سفرناما

ممبئي ياترا

هي ڪتاب ممبئي ياترا سنڌ جي عاشق انور پيرزادي جو بمبئي بابت سفرنامو آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ عام رواجي سفرنامو ناهي. هيءُ سفرنامي سان گڏ هڪ تاريخي ڳٽڪو به بڻجي ويو آهي. جيڪو هند ۽ سنڌ جي قديم توڙي جديد تاريخ کي قلمبند ڪري ٿو. انڪري هن سفرنامي کي پاڪستان جي حڪومت، هند ۽ پاڪ جي بهتر لاڳاپن لاءِ هن ڪتاب کي گائيڊ لائين جي به حيثيت ڏئي سگهي ٿي.

Title Cover of book Mumbai Yaatra

ساڳا ڪُنا ساڳ جا

سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته “هڪ ڏينهن عيد، ٻئي ڏينهن گِيد ٽئين ڏينهن ساڳا ڪُنا ساڳ جا”
هن چوڻي جو اصلي مقصد ته اهو آهي ته غريب ماڻهو پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ جيڪو ڪجهه لسي، ڀت يا دال ماني کائيندو آهي ان ۾ عيد واري ڏينهن اوچتو تبديلي اچي ويندي آهي. عيد تي غريب غربو نوان لٽا پائيندو آهي ۽ لذيذ طعام کائيندو آهي ان لاءِ جيڪڏهن پنهنجا پئسا نه هوندس ته قرض پکو به وٺي زرچ ڪندو ۽ موقعي کي مانُ ڏيندو. اهڙي طرح عيد واري ڏينهن جيڪا عياشي ڪندو ان مان بچت سچت ٻئي ڏينهن به کائيندو ۽ پوءِ ٽئين ڏينهن “ساڳا ڪُنا ساڳ جا” يعني اهو ساڳيو لسي ڀت يا دال ماني وغيره.
هن چوڻي کي ان وقت به استعمال ڪبو آهي جڏهن ماڻهو يڪسانيت واري زندگيءَ مان تبديليءَ ڏانهن وڃي وري ساڳي يڪسانيت واري زندگي ڏانهن موٽي ايندو آهي. سو اسان جڏهن بمبئي جي فاءِ اسٽار هوٽل جا سڻڀا کاڌا ۽ رهائش جون عياشيون ماڻي هندستاني حڪومت جا سرڪاري مهمان (پاڪستان ۾ سياسي محاوري طور سرڪاري مهمان جيل ۾ وڌل قيديءَ کي چئبو آهي) ٿي ڪري بمبئي ۾ پوليس ٿاڻي تي رپورٽ ڪرڻ کان آجا ٿي وي آءِ پي طريقي سان گهمي ڦري 27 مئي 2006ع تي واپس ڪراچي پهتاسين ته وفد ۾ شامل هڪ سنڌيءَ کي اها چوڻي ياد آئي ته “ساڳا ڪُنا ساڳ جا”.
ساڳ سرنهن جو به ٿئي ته چڻن جي پليءَ جو به ساڳ چئجي مٽرن جي پلي، پالڪ ۽ مريئڙو به ساڳ واري ڀاڄين ۾ شامل آهي پر مونکي ذاتي طور مريڙو(مريئڙو) باقي سڀني ساڳن کان وڌيڪ لذيذ لڳندو آهي.
مريڙي جو هڪڙو ذائقو ته مون کان زندگيءَ ڀرنه وسرندو، ٿر جي دوري تي هجون خالد مخدوم، منظور چانڊيو، فيض خاصخيلي ۽ بشير ميمڻ وغيره دوست گڏ هجن پورٽ قاسم ۾ ڊي جي ايم هئڻ ڪري خالد مخدوم پجيرو هٿ ڪيو هجي جنهن ۾ سفر ڪري رهيا هئاسون. اسان ڪارونجهر جبل کي طواف ڪيو هو ۽ وسڪارن کانپوءِ ان جبل مان نڪرندڙ اٺن وڏين ندين ۽ چئن ننڍين ندين جي پاڻي مان پجيرو کي منظور چانڊئي ٻاهر ڪڍي اسان کي جڏهن ڇاڇري تعلقي ۾ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي ڳوٺ جھنجھيءَ م آندو هو ته تڏهن ڄام جي امڙ حال حيات هئي. هن مونکي پنهنجي گهر جي چوئنري ۾آڻائي ڪراچي جي گهروارن ڀاتين جو پڇو هو ۽ خاص ڪري منهنجي گهرواريءَ (مرحومه) جي شگر واري بيماريءَ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي هئي ۽ پوءِ جڏهن مان واپس دوستن سان پجيرو ۾ وڃي ويٺو هوس ته اسان کي ٻاجهريءَ جي مانيءَ مٿان مريڙي جوچاڻو رکي موڪليو هئائين، جيڪو اسان سڀني سفر جي ساٿين ٿورو ٿورو ڪري کاڌو هو ان جو ذائقو بمبئي جي فاءِ اسٽار هوٽل جي بُوفيءَ ۾ موجود لاتعداد کاڌن، ڀاڄين، ميون، ساس ۽ الائي ڇا ڇا شين مان ڪنهن به کاڌي ۾ ڪونه هو.
سنڌ ۾ (چڻن يا مٽرن جي) پلي واري ساڳ جي هڪڙي خاص ڳالهه آهي ته هيءَ اهڙي ڀاڄي آهي جنهن جي لاڳيتي کائڻ جي باوجود ماڻهو ان مان ڪڪ يا بيزار نه ٿيندو آهي. ٻي هر ڀاڄي يا ٻوڙ گهڻو کائبو ته ماڻهو بيزار ٿي پوندو. ماڻهو روزانو گوشت کائيندي کائيندي ٿڪجي پوندو. مڇي، آنا ۽ ٻيون شيون لاڳيتو کائڻ سان ٿڪائي وجهنديون پر مکڻ سان مکيل چانورن جي ماني، پلي ۽ کير ماڻهو سڄي عمر خاص ڪري رات جي وقت کائي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ڪڪ نه ٿيندو.
خبر ناهي اسان سنڌين جو نئون نسل جيڪو ذري گهٽ انگريزدان ٿي ويو آهي وڏن شهرن ۾ رهي ٿو ۽ پيزا کائي ٿو سو هي ساڳ پليءَ واري ٻولي سمجهي به سگهندو هوندو الائي نه پر اسان پنهنجي هڪ دوست زاهد مخدوم جي پورچوگيز زال کي سنڌ جي دوري دوران چڻن جي پلي کارائي ته هن ان تي تبصرو ڪندي چيو ته هن سڄي زندگي اهڙي سبزي ڪڏهن به نه کاڌي آهي.
سو جنهن زماني ۾ سنڌي ماڻهو شام جو پٽڙو ڀت کائيندا هئا صبح جو راتوڪو ڄميل ۽ ٺريل چانورن جو ڀت ۽ مٿان ڌونئرو وجهي کائيندا هئا. رات جو کير صبح جو لسي مکڻ ۽ ماکي ۽ هڪ ويلو ڪو ٻوڙ کائيندا هئا تڏهن سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس نالي ڪا بيماري ڪانه هوندي هئي، جنهنکي هاڻي جيري جي ڪئنسر به چون ٿا. ان زماني ۾ سنڌي ماڻهو صحتمند هئا دل جون بيماريون گهٽ هيون ۽ روزاني زندگيءَ ۾ محنت مزدوري سبب ماڻهن جي ڄمار به ڊگهي ٿيندي هئي.
سو بمبئي جي سفر پڄاڻيءَ وارو ڏينهن هو اسان کي ناريل جا پيتل پاڻي، منرل واٽر ۽ جنهن کي پاڪستان ۾ بندش سبب دٻيل لفظن ۾ صرف “پاڻي” ڪوٺبو آهي ان جون يادون پاسي واري کيسي ۾ وجهي مهاراشٽر جي چيف منسٽر ۽ ڊپٽي چيف منسٽر جي ڊنرن ۽ لنچن ۾ کاڌل لذيذ کاڌن جو ذائقو ياد ڪري وات ۾ پاڻي آڻي ميزبانن کان موڪلائي (ميزبانن موڪلائڻ مهل ڀاڪر پئي پاتا ۽ انهن ۾ سڀ مرد شامل نه هئا) وڏي سائيز جي ايئر ڪنڊيشنڊ بس ۾سوار ٿي بمبئي جي “راڻيءَ واري هار” يعني شهر اندر اڌ گول سامونڊي ڪناري بمبئي يونيورسٽي جي خوبصورت ٽاور، آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ ڊگهين عمارتن، اسڪوٽر هلائيندڙ نوجوان ڇوڪرين ۽ اڌڙوٽ عورتن کي بس جي شيشي اندران هٿ لوڏي الوداع چوندي انهيءَ شهر کان موڪلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسون جنهن جي پريزيڊنسي ۾ سنڌ 93 سال گذاريا هئا ۽ جنهن کان 1936ع ۾ عليحدگي اختيار ڪري شروع ۾ ڪراچي پوءِ اسلام آباد ۽ بعد ۾ ون يونٽ وارن ڏينهن دوران لاهور واري گهاڻيءَ ۾ پيڙبا رهيا هئاسون.
بمبئي کان ڪراچي ڏانهن واپسي واري سفر ۾ جڏهن مون پنهنجي سامان تي نظر وڌي ته هڪ ڳالهه سوچي مان لڄي ٿيڻ لڳس. منهنجي سامان ۾ نه رڳو بمبئي پر هندستان جي ٻين به ڪيترن ئي شهرن جي خوبصورت ۽ اهم تاريخي ماڳن مڪانن بابت ڪيترائي پمفليٽ موجود هئا. مان سوچي رهيو هوس ته جڏهن بمبئي مان 30 يا 35 ڄڻن جو وفد ڪراچي ايندو ته کين ڏيڻ لاءِ اسان وٽ مهين جي دڙي، ساڌ ٻيلي، ڀنڀور، انڊس ڊيلٽا، سنڌو درياهه، ڀٽ شاهه، منڇر ڍنڍ، حمل ڍنڍ، ڪينجهر، هاليجي، ملڪي، ڪلان ڪوٽ، پير پٺي، سسئي جي مزار، سهڻي جي مزار، ماروي جي ڀالوا ڳوٺ واري کوهه، ٿر جي جين ڌرم وارن مندرن، ڪارونجهر جبل، کير ٿر جبل، ڪائي واري نخلستان، ست گهري، ڀت جبل، سيوهڻ، شڪارپور، رني ڪوٽ، شاهجهان مسجد (ٺٽو)، پورن داس مندر، ڪلفٽن وارو مندر، قلندر شهباز جو روضو، چوڪنڊي قبرستان، سکر بئراج، ستين جو آسٿان، بکر جو قلعو، جند پير، روهڙي واري محلات، ڀوڏيسر واري مسجد ۽ گوڙي مندر وغيره جهڙن ماڳن مڪانن بابت ڪي به ڇپيل پمفليٽ ته ڪونه آهن. پوءِ اسان موٽ ۾ پنهنجي بمبئي جي مهمانن کي ڇا ڏينداسين؟!!!!!!!!!!!
اهو سوچيندي ايئر پورٽ تي پهچي وياسين بمبئي جي سرڪار هڪ نئون ايئر پورٽ ٺهرائي رهي آهي هن وقت بمبئي ۾ جيڪو هوائي اڏو آهي سو ڪراچي جي جديد ايئر پورٽ جي مقابلي ۾ ڄڻ ڪجهه به ناهي پر ان تي ٽريفڪ تمام گهڻي آهي. درآمد ۽ برآمد جام آهي پر شوبازي صفا ڪونهي.
ايئر پورٽ تي امر جليل مليو مون کي گذريل رات بمبئي ۾ نند جويري ٻڌايو هو ته امر جليل به اوهان واري فلائيٽ ۾ ڪراچي هلندو، پري پري کان نند سان به باءِ باءِ ٿي هئي. امر جليل ٻڌايو ته هن جي ٽڪيٽ ڪنفرم ٿيڻ ۾ڪو مسئلو پيدا ٿيو هو جو بعد ۾ حل ٿي ويو پوءِ ته اسان جهاز جي حوالي ٿي وياسون، بمبئي شهر ۽ انهن جا ماڻهو سامونڊي ڪنارا ۽ اتي ويٺل جوڙا، سفما انڊيا آفيس ۽ انهن جا سرگرم صحافي سڀ پوئتي رهجي ويا ۽ اسان کي پي آءِ اي جهاز جي پائلٽ ٻڌايو ته پاڻ سوا ڪلاڪ اڏام ڪري ڪراچي پهچنداسين.
مان سوچي رهيو هوس ته بمبئي ۽ ڪراچي هڪ ٻئي کان سوا ڪلاڪ پنڌ تي آهن تن کي 58 سالن تائين پاڻ ۾ ملڻ ڇو نه ڏنو ويو آهي؟ چون ٿا ته دنيا الله تعاليٰ ٺاهي آهي پر ان تي ماڻهوءَ جيڪي ليڪون ڪڍيون آهن سي نئين لوح محفوظ جي صورت وٺي ڪروڙين انسانن جي زندگيءَ کي متاثر ڪري رهيون آهن.
جهاز ۾لنچ کارائڻ جو جوڳو بندوبست هو ايئر هوسٽس ۽ اسٽيورڊ جُوس، بوائل چانور، سبزي ۽ گوشت، سويٽ ڊش وغيره کنيون بيٺا هئا. اسان کي ٻنپهرن جي ساڍي ٽين وڳي ڌاري ڪراچي پهچڻو هو سو منجهند جي ماني کائڻ ضروري هو اڃا لنچ مان فارغ مس ٿياسون ته جهاز هيٺ لهڻ لڳو ۽ اڃا جهاز جي عملي پنهنجا ٿانو ٿڦا ميڙي ئي مس ورتا ته جهاز جا ڦيٿا زمين تي هلڪي ڌڌڪي سان لڳي ڦرڻ لڳا. جهاز هوريان هوريان هلندي هلندي بيهي رهيو. جهاز جي پائليٽ اعلان ڪيو ته اسان ڪراچي ايئر پورٽ تي لهي چڪا آهيون. ائين چئي هن اسان کان موڪلايو ۽ جيئن ئي اسان جهاز کان ٻاهر نڪري ايئرپورٽ جي وسيع بلڊنگ ۾ بجلي تي هلندڙ رستن ذريعي تيزيءَ سان ٻاهرين در ڏانهن وڌي رهيا هئاسون ته منهنجي موبائيل ۾ ساهه پئجي ويو ۽ گهنٽي وڄڻ لڳي، بٽڻ کولي ڪن تي رکي هيلو ڪيم ته لاڙڪاڻي مان محمد علي پٺاڻ پڇيو ته “ڪاٿي پهتو آن” مون چيو بلڪل هاڻي ئي ڪراچي آيو آهيان. هن چيو “تون گهر اچ ته تفصيل سان ڳالهايون ٿا بهرحال شڪر ٿيو تون خير سان پهتين.” ان وقت ٻي فون گهران امڙ ڪئي ۽ اطمينان ٿيس ته مان خير سان واپس پهچي ويو آهيان.
ٻاهر نڪري امر جليل کان موڪلائي ريڊيو ڪئب وٺي گلشن حديد روانو ٿيندي مون کي ياد آيو ته سفما جا دوست بمبئي جي دوري دوران بار بار مطالبو ڪري رهيا هئا ته هندستان ۽ پاڪستان جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مواصلات جي اهڙي سهولت پيدا ڪئي وڃي جيئن موبائيل فون جي ساڳي سم هندستان ۽ پاڪستان ۾ هر جاءِ تي ڪم ڪري ۽ ماڻهو ائين محسوس ڪن ته واقعي سندن وچ ۾ وڇوٽيون ختم ٿي چڪيون آهن ۽ هو ساڳي ملڪ ۾ رهن ٿا جتي مرضي مطابق ڪنهن به وقت ڪنهن به ماڻهوءَ سان ساڳي فون تي ڳالهائي سگهن ٿا.