علمُ، عالمَ ۽ انسان
۽ پوءِ مون موقعي مان فائدو وٺي هن کي هڪ ڊگهو ليڪچر ڏنو جنهن ۾ کيس ٻڌايم ته سنڌ دنيا جي ڪهڙي خطي کي چئبو آهي، “هند” لفظ خود “سنڌ” لفظ مان نڪتو آهي. هي ٽوپي سنڌي ۽ بلوچي ڪلچر جو حصو آهي ۽ ڀرت واري دستڪاري جي هنر جو ڪمال آهي. ان کي خاص ڪري عورتون ٺاهينديون آهن ۽ ان ۾Thread work توڙي Glass work ٻئي شامل هوندا آهن.
جيسيتائين اسان اها ڪچهري ڪئي تيسيتائين ناشتو به ڪري ورتوسون......انگريزياڻي هڪڙي پاسي رواني ٿي وئي ۽ مان پاڪستان مان آيل 30 ڄڻن واري وفد سان گڏ مس ڊمپل گانڌي (جيڪا اسان جي ٽوئر انچارج هئي) جي سربراهيءَ ۾ بمبئي يونيورسٽي گهمڻ لاءِ وڏي بس ۾ سوار ٿي روانو ٿيس.
اها سنڌي ٽوپي جنهن بمبئي جي ڪيترن ئي ماڻهن جو ڌيان مون ڏانهن ڇڪايو هو سا مونکي دادو ضلعي جي سيتا ڳوٺ لڳ ڪنهن جاءِ تان منهنجي سوٽ يا ماسات جنهن کي اسان “ڏاڏو هادن” ڪوٺيندا آهيون، ان ٺهرائي ڏني هئي. هن ٽوپيءَ جي خاص ڳالهه ها آهي ته ان ۾ شيشا به آهن ۽ شيشن کان خالي سوراخ به آهن جن مان مٿي کي هوا لڳي ٿي ۽ ٽوپي مٿي ۾ سور نه ٿي وجهي.
مان سوچي رهيو هوس ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ واپار کُلي پوي ۽ اها دري سموري ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ڏانهن کلي پوي ۽ سنڌ مان ڀرت جو سامان، سنڌي ٽوپي، اجرڪ، سوسي، ٿر جو دستڪاري وارو سامان، جيڪو مٺي شهر مان ملي ٿو. جيل، ڊيلٽا، ڪچي ۽ ڪاڇي وغيره جون سوکڙيون هڪ ارب آدم واري ملڪ هندستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن ڏانهن برآمد ڪجن ته جا سنڌي ٽوپي سيتا ۾ اڳي هڪ هزار رپين ۾ ملندي هئي ۽ هاڻي کڻي ڏيڍ هزار تي ملندي هوندي سا بمبئي ۾ خوشيءَ سان ماڻهو ٻن اڍائي هزارن ۾ وٺي ويندا، خاص ڪري يورپي ماڻهو ته اهڙين شين جي قيمت اڃا به وڌيڪ ڏيندا ۽ سرها به ٿيندا.
مائيڪ جي آواز مونکي ٻلهڙجي ۽ سيتا، ڀائو شبير ۽ ڏاڏي هادن، سيٺ قاسم ۽ هن جي دڪان تي بيٺل لسي ڇوڪر سجاد جي خيالي دنيا مان موٽائي بمبئي يونيورسٽيءَ جي آديٽوريم ۾ موٽائي آندو، هڪ نوجوان انگريزي ٻوليءَ ۾ يونيورسٽي بابت معلومات ڏئي رهيو هو. مونکي اهو ڏسي حيرت ٿي ته هندستان جي موجوده قيادت نوجوان ماڻهن ڏانهن منتقل ٿي چڪي آهي. ممبئي اسٽاڪ ايڪسچينج تي جنهن ماڻهوءَ اسان پاڪستاني وفد کي بريفنگ ڏني، ان جي عمر 40 سالن جي لڳ ڀڳ هجي. بمبئي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر 50 سالن کان مٿي جي عمر جو هجي پر جيڪو يونيورسٽي جو انچارج هو سو 40 سالن جو نوجوان پئي لڳو. ممبئي ميگا سٽي جو ڪمشنر ڊاڪٽر چندر شيڪر نوجوان هو. ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ اسان سان رابطي ۾ ايندڙ سڀئي نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا هئا. مون کانئن پڇيو ته اوهان هتي ڪهڙي تعليم حاصل ڪندا آهيو؟ هنن چيو ته هتي سڀئي شعبا آهن پر اسان ڪمپيوٽر سان واسطيدار ڪورس ڪندا آهيون. مون چيو پوءِ اوهان کي نوڪري ملي وڃي؟ هنن چيو ته نوڪري ڪورس پوري ٿيڻ کان اڳ ملي ويندي آهي. هن شهر ۾ لاتعداد پرائيويٽ ڪمپنيون آهن جن کي آءِ ٽي (انفارميشن ٽيڪنالوجي) جا ماڻهو کپن. سو اسان جيئن ئي ڪورس پاس ڪري نڪرندا آهيون ته اسان کي گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار رپيا پگهار ملندي آهي، جيڪا بعد ۾ وڌي 35 هزار به ٿيندي آهي ۽ لکن ۾ به هوندي آهي.
ممبئي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر جئه خولي ٻڌايو ته اسان جا شاگرد هاڻي ڪروڙن ۾ٿي ويا آهن. اسان تعليم اها ڏيون ٿا جيڪا نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي فوري طور روزگار فراهم ڪري ٿي، ان سان يونيورسٽي جي آمدني به وڌي ٿي ۽ بيروزگاري به ختم ٿئي ٿي. هن چيو ته نومبر ۾ اسان يونيورسٽيءَ جي 150 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون سو سنڌ ۽ پاڪستان ۾ هن يونيورسٽيءَ جا گريجوئيٽ هجن ته اسان انهن کي دعوت ڏيون.
مان سوچي رهيو هوس ته ڪمپيوٽر ڪورس ته ٽيڪنيڪل آهي سي ته ڪجهه استادن جي قابليت سبب، ڪجهه شاگردن جي محنت سبب ۽ ڪجهه نوڪري جي لالچ ۾ شاگرد سکي وڃن ٿا پر اهو ڪهڙو راز آهي جو هندستان جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون صحيح تز ۽ فراوانيءَ سان انگريزي ڳالهائن ٿا. ان معيار جي انگريزي اسان جي يونيورسٽين جا گريجوئيٽس به ڳالهائي نه ٿا سگهن ۽ ڪيترا استاد به انگريزي ۾ جڏا آهن. مون ڏٺو ته هندستان ۾ هوٽل جا بيرا ۽ ڀنگي به “گڊ مارننگ”، “گڊ آفٽر نون”، “گڊ نائيٽ” چئي رهيا هئا.
مون ممبئي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کان سوال ڪيو ته اوهان پنهنجي بريفنگ ۾ سنسڪرت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم جو ذڪر ڪيو آهي. مون انٽرنيٽ تي پڙهيو آهي ۽ آمريڪا ۾ ڪن هندو سنڌي دوستن مونکي ٻڌايو هو ته هندستان جا خود سنڌي ماڻهو انگريزي ڏي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيا آهن. هوڏانهن گوبند مالهيءَ هڪڙي دفعي سوڀي گيانچنداڻي کي چيو هو ته “منهنجو ڏوهٽو هڪ دفعي مونکي ڪن ۾ اچي چئي پيو ته تون ۽ ناني پاڻ ۾ ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي رهيا آهيو؟”
سو مونکي مهرباني ڪري ٻڌايو ته ممبئي يونيورسٽي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم جي صورتحال ڇا آهي؟ِ
ان تي ڊاڪٽر خولي صاف صاف لفظن ۾ ٻڌايو ته نه رڳو سنڌي پر هندستان جي سڀني مقامي ٻولين بدران ماڻهو انگريزي ۽ ڪمپيوٽر (ڇاڪاڻ ته انگريزي انٽر نيٽ جي زبان آهي) ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏئي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ان سان هنن جي روزگار جو مسئلو حل ٿئي ٿو.
بهرحال اسان سنڌي ٻولي کي هندستان جي آئين مطابق ڏنل سرڪاري حيثيت آهر اهميت ڏيون ٿا. اسان هاڻي سنڌي ڪميونٽي مان چندا ڪري سنڌي ڊپارٽمينٽ کي وڌائي رهيا آهيون ۽ ساڳي ڪاوش سنسڪرت لاءِ ڪيون ٿا. هن وقت بمبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو سربراهه ٻلديو مٽلاڻي آهي جنهن “شاهه ۽ سچل جي شاعريءَ جو تقابلي جائزو” واري عنوان سان ٿيسز لکي سنڌيءَ ۾ پي ايچ ڊي حاصل ڪئي آهي.
ياد رهي ته سفما پنهنجي پروگرام ۾ واضح ڪيو آهي ته ڪراچي _ بمبئي ايڪسچينج پروگرام ڪراچي يونيورسٽي ممبئي يونيورسٽي سان خانگي طور ڪو تعليمي سهڪار جو ٺاهه صحيح ڪري، هندستان توڙي پاڪستان حڪومت کي ان تي ڪو اعتراض نه هوندو.
هونئن بمبئي جي پنجن ڏينهن واري دوري دوران پاڪستاني وفد ۾ شامل پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي شيخ (جيڪو ان وقت سنڌ مدرسي جو پرنسپال هو) تنهن ۽ ڊاڪٽر جبار خٽڪ ممبئي جي ڪائونٽر پارٽس سان تعليم جي شعبي ۾هڪ MOU(Memorandum of under standing) تي صحيحون ڪيون آهن.
بهتر ٿيندو ته ڪراچي يونيورسٽيءَ جو سنڌي ڊپارٽمينٽ پروفيسر سليم ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي شاهه لطيف چيئر ڊاڪٽر فهميده حسين جي سربراهيءَ ۾ڪراچي يونيورسٽي چانسلر پيرزاده قاسم رضا صديقي هاير ايجوڪيشن جي سربراهه پروفيسر عطاءُ الرحمان جي آشيرواد سان ممبئي يونيورسٽي سان تعليمي سهڪار ڪن ته هوند ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن جي گهٽين ۾ وڏا وار رکايون ۽ لنڊا بازار جي پينٽ پايون نوجوان ڇوڪرا ٽي ٽي پستولن سان رانديون ڪندي ۽ نشا پتا ڪندي پنهنجو جيڪو وقت ضايع ڪري رهيا اهن سو جيڪر سڦل گذاري سگهن.
ڪمپيوٽر جي جهان ۾ گِهڙي وڃڻ سان روزگار سان به لڳي وڃن ۽ سماج ۾ ڏوهه به گهٽجي وڃن. نوجوان عورتن جي تعليم ۾ به اضافو ٿي سگهي ۽ شڪارپور جي ڊاڪٽر آغا گل جهڙا ماڻهو جن جا ڪمپيوٽر سائنس تي لکيل ڪتاب آمريڪا جون يونيورسٽيون پنهنجن شاگردن کي پڙهائي رهيون آهن (هو شڪاگو يونيورسٽي ۾ڪمپيوٽرسائنس جو پي ايچ ڊي ڊاڪٽر ۽ پروفيسر آهي) ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي (مرحوم) جي پٽ سرمد عباسي جهڙا ماڻهو پئدا ٿين جنهن پڻ ڪمپيوٽر سائنس ۾ پي ايچ ڊي آمريڪا جي هڪ يونيورسٽي مان ڪئي هئي ۽ جڏهن هن پي ايچ ڊي جي ڊگري ملي رهي هئي ته سڄي يونيورسٽي جو عملو استادن سميت هن جي اعزاز ۾ اٿي بيٺو هو ۽ اعلان ڪيو ويو ته ان آمريڪن يونيورسٽي جي تاريخ ۾ ايتريون مارڪون ڪنهن شاگرد نه کنيون آهن. انهيءَ ڊاڪٽر سرمد عباسيءَ کي آڇ نه سنڌ يونيورسٽي نوڪري ۾ رکڻ لاءِ آفر ڏئي ٿي ۽ نه ڪراچي يونيورسٽي. هو لاهور جي لمس (لاهور يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنس) ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي جتي سندس گهرواري ڊاڪٽر ريڪو دتا جيڪا ماليڪيولر بائلاجي ۾ پي ايچ ڊي آهي سا به رهي ٿي، پر سنڌ جي يونيورسٽين کي اهڙن قابل ماڻهن جي ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي.
ڊاڪٽر گل آغا ته خير آمريڪا جي يونيورسٽي ڇڏي هيڏي ڪونه ايندو پر سندس گهرواري جيڪا هڪ آمريڪي خاتون آهي تنهن ڀٽائي جي ڪلام ۾ آوازن جي موسيقي Phonology تي پي ايچ ڊي ڪئي آهي. ان کي ته شايد دعوت ڏئي سگهجي ٿي ته اها سنڌ يونيورسٽي ۾ اچي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج ترنم تي ڪو ليڪچر ڏئي. ٻيو ته ان پئماني جو عالم ۽ پي ايڇ ڊي پروفيسر رامچند اوڏ آهي جنهن گڏيل قومن جي خرچ تي سم ۽ ڪلر واري موضوع تي ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي. هيئنر هو ٽين دنيا ۾ ڪنسلٽنٽ ٿي ايندو ويندو آهي. سنڌ جي شهر ڪنڊياري سان هن جو تعلق آهي. اوڀر پاڪستان ۾ آپريشن خلاف منهنجو لکيل خط جنهن جي بنياد تي مون تي بغاوت جو ڪيس هليو هو 1971ع ۾ ۽ مون کي ان ڏوهه جي ست سال قيد واري سزا ٻڌائي وئي جڏهن ته مان پنج مهينا قيد ڪاٽيو ان خط ۾ رامچند اوڏ ڏانهن سلام لکيل هئا جنهن ڪري هتي هن جو جيئڻ جنجال ٿي پيو هو. هو آمريڪا هليو ويو هو، رامچند انجنيئرنگ ڪاليج ۾ ۽ ضياءُ جلباڻي ۽ مان انگريزي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچر هئاسون جنهن ڪري مون هن ڏي سلام موڪليا هئا جيڪي هن لاءِ زحمت به بڻيا ۽ رحمت به ثابت ٿيا.