مُمبا ديوي
چون ٿا ته بمبئي قديم زماني ۾ ستن ٻيٽن تي پکڙيل علائقو هو جنهن ۾ گهڻو ڪري ميربحر ۽ مڇيرا ماڻهو رهندا هئا جن کي “ڪال” يا “ڪيل” سڏيو ويندو هو. دراوڙي نسل جا اهي ٻيٽاري ماڻهو هڪ ديويءَ جي پُوڄا ڪندا هئا جنهن جو نالو “مُمبا ديوي” هو انڪري جنهن علائقي يا شهر کي سنڌي “بمبئي” سڏين ٿا ۽ انگريز “بامبي” (Bombay) ڪوٺين ٿا. ان کي ديسي لوڪ پنهنجي ٻوليءَ ۾“ممبئي” چون ٿا. هندستان حڪومت هن شهر جو هن وقت سرڪاري طور نالو“مُمبئي” رکي ڇڏيو آهي. (نوٽ) “ڪيل” ماڻهو اسان سنڌو درياهه جي ڪنارن تي پنجاب ۾ به ڏٺا 1989ع واري Expedition Indus دوران).
پر اسان سنڌي جن جي وطن سنڌ کي انگريزن 1843ع ۾ فتح ڪرڻ کانپوءِ بمبئيءَ سان ملائي ڇڏيو هو جتان سنڌ کي 1936ع ۾ جدا ڪيو ويو ۽ اها تحريڪ سر شاهنواز ڀٽي، جي ايم سيد ۽ هُن جي هم عصر مسلم ليگي اڳواڻن، هندو مسلم ورهاڱي واري خيال سان هلائي هئي. جنهن کانپوءِ سنڌ کي چيو ويو ته اوهان جو تاريخي ۽ جاگرافيائي طور “بامبي پريزيڊنسي” نه پر پنجاب سان تعلق آهي. اهڙي طرح انهيءَ سوچ جو منطقي نتيجو پاڪستان جي صورت ۾ 1947ع ۾ نمودار ٿيو. پنجاب ۽ سنڌ برابر سنڌو ماٿري واري مهين جي دڙي ۽ هڙپا تهذيب جي ثقافتي پٽيءَ ۾ واقع آهي. جڏهن ته برٽش انڊيا ۾ بمبئي سنڌ اتحاد وڌيڪ آسان لڳندو هو. جڏهن ته هندو مسلم ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۽ پنجاب جو اتحاد فطري ڳالهه ٿي وئي.
سو سنڌين لاءِ هڪ چوڻيءَ مطابق “ادو مئو، ادي ڄائي، اسان اهڙا جي تهڙا”واري ويڌن ٿي. اڳي بمبئي اسان تي راڄ ڪندي هئي. پوءِ الهندو پنجاب راڄ ڪرڻ لڳو، وچ ۾ ڪجهه وقت دل پشوري ڪرڻ جو ٿورو موقعو ڏنو ويو ۽ ڪراچي کي پاڪستان جو گاديءَ وارو هنڌ مقرر ڪيو ويو ۽ اسان سنڌين کي چيو ويو ته اوهان کي بمبئي کان آزاد ڪيو اٿئون هاڻي اوهان ڪراچيءَ جي ماتحت آهيو جيڪا سنڌ ۽ پاڪستان ٻنهي جو گادي وارو هنڌ آهي. اسان اڃان اها خوشي ملهائي پوري ئي نه ڪئي ته فيلڊ مارشل جنرل محمد ايوب خان پاڪستان جي گادي ڪراچي مان منتقل ڪري اسلام آباد کڻي هليو ويو.
هاڻي هوائي جهاز جيترو وقت ڪراچي کان اسلام آباد ٿو وٺي. اوترو وقت ڪراچي کان بمبئي وڃڻ تي به لڳي ٿو پر اسان تي حڪمراني بمبئي جي نه اسلام آباد جي آهي. جنهن جي روڊ تي هٿ جي آڱر گسائي نڪ تي رکي، سنگهي هڪ بنگالي دانشور بنگله ديش ٺهڻ کان اڳ هڪ دفعي چيو هو ته “مونکي ان سِڻيءَ جي بوءِ ٿي اچي.”
ياد رهي ته گڏيل پاڪستان ۾ يعني جڏهن پاڪستان جو وڏو اڌ (اوڀر پاڪستان) گڏ هوندو هو تڏهن سڻي جو پرڏيهي واپار پاڪستان کي ڪافي شاهوڪاري ڏيندو هو. سو ان بنگالي دانشور جو مقصد اهو هو ته اسلام آباد بنگال جي سڻي وڪڻي تعمير ڪيو ويو آهي. سولي سنڌيءَ ۾ ائين چئبو.
خير 93 سال بمبئي سان گڏ رهڻ کانپوءِ 70 سال وڇوڙي جا گذاري هاڻي جڏهن سائوٿ ايشيا فري ميڊيا ايسوسئيشن(سفما) جي پليٽ فارم تان امتيازعالم ۽ ڊاڪٽر جبار خٽڪ اسان 30 ڄڻن واري وفد کي “ڪراچي بمبئي ايڪسچينج پروگرام” تحت هندستان جي وڏي ۾ وڏي سامونڊي بندر ۽ معاشي مارڪيٽ ڏانهن وٺي ويا ته مون واٽ تي ڪيترن دوستن کان اهو سوال ڪيو ته جيڪڏهن اوهان کي هي سڀ ڪجهه ڪرڻو هو ته پوءِ 1947ع ڇو پيدا ڪيو ويو؟
ان سوال جو جواب ممتاز صحافي صبيح الدين غوثي به ڏنو. جنهن ٻڌايو ته هو بمبئي جي هڪ اسپتال ۾ ڄائو هو ۽ وفد ۾ شامل ڪراچي جي ڪيترن وڏن واپارين سان چئمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽري اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ جوڙيا بازار جي سربراهه واپارين به ڏنو. سندن جواب مان ائين پئي لڳو ته گڏيل هندستان ۾ اقليت طور رهندڙ گهٽ شاهوڪار واپاري جنهن ٽاٽا ۽ برلا جهڙن هندو سيٺين سان مقابلي جي سگهه نه پئي ساري سگهي. سو ڪوٽا سسٽم جي بنياد تي پاڪستان نالي پنهنجو ننڍڙو مارڪيٽ ٺاهي گذريل 58 سالن ۾ ايترو شاهوڪار ٿي ويو آهي جو هاڻي هو هندستان جي وڏي واپاريءَ سان وڻج واپار ڪندي خوفزده نٿو ٿئي. اڃان به هنکي هندستان جي هڪ ارب انساني آبادي ڏسي وات ۾ پاڻي ڀرجي رهيو آهي ۽ هو سوچي رهيو آهي ته هو پنهنجي واپاري وکر لاءِ هندستان ۽ ڏکڻ ايشيا وارو وڏو مارڪيٽ ڇو نه ڳولي وٺي. رڳو پاڪستان تائين محدود ڇو رهي؟؟؟؟؟
ان معاشي مامري تي ڳالهين جي ڏي وٺ، بحث مباحثو، واعظ نصيحتون ۽ تقريرون بمبئي جي پنجن ڏينهن واري دوري دوران برابر ٿينديون رهيون. جنهن دوران ٻنهي ڌرين يعني هندستاني ۽ پاڪستاني ماڻهن، واپارين، دانشورن، صحافين ۽ ٻين لوڪن جواهو خيال هو ته سرحدون ختم ٿيڻ گهرجن.
سرحدون ته انٽرنيٽ اڳيئي ختم ڪري ڇڏيون آهن. اڳي چوندا هئاسون ته پاڪستان ۽ هندستان جون حڪومتي هڪٻئي سان دوستي ڪن ته اسان ٺٽي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني طرفان قائم ڪيل واپاري ڪوٺين جو رڪارڊ وڃي پڙهي اچون جيڪو انڊيا آفيس ۾ رکيل آهي. انٽرنيٽ اچڻ کانپوءِ هاڻي ان لاءِ سرحد پار ڪرڻ ضروري ناهي. پنهنجي گهر جي ڪمري ۾ ويهي سنڌو درياهه جي سيني تي ترندڙ ٻيڙي ۾ ڪاڇي ۾، ڪچي ۾ يا ڪنهن شهر ۾ ويهي انٽرنيٽ ذريعي اوهان هندستان جي انهيءَ لائبريري ۾ داخل ٿي سگهو ٿا، جتي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ٺٽي ۾ ٿيندڙ ڪاروبار جو پوتا ميل رکيل آهي.
سو ان ڪري سفما جو چوڻ هو ته هاڻي انتظامي ۽ سياسي سرحدون رڳو اکين جو ڍءُ وڃي بچيو آهي ۽ اها ڳالهه حقيقت به ثابت ٿي جڏهن پاڪستان ۽ هندستان جا واپاري بمبئي ۾ پاڻ ۾ گڏيا ۽ اسان صحافي وات ۾ آڱر وجهي اچرج وچان سندن ڳالهيون ٻڌي رهيا هئاسون. هو چئي رهيا هئا ته هن وقت هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ سرڪاري طور سڌو واپار جيڪڏهن هڪ رپئي جو هلي رهيو آهي ته سنگاپور ۽ دبئي وغيره جهڙن ٽياڪڙ ملڪن وسيلي ٻنهي ملڪن وچ ۾ جيڪو وڌندڙ واپار آهي سو گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو رپين جي ماليت کي وڃي رسيو آهي.
انڪري ٻنهي ڌرين جو چوڻ هو ته پاڻ ۾ سڌو واپار ڪجي ته جيئن ٻنهي ڌرين کي سڌو نفعو ٿئي ۽ ٽين ڌر يعني Middle man ٻنهي ڌرين جو نفعو هڙپ نه ڪري وڃي جيڪو هن وقت ٿي رهيو آهي.
ان حوالي سان ٻه ٻيا ويچار ڏاڍا اهم هئا جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽي جي تاج حيدر ۽ سفما جي هندستاني توڙي پاڪستاني قيادت پئي ونڊيا. بحث مباحثي ۾ حصو وٺندي تاج حيدر ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو ته پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ سڌو واپار وڌائڻ سان ٻنهي ملڪن جا سرمائيدار ڀلي اڃان به موٽا ٿين پر ٻيلي ٻنهي ڌرين کي گهرجي ته انهيءَ غريب ٽين ڌر جو سوچين جنهن کي “صارفين” ڪوٺجي ٿو. جيڪي واپاري وکر جا خريدار آهن. سو غريبن جو خيال رکي پوءِ ئي سرمائيدارن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.
ان حوالي سان سفما يعني سائوٿ ايشيا فري ميڊيا ايسوسيئيشن جي اڳواڻن امتياز عالم (پاڪستان) ۽ ڪي ڪي ڪٽيال توڙي ونود شرما (هندستان) جو چوڻ هو ته عام لوڪن کي هاڻي اڳتي وڌي پنهنجو موقف زوريءَ حڪمرانن تي مڙهڻ گهرجي. يعني هندستان ۽ پاڪستان جا صحافي پنهنجي ليکي گڏيل پروگرام ٺاهين. ليکڪ پنهنجي سطح تي سهڪار ڪن. يونيورسٽيون پاڻمرادو ٺاهن ته صحيحون ڪن ۽ واپاري چئمبر ڪنهن ٽين ڌر کان پڇڻ بغير هڪ ٻئي سان واپار وڌائين. سول سوسائٽي ائين ڪندي ته حڪومتون پاڻ مجبور ٿي وينديون ۽ هڪ ٻئي سان صلح ۽ شانتي ۾ رهنديون.
سو اهي بحث پنهنجي جاءِ تي پر مونکي وڏي تانگهه اها هئي ته ڪراچي ايئرپورٽ تان جهاز اڏامندو ۽ سامونڊي ڪنارو وٺي هلندو ته مان هيٺ انڊس ڊيلٽا جو نظارو ڪندس. پر ٿيو ائين جو ڪراچي جو آسمان ڪڪرن سان ڀريو پيو هو سو چتائي ڏسي ڏسي ڪڪرن ۽ جهڙالي وچان ڪي ڪي ٽڪرا ڊيلٽا جا نظر آيا نه ته باقي رڳو ڌنڌ هو. ساڳي حالت بمبئي ايئرپورٽ تي به هئي. اتان جو آسمان به ڪڪرن سان ڇانيل هو انڪري مٿان آسمان کان بمبئي جو نظارو ڪرڻ محال ٿي لڳو. ڪراچي ۽ بمبئي وچ ۾ شايد اها به هڪجھڙائي هئي.