سڀ مهاجر هڪجهڙا آهن
اوهان سنڌي آهيو؟ جن منهنجي سنڌي ٽوپي ڏسي پڇيو، “جي ها!”
“بمبئي ۾ اوهان کي ڪيترائي سنڌي ملندا”
“اڇا واهه واهه”
“پر اوهان دل ۾ نه ڪيو ته سنڌين بابت اوهان کي هڪ ڳالهه ٻڌايان!”
“ها ها! بلڪل ٻڌايو جيڪڏهن حقيقت آهي ته حقيقتون تسليم ڪبيون آهن! دل ۾ ڪرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟”
هندستان جي ڪيترن علائقن ۾ محاوري طور مشهور آهي ته “جيڪڏهن اوهان جي ڀرسان نانگ ۽ سنڌي اچي لنگهن ته اوهان نانگ کي ڀلي ڇڏي ڏيو پر سنڌي کي نه ڇڏيو.”
“اوهه واقعي؟ ڇا اهو سچ آهي ته سنڌين بابت ائين چيو ويندو آهي؟”
“سَرِ مان اها حقيقت ٿو ٻڌايانوَ پر مائينڊ ته نه ٿا ڪريو؟!
“آءِ ڊونٽ مائينڊ اٽ آل” مون چيو ۽ مونکي حر تحريڪ تي يورپي مصنف لمبرڪ جي ڪتاب “ٽيررسٽ” ۾ پڙهيل اها ڳالهه ياد آئي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته “سنڌ ۾ مون هڪ محاورو عام طور تي ٻڌو ته جيڪڏهن نانگ ۽ پنجابي اوهان جي آڏو اچي گزرن ته اوهان نانگ کي ڀلي ڇڏي ڏيو پر پنجابيءَ کي نه ڇڏيو.” اهو سوچي مان جهاز ۾ ڀرسان واري سيٽ تي ويٺل دهليءَ جي هندو نوجوان نالي نيتن شري وستوا ڏانهن حيرت سان ڏسڻ لڳس.
هن چيو “سر مون گستاخي ته ڪانه ڪئي؟”
مون چيو “بلڪل نه”پر مان سمجهڻ ٿو گهران ته هندستان ۾ سنڌين لاءِ ائين ڇو ٿو سمجهيو وڃي؟”
ان تي انهيءَ نوجوان جيڪو ڪراچي جي هڪ ڪيميڪل ڪمپنيءَ ۾ ڪنهن يورپي ملڪ طرفان ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هو ۽ بمبئي کان ٻئي جهاز ذريعي دهلي موڪل تي پئي ويو. تنهن چيو ته در حقيقت 1947ع ۾ورهاڱي کانپوءِ سنڌ مان آيل سنڌي شرنارڌي (مهاجر) جيئن ئي بمبئي آيا ته اتي جي ڌنڌي واپار تي قابض ٿي ويا ۽ مقامي مرهٽا نسل جا ماڻهو جيڪي اڳي ئي پٺتي پيل هئا سي وڌيڪ احساس محرومي ۾ مبتلا ٿي ويا. اهڙو سلسلو هر هنڌ موجود هو.جتي جتي سنڌي هندو پهتا هئا.
اها ڳالهه ٻڌي مونکي هڪ واقعو ياد آيو جيڪو مون ڪنهن دوست کان ٻڌو هو ته ورهاڱي کانپوءِ سنڌ مان لڏ پلاڻ ڪري ويل هڪ غريب سنڌي هندو هندستان جي هڪ شهر ۾ کنڊ جو واپار ڪرڻ لڳو ۽ ٿورڙن ڏينهن اندر سڄي شهر جي بزنيس تي ڇانئجي ويو جڏهن هن کان سندس ڪاميابي جي راز بابت معلوم ڪيو ويو ته هن چيو ته مان جنهن قيمت تي کنڊ خريد ڪندو آهيان.انهيءَ قيمت تي وڪرو ڪندو آهيان.انڪري سڄي بازار ۾ منهنجو مال سستو هوندو آهي ۽ ان ڪري ٻين جا دڪان بند ٿيڻ لڳندا آهن.
ان تي هن کان وري پڇيو ويو ته پوءِ اهڙي واپار مان توکي فائدو ڪهڙو ٿو ملي؟ ته هن وراڻيو ته کنڊ وڪرو ٿيڻ کانپوءِ ان جي خالي ٿيل ٻوري جا پئسا منهنجو نفعو هوندو آهي.
اهو قصو جڏهن مون پنهنجي همسفر هندستاني نوجوان کي ٻڌايو ته پوءِ هن کي دلجاءِ ٿي ٿه سنڌين بابت پاڻ کان عمر ۾ وڏي ماڻهوءَ کي مون جيڪا ڳالهه ٻڌائي آهي.ان تي هو اندر ۾ ناراض نه ٿيو آهي پر منهنجي ڳالهه جي تائيد ڪري رهيو آهي.
هندستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سنڌين کي نانگ کان به وڌيڪ خطرناڪ سمجهڻ واري اها ڳالهه مون جڏهن ڪراچيءَ کان بمبئي ويندڙ وفد م شامل ڪراچيءَ جي هڪ مهاجر دوست کي ٻڌائي ته هن چيو ته “اها مهاجر نفسيات آهي.” جيڪو ماڻهو پنهنجي وطن ڇڏي (۽ وطن گهڻو ڪري مجبوريءَ کان ڇڏيو آهي) ٻئي ملڪ ۾ ويندو آهي. سو اتي وڃي وڏي جفاڪشي سان سخت پورهيو ڪندو آهي. جنهن ڪري هن جي مالي حالت پڻ سڌري ويندي آهي ۽ هو ٻين تي حاوي به ٿي ويندو آهي. اهڙي ماڻهوءَ ۾ لالچ، لوڀ، ظالماڻي ترقيءَ جو تصور ۽ ڪڏهن ڪڏهن خوفناڪ خود پرستي ۽ موقعي پرستي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ غير انساني هلت هلڻ (پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ) جهڙا لاڙا پيدا ٿيندا آهن.
مان سوچي رهيو هوس ته واقعي پنهنجو وطن ترڪ ڪرڻ انسان لاءِ ڪيڏي نه بد بختي آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو هند توڙي سنڌ ۾ وڏو مانُ آهي ڇاڪاڻ ته هن ۽ هن جي خاندان ٻين به ڪيترن ئي هندو خاندانن سان گڏ 1947ع واري بحران کي برداشت ڪري سنڌ نه ڇڏي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ تي رهي سختيون برداشت ڪرڻ جي باوجود شانائتي زندگي گذاري.
ان تي مون کي هڪ ٻي ڳالهه به ذهن تي تري آئي جيڪا ڪنهن دوست ڪجهه وقت اڳ مونکي ٻڌائي هئي. هن چيو ته هڪ غريب ماڻهو جنهن جي معاشي حالت خراب هئي ۽ نه سڌرندي هئي سو اسلام جي پيغمبر وٽ آيو ۽ کين چيائين ته سائين منهنجي معاشي حالت نه ٿي سڌري مان ڇا ڪيان؟ پيغمبر اسلام هن کي چيو ته ابا تون هجرت ڪر. هن هجرت ڪئي ۽ لڏ پلاڻ ڪري ڪنهن ٻئي ملڪ ويو جتي هن محنت مزوري ڪئي ۽ حالت ڪجهه بهتر ٿي ويس پر وري هو موٽي آيو ۽ کيس چوڻ لڳو ته سائين منهنجي حالت اڃا به نه ٿي سڌري!! ان تي هن کي وري به صلاح ڏني وئي ته تون وري به هجرت ڪر!!!
سو واقعي پرڏيهه وڃڻ سان ماڻهو نئين ماحول ۾ داخل ٿئي ٿو اوپري ملڪ ۾ رهڻ سبب هن ۾ غير يقيقني ،غير محفوظ رهڻ ۽ بي پاڙيءَ واري ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي.جنهن ڪري هو پنهنجي وطن جي مقابلي ۾ وڌيڪ محنت ڪري ٿو ۽ خوشحال ٿئي ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري ويل سنڌي هندو هن وقت الهاس نگر ۾ چون ٿا ته ڏاڍا خوش آهن،سکيا ستابا آهن ۽ دولتمند ٿي ويا آهن پر سنڌ کان وڇوڙي وارو سور سندن اندر ۾ ناسور ٿي ويو آهي.
آ بدلیا ،کر بینتی کون تمہارا دیس
سکھ تو اپنے گھر میں دکھ تاں پردیس
ڀٽائي چيو:
سڃو جي ساڻيهه ته به ونهيان ئي وترو
گهوريو سو پرڏيهه توڙي ڦلن ڇانئيو
يعني پنهنجو ديس ڀلي غريب هجي پر پوءِ به شاهوڪارن کان شاهوڪار آهي(ونهين ويڙهيچن لاءِ يعني سکين ستابن يا شاهوڪارن ماروئڙن لاءِ) ۽ پرديس گهوريو ڀلي ته گلن سان ڇانئيو پيو هجي.
البته ان جي اها معنيٰ تh ماڻهو پنهنجو ملڪ ڇڏي ڪاڏي به نه وڃي. دنيا گهمڻ ،سڌريل ملڪن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ پرڏيهه ۾ وڏين پگهارن واريون نوڪريون ڪرڻ يا وڻج واپار ڪرڻ وغيره انسان کي اڳتي وڌڻ جو دڳ ڏيکارڻ جي برابر آهي پر گهمي ڦري پنهنجي ديس وطن، ڳوٺ ۽ گهر ۾ اچڻ سان ماڻهو ائين سڪون محسوس ڪري ٿو جيئن ٻار ماءُ جي هنج ۾.
2001ع ۾ آمريڪا جي گاديءَ واري شهر واشنگٽن (ڊِي سي) ۾ اتان جي اونهاري (هتان جي هلڪي سياري جهڙا چار مهينا) (مئي کان سپٽمبر تائين) گذاري موٽيس ته اتي هڪ ايشيائي ملڪ جي پي ايچ ڊي خاتون مون کي چيو ته “انور آمريڪا بي روح سماج آهي.” ۽ جڏهن مان هن کي ڀٽائي جو مٿي ڏنل “گهوريو سو پرڏيهه” وارو بيت معنيٰ سان پڙهي ٻڌايو ته ان ڏينهن هن فيصلو ڪيو ته اٺن سالن کان آمريڪا ۾ رهائش ختم ڪري پنهنجي ملڪ موٽي وينديس.
سو، بمبئي ۾ گهاريل پنجن ڏينهن جي ڪٿا جي هيءَ ابتدا آهي. هي موقعو مون کي سائوٿ ايشيا فري ميڊيا ايسوسئيشن (سفما) پاران روزاني عوامي آواز جي ڊاڪٽر جبار خٽڪ ڏنو جيڪو ان تنظيم جو پاڪستان ۾ ڪوآرڊينيٽر آهي. 23 کان 27 مئي تائين 30 ڄڻن واري وفد ۾ ڪراچي ۽ بمبئي وچ ۾ عوامي رابطا پيدا ڪرڻ ٻنهي بحري بندرن وچ ۾ قديم تاريخي لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ ڪراچي بمبئي جاڙا شهر ٻيهر بحال ڪرائڻ جي سلسلي ۾ هي پروگرام رٿيو ويو هو. جنهن جي موٽ ۾ وري هندستان کان 30 ڄڻن جو وفد 10 جون کان 16 جون تائين ڪرچي اچڻو آهي.
سفما جو ان حوالي سان پروگرام يا ان جي سوچ ڏاڍي انوکي آهي. ان جو خيال آهي ته سول سوسائٽي ۽ عام ماڻهو پنهنجو ڪردار نڀائن. مثال ڪراچي جي پريس ڪلب جيڪڏهن بمبئي جي پريس ڪلب سان تعلقات قائم ڪري گڏيل پروگرام شروع ڪري ته کيس ڪير به ڪونه روڪيندو. اهڙي طرح هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ عوامي سطح تي واپارين، دانشورن، ليکڪن، فنڪارن، ڳائڻن ۽ ٻين ماڻهن وچ ۾ امن ۽ دوستي جا ناتا قائم ٿي سگهن ٿا ۽ اهڙو ڪم ٻنهي ملڪن جي حڪومتن جي پاليسين جو انتظار ڪرڻ بنا هاڻي کان ئي شروع ڪري سگهجي ٿو.