سفرناما

ممبئي ياترا

هي ڪتاب ممبئي ياترا سنڌ جي عاشق انور پيرزادي جو بمبئي بابت سفرنامو آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ عام رواجي سفرنامو ناهي. هيءُ سفرنامي سان گڏ هڪ تاريخي ڳٽڪو به بڻجي ويو آهي. جيڪو هند ۽ سنڌ جي قديم توڙي جديد تاريخ کي قلمبند ڪري ٿو. انڪري هن سفرنامي کي پاڪستان جي حڪومت، هند ۽ پاڪ جي بهتر لاڳاپن لاءِ هن ڪتاب کي گائيڊ لائين جي به حيثيت ڏئي سگهي ٿي.

Title Cover of book Mumbai Yaatra

ڪراچي ـــــــ مُمبئي معاشقو

ڪنهن زماني ۾ ڪراچي ۽ بمبئي“جاڙا” شهر ڪري ليکيا ويندا هئا. گڏيل هندستان ۾ ورهاڱي کان اڳ توڙي پاڪستان ۽ هندستان وارن جدا جدا ملڪن ۾ ٻنهي شهرن جي اهميت ساڳي هئي ڇاڪاڻ ته اهي بحري بندر پنهنجي مُلڪ لاءِ هئا. بحري بندر انسان جي جسم ۾ دل جيان ٿئي ٿو جتي سڄي جسم جو رت جمع ٿي ورهائجي جسم جي ذري ذري ۾ پکڙجي وڃي ٿو. بحري بندر تي پڻ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اقتصادي ۽ زرعي وکر جمع ٿين جن جو بعد ۾ وڻج واپار ٿئي ٿو. بحري بندر تان مال ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڪري لاءِ وڃي ٿو ۽ ٻاهرين ملڪن کان خريد ڪيل سامان ملڪي استعمال لاءِ اچي ٿو.
ڪراچي جو بندر جنهن جو ماضي ديبل بندر هو سنڌو ماٿريءَ جي جاگرافي ۾ اهم جاءِ والاري ٿو ڇاڪاڻ ته سنڌو ماٿري جو سمنڊ سان رابطو پيدا ڪري ٿو. سمنڊ سان رابطي سبب دنيا سان رابطو قائم ٿي وڃي ٿو. جنهن جا فائدا ۽ نقصان هڪ جهڙا آهن. سڄي دنيا سان وڻج واپار وسيلي ترقي به ڪري سگهجي ٿي. ۽ سموري دنيا جي ملڪن جون جلهون ۽ جارحيتون به ڀوڳڻيون پون ٿيون.
اهو ئي سبب آهي جو اڄ پاڪستان جو سڀ کان اهم صوبو سنڌ آهي ڇاڪاڻ ته ان جون سرحدون سمنڊ سان لڳن ٿيون. پنجاب کي مليل اهميت هٿراڌو آهي. سياسي نوعيت جي آهي ڇاڪاڻ جو اهو حڪمرانن جي رهائش جو علائقو آهي نه ته آمدني جي لحاظ کان وري به ڪراچي شهر ملڪ جي مڙني حصن کان وڌيڪ ناڻو ڪمائي پاڪستان کي ڏئي ٿو جنهن ڪري اين ايف سي ايوارڊ جي آمدني يا آبادي جي بنياد تي ورهاست جو مطالبو ترتيبوار سنڌ ۽ پنجاب ڪندا رهيا آهن.
بمبئي شهر به ڀلي ته هندستان جي مهاراشٽر رياست جي گاديءَ جو هنڌ آهي پر سڄي هندستان جي معيشيت لاءِ ڪرنگهي جو ڪم ڏئي ٿو.
دنيا جي سڀ کان وڏن 20 شهرن مان 15 شهر سامونڊي ڪنارن تي اڏيل آهن. بمبئي ۽ ڪراچي به انهن مان ٻه وڏا شهر آهن. باقي شهرن جا نالا هي آهن ٽوڪيو، ڍاڪا، سائوپالو، دهلي، .مئڪسيڪو سٽي، ڪلڪتو، لاگاس، لاس اينجلس، شنگهائي، ميترومينبلا، بيجنگ ۽ قاهره. آبادي جي لحاظ کان دنيا جي انهن 15 وڏن شهرن مان بمبئي ٻئي نمبر تي ۽ ڪراچي نائين نمبر تي آهي. هونئن بمبئي ايريا جي لحاظ کان ڪراچيءَ کان تمام ننڍڙو شهر آهي ان جي پکيڙ 4355 چورس ڪلوميٽر آهي جڏهن ته ڪراچي جي پکيڙ انکان ٽيڻي آهي ۽ ڪراچيءَ کي سمنڊ واري پاسي کانسواءِ باقي پاسن ڏانهن وڌڻ لاءِ اڻ کٽ زمين آهي ان جي مقابلي ۾ بمبئي کي زمين جي کوٽ آهي. بمبئي بنيادي طور 7 ٻيٽن تي مشتمل هڪ علائقو هو انهن ٻيٽن جانالا (1)ڪولابا (2)فورٽ (3)ڀائيڪَلا (4)پَريل (5)ورلي (6)ماٽونگا (7)مهيم آهن. جڏهن شهر وڌڻ لڳو ته حڪومت هٿراڌو طور مٽي وجهي مختلف ٻيٽن کي هڪ ٻئي سان ملائي شهر ٺاهيو. اهوئي سبب آهي جو بمبئي شهر جي وچ وچ تي سامونڊي ڪنارا ۽ مئرين ڊرائيو آهن جن سان شهر جو حسن ٻيڻو ٿي وڃي ٿو. رات جي وقت شهر جي وچ ۾ سامونڊي ڪناري جو هڪ اڌ گول اهڙو آهي جنهن تي جڏهن بلبن جي قطار ظاهر ٿئي ٿي ته اهو نظارو روشنين جي هار جيان لڳي ٿو ان ڪري ان کيQueen’s Necklace يعني راڻيءَ جو هار سڏين ٿا. ڪراچيءَ ۽ بمبئي ۾ ڪيتريون ئي هڪجهڙايون ۽ ڪيترا فرق آهن. هڪ فرق اهو به آهي ته ڪراچي شهر جو سامونڊي ڪنارو ڏسڻو هجي ته قصد ڪري ڪلفٽن، هاڪس بي يا پيراڊائيز پوائنٽ وغيره وڃڻو پوندو پر بمبئي شهر۾ روز مره جي ڪم ڪار لاءِ جيڪو به ماڻهو گهر کان ٻاهر نڪرندو سو ٻه ٽي دفعا ضرور سامونڊي ڪناري تان گذرندو ڇاڪاڻ ته سامونڊي ڪنارا شهر جي وچ ۾ آهن. هاڻي ته حڪومت سامونڊي پاڻي مٿان 22 ڪلوميٽر ڊگهو رستو ٺاهڻ جي رٿا جوڙي آهي ته جيئن شهر تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿي سگهي. ان سان شهر جو حسن اڃان به وڌي ويندو.
بمبئي شهر کي زمين جيئن ته گهٽ آهي ان ڪري ان جون عمارتون آسمان جو رخ ڪن ٿيون ۽ ٽريفڪ هلائڻ لاءِ انڊر گرائونڊ ميٽرو ريلوي جي رٿا تيار ڪئي وئي آهي. هن وقت شهر ۾ تعميرات جو ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته شهر جو 55 سيڪڙو ڪچيون آباديون آهن. شهر ۾ گهرن ۽ پلاٽن جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اسان کي پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته گهر لاءِ پلاٽ جو چورس فٽ چاليهه هزار رپين ۾ ملي ٿو ۽ هڪ فليٽ جي رقم5 يا 7 ڪروڙ رپين کان گهٽ ناهي ان ڪري ڪيترا ماڻهو پنهنجن ٻارن جون شاديون نه ٿا ڪرائين ڇاڪاڻ ته وٽن جاءِ ڪانهي. مالابار هِلِ جهڙن خوبصورت علائقن ۾ ته هاڻي نه ڪو ماڻهو پنهنجو گهر وڪڻي ٿو ۽ نه ڪو ٻيو ماڻهو نئون گهر خريد ڪري ٿو.
شهر جي اهڙي صورتحال جي روشنيءَ ۾ چچ غريب ماڻهن جي جياپي جو وڏو مسئلو آهي. مثال بمبئي شهر جي عملدارن پاڻ پئي ٻڌايو ته اڌ کان وڌيڪ ماڻهو ڪچين آبادين ۾ رهن ٿا جڏهن ته 65 لک ماڻهو رستن جي وٽ ۾ آسمان هيٺان سمهن ٿا ڇاڪاڻ ته کين گهر گهاٽ ناهي. سو هنن جو چوڻ هو ته 12 لک ننڍا گهر اڏڻ جي هڪ رٿا تيار ڪئي اٿئون جنهن ۾ هوريان هوريان هنن ماڻهن کي منتقل ڪنداسين. بمبئي جي ميٽروپوليٽن ڪمشنر ڊاڪٽر ٽِي چندر شيڪر جو چوڻ هو ته اسان وڌيڪ غير قانوني طور ايندڙ ماڻهن تي ڪنٽرول ڪرڻ کانپوءِ ڪچين آبادين ۾ ويٺل ماڻهن کي آباد ڪرڻ واري پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن جو چوڻ هو ته رهائش انسان جو بنيادي انساني حق آهي جنهن کان هن کي محروم ڪري نه ٿو سگهجي ۽ نه وري هندستان سرڪار ڪنهن غريب ماڻهوءَ جو گهر بلڊوز ڪرڻ جهڙي ڏاڍائي ڪري سگهي ٿي. ان ڪري اسان نوان گهر ٺاهي ماڻهن کي انهن ۾ ويهاري هر ڪٽنب کي ويهه هزار رپيا روڪ به ڏيون ٿا ته جيئن اهي پاڻ کي ۽ گهر کي ٿانئيڪو ڪري سگهن.
بمبئي شهر جا عملدار جيڪي گهڻو تڻو نوجوان ۽ ننڍي عمر جا پئي لڳا تن ۾ وڏي ڄاڻ ۽ سگهارو جذبو پئي نظر آيو. البته سوالن جا جواب معلوم ڪرڻ کانپوءِ اندازو ٿي رهيو هو ته هو ڪن ڳالهين کي وڌائي پيش ڪري رهيا هئا ۽ ڪي ڊاڙون به هنيائون پئي جن تان سوالن جي جوابن دوران ڦري ويا، پر هڪڙي ڳالهه واضح هئي ته هو ترقي جي راهه تي گامزن هئا. شهر ۾ فلاءِ اوور ٺهي رهيا هئا. ڪنهن به مصروف ترين روڊ تي دونهون نظر نه آيو، سڀئي گاڏيون ۽ رڪشائون سي اين جي سان هلي رهيون هيون. شهر ۾ پنج ڏينهن گهمندي ڦرندي اسان ڪو روڊ حادثو نه ڏٺو ۽ نه ان بابت اخبار ۾ ڪا خبر پڙهي. شهر ۾ ڏوهه، ڪرائيم، ڦر جا واقعا ۽ قتل وغيره شايد بلڪل ئي نه هئا. پرڏيهي سياح ۽ خاص ڪري اڪيليون عورتون رات ڏينهن هر جاءِ تي بي خوف نظر پئي آيون. شهر جي وچ سامونڊي ڪنارن تي مقامي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڀاڪر پايون ويٺا نظر آيا پر کين ڪارو ڪاري قتل ڪرڻ وارا ڪونه هئا. شهر جي وچ وچ تي مندر مورتيون، ڳئون ماتا، نرڙ تي سَسنڌور جا ٽِڪا ۽ ڌوتي پاتل عورتون پهريون دفعو نظر آيون. سفما جي هن پروگرام دوران ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڏاڍيون ڪارگر ڪانفرنسون ٿيون. خاص ڪري شهري زندگي ۽ Urbanization تي جيڪا ڪانفرنس ٿي ان ۾ ڪراچي جي نمائندگي نثار ميمڻ (سينيٽر) غازي صلاح الدين (صحافي) لورين ڊي سوزا (شهري اين جي او) بابر اياز ۽ جميل يوسف (سٽيزن پوليس لائزان ڪميٽي) ڪئي. هنن جو خيال هو ته ڪراچي شهر ۾ ترقي وارن ڪمن کي اڳتي وڌائڻ ۽ ترقياتي رٿا بندي جي سلسلي ۾ بمبئي جي تجربي مان سبق حاصل ڪرڻ تمام ضروري ٿيندو. بمبئي شهر ۾ چار ضلعا، ست ڪارپوريشنون، تيرنهن ميونسپل ڪائونسلون، ست شهري مرڪز ۽ 950 ڳوٺ آهن. ستن ڪارپوريشنن مان هڪ الهاس نگر آهي جيڪا سنڌ مان لڏي آيل سنڌين جو ڳڙهه آهي. مون کي الهاس نگر ڏسڻ جوموقعو ملي نه سگهيو پر مون ان شهر بابت ڪجهه معلومات هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مونکي ٻڌايو ويو ته 13 چورس ڪلوميٽرن ۾پکڙيل ان شهر جي آبادي 8 لک آهي. الهاس نگر ۾پڻ غير قانوني آباديون آهن جن کي ريگولرائيز ڪيو پيو وڃي. اسانکي خبر پئي ته هندستان ۾ هڪ ننڍڙي آمريڪا آباد آهي يعني USA جنهن جواصلي نالو الهاس نگر سنڌي ايسوسئيشن آهي. هن شهر ۾ اوهان کي هر انهيءَ شيءِجي نقل سستي اگهه ۾ ملي ويندو جيڪا آمريڪا ۾ ايجاد ٿي چڪي آهي يا ٿيڻي آهي.
دنيا جي هنن ٻن وڏن شهرن مان ڪنهن ۾ ڪا خاص ڳالهه ڀلي هوندي ته ڪا وري ڪا خاص اوڻائي به هوندي پرهڪ خاص ڳالهه جيڪا قدرتي طور بمبئي کي ڪراچيءَ کان بهتر رکي رهي آهي سا آهي برسات. سال ۾سراسري طور بمبئي ۾ ان جو ماپو 3200 ملي لٽر آهي. لورين ڊيسوزا جوچوڻ هو ته بمبئي ۾ جيڪڏهن سال ۾ 200 انچ مينهن وسي ٿو ته ڪراچي ۾ وڌ ۾وڌ 5 انچ برسات پوي ٿي.
بمبئي باغ پئي لڳو قدرتي وڻڪار ۽ ساوڪ گل ۽ ٻوٽا قدرتي طور ماحول کي خوبصورت بڻائي رهيا هئا اسان جيڪي ڏينهن اتي هئاسون انهن دوران ٻه دفعا هلڪي برسات به پئي ۽ ٻڌايو ويو پئي ته هتي چوماسو شروع ٿي چڪو آهي، البته برساتي موسم ۾ مينهن وسڻ کانپوءِ جيڪو سج نڪري آڙنگ ڪندو آهي سا گرمي به اسان بمبئي ۾ چکي. اتان جي هڪ انگريزي اخبار ۾ اهڙي به خبر پڙهي سون ته “اڄ ڪالهه ڪراچي بمبئي کان وڌيڪ ٿڌو شهر آهي.”