالمي اقتدار وارو پکي اچي ويٺو آهي.
هن وقت ايشيا جي حالت اها آهي ته عرب ماڻهو زمين تي زور سان بوٽ جي کڙي ٿا هڻن ته تيل نڪري پوي ٿو. عربن جو تيل پيٽرو ڊالر ڪمائي ٿو پر عرب ايڏي اٿاهه ملڪيت مان دنيا جي وڏي طاقت ٿي نه سگهيا آهن. ڇاڪاڻ ته هنن عياشيءَ تي پنهنجا جملي پئسا گهوري ڇڏيا آهن، بلڪل سنڌي وڏيري جيان جيڪو ڪراچي جي ڊفينس ۽ ڪلفٽن جي ڪنهن ايئر ڪنڊيشنڊ بنگلي ۾ نچندڙ حسين عورت تان گهورڻ لاءِ هزار روپين واري دستي جي لوهي پن ڪڍي نوٽن جي ٿهيءَ کي ڇت ۾ تيز ڦرندڙ بجليءَ جي پکي ڏانهن اڇلائي هڻندو آهي....پوءِ سڄي هال ۾ ڪڙڪ نوٽن جي ڪڙڪڙ ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ هڪڙا همراهه اٿندا آهن جيڪي اهي نوٽ ميڙيندا آهن. رات جو انهن ماڻهن کي انگريزي ۾ Pimp چئبو آهي جڏهن ته ڏينهن جو ساڳيا ماڻهو پنهنجن پنهنجن علائقن جا “دادا” هوندا آهن.
سو اهو حال ته ٿيو عربن جو باقي ايشيا ۾ جپان ٽيڪنالوجي واري ميدان ۾ آمريڪا کي به شهه ڏئي ڇڏي آهي ان کانپوءِ چين آهي جنهن اقتصادي ترقي ۾ دنيا جا وڻ وڄائي ڇڏيا آهن. آمريڪا حيران پريشان آهي ته هن جن کي بوتل ۾ ڪيئن بند ڪجي روس جي ٽٽڻ کانپوءِ چين خود بخود سوشلزم کي جھڪو ڪري سرمائيداري کي ٿورو تيز ڪيو آهي ۽ ان جي آبادي ارب کان ٽپي وئي آهي جڏهن ته ٻارن پيدا ڪرڻ جي رفتار ٻڙي ٿي ويئي آهي. انڪري هاڻي چيو وڃي ٿو ته ايندڙ ڏهاڪي دوران چين دنيا جي عظيم اقتصادي طاقت ٿيڻي آهي چين کانپوءِ هندستان آهي جنهن جي آبادي پڻ ارب کان ٽپي وئي آهي ۽ ان جي دعويٰ آهي ته چين جي اقتصادي ترقي جي شرح ڪيتري به وڌيڪ هجي پر هندستان جي معيشيت مارڪيٽ ايڪانومي واري آهي جڏهن ته چين کي عالمي مارڪيٽ ناهي.
سو چين ۽ ڀارت ٻه وڏا طاقتور سانَ آهن جن جي پيرن ۾ ڪيترا ٻوڙا لتاڙجي ويندا جيڪڏهن اهي پاڻ ۾ وڙهڻ جو ڪر فيصلو ڪندا البت اقتصادي ترقي جي لوڀ ۾ ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي سان “وڙهه گِير” بند ڪري ڇڏي آهي. (“گير لفظ جو مصدر گِرڻُ آهي ڪتو گِرندو آهي ڀونڪڻ کان اڳ)
ايشيا جي انهن ٽن ملڪن جهڙوڪ چين انڊيا ۽ جپان کانپوءِ ڏکڻ ايشيا جون ننڍيون رياستون پاڪستان، بنگله ديش، سريلنڪا، نيپال، ڀوٽان ۽ مالديپ پڻ ترقي ڪرڻ گُهرن ٿيون.
انڪري اڄ ڪلهه هڪ سوچ پيدا ٿي آهي ته جيڪڏهن هندستان، ڏکڻ ايشيا جي ٻين ڇهن رياستن سان سهڪار ڪري ته سارڪ ملڪ گڏجي سڏجي شايد ايشيا جي نمبر ون طاقت ٿي سگهن ٿا ۽ چين کان ان ڊوڙ ۾ اڳ ڪڍي سگهن ٿا.
اهڙي عالمي منظر ۾ شايد آمريڪا کي به دلچسپي هوندي ڇاڪاڻ ته روس کان پوءِ سوشلزم جو ڳڙهه چين رهيو آهي. شايد آمريڪا به چاهيندو هوندو ته ايشيا ۾ هندستان وڏي طاقت ٿئي ۽ چين نه ٿئي انڪري هندستان سان ايٽمي سهڪار جو معاهدو به آمريڪا ڪيو آهي.
هوڏانهن وري ڏکڻ ايشيا جون ننڍيون رياستون پنهنجي معيشت لاءِ هندستان جهڙي وڏي ۽ اٿاهه مارڪيٽ کي غنيمت سمجهن ٿيون. پاڪستان سوچي ٿو ته هتان جو انب، زيتون، ڪپهه، فٽ بال يا ڪو اوزار، کجور، ڳاڙها مرچ هڪ ارب عوام واري مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيڻ لاءِ وڃن ته ٻيو ڇا کپي؟
سنڌ جو به ان ۾ فائدو آهي ته جيڪڏهن هندستان وارو بارڊر کلي ٿو ته پنجاب کي مجبوري وچان سستي اگهه تي پنهنجا وکر وڪڻڻ بدران سٺي اگهه تي گجرات، ڪڇ، مهاراشٽر يا اتر پرديش وغيره ۾ وڪرو ڪري سگهجن ٿا. ان سان گڏ ثقافتي مٽا سٽا ادبي اچ وڃ، قديم آثارن جي شعبي ۾ تعاون، هندستان ۾ ڀٽائيءَ جا آثار ۽ سنڌو تهذيب جا اهڃاڻ هٿ ڪرڻ ۾ پڻ هٿي ملندي.
سو اهو ڏکڻ ايشيا جو خواب آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ هي خطو ايشيا جو ٽائيگر ٿي سگهي ٿو شرط اهو آهي ته سول سوسائٽي هندستان ۽ پاڪستان جي حڪومتن تي دٻاءُ وجهي ته اهي جنگ کان پاسو ڪن. ڪشمير جو مسئلو حل ڪن هٿيارن تي پئسو ضايع نه ڪن ۽ ٻنهي ملڪن جي غريب عوام جي حق ۾ ٻه طرفا لاڳاپا وڌائين. مثال ڪراچي ۽ بمبئي کي ڳنڍڻ لاءِ سنڌوءَ جي ڊيلٽائي علائقي مان ننڍين ٻيڙين ذريعي سنڌو درياهه جي کارين جي سمنڊ سان ملندڙ منهن وٽان سفر ڪري سير ڪريڪ اورانگهي بستا کان ٿيندو پور بندر پهچي اڳتي وڌي بمبئي هليو وڃجي. اهڙي طرح ڪراچي کان سڄي پاڪستان ۽ سنڌ جا وکر سنڌ جي جبلن جون شيون، ٿر جو سامان، انب، کارڪون، زيتون، اجرڪ، جتيون ،ڳاڙها مرچ، ڪپهه، جڙي ٻوٽيون، گرينائيٽ، چيني مٽي ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا کڻي بمبئي جي مارڪيٽ ۾ وڪڻي سنڌ کي آسودو بڻائي سگهجي ٿو ۽ ان سان ڊيلٽائي عوام کي روزگار به ملندو ۽ درياهه جي پڇاڙ ۾ سياحت کي به هٿي ملندي.